باب ٽيويهون : پيرس ڪَميُون ۽ ان کان پوءِ
ان دوران مارڪس جي ٻي ڌيءَ لارا (1845ع – 1911ع) جي شادي فرانس جي مشهور انقلابي پال لفارگ سان ٿي ۽ جڏهن کيس پٽ ڄائو، ته جولاءِ 1869ع ۾ مارڪس پوٽي کي ڏسڻ پيرس ويو. هو جيتوڻيڪ پيرس ۾ صرف هڪڙو هفتو ترسيو، پر اتان جي حالتن مان کيس اندازو ٿي ويو ته نپولن ٽئين (1808ع- 1873ع) جا ڏينهن هاڻي ٿورا آهن ۽ فرانس ۾ ستت ئي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو.
نپولن ٽيون شهنشاهه نپولن جو ڀائٽيو هو ۽ سمجهندو هو ته شينهن جي کل اوڍڻ سان هو به شينهن ٿي پوندو، جڏهن ته هن ۾ سڀ خاصيتون لومڙيءَ جون هيون. هو ڏاڍو مڪار ۽ چالاڪ ماڻهو هو. اقتدار جي هوس هن جو اصول هو ۽ کيس جمهوريت پسندن ۾ جمهوريت پسند، سوشلسٽن ۾ سوشلسٽ، ڪٽر عيسائين ۾ عيسائي ۽ ملوڪيت پرستن ۾ ملوڪيت پرست ٿيڻ ۾ ڪا دير نه لڳندي هئي، ان ڪري ڊسمبر 1848ع جي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ هن هر طبقي ۽ هر ٽولي کي پنهنجيءَ حمايت جو يقين ڏياريو پر قومي اسيمبليءَ جو صدر ٿيندي ئي هن پنهنجا سڀئي واعدا وساري ڇڏيا، فوج وسيلي فرانس جو صدر ٿيو ۽ جڏهن پيرس جي مزورن احتجاج ڪيو ته سندن آواز کي توبن جي آواز ۾ گم ڪري ڇڏيو، ٽي هزار مزور ماريا ويا ۽ پندرهن هزارن کي شهر نيڪالي ٿي. چار سال به نه گذريا ته هن قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، آئين رد ڪري ڇڏيو ۽ 18- نومبر 1852ع تي شهنشاهه نپولن ٽيون جي لقب سان بادشاهه بڻجي ويو. مارڪس هڪ ڪتابڙي ۾ (18th Brummaire) جيڪو جُون 1869ع ۾ ڇپيو هو، ان بناسپتي شهنشاهه جي ڪرتوتن کي چڱيءَ طرح چٽو ڪيو هو. گهڻو ڪري مارڪس جي اها سڀ کان وڌيڪ اديباڻي تحرير آهي جنهن کي اسان طنزيه حقيقت نگاريءَ جو شاهڪار چئي سگهون ٿا.
نپولن ٽيون پنهنجي چاچي جي عظمت ۽ شان شوڪت کي واپس آڻڻ (موٽائڻ) جا خواب ڏسندو هو. سندس خيال هو ته يورپ جون طاقتون هن اڳيان جهڪي پونديون، جيتوڻيڪ ان ۾ نه شهنشاهه نپولن جي ڪا چڱائي نه هئي ۽ نه ئي هاڻي ارڙهين صديءَ جون حالتون باقي بچيون هيون. نپولن اول جاگيري نظام جو خاتمو ڪيو هو ۽ سرمائيداري نظام جا بنياد پختا ڪيا هئا. هاڻ فرانس ۾ سرمائيدار طبقو ايڏو سگهارو ٿي چڪو هو جو نپولن ٽيون پڻ انهن جي رحم ۽ ڪرم تي هو. نپولن جون مهم جويون به مزاحيه ناٽڪ کان گهٽ نه هيون. 1864ع ۾ هن وڏي شانَ سان آسٽريا جي شهزادي ميڪس ميلين کي ميڪسيڪو جو بادشاهه مقرر ڪيو، پر اتان جي رهاڪن بغاوت ڪئي ۽ ميڪس ميلين جو سر ڪپجي ويو. ان هار سان نپولن جي ساک ڏاڍي خراب ٿي ۽ جمهوريت پسندن جي مخالفت زور وٺي وئي. تڏهن هن کاٻيءَ ڌر کي راضي ڪرڻ لاءِ آئيني اصلاحن جو ڍونگ ڪيو، البت چوندن کان اڳ سازش جو بهانو ڪري انٽرنيشنل جي ڪميونسٽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ پنهنجي ساک سٺي ڪرڻ لاءِ 19- جولاءِ 1870ع تي جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، پر ٻه مهينا به نه گذريا ته جرمني هٿان هڪ ٻئي پٺيان شڪستن سبب فرانسي فوج 2- سيپٽمبر تي هٿيار ڦٽي ڪيا. پاڻ بادشاهه سلامت به جنگ جي ميدان ۾ قيد ڪيو ويو. 4- سيپٽمبر 1870ع تي فرانس ۾ ٽيون ڀيرو جمهوريت قائم ٿي. البت نئين حڪومت، جنهن تي ساڄيءَ ڌر جو قبضو هو، جنگ جاري رکي، پر اها جرمن فوج جي اڳڀراين کي نه روڪي سگهي. حملي آورن جڏهن 19- سيپٽمبر تي پيرس جو گهيرو ڪيو ته وزيرن ته ڀڄي وڃي ڏکڻ فرانس ۾ پناهه ورتي، البت پيرس جي بهادر مزورن هٿيار ڦٽا نه ڪيا. وٽن نه ته جنگي سامان هو ۽ نه ئي کاڌ خوراڪ، پوءِ به اهي چئن مهينن تائين جرمن فوجن سان وڙهندا رهيا. فرانسي حڪومت پيرس جي ڪا مدد نه ڪئي، اڃا به جرمنن سان سازش ڪندا رهيا ۽ جڏهن 28- جنوري 1871ع تي جنگ ختم ٿي ته سلطنت جا وزير صلحنامي تي صحيح ڪرڻ پيرس آيا، پر مزورن جا رخ ڏسي شهر ۾ اچڻ جي جرئت ڪري نه سگهيا بلڪ پندرهن ميل پري وارسائي ۾ ترسيا جتي شاهي محل هئا. 26- جنوريءَ تي صلحنامي تي صحيحون ٿيون، جنهن موجب فرانس ٽن سالن اندر هڪ سَو ڪروڙ ڊالر جنگ جي ڏنڊ طور ڀرڻ جو واعدو ڪيو ۽ اهو طَي ٿيو ته الساس ۽ لورين جا علائقا جرمنيءَ حوالي ڪيا ويندا ۽ جنگ جو ڏنڊ ڀرجڻ تائين هڪڙو جرمن لشڪر فرانس ۾ رهندو جنهن جا خرچ فرانس ڀريندو.
