باب ٻاويهون : اضافي قدر ۽ سرمايو
اهو عظيم شاهڪار مارڪس جي ٽيويهن سالن جي لڳاتار، اڃا به ساهه نهوڙيندڙ محنت جو نتيجو آهي، جنهن لاءِ هن پنهنجي ”صحت، خوشي ۽ گهريلو زندگي قربان ڪري ڇڏي.“ هو ان ڪتاب جي تياريءَ لاءِ سڄو سڄو ڏينهن برٽش ميوزيم جي لائبريريءَ ۾ ويٺو پڙهندو هو ۽ گهر وڃي رات جو ٻي وڳي تائين ڪم ڪندو رهندو هو. نه مالي پريشانيون هن جي معمول ۾ رخنو وجهي سگهيون ۽ نه ئي ٻارن جي بيماريءَ ۽ موت سان سندس چريائيءَ واري عزم ۾ فرق پيو. هن وقت تائين نه ته ماڻهوءَ جي آزاديءَ جو اهڙو عاشق پيدا ٿيو آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو ڪتاب لکيو ويو آهي.
”سرمائي“جو پهريون جلد 14- سيپٽمبر 1867ع تي جرمن ٻوليءَ ۾ هيمبرگ مان ڇپيو البت ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون جلد مارڪس جي زندگيءَ ۾ ڇپجي نه سگهيا. ٻئي ۽ ٽئين جلد جي مسودن کي اينجلس مارڪس جي وفات کان پوءِ مرتب ڪيو ۽ ترتيبوار 1885ع ۽ 1894ع ۾ شايع ڪيو. چوٿون جلد 10-1905ع ۾ ڇپيو.
مارڪس اقتصاديات جو مطالعو 1844ع ۾ شروع ڪيو هو. سرمائيداراڻي معيشت تي سندس پهريون ڪتاب ”اقتصادي ۽ فلسفياڻيون لکتون“ هو ۽ ٻيو ڪتاب ”اجوري وارا مزور ۽ سرمايو“ هو، جيڪو حقيقت ۾ مارڪس جو هڪ وڏو مقالو هو جيڪو هن 1847ع ۾ برسيلز جي مزورن جي جلسي ۾ پڙهيو هو. ان سلسلي جو ٽيون ڪتاب، جيڪو پوءِ ”سرمائي“ جو حصو ٿيو، ”اقتصاديات جي تنقيد“ هو، جيڪو 1859ع ۾ ڇپيو. ان کان اڳ مارڪس 58-1857ع ۾ ”زَر“ ۽ ”سرمائي“ تي 800 صفحا صرف پنهنجي ”ذهني وضاحت“ لاءِ لکيا هئا. اهو دستاويز مارڪس جي وفات کان هڪ سَو سال پوءِ گرونڊريس (Grundrisse) يعني ”بنياد“ (اساس) جي نالي سان ڇپيو، گرونڊريس حقيقت ۾ ”سرمائي“ جو پهريون ٽِڙيل پکڙيل خاڪو آهي. ان کان پوءِ مارڪس 63-1861ع ۾ ”فاضل قدر“ ڪتاب جو مسودو لکيو، جيڪو ٻن ضخيم جلدن ۾ پهريون ڀيرو 1956ع ۾ ڇپيو. اهي سڀئي ڪتاب ”سرمائي“ جا ابتدائي نقش آهن پر مارڪس پنهنجيءَ تحقيق ۽ جاچ کان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندو هو بلڪ سندس مسلسل اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته توڙي ڪيڏو به وقت ڇو نه لڳي، نتيجو ڪڍڻ ۽ اصول (قانون) ٺاهڻ کان اڳ جيڏي به معلومات ملي سگهي، ان جو معروضي مطالعو ڪجي، ڇو ته سائنسي طريقيڪار اهوئي آهي. مارڪس جي فڪري ديانت جو اندازو ان ڳالهه مان ٿئي ٿو ته مارڪس جي مرڻ کان پوءِ اينجلس کي سندس ڪاڳرن ۾ ”سرمائي“ جا اٺ مسودا مليا جيڪي مارڪس هڪ ٻئي پٺيان لکيا هئا.
مارڪس ”سرمائي“ جو آخري مسودو ڊسمبر 1865ع ۾ مڪمل ڪيو هو پر دستاويز تمام گهڻو ضخيم هو، ان ڪري اينجلس صلاح ڏني ته اهو مختلف جلدن ۾ ڇپراءِ، البت پهرين جلد جو مسودو بنا دير ٺاهي ناشر حوالي ڪر ۽ پوءِ ٻين جلدن کي هٿ ۾ کڻ. اينجلس پنهنجي دوست جي مزاج کان واقف هو، هو ڄاڻي پيو ته مارڪس جيڪڏهن سڄو دستاويز اُتارڻ ويٺو ته ڪتاب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. مارڪس اينجلس جي ڳالهه مڃي ۽ پهرين جنوري 1866ع کان پهرين جلد جو مسودو ٺاهڻ شروع ڪيو، پر بيماريءَ جي ڪري اهو ڪم سورهن مهينن ۾ مس وڃي نبريو، مسلسل بيماريءَ سبب ٻئي ۽ ٽئين جلد کي مڪمل ڪرڻ جو وارو ئي نه آيو.
”سرمايو“ لکڻ جو مقصد، مارڪس چواڻي، ”جديد معاشري جِي اقتصادي چرپر جي قانون جي تشريح ڪرڻ هو.“ (سرمايو. جلد- 1 پيش لفظ) پر چرپر جي قانون جي انقلابي تشريح جدلي فلسفي جي بنيادن تي ئي ممڪن هئي پوءِ ڀلي ته ان جو تعلق اقتصاديات سان هجي يا سماجيات ۽ طبعيات (فزڪس) سان. ان ڪري مارڪس سرمائيداري نظام جو تجزيو جدليات جي روشنيءَ ۾ ڪيو. اڃا به اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته هن جدلي اصولن جي سچائيءَ کي سرمائيداراڻي اقتصاديات جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو. البت هن جو جدلي فلسفو باطني اعتبار کان هيگل جي جدلي فلسفي کان ڌار هو. ان ڪري ”سرمائي“ جي ٻئي جرمن ڇاپي جي پيش لفظ ۾ هيگل جي عظمت جو اعتراف ڪندي، هو لکي ٿو ته:
”منهنجو جدلي طريقو هيگل کان مختلف ئي ناهي پر بلڪل ان جو ضد آهي. هيگل وٽ انساني ذهن جو حياتي (حياتياتي) عمل سوچڻ جو طريقو، جنهن کي هو تصور (Idea) چوي ٿو بلڪ آزاد موضوع سڏي ٿو، حقيقي (سچيءَ) دنيا جو خالق آهي ۽ حقيقي دنيا جو تصور جي معروضي شڪل آهي. ان جي ابتڙ مون وٽ تصور، جيڪو خيال جا مختلف روپ وٺي ٿو، انساني ذهن اندر مادي دنيا جي عڪس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي... مون ته ”قدر جي نظريي“ جي باب ۾ هيگل جي بياني انداز سان گهڻي ئي کشٽ به ڪئي آهي. هيگل جي جدليت مُنڍيءَ تي بيٺي آهي. جيڪڏهن اوهان ان جي صوفياڻي خول اندر لڪل مغز جي معقوليت جو سراغ لڳائڻ چاهيو ٿا ته ان جي جدليت کي پيرن تي بيهارڻو پوندو. ان صورت ۾ هيگل جي جدليت سرمائيداري نظام ۽ ان جي عالماڻن نظرين جي نظر ۾ ملامت جو ڪارڻ ثابت ٿيندي، ڇو ته هيگل جي جدليت موجوده حالتن جي صورت جو ادراڪ (سمجهه) ۽ اقرار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي نفي به ڪري ٿي ۽ ان جي اڻٽر خاتمي کي به مڃي ٿي. هيگل جي جدليت ترقي يافته سماجي نظام کي متحرڪ ۽ بدلجندڙ سمجهي ٿي. ان ڪري اها سماج جي لمحن واري وجود سان ڪٺي ان جي عبوري نوعيت کي به نظر ۾ رکي ٿي..... اها پنهنجي ماهيت (ڪيفيت) جي لحاظ کان تنقيدي ۽ انقلابي آهي.“
مارڪس ”سرمائي“ ۾ ۽ ان کان اڳين تحريرن ۾ به سرمائيداري نظام جي ان عبوري نوعيت تي وري وري زور ڏنو آهي ۽ ماڻهوءَ جي سماجي تاريخ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته پيدائش جي ابتدا کان وٺي هاڻي تائين، اسان جو معاشرو ڪيئن ۽ ڇو مختلف ارتقائي دؤرن مان گذريو آهي. سندس چوڻ آهي ته موجوده معاشري جو وجود ڌرتيءَ جي ڦيري وانگر قدرت جو ڪو اٽل ۽ ابدي قانون ناهي، پر معاشري جي پراڻن طور طريقن وانگر عارضي ۽ گذري ويندڙ آهي.
