باب يارهون : ڪارل مارڪس جو ننڍپڻ ۽ تعليم
ڪارل مارڪس 5 مئي 1818ع تي، اولهه جرمنيءَ جي شهر ٽرائر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڪٽنب نسلي طور يهودي هو ۽ گهڻين ئي پيڙهين کان اتي ويٺل هو. هن جو پيءُ هائن رِڪ مارڪس، جيڪو هڪ خوشحال وڪيل هو، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ کان اڳ ئي پنهنجو اباڻو مذهب ڇڏي، عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو. ان ڪري ڪارل مارڪس کي يهودي سڏڻ بلڪل غلط آهي. سندس ماءُ هالئنڊ جي هڪ مڇيءَ مانيءَ لائق گهراڻي مان هئي. ڪارل مارڪس کي ٽي ڀائر ۽ پنج ڀينرون هيون. ڀائر ته جوانيءَ ۾ ئي مري ويا، البت ٽي ڀينر ڪارل مارڪس جي فوتيءَ کان پوءِ به جيئريون رهيون.
ٽرائر جو شهر رهائن درياءَ جي خراج ڏيندڙ نديءَ موزيل جي ڪناري تي وسيل آهي. اها جاءِ فرانسي سرحد جي گهڻو ويجهو هئي، تنهنڪري اتان جي ماڻهن تي فرانس جي انقلابي نظرين جو گهرو اثر هو. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾، جڏهن نپولن ان علائقي کي پنهنجيءَ سلطنت ۾ شامل ڪيو، ته اتي فرانسي قانون هلڻ لڳا. جيتوڻيڪ هائن رِڪ مارڪس نپولن کي سخت ناپسند ڪندو هو، پر فرانس جي ”روشن خيال تحريڪ“ (Enligtenment Movement) جو وڏو چاهيندڙ هو، تنهنڪري سندس لائبريريءَ ۾ والٽيئر، روسو، لاڪ، لائب نيز، لسنگ ۽ ٻين روشن خيال مفڪرن جا تمام گهڻا ڪتاب موجود هئا. سندس آزاد خياليءَ جي ڪري مقامي پوليس هن جي باقاعدي نگراني به ڪندي هئي. رهائن واديءَ جو اهو علائقو جيتوڻيڪ نپولن جي هار کان پوءِ (1815ع) جرمنيءَ کي واپس ملي ويو هو، پر فرانسي انقلاب جا اثر پاڻيءَ تي ٺهيل نقش نه هئا، جو هوا جي گهلڻ سان مٽجي وڃن ها.
نپولن جي شڪست کان پوءِ، يورپ ۾ انقلاب دشمن طاقتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مٿڀرائي حاصل ٿي وئي هئي. انهن ۾ پهرين ته آسٽريا هنگريءَ جي سلطنت هئي، جنهن جي گادي ويانا هئي ۽ جتي ميٽرنڪ جهڙو چالاڪ سياستدان وزيراعظم هو. ٻي زار روس جي سلطنت هئي، ٽين برطانوي سلطنت هئي ۽ چوٿين پروشيا (جرمني) جي بادشاهت هئي. جرمني تنهن وقت تائين هڪ مملڪت نه بڻيو هو پر 38 خودمختار رياستن ۾ ورهايل هو. اهي ڏاڍيون پٺتي پيل زرعي رياستون هيون، جن جا مالڪ ڊيوڪ سڏائيندا هئا. انهن جا ڌار ڌار قانون هئا ۽ الڳ الڳ ناڪي ۽ ٽيڪس جا قاعدا. ان ڪري جرمن صنعتڪارن ۽ واپارين کي پنهنجي مال جي ڏيتي ليتيءَ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. انهن عملدارين ۾ عوام جا نمائندا ۽ ادارا به موجود نه هئا. پروشيا جي رياست سڀني کان وڏي هئي پر اها به ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. اتر_ اوڀر جو زرعي پاسو، جيڪو وڏن وڏن جاگيردارن ۽ فوجي جنرلن جي قبضي ۾ هو ۽ رهائن درياءَ جي وادي، جيڪا نسبتاً صعنتي هئي. ان علائقي ۾ هنڌين ماڳين فيڪٽريون لڳي رهيون هيون ۽ سرمائيدار طبقو هوري هوري اڀرڻ لڳو هو.
انقلاب دشمن طاقتن 1815ع ۾ يورپ جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ، جيڪا ڪانفرنس ويانا ۾ منعقد ڪئي، ان جا بنيادي مقصد ٻه هئا. پهريون هي ته فرانس جي سياسي قوت کي ايڏو ته ڪمزور ڪجي، جو اها ٻيهر اڀري نه سگهي ۽ ٻيو هي ته انقلابي تحريڪن جو هميشه لاءِ ڪو حل ڪڍي وٺجي. ڪانفرنس جي فيصلي موجب، فرانس ۾ بوربن خاندان جي پراڻي بادشاهت بحال ڪئي وئي ۽ فرانس جا سڀ قبضا ڪيل علائقا کانئس کسيا ويا. ان سان گڏوگڏ جرمنيءَ جي 38 رياستن جي هڪ فيڊريشن ٺاهي وئي ۽ ان جي اڳواڻي پرويشيا جي حوالي ٿي. جمهوري تحريڪن جي مڪمل حل جي سلسلي ۾ طي ڪيو ويو ته اتحادي ملڪن ۾ تحرير ۽ تقرير، جلسي جلوس، تنظيم سازيءَ، ڇپائيءَ ۽ پڙهڻ پڙهائڻ تي سخت پابنديون لڳايون وڃن. پر ڏکيائي اها هئي ته پروشيا جي بادشاهه فريڊرڪ وليم نپولن خلاف جنگ دوران عوام سان واعدو ڪيو هو ته فتح کان پوءِ ملڪ ۾ جمهوري آئين نافذ ڪيو ويندو، ان ڪري جنگ ختم ٿي ته جتان ڪٿان جمهوري آئين جو مطالبو ٿيڻ لڳو. فريڊرڪ وليم جي نيت پهريان ئي صاف نه هئي. ويانا ڪانگريس جي فيصلي سان کيس بهانو ملي ويو ۽ هن جمهوري آئين نافذ ڪرڻ کان نه رڳو انڪار ڪري ڇڏيو پر اڃا به قهري ڪاررواين تي لهي پيو. بادشاهه جي ان عهد ٽوڙڻ خلاف سڀ کان پهرين ڪاليج جي شاگردن آواز اٿاريو. جينا يونيورسٽيءَ ۾، جيڪا تن ڏينهن ۾ شاگردن جي تحريڪ جو مرڪز هئي، هنن پنهنجي هڪ تنظيم به ٺاهي هئي، جنهن جو نالو برشن شافت (Bursohn chaft) هو. اها تنظيم ايڏي ته مشهور ٿي، جو ڏسندي ئي ڏسندي ان جون شاخون ٻين سورهن يونيورسٽين ۾ به کلي ويون. تڏهن، شاگردن آڪٽوبر 1817ع ۾ هڪ ملڪي ڪانفرنس منعقد ڪئي، جيڪا تمام ڪامياب ٿي، جنهن سان شاگردن جا حوصلا به ڏاڍا وڌيا. اتفاق سان انهن ئي ڏينهن ۾ دهشت انگيزيءَ جا ڪجهه حادثا به ٿيا.