فرانس جي ڀاڄوڪڙ حڪومت کي ان ذلت ۽ خواريءَ جو ڪو ڏک نه هو، البت اها ڳڻتي هئي ته پيرس جي مزورن کان هٿيار ڪيئن موٽائي وٺجن، ڇو ته انهن کي هٿين خالي ڪرڻ کان سواءِ وزير ۽ قومي اسيمبليءَ جا ميمبر، جن جي اڪثريت ملوڪيت پرست هئي، شهر ۾ اچڻ جي همت نه پيا ساري سگهن. هونئن به پيرس فرانس جي دل هئي، ان تي قبضو ڪرڻ کان سواءِ جمهوريت دشمنن جامنصوبا اڻ پورا رهجي وڃن ها. نپولن ٽئين کي پيرس هٽايو هو، ٽئين رعيتي راڄ جو اعلان به پيرس مان ئي ٿيو هو، البت ان فيصلي جي توثيق قومي اسيمبليءَ اڃا نه ڪئي هئي ۽ پيرس واسين کي کٽڪو هو ته متان 1852ع وانگر ملوڪيت پرست عنصر فوج جي مدد سان مٿن ٻيهر بادشاهت نه مڙهي ڇڏين ۽ جڏهن نام نهاد قومي اسيمبليءَ مارچ جي شروعات ۾ فيصلو ڪيو ته اڳتي اسيمبلي جا اجلاس وارسائي ۾ ٿيندا جنهن جي شاهاڻين روايتن کان هر ماڻهو واقف هو، ته پيرس واسين جو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو. ان کان سواءِ گهرن جي مسواڙن، قرضن ۽ ٽيڪسن جي ادائگي محاصري دوران ملتوي ڪئي وئي هئي، پر اسيمبليءَ پيرس واسين جي قربانين جو اجر ڏيڻ ته رهيو پري، رهندو اهو حڪم ڏنو ته سڀئي بقايائون اٺيتاليهن ڪلاڪن اندر جمع ڪرايون وڃن. پيرس جا سڀئي تندرست رهاڪو نيشنل گارڊ ۾ ڀرتي ٿي ويا هئا، هنن چئن مهينن تائين توبن سان مقابلو ڪيو هو، پر حڪومت نيشنل گارڊ ختم ڪرڻ ۽ هٿيار واپس وٺڻ تي مڇريل هئي. ان ڪري 17- مارچ جي رات هڪ فوجي دستو نيشنل گارڊ جي توبن کي شهر جي پناهه وارن مورچن تان هٽائڻ لاءِ موڪليو ويو، پر نيشنل گارڊ جي سپاهين ان دستي کي ڀڄائي ڇڏيو، ۽ تڏهن اها عظيم جنگ (ويڙهه، معرڪو) ٿي، جيڪا تاريخ ۾ ”پيرس ڪميون“ جي نالي سان مشهور آهي.
مارڪس لکي ٿو ته ”18- مارچ تي صبح جو جڏهن پيرس جاڳيو ته شهر ۾ هر پاسي ”ڪميون زنده باد“ جا آواز اوچا هئا. هنڌين ماڳين پوسٽر لڳل هئا جن ۾ فرانس جي پورهيتن خاص ڪري پيرس جي رهاڪن کان اپيل ڪئي وئي هئي ته جمهوريت کي وطن جي غدارن کان بچائڻ لاءِ هٿياربند بغاوت شروع ڪن ۽ ملڪ جو انتظام پاڻ سنڀالن:
”پيرس جي پرولتاريه حاڪم طبقن جي ناڪامين ۽ غدارين جو تماشو ڏسي ورتو آهي ۽ کيس يقين ٿي ويو آهي ته اصلاح جو وقت اچي پهتو آهي ۽ عام معاملن جي نگراني پنهنجي هٿ وس ڪرڻ سان ئي ملڪ بچائي سگهجي ٿو..... اها ڳالهه سندن سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته حڪومت تي قبضو ڪري پنهنجيءَ تقدير جو حاڪم بڻجڻ سندن قومي فرض به آهي ۽ حق به.“
”پيرس ڪميون“ شهرين جي انقلابي تنظيم هئي جيڪا ميونسپل ڪارپوريشن جي مڙني وارڊن جي چونڊيلن نمائندن تي مشتمل هئي. انهن ۾ وڏي اڪثريت پورهيتن جي هئي جن جي حب الوطنيءَ تي سندن رت جو مهرون لڳل هيون. ڪميون جون چوندون 26- مارچ تي ٿيون ۽ 28- مارچ تي پيرس ڪميون حڪومت ٺهي وئي. دنيا جي تاريخ ۾ اها مزورن جي پهرين رياست هئي جيڪا جيتوڻيڪ هڪ شهر تائين محدود هئي ۽ صرف 70 ڏينهن هلي، پر ان پنهنجي اخلاق ۽ عمل سان ثابت ڪيو ته پورهيتن ۾ مٿين طبقن جي ڀيٽ ۾ حڪومت ڪرڻ جون گهڻيون صلاحيتون آهن ۽ سندن انتظام ۽ عدل ۽ انصاف جو معيار ڦريندڙ طبقن کان گهڻو اتم ۽ اعليٰ آهي.