مارڪس ”سرمائي“ ۾ سرمائيداري نظام جي تجزيي جي شروعات واهپي وارين شين سان ڪئي آهي، ڇو ته واهپي وارين شين جي تخليق، توڙي اها مادي هجي يا ذهني، انسان جي نسلي (جنسي، نوعي) خاصيت آهي. پر تخليق جو بنيادي شرط پورهيو آهي جنهن کان سواءِ ماڻهو ڪجهه به پيدا نه ٿو ڪري سگهي، اڃا به هو زنده نه ٿو رهي سگهي. ان ڪري مارڪس چوي ٿو ته ماڻهوءَ کي جيئڻ لاءِ سدائين پورهيو ڪرڻو پيو آهي. پر پورهيو اهڙو عمل آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ ۽ فطرت، ٻنهي جي شرڪت ضروري هوندي آهي. ان عمل ۾ ماڻهوءَ جي حيثيت عامل (فاعل) جي هوندي آهي ۽ فطرت جي معمول (مفعول) جي. ماڻهو پنهنجن هٿن پيرن، ٻانهن ۽ دماغ کان ڪم وٺندو آهي ۽ فطرتي شين کي پنهنجيءَ مرضيءَ سان استعمال ڪندو يا بدلائيندو آهي. خارجي (ٻاهرينءَ) دنيا کي پنهنجي واهپي ۾ آڻڻ ۽ بدلائڻ دوران هو پنهنجيءَ فطرت ۾ به تبديليون آڻيندو آهي. مارڪس چواڻي ”اهو پنهنجين ننڊ پيل قوتن کي به واڌئيندو آهي ۽ انهن کي به پنهنجيءَ اطاعت تي به مجبور ڪندو آهي.“
ممڪن آهي، اوهان چئو ته ٻيا جانور به ته پورهيو ڪندا آهن بلڪ تانيئڙو ته اهڙو ڄار اڻندو آهي ۽ ماکيءَ جون مکيون اهڙا مانارا ٺاهينديون آهن، جو ماڻهو اچرج ۾ اچي ويندو آهي. ان ڪري تخليقي پورهيو ماڻهوءَ جي انفرادي خاصيت ڪيئن ٿيو؟ پر ماڻهوءَ جي تخليقي پورهيي ۽ جانورن جي تخليقي پورهيي ۾ بنيادي فرق هيءُ آهي ته ماڻهوءَ جو پورهيو ارادي وارو هوندو آهي ۽ جانورن جو جبلتي. شروعات ۾ ماڻهوءَ جو پورهيي جو عمل به تانيئڙي ۽ ماکيءَ جو مک وانگر جبلتي هو پر هوري هوري اهو ارادي ۽ اختيار وارو يعني انساني ٿي ويو. انسان هر تخليق کان اڳ، توڙي ناول ۽ نظم جي تخليق هجي يا تاج محل جي، مٽيءَ جي صُراحي هجي يا رنگين تصوير، پنهنجيءَ تخليق جو خاڪو ذهن ۾ ٺاهيندو آهي ۽ تخليقي عمل جو اهوئي نتيجو ظاهر ٿيندو آهي جنهن جو خاڪو هن ذهن ۾ ٺاهيو هو. هو مادي شين جي صورت ئي ناهي بدلائيندو، پر هڪ مقصد جي حاصلات به ڪندو آهي.
پورهيي جي عمل جا ٽي عنصر هوندا آهن:
(1) ماڻهو، جيڪو پورهيو ڪندو آهي.
(2) فطرتي شيون، مثال طور زمين، ڪاٺي، لوهه، ڪپهه وغيره، جن تي پورهيو ڪيو ويندو آهي.
(3) پورهيي جا اوزار (توڙي اهي هٿ پير هجن يا زمين کيڙڻ ۽ گاهه ٻُوڙا وَڍڻ جا اوزار، ڪوڏر، مترڪو وغيره) جن جي مدد سان فطرتي شين ۾ تبديلي اچي ٿي.
پيداواري اوزارن جي وڏي تاريخي اهميت هوندي آهي ڇو ته انهن جي ئي فرق سان سماجي دؤرن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي ۽ سماجي ترقيءَ جو اندازو ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري مارڪس چوي ٿو ته ”مختلف اقتصادي دؤرن جي سڃاڻپ ٺاهيل شين سان ناهي ٿيندي پر ان مان ٿيندي آهي ته اهي شيون ڪيئن ۽ ڪهڙن اوزارن ۽ پرزن مان ٺهيون آهن. (ايضاً ص 180) ڪم دوران ماڻهوءَ جو پورهيو، پورهيي جي اوزارن ذريعي معمول يا موضوع ۾ حل ٿي ويندو آهي. واڍي جو پورهيو ڪرسيءَ ۽ ميز ۾، ڪنڀار جو پورهيو مٽيءَ جي ٿانونَ ۾، هاريءَ جو پورهيو اَن ۾، ڪوريءَ جو پورهيو ڪپڙي جي تاڪيي ۾. جيڪا شَي پورهيت ۾ چرپر هئي اها نهري مادي جو روپ وٺي ٿي.
تخليقي پورهيي جي وصف ٻڌائيندي مارڪس لکي ٿو ته:
”تخليقي پورهيو اهو انساني عمل آهي جنهن جو مقصد واهپي جون شيون پيدا ڪرڻ يعني استعمال جي قدر جِي تخليق آهي. اهو پورهيو فطرتي شين جو انساني ضرورتن لاءِ استعمال ڪندو آهي. انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ رشتو پورهيي جي عمل سان ئي جڙندو آهي. اهو انساني وجود جو دائمي شرط آهي جيڪو قدرت انسان تي لاڳو ڪري ٿي. ان ڪري پورهيي جو عمل سماجي دؤرن جي پابندين جي تابع ناهي. اڃا به اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته اهو هر سماجي دؤر ۾ گڏيل آهي.“*
انسان جي پورهيي سان جيڪي شيون تخليق ٿينديون ۽ استعمال ۾ اينديون آهن، مارڪس تن جون هيٺيون خاصيتون ٻڌايون آهن:
(1) تخليق يا پيداوار سدائين سماجي هوندي آهي، ايستائين جو فرد جي خالص انفرادي تخليق، شاعري، مصوري، افسانو به سماج اندر رهي ئي ممڪن آهي. سماج کان ڌار رهي تخليق ايڏي ئي بي معنيٰ ڳالهه آهي جيڏو ماڻهن جو گڏجي رهڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کان سواءِ ٻوليءَ جي تخليق
(2) هر پيداوار فطرت جو واهپو يا استعمال آهي. ان عمل ۾ صارف جو ڪردار ماڻهو نڀائي ٿو جيڪو معاشري منجهه رهي ۽ انهيءَ ذريعي ئي فطرت کي استعمال ڪري ٿو.
(3) پيداوار جو هر نئون دؤر مملڪت جو مخصوص انداز ۽ قانوني رشتا وغيره پاڻ ٺاهيندو آهي.
(4) پيداوار، ان جو استعمال، ان جي معاشري جي مختلف عنصرن ۾ ورڇ ۽ ان جو ٻين پيداوارن سان تبادلو هڪ ئي ڪُل جا ترڪيبي جزا آهن، هڪ ئي وحدت جا تفاوت آهن.
(5) گڏ ڪيل پورهيي يعني گذريل پورهيي کان سواءِ ڪابه پيداوار ممڪن ناهي، توڙي اهو پورهيو جهنگن ۾ رهندڙن جو هجي جيڪو مسلسل مشق جو نتيجو هوندو آهي يا ڳورين (وڏين) مشينن جي شڪل اختيار ڪري وٺي، ان ڪري سرمايو به گذريل پورهين جو ذخيرو يا انهن جو معروضي روپ هوندو آهي.