ميٽرنڪ کي، جيڪو يورپ جو فولادي مرد هو، انهن سرگرمين جي خبر پئي ته هن جرمن رياستن جي هڪ ڪانفرنس گهرائي. هو جمهوريت ۽ آئين جي نالن کان چڙندو هو، تنهنڪري سندس هدايت موجب ڪانفرنس ۾ طي ٿيو ته:
1- جرمن رياستون ڪنهن به قسم جو جمهوري آئين نه ٺاهينديون.
2- يونيورسٽين جي پروفيسرن ۽ شاگردن جي سخت نگراني ڪئي ويندي ۽ هر هڪ يونيورسٽيءَ ۾ سرڪاري محتسب مقرر ڪيا ويندا، جن جو ڪم استادن ۽ شاگردن جي سرگرمين کي چڪاسڻ هوندو.
3- جمهوري لاڙو رکندڙ استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو.
4- شاگردن جون سڀئي تنظيمون ۽ انجمنون ٽوڙيون وينديون.
ان فيصلي کان پوءِ، سڄي جرمنيءَ ۾ دانشورن، اخبار نويسن ۽ شاگردن جون گرفتاريون شروع ٿي ويون، روشن خيال استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو، شاگردن جون انجمنون ٽوڙيون ويون ۽ سندن اڳواڻن کي جيلن ۾ وڌيو ويو.
1830ع ۾، جڏهن فرانس ۾ ٻيهر انقلاب آيو ۽ بادشاهه ”چارلس ڏهين“ کي تخت ڇڏي ملڪ مان ڀڄڻو پيو ته پروشيا کي ڳڻتي وٺي وئي ته ڪٿي باغي عنصر جرمنيءَ ۾ به نه اڀرن، تنهنڪري پريس ۽ تعليمي ادارن جي نگرانيءَ لاءِ اڳ کان به وڌيڪ سخت قانون لاڳو ڪيا ويا، مڙني سياسي سوسائٽين کي قانون خلاف قرار ڏنو ويو ۽ عوامي جلسن تي بلڪل پابندي مڙهي وئي.
هاڻي روشن خيال المانوي (جرمن) دانشورن لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ نه هئي ته ملڪ جي سماجي ۽ سياسي مسئلن تي فلسفي جي حوالي سان بحث ڪن ۽ ان طرح ماڻهن جو جمهوري شعور جاڳائن، تنهنڪري اينجلس لکي ٿو ته، ”جيڪو تاريخي ڪردار برطانيا ۾ صنعتي انقلاب ۽ فرانس ۾ سياسي انقلاب ادا ڪيو، اهوئي تاريخي ڪردار اڻويهين صديءَ ۾ جرمنيءَ ۾ فلسفياڻي انقلاب ادا ڪيو.“
ڪارل مارڪس جو ننڍپڻ ان ئي ماحول ۾ گذريو، ماءُ کي ته خير نو عدد ٻارنجي سنڀال کان واندڪائي ئي نه ملندي هئي، البت پيءُ، ڪارل مارڪس سان گهڻو پيار ڪندو هو ۽ سندس دلي آرزو هئي ته پٽ پڙهي لکي وڏو ماڻهو بڻجي. تنهنڪري هن ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. ڪارل مارڪس به پيءُ سان گهڻي محبت ڪندو هو، ان ڪري وڏو ٿي به، هو سندس شفقتن جو ذڪر ڏاڍي ادب سان ڪندو هو، ايستائين جو جلاوطنيءَ جي ڏينهن ۾ پيءُ جي تصوير سدائين ڪارل مارڪس جي ميز تي رکيل هوندي هئي. ڪارل مارڪس جي وفات کان پوءِ اينگلز اها تصوير مارڪس جي تابوت ۾ رکي ڇڏي.
ڪارل مارڪس کي مضمون نگاريءَ کان سواءِ يوناني ۽ لاطيني ڪلاسيڪي ادب جو شوق اسڪولي وقت کان ئي هو، جتي کيس استاد به روشن خيال مليا، جن هن لائق شاگرد جي مڪمل حوصلي افزائي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ (1833ع) حڪومت جي عام ظالماڻي پاليسيءَ جي ابتڙ شاگردن ۾ بي چيني وڌي رهي هئي. مارڪس جو اسڪول به ان کان متاثر ٿيو، تنهنڪري هڪ ڀيري پوليس اسڪول تي ڇاپو هنيو ته اتان گهڻو ئي منع ٿيل ادب ظاهر ٿيو ۽ اهڙا نظم به مليا جن ۾ حاڪمن تي ڏاڍيون ٽوڪون ڪيل هيون. ان سلسلي ۾، هڪ شاگرد کي گرفتار به ڪيو ويو.