پيرس ڪميون 30- مارچ تي فوج جي جبري ڀرتين جو قانون رد ڪري ڇڏيو، مستقل فوج جو ادارو ختم ڪري ڇڏيو، پوليس جا سزا ڏيڻ جا (تعزيري) اختيار ختم ڪري ڇڏيا ۽ اهي شيون جيڪي ميونسپل ڪارپوريشن وٽ گروي هيون، موٽائي ڇڏيون. پهرينءَ اپريل تي اعلان ٿيو ته ڪنهن به سرڪاري ملازم يا ڪميون جي عهديدار جي پگهار عام پورهيت جي اجوري (500 فرينڪ ماهوار) کان وڌيڪ نه هوندي. 2- اپريل تي رياست کي ڪليسا کان ڌار ڪيو ويو يعني رياست کي سيڪيولر بڻايو ويو. ان ريت تعليمي ادارا ڪليسا جي پڪڙ کان آجا ٿي ويا ۽ ڪليسا جي سڄي ملڪيت ضبط ڪئي وئي ۽ جڏهن وارسائي حڪومت ڪميون جي قيدي سپاهين کي گوليون هڻڻ لڳي، ته فيصلو ٿيو ته وارسائي جي طرفدارن کي يرغمالي طور گرفتار ڪجي، پر ان فيصلي تي ڪڏهن به عمل نه ٿيو. فرانس ۾ ڦاهي ڏيڻ جو رواج نه هو، پر ڏوهيءَ جو مٿو تختي (ٿنڀن) منجهه ڦاسايو ويندو هو ۽ پوءِ هڪڙي ترڪندر ڪات سان سِر وڍيو ويندو هو. ان اوزار (ڪَل) کي گلوٽين (Guillotine) چوندا هئا. 5- اپريل تي شاهي دؤر جي ان حيواني علامت کي چوڪ تي باهه ڏني وئي ۽ سڀئي قرض، مسواڙون ۽ ٽيڪسون معاف ڪيون ويون. نپولن فتحن دوران حاصل ڪيل توبون ڳارائي هڪڙو فتح جو مينار ٺهرايو هو. 12- اپريل تي اها عمارت، جيڪا قومي نفرت ۽ غرور جي علامت هئي، ڊاٿِي وئي. 16- اپريل تي بند پيل فيڪٽرين جي فهرست ٺهي ۽ اهي مزورن جي گڏيل امداد واري انجمن حوالي ٿيون. 20- اپريل تي نانواين کان رات وقت ڪم وٺڻ جو رواج رد ڪيو ويو ۽ روزگار واري آفيس، جيڪا پوليس جا دلال هلائيندا هئا، ميونسپل وارڊن جي نگرانيءَ ۾ ڏني وئي. 30- اپريل تي اهي سڀ دڪان بند ڪيا ويا جتي سامان گروي رکيو ويندو هو يا جتي وياجي واپار ٿيندو هو. اهو فيصلو به ٿيو ته سڀني عدالتي، تعليمي ۽ انتظامي شعبن جي عهديدارن جي مقرري واسطيدار شعبن جي چونڊ مان ٿيندي. اهو آهي ننڍايل خاڪو پيرس ڪميون جي هڪ مهيني جي انقلابي ڪارنامن جو. انهن قدمن کڻڻ سان پيرس ڪميون جو طبقاتي ڪردار چڱيءَ ريت چٽو ٿي وڃي ٿو ۽ اهي سڀ فيصلا تڏهن ٿيا جڏهن شهر چؤڏسائن کان وارسائي جي انقلاب دشمن فوجن پاران گهيريل هو ۽ سندن توبون ڏينهن رات بمباري ڪنديون رهنديون هيون.