(6) پيداوار جو هر عمل کپت (Consumption) جو عمل به هوندو آهي. ماڻهو تخليقي عمل دوران پنهنجين تخليقي صلاحيتن کي ئي ناهي وڌائيندو پر اهي کپائيندو به آهي. ”بلڪل ايئن جيئن نطفو قائم ڪرڻ ۾ عورت ۽ مرد جون حياتياتي قوتون استعمال ٿينديون آهن.“ اهو ئي حال پيداواري ذريعن جو آهي (زمين، معدنيات، جهنگ، مشينون وغيره) جيڪي واهپي جي گهڻائيءَ سان پنهنجو ڪارج وڃائي ويهندا آهن يا پنهنجن قدرتي عنصرن ۾ حل ٿي ويندا آهن، جيئن تيل يا ڪاٺي جيڪا سڙي ڪاربان بڻبي آهي ۽ هوا ۾ جذب ٿي ويندي آهي. يا ڪپهه، جيڪا پنهنجو قدرتي روپ وڃائي ويهندي آهي ۽ ڪپڙو بڻجي پوندي آهي.
(7) پر واهپو يا استعمال پيداواري عمل به آهي، فطرت ۽ معاشري ٻنهي ۾. مثال طور ٻوٽو جڏهن مٽيءَ مان ڦٽندو آهي ته واڌ ويجهه جي ان عمل ۾ اهو ڪاربان، نائٽروجن ۽ ٻيون ڪيميائي شيون استعمال ڪندو آهي. ساڳيءَ ريت اسان جڏهن کاڌو کائيندا آهيون ته غذا جي واهپي سان اسان جو بدن ٺهندو آهي، اسان ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي يا هاريءَ جي تتل رت ٽهڪندي آهي ته کيت جهومندا آهن. ان ڪري پيداوار هر گهڙيءَ واهپو آهي ۽ واهپو هر پل پيداوار، يعني اهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل به آهن ۽ هڪ ٻئي جو ضد به.
(8) شيون جيڪڏهن نه ٺاهيون وڃن ته انهن جي استعمال جو سوال به پيدا نه ٿيندو يعني پيداوار شين جي واهپي جو ڪارڻ هوندي آهي پر واهپو به پيداوار جو ڪارڻ بڻجندو آهي. اهو هيئن ته جيڪڏهن شيون استعمال ۾ نه اچن ته اهي ڇو ٺاهجن. واهپو ٻن طريقن سان پيداوار جو ڪارڻ ٿيندو آهي: (1) پيداوار حقيقي معنيٰ ۾ پيداوار سڏائڻ جي تڏهن ئي لائق آهي جڏهن اها استعمال ۾ اچي. ريلوي لائين جنهن تي ريلون نه هلنديون هجن، حقيقت ۾ ريلوي لائين ناهي. جنهن گهر ۾ ڪوبه نه رهندو هجي، اهو گهر ناهي. ڪپڙا لَٽا جيڪي پاتا نه وڃن اهي ڪپڙا لٽا ناهن. ”ان ڪري پيداوار، قدرتي شين جي ابتڙ پنهنجي وجود کي فقط استعمال ذريعي ثابت ڪندي آهي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ پيداوار بڻبي آهي.“ (2) استعمال سان نئين پيداوار جو جذبو ٿيندو آهي يعني استعمال جو عمل معاشري کي نيون نيون شيون ٺاهڻ جو اتساهه ڏيندو آهي ۽ پيداوار جو داخلي سبب بڻبو آهي.
(9) ان ريت پيداوار شين جو واهپو ئي ناهي ميسر ڪندي پر واهپي جي نوعيت، ان جو ڪردار ۽ شين کي استعمال ڪرڻ جا طريقا به مقرر ڪندي آهي. مثال طور ميز ۽ ڪرسيءَ تي ويهي ڪم ڪرڻ جو انداز فرش يا تختي کان بلڪل مختلف هوندو آهي. هوائي جهاز رستي سفر ڪرڻ جي قاعدي ۽ ڏاند گاڏيءَ يا ٻيڙيءَ ذريعي سفر ڪرڻ جي قاعدي ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي. پيداوار جي هر هڪ خارجيت مخصوص خارجيت هوندي آهي جيڪا مخصوص طريقي سان ئي استعمال ۾ ايندي آهي. بک بهرحال بک آهي البت اها بک جيڪا پڪل گوشت سان ڇرين ۽ ڪانٽن سان پوري ڪجي، ان بک کان مختلف هوندي آهي جيڪا ڪچي گوشت سان هٿن ۽ ڏندن جي مدد سان ختم ڪجي. پيداوار فقط واهپي جون شيون ئي ناهي ٺاهيندي پر واهپي جو طريقو به مقرر ڪندي آهي. (3) پيداوار فقط ضرورت جي تسڪين جو سامان ئي ميسر ناهي ڪندي پر واهپي جي شين جي ضرورت به پيدا ڪندي آهي. مثال طور هر فني تخليق _ تصوير، مجسمو، افسانو، نظم _ اهڙا ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ به پيدا ڪندي آهي جن کي فن جو احساس هجي ۽ جيڪي حسن مان مزو وٺڻ ڄاڻيندا هجن. ان ڪري پيداوار موضوع (انسان) لاءِ خارجيت (شيون) ئي ناهي ٺاهيندي پر خارجيت لاءِ موضوع به پيدا ڪندي آهي.
ٿورن لفظن ۾ ته پيداوار واهپي جون شيون ميسر ڪندي آهي، انهن جي استعمال جو طريقو مقرر ڪندي آهي ۽ استعمال جا محرڪ پيدا ڪندي آهي. ”بهرحال اهو ياد رکڻ گهرجي ته پيداوار ۽ ان جو واهپو هڪ ئي ساٽ (Process) جا لمحا آهن جن جي ابتدا پيداوار کان ٿيندي آهي، ان ڪري غالب لمحو اهوئي آهي. واهپو ضرورت طور، تخليقي عمل جو باطني لمحو هوندو آهي. واهپو اهو عمل آهي جنهن ذريعي سڄو عمل جو سلسلو ٻيهر شروع ٿيندو آهي.“ (پيداوار واهپو وڌيڪ پيداوار)
ڪارل مارڪس چوي ٿو ته سرمائيداري نظام ۾ پورهيي جي عمل جون ٻه انفرادي خاصيتون هونديون آهن:
(1) پورهيتُ سرمائيدار جي تابع ٿي ڪم ڪندو آهي ۽ سندس پورهيو سرمائيڪار جي ملڪيت هوندو آهي.
(2) پيداوار به پورهيت بدران سرمائيڪار جي ملڪيت هوندي آهي. هو پورهيت جي پورهيي جي سگهه کي خريد ڪندو آهي ۽ ان جيئري سگهه کي مئل شين ۾ حل ڪري ڇڏيندو آهي. ان جو مقصد (1) اهڙو مال ٺاهڻ هوندو آهي جنهن ۾ استعمال جو قدر يعني افاديت به هجي ۽ قدر به يعني جيڪو بازار ۾ ڪنهن ٻي شَي يا پيسن بدلي وڪڻي سگهجي پر ان سان گڏوگڏ (2) اهڙو مال ٺاهڻ به جنهن جو قدر انهن شين جي مجموعي قدر کان وڌيڪ هجي جيڪي اهو مال ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيون آهن.
”ان ڪري سرمائيڪار جو مقصد صرف استعمال جو قدر پيدا ڪرڻ ناهي پر بازاري مال به پيدا ڪرڻ آهي. استعمال جو قدر ئي پيدا ڪرڻ ناهي پر قدر به پيدا ڪرڻ آهي، قدر ئي نه، پر فاضل (اضافي) قدر به.“ (ساڳيو. ص 186)
اضافي قدر مارڪس جي اقتصادي نظريي جو بنياد آهي، پر ان تي سوچڻ کان اڳ اقتصاديات جي ٻن ٽن اصطلاحن جي وصف ضروري آهي.
بازاري وکر يا جنس (Commodity) مان مُراد اهي مادي شيون آهن جيڪي ماڻهوءَ جي ڪنهن نه ڪنهن حاجت کي پورو ڪنديون آهن ۽ پيسن يا ڪنهن ٻيءَ شَي جي بدلي ۾ ورتيون يا وڪڻيون وينديون آهن.