ڪارل مارڪس 1835ع ۾، اسڪول مان نڪرڻ وقت ”ڌنڌي جي چونڊ“ موضوع تي، جيڪو الوداعي مضمون لکيو هو، تنهن مان ان نوجوان شاگرد جي ذهني لاڙن جو بخوبي اندازو ٿي وڃي ٿو. مارڪس ان مضمون ۾ اهو خيال ظاهر ڪيو ته ماڻهوءَ کي اهوئي ڌنڌو (ڪم) ڪرڻ گهرجي جنهن سان انسان ذات جي وڌ ۾ وڌ خدمت جو موقعو ملي سگهي. هو ڄاڻي پيو ته ڌنڌي جي چونڊ سولي ناهي هوندي، ڇو ته ”اسان پاڻ کي جنهن ڌنڌي لاءِ موزون سمجهندا آهيون، پر ڪڏهن به اسان اهو ڌنڌو اختيار نه ڪري سگهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ جو اسان سوسائٽيءَ ۾ پنهنجو مقام متعين ڪيون، سوسائٽيءَ ۾ اسان جا رشتا متعين ٿي چڪا هوندا آهن. پوءِ به اسان کي گهرجي ته خودغرضيءَ کان بچون.... جيڪڏهن ڪو ماڻهو فقط پنهنجيءَ ذات لاءِ ڪم ڪري ته گهڻو ممڪن آهي ته هو وڏو عالم فاضل انسان بڻجي وڃي يا وڏو عارف يا شاعر ٿي وڃي، پر هو مڪمل انسان يعني عظيم انسان ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي.“
ٽرائر ۾ تعليم پوري ڪري، ڪارل مارڪس سيپٽمبر 1835ع ۾ بون يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. سندس خاص مضمون قانون ۽ فلسفو هئا، پر هو يونان ۽ روم جي آڳاٽي تاريخ، هومر جي شاعريءَ ۽ جديد آرٽ جي ڪلاسن ۾ به وڏي باقاعدگيءَ سان شريڪ ٿيندو هو. هو شاعري به ڪندو هو ۽ يونيورسٽيءَ جي شاعرن جي حلقي جو رڪن هو. ان دوران سندس مڱڻو وڏيءَ ڀيڻ صوفيه جي سهيلي جيني فان ويسٽ فالين سان ٿي ويو. جينيءَ جو پيءُ لُدويگ فان ويسٽ فالين پروشيا حڪومت طرفان ٽراءِ ۾ هڪ وڏي عهدي تي مقرر هو ۽ سندس ماءُ اسڪاٽ لئنڊ جي نوابزادي هئي. ڪارل مارڪس ۽ جيني جا گهر هڪ ٻئي جي ويجهو هئا ۽ سندن والدين جا تعلق به پاڻ ۾ دوستاڻا هئا. ڪارل مارڪس ۽ جيني ننڍپڻ کان ئي هڪ ٻئي کي گهڻو چاهيندا هئا ۽ جڏهن هنن وڏو ٿي، والدين کي شاديءَ جي درخواست ڪئي ته اهي راضي ٿي ويا. البت شرط اهو هو ته ڪارل مارڪس يونيورسٽيءَ ۾ دل لڳائي پڙهندو ۽ هڪ سال تائين جيني سان نه ملندو.
جيني شهر جي سڀني کان سهڻي ڇوڪري سمجهي ويندي هئي. سندس والدين جو شمار امير طبقي ۾ ٿيندو هو. هوءَ چاهي ها ته ڪنهن نوابزادي سان شادي ڪري سگهي پئي، پر هوءَ ذات جي حسن کان سواءِ اعليٰ صفتون به رکندڙ هئي. هوءَ ڪارل مارڪس سان محبت ڪندي هئي، تنهنڪري ان محبت خاطر هن دنياوي ٺٺ ٺانگر ۽ عيش آرام جي زندگيءَ کي ٿڏي ڇڏيو ۽ هڪ مفلس انقلابيءَ سان سڄي ڄمار غربت ۾ گذاري ڇڏي. هن جلاوطنيءَ جون مصيبتون سَٺيون، بکون برداشت ڪيون، قرض ڏيندڙ جون ڳالهيون ٻڌيون، ڪڏهن گهر جون شيون وِڪيون، ڪڏهن ڏاج ۾ مليل ٿانوَ گروي رکيا، پر مڙس سان تنگ دستيءَ جي شڪايت نه ڪئي، نه هن جي انقلابي سرگرمين تي اعتراض ڪيو ۽ نه ئي هن جي لکڻ پڙهڻ جي مصروفيتن ۾ رنڊڪ وڌي، اڃا به هر ڏکئي وقت ۾ هن کي آٿت ڏيندي رهي. سندس ٻار بکن ۽ بيمارين ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا، پر ان عزتدار عورت جي عزم ۽ استقلال ۾ ذرو به فرق نه آيو. سندس ڀاءُ جرمنيءَ جو وزير داخلا هو. هن ڀيڻ کي لکيو ته وطن موٽي اچو، مان اوهان جي ڪفالت ڪندس. غيرتمند ڀيڻ جواب ڏنو ته مون مارڪس ۽ سندس انقلابي خيالن (نظرين) سان شادي ڪئي آهي. جرمنيءَ ۾ انهن ٻنهي جي گنجائش ناهي، ته مون کي اهڙي جرمني نه گهرجي.
جينيءَ جو پيءُ، هونئن ته اميرن جي طبقي مان هو، پر منجهس اميرن جهڙو ڏيکاءُ بنهه نه هو. هو وڏو روشن خيال ماڻهو هو. ايستائين جو هن ڪارل مارڪس کي سڀني کان اڳ فرانس جي خيالي سوشلسٽ سائمن جي نظرين سان متعارف ڪرايو هو. ڪارل مارڪس به سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ کيس پنهنجو روحاني استاد مڃيندو هو. هن پنهنجي پِي ايڇ ڊِي (Ph.D) جي ڊگري لدويگ ويسٽ فالين جي نالي ڪئي هئي.