پيرس گهيري ۾ هو ۽ ان جا دشمن آزاد. اهي سڄي ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪميون خلاف اها پروپيگنڊه ڪري رهيا هئا ته پيرس ڪميون ملڪ جي سالميت ۽ وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ آهي، پر اهو مڪمل ڪوڙ هو. ڪميون سڄي ملڪ جي انتظام جو جيڪو منصوبو رٿيو هو، ان مان خبر پوي ٿي ته پيرس ڪميون جي منتظمن جو ارادو هيءُ هو ته فرانس جي هر وڏي شهر ۾ پيرس وانگر اُپائيندڙن جي سيلف گورنمينٽ (ذاتي/ پنهنجي حڪومت) ٺهي پوي ۽ هر ڳوٺاڻي تر جو انتظام اتان جا چونڊيل کيڙيندڙ ڪن ۽ انهن جون ضلعي ڪاميٽيون پنهنجا نمائندا پيرس جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ موڪلن ۽ مرڪزي ڪميون فقط قومي ۽ بين الاقوامي معاملن جي نگران هجي. گهيري جي ڪري ان منصوبي تي نه ئي عمل ٿي سگهيو ۽ نه ئي ٻين شهرن سان رابطو ٿي سگهيو. البت ڪميون وارسائي حڪومت جي جُڙتو ڳالهين جي ترديد ڪندي اعلان ڪيو ته ”اسان فرانسي انقلاب جي آندل اتحاد ۽ سالميت کي برقرار رکڻ چاهيون ٿا، البت ان تحاد کي رد ڪرڻ جي حق ۾ آهيون جنهن کي سلطنت، ملوڪيت ۽ پارليامينٽ اسان تي زوريءَ مڙهيو آهي. اهو اتحاد اصل ۾ هڪ جابراڻو، چريائپ وارو، مرضيءَ وارو ۽ اڻ سهپ جوڳِي مرڪزيت آهي. اسان ڪميون جِي نيئن، آزاد ۽ خودمختيار وحدت سان، جيڪا رضاڪاراڻي گڏيل امداد مان اڀري ٿي، عسڪريت، آفيسرشاهي، استحصال، هڪ هٽيءَ، عهدي بازيءَ کي رد ڪرڻ چاهيون ٿا، ڇو ته پرولتاريه جي محڪوميءَ ۽ ديس جي تباهين جو ڪارڻ اهي ئي لعنتون آهن.“
پيرس ڪميون جا بهادر وڏيءَ همت سان دشمن جي حملن جو مقابلو ڪندا رهيا،پر جڏهن جرمنيءَ فرانس جي اڍائي لک سپاهين کي قيد مان آجو ڪري وارسائيءَ حوالي ڪيو ته دشمن جي طاقت ڪيئي ڀيرا وڌي وئي. نيٺ 21- مئي تي وارسائيءَ جون فوجون شهر ۾ گهڙي آيون پر پيرس تڏهن به هار نه مڃي بلڪ ماڻهو روڊن تي، گهٽين ۽ گهرن ۾ وڙهندا رهيا. دشمن شهر جي سڀني وڏين وڏين جاين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ جڏهن شهر سڙڻ لڳو ته 28- مئي 1871ع تي پيرس هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ تڏهن شهرين جو قتلام (عام قتل) شروع ٿيو. باغ، چوڪ ۽ قبرستان جا پاسا لاشن سان ڀرجي ويا ۽ جڏهن اتي به جڳهه نه بچي ته کاهيون کوٽي لاش انهن ۾ اڇلايا ويا. پنجويهن هزارن کان وڌيڪ خالي هٿين شهري وارسائي جي انتقام جو شڪار ٿيا، 43 هزار گرفتار ڪيا ويا ۽ ساڍا ٽي لک شهر نيڪالي ڏنا ويا.
پورهيتن کي وڏين قربانين کان پوءِ هيءُ سبق مليو ته سرمائيدار طبقو ۽ ان جا حمايتي نواب، جاگيردار ۽ مذهبي ٺيڪيدار پورهيتن کي اختيار کِل خوشيءَ سان ڪڏهن به نه ڏيندا ۽ نه ئي پارلياماني چوندن سان اهي ڪڏهن اقتدار حاصل ڪري سگهندا، پر پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ کين هٿياربند جدوجهد ڪرڻي پوندي.
مارڪس فرانس ۽ جرمنيءَ جي جنگ کان پيرس ڪميون جي هار تائين ٿيل حالتن بابت انٽرنيشنل لاءِ ٽي رپورٽون لکيون هيون. آخري رپورٽ ڪميون جي شڪست کان ٻه ڏينهن پوءِ لکي وئي هئي. مارڪس اهي ٽئي رپورٽون ”فرانس جي گهرو ويڙهه“ جي نالي سان 13- جُون تي ڪتابي روپ ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيون، جيڪي ايڏيون مشهور ٿيون جو ٻن مهينن اندر ان ڪتاب جا ٽي ڇاپا ڇپيا. ان ڪتاب ۾ مارڪس نپولن ٽئين جي نالائقين، بسمارڪ جي چالبازين، وارسائي جي ملوڪيت پرست وزيرن جي رشوت خورين ۽ جرمن حڪومت سان ان جي سازشن سڀني کي واري واري سان اگهاڙو ڪيو آهي. مارڪس جي هڪ هڪ لفظ مان پيرس جي بهادر شهرين لاءِ احترام جو اظهار ٿئي ٿو ۽ دشمنن جي غداريءَ ۽ درندگيءَ خلاف نفرت ۽ ڪاوڙ. ان دستاويز ۾ مارڪس رياست جي طبقاتي ڪردار ۽ پرولتاريه جي حاڪميت جي مسئلن سان نظرياتي بحث به ڪيو آهي ۽ پيرس ڪميون جي تجربن سان انهن نظرين جي سچائيءَ تي وڌيڪ روشني وڌي آهي ۽ دستاويز کي هنن لفظن تي ختم ڪيو آهي:
”پورهيتن جي پيرس ۽ ان جي ڪميون جو جشن نئين معاشري جي شاندار خوشخبريءَ طور سدائين ملهايو ويندو. ان جي شهيدن جي مزار پورهيتن جي دل ۾ سدائين محفوظ رهندي. ان کي ختم ڪندڙن کي تاريخ هاڻي کان ئي لعنت جي ڦاهيءَ تي ٽنگي ڇڏيو آهي ۽ پادرين جون سڀ دعائون به انهن کي بخشائي نه سگهنديون.“
مارڪس کي پيرس ڪميون جي حڪمت عمليءَ جي خامين جو مڪمل احساس هو. سندس خيال هو ته پيرس ڪميون جي اڳواڻن دفاعي جنگ جو طريقو اختيار ڪري ڏاڍي خطرناڪ غلطي ڪئي آهي. کين گهرجي ها ته قلعي ۾ بند ٿي وڙهڻ بدران حملي ۾ اڳرائي ڪن ها. هنن وارسائي تي حملو نه ڪري ڏاڍو سٺو موقعو وڃائي ڇڏيو ۽ نيٺ چئني پاسن کان گهيرجي ويا. نتيجو اهو نڪتو ته افرادي مدد ۽ کاڌي پهچڻ جا سڀ رستا بند ٿي ويا ۽ ڪميون جو رابطو باقي ملڪ، خاص ڪري کيڙيندڙن ۽ صنعتي مزورن کان صفا ٽٽي پيو. ان جي ابتڙ دشمن پنهنجي سگهه ۾ مسلسل واڌ ڪندا رهيا ۽ فرانس جي عوام کي ڪميون خلاف بدگمان ڪندا رهيا. پيرس ڪميون جي شڪست کان پوءِ فرانس ۾ ماڻهو پڪڙڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ته گهڻن ئي انقلابين لنڊن ۾ اچي پناهه ورتي. هاڻ مارڪس ۽ اينجلس جو گهڻو وقت انهن پناهگيرن جي سارسنڀال ۾ گذرڻ لڳو. پيرس مان جيڪو به انقلابي ڀڄي اچي پيو اهو پهريائين مارڪس ۽ اينجلس سان ملي پيو. اهي ماڻهو ڄاڻن پيا ته انقلاب جا اعتماد لائق پاوا مارڪس ۽ اينجلس ئي آهن. برطانوي پوليس ۾ انهن ڏينهن ۾ پيرس ڪميون خلاف ڏاڍي مهم هليل هئي. مارڪس ۽ اينجلس ان جي جواب ۾ بيشمار خط اخبارن کي لکيا پر ٿورا ئي ڇپيا.