استعمال جو قدر (Use- Value) ڪنهن شي جي افاديت جي ماپي کي چوندا آهن. مثال طور پاڻيءَ جي استعمال جو قدر اُڃ اجهائڻ، ڪپڙي جي استعمال جو قدر تَن ڍڪڻ، قلم جي استعمال جو قدر لکڻ آهي.
_ قدر يا مٽاسٽا جو قدر (Value, Exchange Value) بازاري شين جي وٺڻ ۽ کپائڻ يا مُلهه جو ماپو- پيسن يا ڪنهن ٻي شَي عيوض وٺڻ يا کپائڻ جو معيار.
دنيا ۾ اڃا تائين اهڙيون گهڻيون ئي شيون موجود آهن جيڪي استعمال هيٺ اچن ٿيون پر انهن جي خريد يا وڪرو ناهي ٿيندو يعني انهن ۾ استعمال جو قدر ته هوندو آهي پر مٽاسٽا جو قدر ناهي هوندو. مثال طور هوا، اُس، سمنڊ، البت استعمال جي انهن شين ۾ ماڻهوءَ جو پورهيو شامل ناهي هوندو. پر استعمال جي قدر ۾ جيڪڏهن ماڻهوءَ جو پورهيو شامل ٿي وڃي ته به ان ۾ مٽاسٽا جو قدر پيدا ٿيڻ لازمي ناهي. مثال طور گهر ٺهرايون ۽ اهو مسواڙ تي ڏيڻ بدران پاڻ ان ۾ رهڻ لڳون. اَنُ اُپايون ۽ اهو کائون، تصوير ٺاهيون ۽ اها کپائڻ بدران ڪمري ۾ هڻون. ان ريت توهان جي لٽن ڪپڙن، ٿانون، زيورن ۾ استعمال جو قدر ته موجود آهي ۽ اهي پورهيي جي پيداوار به آهن پر منجهن مٽاسٽا جو قدر موجود ناهي.
البت هر بازاري شي ۾ استعمال جي قدر کان سواءِ مٽاسٽا جي قدر جو هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن استعمال جو قدر نه هجي ته اها وٺندو ڪير!؟ ۽ جيڪڏهن مٽاسٽا جو قدر نه هجي ته ان جي قيمت ڪيئن مقرر ڪري سگهجي ٿي؟
نج استعمال جو قدر جي حوالي سان ڏسجي ته ڪنهن شَي ۾ ڪوبه مٽاسٽا جو قدر ناهي هوندو توڙي ان جي ٺهڻ ۾ ڪيڏو به پورهيو ڇو نه ڪيو ويو هجي. مثال طور سنڌ جي ٻهراڙين جون عورتون هٿن سان اهڙيون ريشمي چادرون ٺاهينديون آهن جيڪي ٺاهڻ ۾ ٻارهن ٻارهن سال لڳندا آهن پر انهن چادرن ۾ مٽاسٽا جو قدر هڪ پائي (پيسو) به ناهي هوندو ڇو ته اهي چادرون کپائڻ لاءِ ناهن ٺاهيون وينديون پر ڌيءُ جڏهن ڪنوار ٿيندي آهي ته ان کي اوڍائي روانو ڪيو ويندو آهي. ساڳيءَ ريت توهان انب جو وڻ پوکيو ٿا، چئن پنجن سالن تائين ان جي سار سنڀال لهو ٿا ۽ جڏهن وڻ ۾ انب ٿين ٿا ته اهي مزو وٺي کائو ٿا. انهن انبن جي استعمال جي قدر کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو پر انهن ۾ مٽاسٽا جو قدر ته اڌ پيسي جيترو به پيدا نه ٿيو. البت جيئن ئي توهان انب کائڻ بدران بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ نڪتؤ ته انهن ۾ مٽاسٽا جو قدر پيدا ٿي ويو، پر اوهان جي ذات (وجود) جي حد تائين انبن مان استعمال جو قدر صفا گم ٿي ويو. ان ڪري معلوم ٿيو ته بازاري مال ۾ مالڪ لاءِ ڪو به استعمال جو قدر ناهي هوندو، صرف مٽاسٽا جو قدر هوندو آهي ۽ وٺندڙن لاءِ استعمال جو قدر هوندو آهي. ساڳيءَ ريت پورهيت به پنهنجي پورهيي جو مالڪ هوندو آهي پر جڏهن اهو پنهنجي پورهيي جي سگهه مل مالڪ هٿ وڪڻندو آهي ته ان جي اها ئي معنيٰ هوندي آهي ته هن جي پورهيي جي سگهه بازاري مال ٿي وئي جنهن ۾ مالڪ لاءِ ڪوبه استعمال جو قدر ناهي بچيو، صرف مٽاسٽا جو قدر رهجي ويو. البت خريدارن لاءِ استعمال جو قدر پيدا ٿي ويو.
ايڊم اسمٿ ۽ ريڪارڊو جهڙن اقتصاديات جي عالمن ثابت ڪيو هو ته سڀني بازاري شين ۾ گڏيل قدر جيئن ته ماڻهوءَ جو پورهيو هوندو آهي ان ڪري بازاري شين جي مٽاسٽا جي قدر جو تعين پورهيي جي ان مقدار مان ٿيندو آهي جيڪو عام طور تي انهن جي ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيو هجي. پورهيي جو مقدار ماپڻ جي تارازي اهو پورهيي جو وقت هوندو آهي جيڪو عام طور پورهيت شي کي ٺاهڻ ۾ سيڙائيندو آهي. ان ڪري انهن سڀني شين جي مٽاسٽا جو قدر ساڳيو ٿيندو آهي جن ۾ هڪ جيترو پورهيي جو وقت لڳو هجي. مثال طور مٽاسٽا جي قدر جي حد تائين هڪ سير چانور= ٻه سير اَٽو= هڪ پاءُ کنڊ= ٻه ڊزن ماچيس.
انساني پورهيي جي پيداوار ۾ هر زماني ۾ استعمال جو قدر موجود رهيو آهي، البت مٽاسٽا جو قدر تڏهن وجود ۾ آيو جڏهن ماڻهو پنهنجيءَ گهرج کان ڪجهه واڌارو سامان ٺاهڻ لڳا ۽ اها اضافي پيداوار بازار ۾ کپڻ لڳي. جيستائين سِڪا هلڻ نه لڳا هئا تيستائين شَي جي مٽاسٽا شَي سان ٿيندي هئي. ان جي فارمولا هيءَ هئي:
شَيشَي
پر سِڪي جي رواج کان پوءِ فارمولا هيءَ ٿي وئي:
شَيپيساشَي
زيدَ ٻه مڻ گيهه چاليهن رپين ۾ وِڪڻيو ۽ انهن رپين مان پنهنجيءَ گهرج جون شيون ورتيون. سرمائيداري نظام جي خاصيت هيءَ آهي ته ان ۾ شيون ذاتي استعمال لاءِ نه، پر بازار ۾ کپائي منافعو ڪمائڻ لاءِ ٺاهيون وينديون آهن. مثال طور سوٽي مل ۾ جيڪو ڪپڙو ٺهندو آهي اهو نه ته مل مالڪ جي ذاتي استعمال لاءِ هوندو آهي ۽ نه ئي مل زورن لاءِ، پر بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ هوندو آهي، ان ڪري سرمائيداري نظام ۾ پيداوار جي وڪري ۽ خريد جي فارمولا هيءَ هوندي آهي:
رپياشَي اضافي رپيا.
پهرين ٻنهي فارمولائن ۾ وڪري ۽ خريد جو مقصد استعمال جون شيون حاصل ڪرڻ هو، پر ٽِين فارمولا انهن جو بلڪل ضد آهي. سرمائيڪار جڏهن سوٽي مِل ۾ رپيا سيڙائيندو آهي ته ان جو مقصد رپئي وسيلي اضافي رپيا ڪمائڻ هوندو آهي.