ڪارل مارڪس لڳ ڀڳ هڪ سال بون يونيورسٽيءَ ۾ رهيو، پر پوءِ پيءُ جي اصرار تي، جولاءِ 1836ع ۾ برلن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، جيتوڻيڪ برلن هن کي صفا پسند نه هو. ڪٿي اها رهائن درياءَ جي سرسبز وادي ۽ نيرو آسمان ۽ چمڪندڙ سج ۽ ڪٿي ڪڪرن ۽ دونهين ۾ وڪوڙيل برلن جا صبح ۽ شامون. ڪارل مارڪس جو جيڪو وقت تعليم مان بچندو هو، اهو عشقيه نظم لکڻ ۾ سيڙائيندو هو، ان سان هن هڪ سال ۾ ئي نظمن جا ٽي ڪتاب ”پنهنجي پياري ۽ دل نواز جينيءَ“ جي نذر ڪيا. انهن مان ٻه نظم 1838ع ۾ هڪ مقامي رسالي ۾ ڇپيا به. مارڪس جي سڀ کان پهرين ڇپيل تحرير، اهي نظم هئا. هن ڊراما لکڻ جي ڪوشش به ڪئي، هڪڙو طنزيه ناول به لکيو، پر هن جون اهي تخليقون اڻ پوريون رهيون (سندس اهي شاعراڻيون تخليقون هاڻي انگريزيءَ ۾ ڇپجي چڪيون آهن). انهن ۾ انقلابي رومانيت جو انداز جتي ڪٿي ملي ٿو ۽ ڀرپاسي جي حالتن جي ٿوري گهڻي آسودگي به آهي. مثال طور هيگل بابت هڪ نظم ۾ آتم ڪهاڻيءَ جو تاثر ملي ٿو:
”ڪانٽ ۽ فيختي ته نيري آسمان تي اڏندا هئا
۽ پراهن هنڌن جا سراغ ڳوليندا هئا،
پر مان ڪوشش ڪندو آهيان
ته گهٽين ۽ بازارن ۾ جيڪا صداقت ملي،
ان کي پنهنجيءَ پڪڙ ۾ آڻيان.“
پر ڪارل مارڪس کي ستت ئي اندازو ٿي ويو ته هو شاعريءَ جي کيتر جو ماڻهو ناهي، تنهنڪري هو پنهنجو گهڻو وقت فلسفي ۽ قانون جي اڀياس ۾ سيڙائڻ لڳو. هو جيڪو ڪجهه پڙهندو هو، ان بابت پيءُ کي تفصيلي خط لکندو هو ۽ سندس پيءُ به هن کي پنهنجون صلاحون ڏيندو هو. البت هن جا جيڪي خط پُٽ جي نالي هٿيڪا آهن (۽ هاڻي انگريزيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن)، انهن ۾ هو مارڪس کي هر هر تاڪيد ڪري ٿو ته تون پنهنجيءَ پسند جا مضمون پڙهه ۽ پاڻ کي منهنجين صلاحن جو ڪڏهن به پابند نه سمجهه. ٻئي ڄڻا خطن ۾ هڪ ٻئي سان علمي بحث به ڪندا هئا. 10 نومبر 1838ع جي هڪ خط مان معلوم ٿئي ٿو ته مارڪس برلن پهچڻ جي هڪ ورهه اندر ئي روايتي تصور پرستيءَ جي اثر کان آجو ٿي ويو هو ۽ دنياوي حقيقتن جي پاڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
”مان تصور پرستيءَ کان اڳتي نڪري آيو آهيان. منهنجو اڃا تائين اهو خيال هو ته تصور پرستيءَ مان مراد ڪانٽ ۽ فيختي جي تصور پرستي آهي، ڇو ته مون تصور پرستيءَ جو شعور انهن ٻنهي کان حاصل ڪيو هو، پر هاڻي مان حقيقت جي اندر تصور جي جستجو ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن اڳ ديوتا زمين کان پري آسمان تي رهندا هئا ته هاڻي اهي زمين جو مرڪز بڻجي ويا آهن.“
انهيءَ خط ۾، اڳتي مارڪس پنهنجين فلسفياڻين ڪاوشن تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته منهنجي غلطي اها هئي ته مون سچائيءَ کي زندهه ۽ هر پاسي ترقي ڪندڙ حقيقت نه سمجهيو، جيتوڻيڪ:
”خارجيت جو مطالعو ان جي ارتقائي عمل ۾ ڪرڻ گهرجي، نه ڪي من پسند خانن ۾ ورهائي. خارجيت جو منطقي ڪردار ان طرح اڀرڻ گهرجي ڄڻ تضاد ان جي رڳن ۾ هلندڙ آهن ۽ ان جي وحدت (هيڪڙائي) به خود خارجيت جي اندر ئي موجود آهي.“
هيءَ تحرير چٽو ٻڌائي ٿو ته لکندڙ هيگل جي جدليت کان بيحد متاثر آهي. مارڪس لاءِ هيگل جو فلسفو ڪو انڪشاف ته نه هو، ڇاڪاڻ ته برلن اچڻ کان اڳ ئي، هو هيگل جون ڪجهه تصنيفون پڙهي چڪو هو، البت هيگل جو تفصيلي مطالعو هن برلن پهچڻ کان پوءِ 1837ع ۾ ڪيو.