مارڪس ۽ اينجلس فلسفي، اقتصاديات، تاريخ ۽ سياست جي مسئلن جي تشريح ۽ سمجهاڻي جدليت جي حوالي سان ڪئي هئي. هنن سائنسي سوشلزم جا اصول به جدليت جي قانونن موجب مرتب ڪيا هئا. سائنس جي نين کوجنائن سان به انهن قانونن جي تصديق ٿي رهي هئي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته سائنسي علمن جي مدد سان فطرت جي چرپر ۽ تبديليءَ جي جدلي نوعيت کي واضح ڪجي. اينجلس ان مقصد لاءِ اٺن سالن تائين سائنس جو باقاعدي اڀياس ڪندو رهيو ۽ تڏهن هو ”فطرت جي جدليت“ تي هڪ ڪتاب لکڻ لڳو، جنهن جا هن ڪجهه حصا لکي به ورتا پر ان دوران کيس جرمن سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪجهه غلط ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻو پيو جنهنڪري اهو ڪم بيهجي ويو. ڳالهه هيءَ هئي ته انهن ڏينهن ۾ دوهرنگ (Duhring) نالي هڪ ماڻهو برلن يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو ليڪچرار هو، جنهن کي پنهنجي هر ڪم ڄاڻڻ تي وڏو غرور هو ۽ هو سوشلسٽ بڻجي سوشلزم جون مرضيءَ موجب سمجهاڻيون ڏئي رهيو هو. جرمنيءَ جا سوشلسٽ ڪارڪن، ايستائين جو مارڪس ۽ اينجلس جا ڪجهه پراڻا ساٿي به دوهرنگ جي ها ۾ ها ملائڻ لڳا هئا. مارڪس ۽ اينجلس دوهرنگ جون لکتون پڙهيون ته خبر پئي ته اهو ماڻهو صفا ڪو مَت مُوڙهيو آهي ۽ سوشلزم جو نالو ڪتب آڻي ماڻهن کي ڀٽڪائي رهيو آهي. نيٺ طَي ٿيو ته اينجلس دوهرنگ جي جواب ۾ لکي. اينجلس شروعات ۾ دوهرنگ خلاف ڪجهه مضمون جرمن سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اخبار ۾ لکيا ۽ پوءِ 1878ع ۾ ”دوهرنگ جو رد“ (Anti- Duhring) نالي سان تفصيلي ڪتاب ڇپيو. ان ڪتاب جو نتيجو سٺو نڪتو جنهنڪري هڪ سال اندر ئي ان جا ڪيئي ڇاپا ڇپيا ۽ وڪرو ٿيا.
پر ”دوهرنگ جو رد“ هڪڙي ئي شخص جي ڳالهين جو جواب ناهي پر اينجلس چواڻي ”فلسفي، فطرتي سائنس ۽ تاريخ جي مسئلن بابت اسان جي خيالن جو ڪشادو جائزو آهي.“ ان ڪتاب جا ٽي حصا آهن. پهرين حصي ۾ اينجلس قدرت جي چرپر ۽ تبديليءَ جي قانونن ۽ فلسفي جي مسئلن تي بحث ڪيو آهي ۽ وقت ۽ جاءِ، وجود ۽ علامت، جبر ۽ اختيار، نفي ۽ اثبات، ڪيفيت ۽ مقدار، ۽ قانون ۽ اخلاق بابت دوهرنگ جي دعوائن جون غلطيون ٻڌايون آهن. ٻئي حصي ۾ اقتصاديات جي اصولن خاص ڪري قدر، پورهيي، سرمائي ۽ اضافي قدر جي تشريح ڪئي آهي ۽ ٽئين حصي ۾ خيالي سوشلزم جي مختصر تاريخ لکڻ کان پوءِ سائنسي سوشلزم جا اصول لکيا آهن. (ليکڪ ”سبط حسن“ ان آخري حصي جو ترجمو حاشين سميت ڪو وقت ٿيندو جو ڪيو هو ۽ جنهن جا ڪيئي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.)