مارڪس انهن اضافي رپين کي فاضل قدر (اضافي قدر) چوي ٿو:
”ان اضافي کي مان اضافي قدر چوان ٿو. ان ڪاروبار ۾ جنهن قدر (رپين) سان ڪم شروع ٿيو هو، اهو نه صرف ساڳيو (سالم) رهيو پر ان ۾ اضافي قدر پيدا ٿي ويو، اهو پکيڙجي ويو. قدر جو اهوئي ڦيرو سرمائي (ناڻي) ۾ بدلجي ويندو آهي.“
سمجهو ته زيد هڪ سَو رپين جي ڪپهه ورتي ۽ هڪ سَو ڏهن رپين ۾ وڪڻي. ان ريت زيد جي اصلي رقم به محفوظ رهي ۽ ڏهه رپيا اضافي به ملي ويا، پر گراهڪ ڪپهه، جنهن جو قدر هڪ سو رپيا هو، هڪ سو ڏهن رپين ۾ تڏهن وٺندو جڏهن ڪپهه جي قدر ۾ اضافو (واڌارو) ٿيو هجي. ان ڪري سوال هيءُ آهي ته ڪپهه جي قدر ۾ اضافو ڪيئن ٿيو؟ اهو ڪهڙو نئون عنصر ان ۾ شامل ٿيو جنهنڪري ڪپهه ۾ اضافي قدر پيدا ٿي ويو؟ اهو عنصر ماڻهوءَ جي پورهيي جي سگهه آهي.
ڳالهه هيءَ آهي ته بازار ۾ هڪ اهڙي شَي وڪرو ٿئي ٿي جنهن جي استعمال سان قدر به پيدا ٿئي ٿو ۽ اضافي قدر به. اها بازاري شَي پورهيت جي پورهيي جي سگهه آهي. ٻين بازاري شين وانگر ان جو به قدر يا مٽاسٽا جو قدر ٿئي ٿو، پر پورهيي جي سگهه جي قدر جو تعين ڪيئن ٿئي ان جو اگهه ڪيئن مقرر ٿئي؟ اسان ڏسي چڪا آهيون ته بازاري شين جي قدر جو تعين ان پورهيي جي وقت سان ٿئي ٿو جيڪو ان جي تياريءَ ۾ لڳو هجي. پورهيي جي سگهه به بازاري شَي آهي، ان ڪري ان جي قدر جو تعين به ان پورهيي جي وقت سان ٿيندو جيڪو پورهيي جي سگهه جي ”تياريءَ“ ۾ لڳو هجي. پر ماڻهوءَ جي پورهيي جي سگهه ٻين بازاري شين وانگر ٿيلهين يا دٻن ۾ ناهي ملندي پر ماڻهوءَ جي بدن ۾ هوندي آهي. ان بدن کي جيئرو رکڻ لاءِ کاڌي، آرام، ڪپڙن، لٽن، گهر وغيره جي ضرورت هوندي آهي. ان جي معنيٰ اها ٿي ته ”پورهيي جي سگهه جو قدر اصل ۾ ان حياتيءَ جي سامان جو قدر آهي جيڪو پورهيت کي جيئڻ لاءِ گهربل هوندو آهي. ڪم دوران هن جي مشقن ۽ ذهن وغيره جو هڪ مقدار استعمال ٿيندو آهي. ان جو پُورائو نه ٿئي ته پورهيت پورهيي لائق ناهي رهندو. البت سندس حياتياتي گهرجن جو انحصار ملڪ جي تمدن، رواجن، ڀوڳَن ۽ عادتن تي هوندو آهي جيڪي مَٽبيون ۽ گهٽ وڌ ٿينديون رهنديون آهن. ان ڪري ٻين بازاري شين جي ابتڙ پورهيي جي سگهه جي قدر جي تعين ۾ تاريخي ۽ اخلاقي عنصر به شامل هوندو آهي.“ (سرمايو. جلد- 1. ص 171)
پورهيت کي پنهنجن ٻارن جو خرچ به پورو ڪرڻو هوندو آهي ته جيئن نئون نسل پيدا ٿيندو رهي. ان ڪري پورهيت جي پورهيي جي سگهه جي قدر جو تعين ان پورهيي جي وقت سان ٿيندو آهي جيڪو هن جي ۽ سندس گهر ڀاتين جي ڏهاڙيءَ جي ضرورتن جي تياريءَ ۾ لڳو هجي. سمجهو ڪري ته اهي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پورهيت کي ڏهاڙي ڇهه رپيا گهرجن ٿا، ته اهوئي سندس سڄي ڏينهن جي پورهيي جو قدر ٿيو. هاڻي فرض ڪيو ته ڪنهن صنعتڪار کي ڏهه سير سُٽ جي ضرورت آهي، ان ڪري هن ڏهه رپيا کپائي ڏهه سير ڪپهه ورتي. سُٽ ٺاهيندڙ مشين جي استعمال ۽ فيڪٽريءَ جي انتظامن وغيره تي ٻه رپيا خرچ ٿيا، معنيٰ سندس ڪل ٻارهن رپيا خرچ ٿيا. هاڻ جيڪڏهن پورهيت جو اٺن ڪلاڪن جو اجورو ڇهه رپيا آهي ته ان جي معنيٰ هيءَ ٿي ته ڪپهه ۽ مشين جي خرچ ۾ سورهن ڪلاڪن يا ٻن ڏينهن جو پورهيو شامل آهي. فرض ڪيو ته پورهيت ڏهه سير سُٽ چئن ڪلاڪن يا اڌ ڏينهن ۾ ٺاهي ٿو ته ڏهه سير سُٽ جي تياريءَ تي ڪل اڍائي ڏينهن جو پورهيو ٿيو يعني پندرهن رپيا. ان ڪري ڏهه سير سُٽ جي قيمت پندرهن رپيا ٿيندي _ جيڏو خرچ ايڏو مُلهه.
پر صنعتڪار چوندو ته واهه صاحب واهه! توهان ته ڏاڍا سياڻا ٿيئو! هيءَ فيڪٽري آهي، ڪو يتيم خانو يا خيراتي ڪلينڪ ناهي. مون اهو ڪاروبار ٻه رپيا ڪمائڻ لاءِ شروع ڪيو هو، نه ڪي آخرت سنوارڻ لاءِ. هاڻي جيڪڏهن منهنجي ڏهه سير سُٽ جو قدر انهن سڀني شين جي قدر جي مجموعي برابر هجي جيڪو سٽ جي تياريءَ تي خرچ ٿيو ته مون کي منافعو ڪيئن ٿيندو؟ سرمائيڪار جو منطق معقول آهي. اچو ته ان تي غور ڪيون.
اسان پهرين فرض ڪري چڪا آهيون ته پورهيت کي گذران لاءِ ڇهه رپيا ڏهاڙي گهرجن ٿا ۽ هو ڇهن رپين جو ڪم اڌ ڏينهن ۾ ڪري وٺي ٿو، پر صنعتڪار ته کيس سڄي ڏينهن جو اجورو ڏنو آهي، ان ڪري کيس ”حق“ آهي ته هو پورهيت کان اٺ ڪلاڪ ڪم وٺي. ان مان سڌ پوي ٿي ته پورهيي جي سگهه جو قدر (ڇهه رپيا) ۽ اهو قدر جيڪو ان پورهيي جي سگهه مان پيدا ٿيو، هڪ جيترو ناهي، پر ٻه ڌار ڌار حقيقتون آهن. هر سرمائيڪار، هر مالڪ ان فرق کان آگاهه هوندو آهي ان ڪري فيڪٽريءَ جو ملازم هجي يا آفيس جو ڪلارڪ، ٽائيپسٽ هجي يا مستري، کيس ڪم تي لڳائڻ وقت سڀ کان اڳ، ان ڳالهه جي خاطري ڪبي آهي ته ان جي ڪارڪردگي يا پيداوار، سندس اجوري کان وڌيڪ ٿيندي يا نه. سندس افاديت جو دارومدار انهيءَ ڳالهه تي ئي هوندو آهي ته هو پنهنجي قدر کان وڌيڪ قدر پيدا ڪري.