هيگل کي جديد يورپ جو سڀ کان وڏو فلسفي سمجهي ويندو آهي. هو 1770ع ۾ ڏکڻ جرمنيءَ جي شهر اسٽٽ گارٽ ۾ پيدا ٿيو، جتي ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ ٽوبنگن يونيورسٽيءَ جي شعبي دينيات ۾ داخل ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ فرانس ۾ انقلاب آيو ته يونيورسٽيءَ جي شاگردن انقلاب جو آڌرڀاءُ وڏي گرم جوشيءَ سان ڪيو. نوجوان هيگل به جلسن ۾ باغياڻيون تقريرون ڪيون ۽ انقلابي گيت ڳاتا. جيتوڻيڪ وڏو ٿي، سندس خيالن ۾ گهڻيون هيٺ مٿاهيون آيون، ته به هو مرڻ گهڙيءَ تائين فرانسي انقلاب جي تاريخي عظمتن جو اقرار ڪندو رهيو. پر حقيقت هيءَ آهي ته سندس اڪثر نظريا فرانسي انقلاب مان ئي ورتل آهن. ستن سالن تائين، هو فلسفي جو شاگرد رهيو ۽ هن ڪلاسيڪي فلسفين کان سواءِ ڪانٽ، هپائنوزا، فيختي ۽ شيلنگ جو مطالعو ڏاڍي غور سان ڪيو. 1801ع ۾ هو جينا يونيورسٽيءَ جي شعبي فلسفي ۾ شامل ٿيو ۽ شيلنگ سان گڏجي فلسفي جو هڪ رسالو به شايع ڪندو رهيو. 1807ع ۾ سندس پهريون ڪتاب ”روح جا لقاءَ“ (مظهريت) (Phenomenology of Spirit) ڇپيو. ساڳئي سال جينا شهر تي نپولن حملو ڪيو ۽ هيگل کي ملازمت ڇڏڻي پئي. 1808ع کان 1816ع تائين هو نيورمبرگ ۾ تعليم ڏيندو رهيو. ان دوران هيگل پنهنجو ٻيو ڪتاب ”منطق جي سائنس“ (Science of Logic) لکيو. هن 1816ع کان 1818ع تائين، هائڊل برگ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏنا. نپولن جي شڪست کان پوءِ جڏهن يورپ ۾ رجعت پرستيءَ زور ورتو ته هيگل جي سياسي خيالن ۾ به گهڻي تبديلي آئي ۽ هوري هوري ڳالهه اتي اچي دنگ ڪيو جو هيگل پروشيا جي ظالماڻي ملوڪيت جو انتهائي حامي ٿي پيو. 1818ع ۾ جڏهن فيختي کي برلن يونيورسٽيءَ مان دهريو هجڻ جي الزام هيٺ ڪڍيو ويو، ته يونيورسٽيءَ جي حاڪمن هيگل کي فلسفي جي شعبي جو صدر مقرر ڪيو. هيگل وفات تائين (1831ع) برلن يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو پڙهائيندو رهيو. ان ئي دوران سندس ڪتاب ”فلسفياڻين سائنسن جو انسائيڪلوپيڊيا“ (Philosophical Sciences) ڇپيو. هيءُ ڪتاب منطق، قدرت جي فلسفي ۽ روح جي فلسفي تي مشتمل آهي. 1820ع ۾ هيگل ”حق جو فلسفو“ (Philosophy of Rights) جي نالي ڪتاب لکيو جيڪو سندس زندگيءَ ۾ ڇپيو. سندس وفات کان پوءِ، شاگردن هن جي ليڪچرن کي به سهيڙي ڇپرايو، جن ۾ ”تاريخ جو فلسفو“ سڀني کان اهم آهي.
هيگل لغتِي ذهن وارو ماڻهو هو. شايد ئي ڪو علمي يا سماجي مسئلو اهڙو هجي، جنهن بابت هن پنهنجن فلسفياڻين نظرين جي روشنيءَ ۾ تفصيلي بحث نه ڪيو هجي. منطق تاريخ، مذهب، اخلاق، سائنس ۽ جماليات، مڙني بابت هن جون تحريرون آهن. جنهن دؤر ۾ ڪارل مارڪس برلن يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، تنهن وقت هيگل جي مشهوري چوٽ چڙهيل هئي. جرمنيءَ جي هر هڪ شهر ۾ ”هيگل ڪلب“ قائم هئا. تعليمي ادارن جا گهڻا ئي استاد ۽ مشهور شاگرد، اخباري نمائندا، ايستائين جو سرڪاري آفيسر ۽ وزير به پاڻ کي هيگل جا پيروڪار چوندي فخر محسوس ڪندا هئا. حڪومت به هيگل کي پنهنجيءَ سرپرستيءَ هيٺ ورتو هو، ڇاڪاڻ ته هيگل جي تعليمن جا ڪجهه پاسا حڪومت لاءِ بيحد ڪارائتا هئا. مثال طور هو چوندو هو ته رياست اخلاقي تصور جي حقيقت موجب ”مڪمل معقوليت“ ۽ ”مقصد واري“ (مقصد بالذات) آهي ۽ جرمن رياست، رياست جي ارتقا جو آخري نقطو آهي. نيٺ به، پروشيا جي ظالم حڪومت کي پنهنجيءَ حمايت ۾ هيگل کان وڌيڪ موزون وڪيل ٻيو ڪٿي ملي سگهي پيو.
هيگل جو فلسفو
هيگل جي فڪري سرشتي جو محور ”مطلق تصور“ (Absolute Idea) جو نظريو آهي. وٽس مطلق تصور ئي قدرت جي مڙني ڏيکن ۽ سماجي حقيقتن جو سرچشمو آهي. ان مطلق تصور لاءِ هيگل ”گائسٽ“ (Geist) جو اصطلاح ڪتب آندو آهي. هيگل موجب اهو مطلق تصور شَي جو شَي ۾ هجڻ (وجود بالذات آهي)، ”ڪائنات جو جوهر“ آهي، ”ڪل عقل“ آهي، ”عالم جو روح“ آهي. ”هيڪڙائي“ آهي، ”ابديت“ آهي، مطلب ته ان مطلق تصور ۾ سڀئي خدائي خاصيتون شامل آهن، اڃا به هو خود خدا آهي. ڌيان سان ڏسجي ته هيگل جو ”مطلق تصور“ جو تصور صوفين جي ”همه اوست“ ۽ ”وحدت الوجود“ جي عقيدن سان ملندڙ جلندڙ ڏيکاربو.