اينجلس چوي ٿو ته ”ڪائنات هڪ وحدت آهي پر ان جي وحدت جو ثبوت ان جو وجود ناهي (جيتوڻيڪ وجود ان وحدت جو پهريون شرط آهي، ڇو ته ڪائنات جي وجود هئڻ کان سواءِ ان جي ايڪائي ممڪن ناهي) پر ڪائنات جي حقيقي وحدت ان جي ماديت آهي. ان جو ثبوت سستين ڳالهين سان نه، پر فلسفي ۽ فطرتي سائنس جي صدين جي محنت ڪيل ڪوششن سان لڌو آهي.“
ان کان پوءِ اينجلس سائنس ۽ فلسفي جي حوالي سان اسان کي ٻڌايو آهي ته ڪائنات جو هر ذرو هر پل چرپر ۽ تبديليءَ ۾ آهي. سڄي دنيا، توڙي اها فطرتي هجي، انساني هجي يا ذهني، مسلسل چرپر واري ۽ تبديل ٿيندڙ عمل مان گذري رهي آهي ۽ ان ۾ مسلسل تبديليون ۽ ترقيون ٿينديون رهن ٿيون. فلسفِي ۽ سائنسدان ان تبديليءَ واري عمل اندر جيڪو داخلي رشتو آهي، تنهن جو سراغ ڳولڻ جي ڪوشس ڪندا رهيا آهن. جدليت موجود شين جي وچ ۾ انهيءَ داخلي رشتي، انهن جي چرپر جي شروعات ۽ انتها جو شعور ڏي ٿي.
”فطرت پاڻ جدليت جو ثبوت آهي ۽ اهو چوڻو پوي ٿو ته جديد سائنس ان دعويٰ جي پٺڀرائيءَ ۾ کوڙا ساترا واقعا ۽ شاهديون ڏنيون آهن، جن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿئي پيو. انهن واقعن ۽ شاهدين چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته فطرت مابعدالطبيعاتي انداز بدران جدلي طور ڪم ڪري ٿي يعني فطرت دائمي طور ڪنهن ابدي دائري ۾ نه ٿي ڦري پر تاريخي ارتقا مان گذرندي رهي ٿي. ان سلسلي ۾ سڀ کان اڳ ڊاروِن جو نالو اچي ٿو، جنهن اهو ثابت ڪري ته سڀئي نامياتي وجود _ ٻوٽا، جانور ۽ پڻ انسان _ ارتقائي عمل جي پيداوار آهن جيڪو ڪروڙين سالن کان هلندڙ آهي، فطرت جي مابعدالطبيعاتي تصور تي سڀ کان زبرو ڌڪ هنيو آهي. البت اڃا تائين تمام ٿورا سائنسدان جدلي انداز ۾ سوچن ٿا.“
ٿورن لفظن ۾ ته جدليت فطرت، انسان معاشري ۽ فڪر جي چرپر ۽ ترقيءَ جي عام قانونن جي سائنس آهي. هي اهي ئي قانون آهن جن جو سراغ سڀ کان پهرين هيگل لڳايو هو. البت سندس نظريي مطابق انهن قانونن جي عمل جو دائرو فقط تصور يا خيال (Idea) تائين محدود آهي. هو اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هو ته سڀئي عالم جون شيون انهن قانونن هيٺ آهن.
جدليت جو پهريون قانون تضاد جو قانون آهي. اينجلس مثال ڏئي ٻڌائي ٿو ته داخلي تضاد چرپر ۽ ترقيءَ جي بنيادي خاصيت آهي. ”جيڪڏهن اسان شين کي رڪيل (چرپر نه ڪندڙ) ۽ بيجان سمجهون ۽ اهي الڳ الڳ ڪري ڏسون تڏهن اسان کي انهن اندر ڪو تضاد نظر نه ايندو.... پر اسان جيئن ئي شين کي انهن جي چرپر ۽ تبديليءَ جي حالت ۾، سندن زندگيءَ جي عالم ۾ ڏسون ٿا، انهن کي هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندي ڏسون ٿا، ته اسان جو بنا دير تضادن سان واسطو پوي ٿو. چرپر پڻ تضاد آهي، ايستائين جو جاءِ جي ٿورڙي (معمولي) تبديلي تڏهن ممڪن آهي جڏهن ڪو جسم (Body) ڪنهن خاص لمحي ۾ هڪ جاءِ تي هجي به ۽ نه به هجي. ان تضاد جي مسلسل ابتدا ۽ حل (تحليل) ٿيڻ جو نالو ئي چرپر آهي.“
اينجلس چوي ٿو ته نامياتي حياتيءَ ۾ اهي داخلي تضاد اڃا وڌيڪ نمايان ٿي پوندا آهن، بلڪ حياتي پاڻ هڪ تضاد آهي جيڪا شين ۾ موجود آهي ۽ مسلسل وجود ۾ ايندي ۽ تحليل ٿيندي رهندي آهي. تضاد جو اهو عمل جيئن ئي بيهجي ويندو آهي حياتي به ختم ٿي ويندي آهي ۽ موت ڇانئجي ويندي آهي. اهوئي حال خيال جي عالم جو آهي. مثال طور ماڻهوءَ اندر علم ۽ ڄاڻ جي لامحدود صلاحيت لڪل آهي پر ڪنهن خاص وقت ۾ ماڻهن ۾ ان جو محدود شعور هوندو آهي. ان تضاد کي ماڻهو نسلن کان پوءِ نسلن حل ڪندو ۽ اڳتي وڌندو ويندو آهي.
موجوده معاشري جي داخلي تضادن جي فهرست گهڻي ئي ڊگهي آهي. مثال طور سرمائي ۽ پورهيي جي ساڳيائپ واري وجوديت ۽ انهن جو گڏيل تضاد، زميندار ۽ کيڙيندڙ جو تضاد، دولت ۽ غربت جو تضاد، پيداواري ذريعن جي ذاتي ملڪيت ۽ پيداوار جي سماجي ملڪيت جو تضاد ۽ هم نفسن جي انبوهه ۽ وجود جي لاتعلقيءَ جو تضاد اسان جي معاشري جي مزاج ۾ داخل آهي. اسان سماجي حياتيءَ جي انهن رخن تي گذريل صفحن ۾ تفصيل سان بحث ڪري چڪا آهيون.