پورهيت پنهنجي پورهيي جي سگهه وڪڻڻ وقت پنهنجو قدر وصول ڪندو آهي ۽ ان جي موٽ ۾ پنهنجي استعمال جو قدر صنعتڪار يا سرمائيڪار حوالي ڪندو آهي. پورهيي جي سگهه کي وڪڻڻ کان پوءِ پورهيت جو استعمال جو قدر سندس ملڪيت ناهي رهندو (جيئن تيل کپائڻ کان پوءِ تيل جو استعمال جو قدر تيل وڪڻندڙ جي ملڪيت ناهي رهندو). پورهيت پنهنجي پورهيي جي سگهه جو جيڪو قدر مقرر ڪيو هو، اهو چار ڪلاڪ يا اڌ ڏينهن ڪم ڪرڻ سان وصول ٿي ويو پر هن سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو، ان ڪري کيس اڃا چار ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو. انهن چئن ڪلاڪن ۾ هو جيترو پورهيو ڪندو ان جو کيس ڪجهه به معاوضو نه ملندو. هن جي پورهيي سان پيداوار جي قدر ۾ جيڪو اضافو ٿيندو ان ۾ پورهيت جو ڪجهه به حصو نه هوندو پر اهو اضافي قدر صنعتڪار يا سرمائيڪار جي ملڪيت هوندو.
ان جي تشريح لاءِ اچو ته وري سُٽ ٺاهڻ وارو مثال کڻون. پورهيت چار ڪلاڪ پورهيو ڪري ڏهه سير ڪپهه مان ڏهه سير سُٽ ٺاهيو هو. ان کان پوءِ هن رهيل چئن ڪلاڪن ۾ وڌيڪ ڏهه سير ڪپهه مان ڏهه سير سُٽ ٺاهيو، معنيٰ سڄي ڏينهن ۾ ويهه سير سُٽ ٺاهيو. پهرين ڏهه سيرن جي سُٽ ۾ ڪل خرچ ملائي اڍائي ڏينهن جو پورهيو حل ٿيو هو معنيٰ پندرنهن رپيا به حساب ڇهه رپيا ڏهاڙي. ٻئي ڀيري ڏهه سير سُٽ جي تياريءَ ۾ به اڍائي ڏينهن جو پورهيو حل ٿيو يعني ويهه سير سٽ جي تياريءَ ۾ ڪل پنجن ڏينهن جو پورهيو حل ٿيو جيڪو پيسن جي صورت ۾ ٽيهن رپين جو ٿيندو، پر خرچ ٿيو فقط 27 رپيا (15 رپيا + 10 رپيا + 2 رپيا). ڄڻ پورهيت هڪ ڏينهن ۾ چار ڪلاڪ بنا اجوري ڪم ڪري بقدر 3 رپيا اضافي قدر پيدا ڪيو. جيڪو صنعتڪار جي ملڪيت ٿي ويو. هاڻ جيڪڏهن ڪنهن سوٽي مل ۾ 500 مزور ملازم آهن ته اهي انهيءَ حساب سان ڏهاڙي 2000 ڪلاڪ بنا اجوري ڪم ڪري 6000 رپيا ڏهاڙي اضافي قدر پيدا ڪندا جيڪو صنعتڪار يا سرمائيڪار جي ملڪيت ٿيندو. سرمائي جي رقم ۾ اضافي ۽ هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو راز اهوئي آهي.
پر اهو نه سمجهڻ گهرجي ته پورهيت جو پورهيي جو وقت ٻن برابر خانن ۾ ورهايل آهي. يا ته اهو سچ پچ چئن ڪلاڪن ۾ پنهنجو بازاري قدر وصول ڪري ٿو ۽ رهيل چار ڪلاڪ مفت ۾ ڪم ڪري ٿو. البت اها طَي ٿيل ڳالهه آهي ته هن جي اضافي پورهيي کان سواءِ اضافي قدر پيدا ٿي نه ٿو سگهي توڙي هو چار ڪلاڪ بنا اجوري ڪم ڪري يا هڪ ڪلاڪ. ان جو دارومدار پورهيتن جِي سودو ڪرڻ جي سگهه تي هوندو آهي، پر جيستائين سرمائيداري نظام قائم آهي، اهو ناممڪن آهي ته پورهيت اضافي پورهيو نه ڪن ۽ اضافي قدر پيدا نه ٿئي ڇو ته ان کان سواءِ سرمائي جو وجود ئي ختم ٿي ويندو _ سرمايو ٺهندو ئي ڪونه.
فيڪٽريءَ يا مل ۾ ڪم ڪندڙ مزور جيڪو ڪجهه ٺاهيندو آهي اهو سڌيءَ ريت سندس حياتيءَ جو سامان ناهي هوندو ۽ نه ئي هلندڙ فيڪٽري ڏسي، ڪنهن کي خبر پئجي سگهي ٿي ته مزور اضافي قدر پيدا ڪري رهيا آهن. مثال طور مزور ڏينهن ۾ جيڪڏهن ٻه تاڪيا هرک جا ٺاهي ته مل مالڪ هرک جو هڪ تاڪيو اجوري طور کيس ناهي ڏيندو پر کيس روڪ اجورو ملندو آهي، جنهن سان اهو پنهنجيءَ گهرج جون شيون وٺندو آهي. ان جي ابتڙ زراعت ۾ اضافي قدر جو عمل چٽو ڏيکارجي ٿو، ڇو ته هاري يا کيڙيندڙ جيڪو ان اپائيندو آهي ان جو ٿورو حصو هاري سڌيءَ ريت واهپي ۾ آڻيندو آهي ۽ ٻيو ان زميندار جي قبضي ۾ ٿيندو آهي جيڪو پيداواري عمل ۾ صفا شريڪ ناهي ٿيندو. ان ڪري ئي مارڪس چوي ٿو ته اضافي قدر جي پيداوار جو عمل ٻني ٻاري ۾ چِٽو پِٽو آهي. هاري يا کيڙيندڙ پنهنجي لاءِ جيڪو ان اُپائيندو آهي اهو سندس پورهيي جي ڪل پيداوار کان صفا گهٽ هوندو آهي. زرعي نظام ۾ ان اضافي قدر کي ڍل يا بٽئي چوندا آهن. (سرمايو. جلد -4 .ص 46)
اسان اجهو ٻڌائي چڪا آهيون ته پورهيتن جي استحصال سان ڪهڙيءَ ريت فيڪٽريءَ ۾ اضافي قدر پيدا ٿئي ٿو. ان پيداوار جي طريقي لاءِ بازار ۾ ٻن قسمن جي ماڻهن جو پهريان ئي هجڻ ضروري آهي. هڪڙا پيسن وارا، جيڪي ٻين جي پورهيي جي سگهه خريد ڪري پنهنجي موڙي وڌائڻ جي ڳڻتيءَ ۾ هجن. ٻيا اهڙا پورهيت جن وٽ پنهنجي پورهيي جي سگهه کان سواءِ ٻي ڪا ملڪيت نه هجي. انهن ٻنهي جي ميلاپ سان سرمائي جي مِڙڻ ۽ پکڙجڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.
پر سوال هيءُ آهي ته ابتدائي سرمايو ڪٿان آيو، جنهن جي چرپر ۾ اچڻ سان اهو سڄو ڪاروبار شروع ٿيو. سرمائيداري نظام جي وڪالت ڪندڙ اقتصاديات جا عالم چون ٿا ته هر معاشري ۾ ڪجهه اهڙا هوشيار، بچت ڪندڙ ۽ ڏاها ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي ذاتي پورهيي جي ڪمائيءَ مان ڪجهه نه ڪجهه بچائيندا رهندا آهن ۽ هوري هوري سرمايو رکندڙ بڻجي ويندا آهن. ان دعويٰ جي تائيد ۾ اهي سترهين صديءَ جي مشهور ناول جي هيرو ابن سَن ڪروسو جو مثال ڏين ٿا جيڪو آفريقي نيگرو غلامن جو واپار ڪندو هو ۽ جڏهن هڪ ڀيري سندس جهاز تباهه ٿي ويو ته هن هڪ ويران جزيري ۾ اڪيلي سر پنهنجي پورهيي، هوشياريءَ ۽ هنرمنديءَ کان ڪم ورتو ۽ سرمائي جو مالڪ بڻيو.