پر هيگل جڏهن اها دعويٰ ڪري ٿو ته مطلق تصور ڪائنات جو جوهر (سَت) آهي، ته ان جوهر مان هيگل جو مطلب ڇا آهي؟ ان جي تشريح هڪ مثال سان ڪنداسين. مثال طور، مان جيڪڏهن حقيقي انب، صوف يا بادام جي حوالي سان ”ميوي“ جو عام تصور ڪيان ۽ پوءِ اهو سمجهڻ لڳا ته ميوي جو جيڪو مخصوص تصور مون حقيقي ميون مان ورتو هو ته اهو مخصوص تصور منهنجي ذهن کان ٻاهر حقيقي وجود وارو آهي، ته چيو ويندو ته ”ميوو“ انبن، صوفن ۽ بادامن جو جوهر (Substance) آهي، يعني انب، صوف ۽ بادام جي بنيادي خاصيت اها ناهي ته اهو انب، صوف يا بادام آهي، انهن جو حقيقي وجود اهو ناهي جيڪو اسان جون اکيون ڏسن ٿيون، هٿ ڇهن ٿا ۽ زبانون چکن ٿيون، پر حقيقي وجود اهو جوهر آهي جنهن کي مون حقيقي انبن، صوفن ۽ بادامن مان اخذ ڪيو هو ۽ پوءِ انهن ميون تي ٿاڦيو هو، تنهنڪري مون وٽ انب، صوف ۽ بادام ”ميوي“ جي جوهر جي وجود جون مختلف شڪليون هونديون، ان جوهر جو ٻيو نالو وحدت آهي.
پر انب، صوف ۽ ڏاڙهون جيڪڏهن فقط جوهر يا ”ميوا“ آهن، ته اهي ڪڏهن انب جي شڪل ۾، ڪڏهن صوف جي صورت ۾ ۽ ڪڏهن ڏاڙهونءَ جي روپ ۾ ڇو ظاهر ٿيندا آهن؟ مظهرن ۾ اها گهڻ روپي ڇو آهي؟ هيگل چوي ٿو ته ”ميوو“ ڪو مئل يا غيرمتحرڪ شَي ناهي، پر زنده ۽ متحرڪ حقيقت آهي. هي جيڪي قسمين قسمين ميوا آهن، ته حقيقت ۾ اهي ”واحد“ ميوي جي زندگيءَ جا مختلف ڏيک آهن. انب ۾ اهو ”ميوو“ انب جهڙو وجود وٺي ٿو، صوف ۾ صوف جهڙو ۽ ڏاڙهونءَ ۾ ڏاڙهونءَ جهڙو، تنهنڪري اهو چوڻ صحيح ناهي ته انب ميوو آهي، صوف ميوو آهي يا ڏاڙهون ميوو آهي، پر حقيقت اها آهي ته ”ميوو“ (جوهر) انب طور ظاهر ٿئي ٿو، صوف طور ظاهر ٿئي ٿو، ڏاڙهونءَ طور ظاهر ٿئي ٿو. جيڪڏهن انب، صوف ۽ ڏاڙهون هڪ ٻئي کان مختلف آهن، ته اهو فرق اصل ۾ ”ميوي“ جي خوديءَ جي گهڻ روپيءَ جو فرق آهي. اهي اختلاف انهن ميون کي ”ميوي“ (جوهر) جي حياتيءَ جي عمل (Life Process) جي تابع ڪن ٿا. اڪيلو ميوو (جوهر) اصل ۾ هڪ وحدت آهي ۽ ان وحدت مان ڪثرت ٿئي ٿي.
هاڻي اچو مطلق سبب (Absolute Reason) طرف.
هيگل پنهنجي فلسفي جي ابتدائي سهيڙ فرانسي انقلاب جي ماحول ۾ ڪئي هئي ۽ هو پڇاڙيءَ تائين فرانسي انقلاب جي واکاڻ ڪندو رهيو.
مثلاً مرڻ کان اڳ، هن برلن يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي فلسفي تي جيڪي ليڪچر ڏنا هئا، تن جي پڄاڻيءَ تي هن چيو هو ته فرانسي انقلاب فلسفي جو نتيجو هو ۽ فلسفو عالمي ڏاهپ آهي. فرانسي انقلاب جي اهميت ٻڌائيندي هن چيو هو:
”جڏهن کان سج پنهنجي مدار تي بيٺل آهي ۽ گرهه ان جي چوڦير ڦري رهيا آهن، ڪنهن به اهو نه سوچيو ته انسان جو وجود ان جي مٿي ۾ يعني خيال ۾ سمايل آهي، جنهن کان متاثر ٿي هو حقيقت جي دنيا اڏي ٿو. انڪساغورث پهريون ماڻهو آهي، جنهن چيو هو ته عقل دنيا تي حڪومت ڪندو آهي، پر هاڻي کان اڳ تائين انسان ايڏي ترقي نه ڪئي هئي ته هو ان اصول کي مڃي ها ته خيال کي روحاني حقيقت تي حڪومت ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري اهو (فرانسي انقلاب) وڏو شاندار ذهني صبح هو ۽ سڀئي سوچيندڙ ان دؤر جي خوشين ۾ شريڪ ٿيا. ان وقت ماڻهن جي ذهنن کي انتهائي اعليٰ قسم جي جذبن متحرڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ سڄي دنيا هڪ روحاني جوش سان سرشار ٿي وئي هئي ۽ ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ الاهي ۽ دنيائي ۾ پهريون ڀيرو مفاهمت ٿي آهي.“
ارڙهين صديءَ ۾، فرانس ۾، روشن خياليءَ (Enlightenment) جا سڀئي مفڪر، ايستائين جو خيالي سوشلسٽ به ”عقل“ جي پيرويءَ جي هدايت ڪندا هئا. عقل، جيڪو عقيدي ۾ وهمن جي نفي ڪندو هو، جيڪو اميرن کي مليل سهولتن جي نفي ڪندو هو، جيڪو جاگيرداري سرشتي جي نفي ڪندو هو، جيڪو ملوڪيت جي الاهي حق جي نفي ڪندو هو، جيڪو گٺل پيٺل فڪرن ۽ قدرن جي نفي ڪندو هو ۽ جيڪو روشن خياليءَ جي حق ۾ هو، صنعت ۽ سائنس جي حق ۾ هو، آزاديءَ ۽ برابريءَ جي حق ۾ هو، جمهوريت جي حق ۾ هو. مطلب ته فرانسي انقلاب جو حرڪي ۽ توانائيءَ سان ڀرپور اصول عقل (Reason) ئي هو. تنهنڪري فرانسي انقلاب جي پهرئين اڳواڻن روبيس پيئر چيو هو ته ”عقل اسان جو اعليٰ روح آهي. اسان جي عظيم انقلاب جي اصولن جي تبليغ هٿيارن جي قوت سان نه، پر عقل جي طاقت سان ٿيندي.... سڀئي انتر منتر سچائيءَ اڳيان ڀڄي ويندا ۽ سڀ چريائپون/ حماقتون عقل اڳيان جهڪي پونديون.“ عقل ڄڻ ته فرانسي انقلاب جو اتم نالو هو.