ٻيو قانون مقداري تبديلين جو ڪيفيتي تبديلين جي شڪل ۾ ۽ ڪيفيتي تبديلين جو مقداري تبديلين جي شڪل ۾ اعليٰ سطح تي ظاهر ٿيڻ آهي. اينجلس سائنس ۽ تاريخ مان ان جا گهڻا ئي مثال ڏنا آهن. مثال طور ڪاربان هڪ مادي عنصر آهي، ان جا ڪيترائي مرڪب آهن جيڪي پنهنجي ڪيفيت يعني داخلي خاصيت ۽ تاثر ۾ هڪ ٻئي کان صفا مختلف هوندا آهن. مثال طور پيرافن، الڪوهل، چرٻيءَ وارو (روغني) تيزاب وغيره. پر ڪاربان ۾ اهي ڪيفيتي تبديليون ڪيئن ظاهر ٿيون؟ مقداري تبديلين جي ڪري. مثال طور ڪاربان جو مخصوص مقدار جيڪڏهن هائڊروجن گئس جي مخصوص مقدار سان ملائجي ته اهو نئون مرڪب پيرافن بڻجي پوندو ۽ جيڪڏهن انهن جي مقدارن جي فارمولا بدلائجي ته پوءِ الڪوهل يا تيزاب ٺهي پوندو، جيڪو نه ته ڪاربان هوندو ۽ نه هائڊروجن گئس پر ڪيفيتي لحاظ کان ٻنهي کان جدا _ ”سڄي ڪيمسٽريءَ ۾ ايستائين جو نائٽروجن آڪسائيڊن ۽ فاسفورس يا گندرف جي تيزابن ۾ ماڻهو ڏسي سگهي ٿو ته مقدار ڪيئن ڪيفيت ۾ بدلجي ٿو.“
اينجلس نپولن جي مصر تي حملي جو هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو آهي، جنهن سان مقدار جي ڪيفيت ۾ بدلجڻ جي تصديق ٿئي ٿي. نپولن چوندو هو ته اسان جا فرانسي سپاهي انتهائي بيڪار گهوڙي سوار هئا، البت سندن ضابطو (ڊسيپلين) ڏاڍو سٺو هو. ان جي ابتڙ مملوڪ بهترين گهوڙي سوار هئا پر سندن ضابطو ڏاڍو خراب هو. ”ٻه مملوڪ بنا شڪ ٽن فرانسين تي حاوي هئا. هڪ سَو مملوڪ هڪ سَو فرانسين برابر هئا پر ٽي سَو فرانسي ٽي سَو مملوڪن کي هارائي سگهن پيا ۽ هڪ هزار فرانسين ڏيڍ هزار مملوڪن کي وري وري هارايو.“
اسان جو ڏهاڙيءَ جو تجربو به اهوئي چوي ٿو. مثال طور ڌاڳي جو هڪ ٽڪرو پنجن سالن جو ٻار به ڇني سگهي ٿو، پر ڌاڳي جو مُچو ملائي رسي ٺاهجي ته اها هٿ سان ڇنڻ ڏکي ٿي پوندي. ان رسيءَ جي مضبوطي ڌاڳن جي الڳ الڳ سگهه جي مجموعي کان گهڻي وڌيڪ هوندي. ساڳيءَ ريت فيڪٽريءَ جي مزورن جي الڳ الڳ سگهه سرمائيدار جي سگهه جي ڀيٽ ۾ ڪا حيثيت نه ٿي رکي پر جيڪا ڪيفيتي تبديلي انهن جي گڏجڻ سان اچي ٿي، ان جي سگهه کان سرمائيدار ڏڪڻ لڳي ٿو.
ٽيون قانون نفيءَ جي نفيءَ جو آهي. اينجلس چوي ٿو ته ”ان عمل جو ڏيک هر ڏينهن ۽ هر هنڌ ٿيندو رهندو آهي. مثال طور جوَ جو داڻو ڏسو. جَوَن جا ڪروڙين داڻا روز پيٺا ۽ کاڌا وڃن ٿا، پر جوَ جو ڪو هڪ داڻو جيڪڏهن موزون حالتن ۾ زرخيز زمين تي ڪري ته گرميءَ ۽ آلاڻ جي اثر سان ان ۾ تبديلي ٿيڻ لڳندي آهي. اهو ڦٽڻ لڳندو آهي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ داڻي جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، ان جي اندران سَلو ڦٽندو آهي. اهو داڻي جي نفي هوندو آهي. تڏهن اهو سلو وڏو ٿيڻ لڳندو آهي ۽ ان ۾ مکڙيون ڦٽنديون آهن ۽ جڏهن اهي پچي راس ٿينديون آهن ته ٻوٽو (سَلو) سُڪي پوندو آهي. اها ٿي نفيءَ جي نفي. (داڻي جي نفي ٻوٽو ۽ ٻوٽي جي نفي مکڙيون). ان نفيءَ جي نفيءَ جي نتيجي ۾ اسان کي ٻيهر جوَ مليا، سي به سوين داڻا، هڪ داڻي بدران. ڪجهه ٻوٽا ته اهڙا هوندا آهن جو جيڪڏهن مالهي جيڪڏهن انهن جا بهترين قسم جا ٻج ڪتب آڻي، مثال طور گل دائودي، گينڊو، ڊيليا وغيره ته هڪ ٻج مان نه صرف ڪيئي گل ڦٽندا پر انهن گلن جي ڪوالٽي به گذريل گلن کان سٺي هوندي.