مارڪس ”سرمائي“ جي پهرين جلد جي آخري حصي ۾ برطانيا جي به تاريخي حوالن سان ان افسانوي ڪوڙ کي پڌرو ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته سرمايو ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ جي ذاتي پورهيي سان مِڙي نه ٿو سگهي پر ٻين جي پورهيي جي ڦرلٽ سان ئي ميڙي سگهجي ٿو. هن ٻڌايو ته برطانيا ۾ ڪيئن اُن جي واپار لاءِ لکين کيڙيندڙن کي زمينن تان بي خدل ڪيو ويو (تفصيل لاءِ ڏسو: سر ٿامس مور جو يوٽوپيا)، ڪيئن ”سرمائيدارڻي پيداواري طرز جو سونهري صبح“ ۾ واپاري ڪمپنين ايشيا، آفريقا ۽ آمريڪا جي دولت لُٽي صنعتي سرمائي جي شروعات ڪئي. ”جيڪڏهن زَرُ ڳِٽي تي رت جي چُٽي سان پيدا ٿئي ٿو ته سرمائي جي مٿي کان پيرن تائين هڪ هڪ سوراخ مان رت ۽ گندگي وهي ٿي.“ (ص- 710)
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڦرلٽ جو مثال ڏيندي مارڪس لکيو ته ان ڪمپنيءَ کي يورپ ۽ ايشيا منجهه واپار جي حاڪميت حاصل هئي. ان کان سواءِ اها چانهه جي خريد ۽ وڪري ۽ چين سان واپار لاءِ به اڪيلي سر قابض هئي. ستم مٿان ستم اهو ته هندستان جي ساحلي واپار ۽ ملڪ اندر واپار تي ڪمپنيءَ جي اعليٰ حاڪمن جي هلندي هئي. لوڻ، پانُ، آفيم ۽ ٻيون شيون دولت جون اڻ کُٽندڙ کاڻيون هيون، جن کي ڪمپنيءَ جا حاڪم ٻنهي هٿن سان ميڙيندا هئا. مزو اهو ته گورنر جنرل به ان لٽ ۾ شريڪ ٿيندو هو، ان ڪري لارڊ ڪلائيو ۽ وارن هٽينگز ايڏو انڌير ڪيو جو نيٺ برطانوي پارليامينٽ کي مٿن رشوت، ڪميشن ۽ ڌاڙا هڻڻ جا مقدما هلائڻ پيا. سندن لٽ جي جيڪا فهرست پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي وئي، ان مان خبر پوي ٿي ته 1757ع کان 1766ع تائين نون سالن اندر ڪمپنيءَ ۽ سندس ملازمن سٺ لک پائونڊ صرف ”سوکڙين“ جي صورت ۾ هضم ڪيا (ص-750، 760). ساڳيءَ ريت انگريز واپارين آفريقا جي حبشين کي لکن جي ڳڻپ ۾ غلام ڪيو ۽ آمريڪي بازارن ۾ کين وڪڻي ڪروڙين پائونڊ ڪمايا. ان ڪري 1792ع ۾ صرف لور پول جي بندرگاهه تي 132 ٻيڙا نيگرو غلامن جي واپار لاءِ بيٺل هئا.
مارڪس اسپين، پرتگال ۽ هالينڊ جي واپاري ڪمپنين جي رپورٽن مان ثابت ڪيو ته انهن سڀني ملڪن به برطانيا وانگر پنهنجن قبضي ڪيلن کي لٽي ئي صنعتي سرمايو ميڙيو هو. اهوئي حال آمريڪا جو هو جتان جي اڇن آبادڪارن مقامي رهاڪن جو ايئن ئي شڪار ڪيو جيئن جهنگلي جانورن جو ڪبو آهي. هنن ريڊ انڊينن جي زمينن ۽ چانديءَ، ڪوئلي ۽ لوهه جي کاڻين تي زوريءَ قبضو ڪيو ۽ نيگرو غلامن جي مفت جي پورهيي سان ان قدرتي دولت کي پنهنجي واهپي ۾ آندو (ياد رهي ته آمريڪا ۾ غلاميءَ جي رواج کي رد ڪئي اڃا هڪ سو سال گذريا آهن). ان ڦرلٽ اڳيان چنگيز، هلاڪو، محمود غزنويءَ، امير تيمور، نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي ڦرلٽ ڪجهه به ناهي.
مطلب ته يورپ ۾ سرمائي جو مِڙڻ ٽين مرحلن مان لنگهيو آهي. شروعات ۾ کيڙيندڙن جي وڏي سطح تي بي دخلي ۽ اُن جو واپار، جنهن سان پرولتاريه وجود ۾ آيو ۽ گڏوگڏ واپاري سرمايو. ان کان پوءِ واپاري ڪمپنين ذريعي ايشيا، آفريقا ۽ آمريڪا ۾ قبضو ڪيل شين جي لُٽ ۽ پوءِ صنعتي ڪارخانن جو قيام، جتي پورهيتن جي اضافي پورهيي جو اضافي قدر جو صورت ۾ استحصال.
صنعتڪار مسلسل ان ڪوشش ۾ هوندو آهي ته اضافي قدر جي مقدار کان سواءِ ان جو في سيڪڙو اگهه به وڌندو رهي. في سيڪڙي اگهه ۾ واڌاري جي هڪ صورت ته هيءَ آهي ته ڪم جو وقت تمام گهڻو هجي ته جيئن پورهيي جي سگهه جو استحصال وڌيڪ عرصي تائين ڪري سگهجي. سرمائيداري نظام جي ابتدائي دؤر ۾ اهوئي طريقو اختيار ڪيو ويندو هو. ان ڪري مارڪس ”سرمائي“ ۾ برطانوي مزورن جي ڪم وارن وقتن جو جيڪو تفصيل ڏنو آهي، اهو پڙهي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. اتي مردن جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ڏيڍ سَو سال اڳ تائين عورتن ۽ ٻارن کان ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو، ايستائين جو اهي بيهوش ٿي ڪِري پوندا هئا. البت اڻويهين صديءَ جي وچ ۾ جڏهن صنعتي مزور ڪم جي وقت کي بهتر ڪرڻ، پورهيي جو وقت گهٽائڻ ۽ اُجورن ۾ واڌ جا مطالبا ڪرڻ لڳا ته سرمائيدارن کي پنهنجي ورتاءَ ۾ به تبديلي آڻڻي پئي. ان دوران اهڙيون مشينون ايجاد ٿيون جن جي في ڪلاڪ پيداوار پراڻين مشينن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هئي ۽ اهي هلائڻ لاءِ مزورن جو نسبتن گهٽ تعداد گهربل هو. ان ڪري اضافي قدر جي تناسب ۾ اضافي جي نئين صورت اها نڪتي ته ڪم جا وقت گهٽائجن البت پيداوار جو ڏهاڙي مقدار وڌائجي، ڇو ته پيداوار جيڏي گهڻي ٿيندي، اضافي قدر جو تناسب ايڏو ئي بهتر ٿيندو. بهرحال اضافي قدر جي مقدار ۽ تناسب ٻنهي جو دارومدار اضافي پورهيي تي ئي هوندو آهي.
اضافي قدر جي اگهه جو نڪتو پٺتي پيل ملڪن ۾ سيڙايل پرڏيهي سرمائي سان ڏاڍي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو. مثال طور پاڪستان ۾ اهڙا گهڻائي صنعتي ادارا آهن جن ۾ آمريڪا، برطانيا، اولهه جرمني ۽ فرانس جو سرمايو (ناڻو) لڳل آهي. چٽو آهي ته انهن سرمائيڪارن کي پاڪستان سان ڪا خاص محبت ناهي، پر هنن هتي سرمايو ان لاءِ سيڙايو آهي ته هتي ”مزور ڏاڍو سستو آهي“ معنيٰ ته هتي ٿورڙي سيڙپ سان به منافعي جو تناسب يورپ کان وڌيڪ هوندو آهي.
صنعتڪارن کي مزورن جي پيدا ڪيل اضافي قدر مان جيڪو منافعو ٿيندو آهي، هو ان جو تمام ٿورو حصو پنهنجي ذاتي خرچ لاءِ ڪڍندو آهي (جيڪڏهن هو ايئن نه ڪري بلڪ سڄو نفعو کائي پِي ختم ڪري ته پوءِ سرمايو ڪڏهن به نه مڙي) ۽ ٻيو منافعو سرمائي ۾ بدلجي ويندو آهي ۽ پيداوار جي دائري کي پکيڙڻ، نيون مشينون وٺڻ يا نئين صنعت شروع ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڄڻ پورهيت طبقو سرمائيدار جي ذاتي خرچن کي ئي ناهي سهندو پر ڦرلٽ جي سرحدن کي ڪشادو ڪرڻ جا نوان ذريعا به ميسر ڪري ڏيندو آهي. پيداوار ۾ اضافي جي نئين ٽيڪنيڪ سان غيرمتحرڪ (مشين) ۽ متحريڪ (مزور) سرمائي يعني جيئري ۽ مئل سرمائي جو توازن بدلجي ويندو آهي. غيرمتحرڪ سرمايو متحرڪ سرمائي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان وڌڻ لڳندو آهي ۽ پورهيتن جي گُهر گهٽجي ويندي آهي. انهن جو وڏو تعداد پيداواري عمل جي دائري مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ صحتمند بيروزگارن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيڻ لڳندو آهي، تنهنڪري اڄڪلهه ڪوبه ترقي يافته ملڪ اهڙو ناهي جتي ويهه پنجويهه لک بيروزگار نه هجن. آمريڪا ۾ ته بيروزگارن جو تعداد 60 لکن کان به وڌيڪ آهي. ڄڻ ته هڪ طرف دولت جي ججهائي آهي ۽ عياشين، تفريحن ۽ اجاين خرچن جا سڀ سامان موجود آهن ۽ ٻئي طرف ڦرلٽ، غربت، بيروزگاري ۽ بي يقيني آهي.