هيگل جو به خيال هو ته فرانسي انقلاب جي اهميت اهائي آهي ته تاريخ ۾ ماڻهوءَ پهريون ڀيرو پنهنجي دماغ تي ڀروسو ڪرڻ سکيو ۽ زندگيءَ جي حقيقتن کي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو آهي. فرانسي انقلاب دوران ته هيگل ايڏو پرجوش هو، جو هن شيلنگ کي لکيو هو (1793ع) ته:
”عقل ۽ آزادي اسان جا اصول رهندا. اسان جي وقت جي اهميت اها آهي ته ڌرتيءَ تي ظلم ڪندڙ انسانن ۽ خدائن جي چوڦير تقدس جو جيڪو گهيرو ڪڍيل هو، اهو گم ٿي ويو آهي. فلسفي ماڻهو انساني وقار جي حق ۾ دليل ڏيندا آهن پر ماڻهو ان وقار کي محسوس ڪرڻ سکي ويندا. اهي پنهنجن انهن حقن جو، جيڪي ختم ڪيا ويا آهن، فقط مطالبو نه ڪندا، پر اهي ڦري وٺندا، پنهنجو ڪندا. مذهب ۽ سياست به ظلم ڪندڙن جو ساٿ ڏنو آهي. مذهب هاڻي تائين ماڻهو کي اهوئي سيکاريو آهي جيڪو ظالمن چاهيو هو يعني انسانيت جي گهٽتائي ۽ تذليل ۽ هو به ته انسان پنهنجي ڪوشش سان ڀلائيءَ (خير) تائين نه ٿو پهچي سگهي ۽ نه ئي پنهنجي شخصي جوهر جي تڪميل ڪري سگهي ٿو.“
اها ٻي ڳالهه آهي ته پندرهن سالن کان پوءِ هيگل انهن ئي ظالم قوتن سان ٺاهه ڪيو، جن جي مذمت هو 1793ع ۾ ڪندو هو. پر هن پنهنجي فڪري سرشتي ۾ ”عقل“ کي جيڪا جڳهه ڏني هئي، اها برقرار رهي.
عقل مان هيگل جو مطلب قدرتي ڏيکن/ مظهرن جي حرڪت جا قانون آهن. اهي قانون سڀني موجود شين ۾ هلندڙ آهن. مثال طور سج- سرشتي جي ڦيري جو قانون، پر نه ته سج کي ان قانون جو شعور آهي ۽ نه ئي سج جي چوڦير ڦرندڙ گرهن کي ان جي ڪا خبر پوي ٿي. هيگل چوي ٿو ته قديم يوناني فلسفي انڪساغورث جو به اهوئي خيال هو ته ڪائنات تي عقل جي حڪمراني آهي، پر انڪساغورث اُصول (عقل) مان قدرت کي اخذ نه ٿو ڪري بلڪ قدرت جي حرڪت مان اصول (عقل) کي اخذ ڪري ٿو ۽ اهو ته انڪساغورث قدرت کي عقل جي ارتقا تصور نه ٿو ڪري.
روح ڇا آهي ۽ ان جون مخصوص خاصيتون ڪهڙيون آهن؟ ان جي جواب ۾ هيگل چوي ٿو ته روح مادي جو بلڪل ضد آهي. جيڪڏهن مادي جو جوهر ڪشش آهي ته روح جو جوهر آزادي آهي. روح جون ٻيون سڀ صفتون ”آزادي روح جي اڪيلي سچائي“ آهي. مادو مرڪب هوندو آهي ۽ وحدت جو ڳولائو رهندو آهي. ان جي ابتڙ روح جو مرڪز خود روح جي اندر لڪل هوندو آهي. ان وحدت جو وجود ان کان ٻاهر ناهي هوندو، پر کيس اها وحدت پهريائين ئي مليل هوندي آهي. روح خود ڪفيل حقيقت آهي، ڇو ته مان جيڪڏهن خود ڪفيل نه هجان، پر محتاج هجان ته منهنجو وجود ڪنهن ٻيءَ شَي تي دارومدار رکندڙ هوندو، جيڪا شي مان پاڻ نه هوندس. مان ان پل صحيح معنيٰ ۾ آزاد هوندس جڏهن منهنجو وجود، منهنجي پنهنجيءَ ذات تي دارومدار رکندڙ هجي. روح جي انهيءَ خودڪفيل وجود کي وجود جو شعور به چوندا آهن، جنهن جا ٻه رُخ آهن. پهريون، جيڪو پنهنجيءَ فطرت جو ڄاڻو هجي ۽ ٻيو، توانائي، جيڪا وجود جي حاصلات جو سبب بڻجي، جيڪا وجود جي داخلي صلاحيتن کي ڪتب آڻي.