اينجلس تاريخ، فلسفي، سياست، ڀونءِ ڀياس (Geology) ۽ حسابن جي سائنس مان مثال ڏئي ثابت ڪيو ته ڪائنات ۾ هر طرف ۽ هر سطح تي نفي جي نفيءَ جي قانون جي عملداري آهي. ان حوالي سان سرمائيداراڻي نظام جو ذڪر ڪندي اينجلس ٻڌايو ته سرمائيداري پيداواري نظام مان سرمائيداراڻي انداز جي ذاتي ملڪيت وجود ۾ ايندي آهي. اها گذريل ذاتي ملڪيت جي پهرين نفي آهي، پر سرمائيداراڻو پيداواري انداز پنهنجي نفي پاڻ پيدا ڪندو آهي. (پرولتاريه) جيڪو نفيءَ جي نفي ڪندو آهي، پر وڌيڪ مٿاهينءَ سطح تي، جتي پيداوار جا سڀ ذريعا سماجي ملڪيت ٿي پوندا آهن ۽ پيداوار پورهيتن جي ذاتي ملڪيت بڻجي ويندي آهي (سوشلزم).
”دوهرنگ جو رد“ کان واندو ٿي اينجلس ”فطرت جي جدليت“ تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو، جيڪو مارڪس جي وفات تائين هلندو رهيو پر سياسي مصروفيتن سبب هو ڪتاب پورو ڪري نه سگهيو. مارڪس جي وفات کان پوءِ هو مارڪس جي مسودن ۾ ايڏو مصروف ٿيو جو کيس پنهنجي ڪتاب لاءِ وقت ئي نه ملي سگهيو. البت جيڪي باب هن لکي ورتا هئا، اهي ”مارڪس اينجلس انسٽيٽيوٽ“ 1925ع ۾ ڪتابي روپ ۾ ڇپيا.
اڻويهين صديءَ ۾ هونئن ته فلڪي علم (Astronomy)، حسابن، فزڪس، ڪيمسٽريءَ ۽ بائلاجيءَ ۾ گهڻيون ئي کوجنائون ٿيون، جن جو اثر ماڻهن جي عقيدن ۽ خيالن تي به پيو، پر ٽي کوجنائون اهڙيون آهن جن سان فڪر جي دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. پهرِين جيو _گهرڙي (سيل، Cell) جي کوجنا، ٻي توانائيءَ جي بقا ۽ اصليت جي بدلجڻ جي قانون جِي کوجنا ۽ ٽين ارتقا جي قانون جي کوجنا. جيو _گهرڙي جو وجود 1839ع ۾ کوجيو ويو ۽ تڏهن خبر پئي ته سڀني نامياتي جسمن _ ٻوٽن، جانورن ۽ انسانن _ جو بنيادي ايڪو جيو _گهرڙو آهي. ان سان واقعاتي طور ثابت ٿي ويو ته ڪائنات جون، گهٽ ۾ گهٽ، نامياتي شيون ضرور هڪ وحدت آهن. 1847ع ۾ توانائيءَ جي بقا ۽ اصليت جي بدلجڻ جو قانون معلوم ٿيو ۽ ان دعويٰ جي تصديق ٿي وئي ته فطرت مادي جي مستقل چرپر جو نالو آهي. ان چرپر جون شڪليون مٽبيون رهنديون آهن پر مادو ڪڏهن به فنا ناهي ٿيندو. 1859ع ۾ ڊارون پنهنجو ارتقا جو نظريو پيش ڪيو ۽ صدين جي ارتقائي تصور کي مڪمل ڪري جديد بائلاجيءَ جو بنياد رکيو. انهن ٽنهي کوجنائن جي فلسفياڻي اهميت اها ئي آهي ته انهن وسيلي فطرت جي جدلي ارتقا جو انڪشاف ٿيو.
اينجلس ”فطرت جي جدليت“ ۾ انهن کوجنائن جي تشريح ڪرڻ کان سواءِ گرميءَ (Heat)، بجليءَ (Electricity) ۽ سائنس جي ٻين شعبن جو به جائزو ورتو، پر ان ڪتاب جو شايد سڀ کان اهم مضمون اهو آهي جنهن ۾ اينجلس ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت باندر (ڀولڙو) پورهيي جي عمل دوران ارتقائي ڏاڪا طَي ڪري ماڻهو بڻيو ۽ ان عمل ۾ هٿن، زبان ۽ دماغ جي گڏيل عمل ۽ ردعمل ماڻهوءَ جي تخليقي قوتن کي ڪيئن اڀاريو ۽ فطرت کي فتح ۽ تبديل ڪرڻ ۽ ماڻهوءَ جي شعور ۽ ڄاڻ ۾ و اڌارو ڪرڻ ۾ ڪهڙو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. گذريل هڪ سو سالن ۾ سائنسي علم ترقي ڪري ڪٿان جو ڪٿي پهچي ويا آهن، پر مارڪس ۽ اينجلس جدلي ماديت جو جيڪو نظريو پيش ڪيو هو ان جي سچائيءَ ۾ ڪو فرق ناهي آيو، بلڪ سائنس جي هر نئين کوجنا سان ان نظريي جي اڃا به پٺڀرائي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته جدلي ماديت ڪنهن جي ذهن جي تخيلق ناهي، پر ڪائنات جي معروضي حقيقت آهي.
______
ڪميون (Commune) ڪجهه يورپي ملڪن ۾ مقامي حڪومت جو سڀ کان ننڍو انتظامي ضلعو يا علائقو ميونسپالٽي.- مترجم.
Civil War in France. P -288. Moscow. 1968
C.D Hazen: Europe Since 1815. P.334. London. 1923
Engles: Ant -Duhring. P-37 .Moscow. 1962
ساڳيو. ص 37
ساڳيو. ص 07
ساڳيو. ص 37، ص 194
ساڳيو. ص 166
Engles: Anti. Duhring. P176. Moscow. 1962.
ساڳيو. ص 176
Engles: Anti-Duhring.P-187.Moscow.1962