سرمائيداري نظام جو بنيادي تضاد اهو آهي ته پيداوار ۽ پيداوار جا ذريعا ته ذاتي ملڪيت هوندا آهن پر پيداوار جي طريقي جي نوعيت اشتراڪي هوندي آهي، معنيٰ ته بازاري شيون فيڪٽرين، ڪارخانن، کاڻين، وڏن وڏن زرعي فارمن ۾ پورهيت گڏجي پيدا ڪندا آهن، پر اهي شيون ڪجهه ماڻهن جي قبضي ۾ هليون وينديون آهن، جيڪي سرمائي جا گماشتا هوندا آهن. سرمائي جو عام رجحان حاڪميت يا مرڪزيت ڏانهن هوندو آهي. ان ڪري ڪوبه سرمائيدار پنهنجن مخالفن جو وجود برداشت ناهي ڪندو پر سندس اهائي ڪوشش هوندي آهي ته بازارن ۽ منڊين تي اڪيلي سر قبضو ڪري وٺي ته جيئن چٽاڀيٽيءَ کان نجات ملي. هر وڏو سرمائيدار ننڍن سرمائيدارن کي، هر وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي ويندي آهي. سرمائيدارن جو تعداد گهٽبو ويندو آهي ۽ ڪجهه سرمائيدارن جي اجاريداري قائم ٿيندي ويندي آهي. ان ڪري اندازو ڪيو ويو آهي ته هن وقت سرمائيدارن جا فقط 200 خاندان آهن جيڪي آمريڪا جي بئنڪن، انشورنس ڪمپنين، تيل جي کوهن، فيڪٽرين، جهازن جي ڪمپنين، ريلن ۽ هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانن تي قابض آهن، پر ان مرڪزيت، ان حاڪميت سان گڏوگڏ سماجي پورهيي جو اشتراڪي دائرو به پکيڙبو ويندو آهي. اهڙا اهڙا ڳتيل اوزار ۽ ڳوريون مشينون ايجاد ٿينديون آهن جن کان گڏيل طور ئي ڪم وٺي سگهجي ٿو. ڄڻ ته سرمائيداراڻي پيداواري طريقي جي نوعيت ئي اهڙي آهي جيڪا پورهيتن کي گڏ ۽ متحد ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. ان اتحاد سان سندن طبقاتي شعور وڌندو آهي، سندن انقلابي جدوجهد ۾ تيزي ايندي آهي ۽ کين پنهنجيءَ اجتماعي سگهه جو احساس ٿيندو آهي. پيداواري ذريعن جي انفرادي مرڪزيت ۽ پورهيي جي اشتراڪيت نيٺ ان نڪتي تي رسندي آهي جنهن ۾ سرمائي جي هڪ هٽي پيداواري طرز جي پيرن جو زنجير بڻجي پوندي آهي ۽ ٻنهي جو سرمائيداراڻي قالب ۾ گڏجي رهڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي ۽ تڏهن اهو قالب ڦاٽي پوندو آهي. سرمائيداري نظام جي ذاتي ملڪيت لاءِ موت جو نغارو وڄندو آهي، حق ڦريندڙ بي دخل ڪيا ويندا آهن.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ هاڻي ايڏي ترقي ڪري ورتي آهي ۽ پيداواري قوتون ايڏيون وڌي ويون آهن جو جيڪڏهن طبقاتي مفاد راهن ۾ حائل نه هجن ته ڪجهه ڪلاڪن جي پورهيي سان ڌرتيءَ گولي تي سڀني رهندڙن جون ڏهاڙيءَ جون گهرجون ڏاڍي سولائيءَ سان پوريون ٿي سگهن ٿيون. پر مسئلو هيءُ آهي ته پيداواري قوتون هڪ مخصوص طبقي جي ذاتي ملڪيت آهن ۽ ان طبقي جي وجود جو سڄو دارومدار انهن قوتن جي استحصال تي آهي. ان استحصالي آفت (بلا) جي قوت ايڏي جامع ۽ سخت آهي جو سرمائيدار دنيا جو ڪو به ماڻهو ان جي نشاني کان ناهي بچيو. اها جيئرن ماڻهن ۽ مئل شين ۾ ڪو فرق نه ٿي رکي پر ٻنهي کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي رکيو اٿائين. نتيجو اهو آهي ته ماڻهو به مشين جو پرزو ۽ سرمائيدار طبقي جي مرضيءَ جو غلام بڻجي ويو آهي. ان پيداواري نظام ماڻهوءَ کان سندس انفراديت ۽ شخصيت کسي ورتي آهي ۽ سندس تخليقي صلاحيتن کي زنجير پارائي ڇڏيا آهن. انهن زنجيرن جو ٽُٽڻ لازمي امر آهي ۽ اهي ضرور ٽٽندا، ڇو ته ان کان سواءِ معاشرو اڳتي وڌي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي ماڻهو شين جي جبر کان آجپو ماڻي سگهي ٿو. پر اهي زنجير پاڻ ئي نه ٽٽندا ۽ نه ئي سرمائيداري نظام جو قالب ازخود ڦاٽندو. پر ان جي مراد جا سبب اهي ئي پورهيت هوندا جن جي اضافي پورهيي سان سرمائيدار طبقي پنهنجي اقتدار جو عيش گهر تعمير ڪيو آهي. ان ڪري جو هر اثبات جي نفي ان جي اندر ئي موجود هوندي آهي.
مارڪس چوي ٿو ته سرمائيداراڻي پيداواري طريقي سان سرمائيداراڻي طرز جي ذاتي ملڪيت وجود ۾ اچي ٿي جيڪا ماڻهوءَ جي ذاتي ملڪيت جي پهرين نفي هوندي آهي. ان ماڻهوءَ جِي، جيڪو سرمائيداريءَ کان اڳ پنهنجن ذاتي پيداواري اوزارن سان ذاتي ملڪيت پيدا ڪندو هو. مثال طور هنرمند، واڍو، ڪنڀر، کيڙيندڙ وغيره. پر قدرتي قانون جي اڻٽريَت وانگر سرمائيداراڻو پيداواري طريقو به پنهنجي نفي پاڻ پيدا ڪري ٿو جيڪا نفيءَ جي نفي هوندي آهي پر مٿاهينءَ سطح تي. سرمائيداراڻي طرز جي ذاتي ملڪيت جي نفيءَ کان پوءِ يعني اشتراڪي نظام ۾ پراڻي طرز جي ذاتي ملڪيت واپس نه ايندِي يعني ڳورين ڳورين مشينن ۽ نون نون آٽوميٽڪ پيداواري اوزارن جي جڳهه تي،جيڪي سرمائيداري دؤر ۾ ٺهيا، پراڻي طرز جي هرن ۽ ڏاندارين ۽ ڏاند گاڏين وغيره جي تجديد نه ٿيندي پر اپائيندڙن جي ذاتي ملڪيت گڏيل امداد جي بنياد تي ۽ زمين ۽ ٻيا ذريعا پيداوار جي گڏيل ملڪيت جي بنياد تي قائم ٿيندا. (سرمايو. جلد-1. ص763)
_____
سرمايو. جلد-1. ص 178
سرمايو. جلد-1.ص183
Grundrisse. P-83-99. London. 1973
فاضل يا اضافِي قدر (Surplus Value)
نوٽ: هِي رقمون 1975ع جي سن موجب ليکڪ لکيون آهن. _ سنڌيڪار