ان ڪري، آفاقي تاريخ روح يا مطلق تصور جِي ارتقا جي اظهار سان روح جي ڳجهين قوتن جي چٽي ٿيڻ سان، آزاديءَ جي شعور جِي ارتقا سان لکيل آهي. هتي، هيگل ٻج ۽ وڻ جو مثال ڏئي ٿو. ٻج، اصل ۾، امڪاني (Potential) وڻ آهي، جڏهن ته وڻ ٻج جي وجود جي حاصلات جو نالو آهي.
هاڻي سوال هي آهي ته روح پنهنجي تصور جي حاصلات لاءِ ڪهڙا ذريعا اختيار ڪري ٿو يعني آزاديءَ جو اصول وجود جي حاصلات لاءِ ڪهڙا ذريعا اختيار ڪري ٿو؟
هيگل چوي ٿو ته آزادي هڪ غيرترقي ڪيل تصور آهي جيڪو خارجي يا شهادتي ذريعا استعمال ڪري ٿو. روح جو تصور ۽ ان جا اصول ۽ مقصد وغيره ڳجها ۽ غيرترقي يافته جوهر آهن. انهن جو وجود امڪاني (Potential) آهي، ان ڪري ان کي ماڻڻ ۽ مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي عنصر کي شامل ڪرڻو پوندو. اهو ٻيو عنصر ماڻهوءَ جو عمل آهي، سندس ارادي جي حرڪي قوت آهي، تنهنڪري فقط انساني عمل ذريعي ئي مطلق تصور ۽ ان جي مخصوص خاصيتن جي حاصلات ٿئي ٿي، نه ته مطلق تصور ازخود لاچار ۽ بيوس آهي. اها حرڪي سگهه، جيڪا مطلق قوت ۽ ان جي خاصيتن کي هلائي ٿي، انسان جون ضرورتون، لاڙا، جبلتون ۽ جذبا آهن، ان ڪري تصور ۽ انساني ضرورتون آفاقي تاريخ جا جوڙجڪي ذرا آهن.
مختصر طور ايئن سمجهو ته آفاقي تاريخ جو مول ۽ مقصد روح جي مطلق تصور جي حاصلات آهي. عالمي تاريخ جي ابتدا هونئن ته قدرت (نيچر، فطرت) سان ئي ٿئي ٿي پر ان گهڙيءَ تائين سندس شڪل لڪل هوندي آهي، ان ۾ شعور ناهي هوندو. تاريخ جو ارتقائي عمل ان غيرشعوري وجدان کي شعور ۾ بدلائڻ ۾ ڪتب ايندو آهي. انساني عمل ۽ مفاد اهي طريقا ۽ ذريعا آهن جيڪي عالم جو روح پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي ۽ پنهنجن مقصدن کي شعور بخشيندو آهي.
انهن ذريعن ۽ طريقن سان ڪهڙو مقصد حاصل ٿئي ٿو؟ حقيقت جي مملڪت ۾ اها شي ڪهڙو روپ وٺي ٿي؟ ان جي جواب ۾ هيگل چوي ٿو ته رياست ئي آخري مقصد آهي. رياست آزاديءَ جي حاصلات آهي رياست اهو الاهي تصور آهي جيڪو ڌرتيءَ تي ظاهر ٿئي ٿو.
روح ۾ وجود جي اظهار لاءِ تخليقي سگهه موجود هوندي آهي. ”روح جو جوهر ئي پيدائش جي سگهه آهي.“ روح جي ان تخليقي عمل کي هيگل وجود جي معروضيت (Externalisation) (يا خارجيت) جو نالو ڏي ٿو. نيچر (فطرت) ۽ تاريخ ان ”وجود جي اخراج“ جا ٻه ڌار ڌار منطق آهن. روح جڏهن پنهنجو پاڻ کي ”مڪاني وسعتن“ ۾ ظاهر ڪندو آهي ته ان کي نيچر چوندا آهن. هيگل وٽ نيچر جي ڪا تاريخ ناهي يعني نيچر تي ارتقا جو قانون لاڳو نه ٿو ٿئي. نيچر ضرف پکيڙجي سگهي ٿي، پنهنجو پاڻ کي وري وري پيدا ڪري سگهي ٿي، پر نيچر ۾ ڪا ڦيرگهير يا تبديلي ممڪن ناهي. ماڻهن جڏهن هيگل کي ٻڌايو ته ڀونڀياسڪن (Geologists) ڌرتيءَ جي تهن مان اهڙن جانورن جا هڏاوان پڃرا لڌا آهن جيڪي هاڻي اڻلڀ آهن، ته هيگل اها حقيقت مڃڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته ان حقيقت سان سندس نظريي جي ترديد ٿئي پئي. تصور پرستن جي سوچ جو انداز اهوئي آهي ته جيڪڏهن واقعا ۽ حقيقتون سندن نظريي جي ترديد (انڪار) ڪنديون هجن، ته ان ۾ ڏوهه واقعن ۽ حقيقتن جو آهي، نه ڪو نظريي جو.
نيچر جي ابتڙ، انسان ۽ سندس معاشري جي هڪ تاريخ ٿئي ٿي، يعني انساني معاشري ۾ وقت سان گڏوگڏ تبديليون رهنديون آهن ۽ اهو ارتقائي ڏاڪا طي ڪندو رهندو آهي. نيچر ۽ انسان روح جا مختلف درجا ۽ ڏيک آهن. نيچر ۾ به روح هوندو آهي، پر اهو غيرشعوري هوندو آهي. ان ۾ پنهنجي وجود جو شعور ناهي هوندو. ان جي ابتڙ انسان ۾ روح شعور وٺندڙ هوندو آهي ۽ وجود جي شعور جي عمل ۾ رڌل رهندو آهي.
هاڻي، ٿيندو ايئن آهي ته شعور ماڻيل روح (انسان) غيرشعوري خارجيت (نيچر) جو مخالف (حريف) بڻجي ويندو آهي. ان صورتحال کي هيگل ذاتي لاتعلقي (Self Alienation) يا ذاتي ڇڪتاڻ (Self Estrangement) چوي ٿو، انسان ۽ خارجيت منجهه ويڙهه ڏاڍي شديد ٿيندي آهي.
”ان طرح روح پنهنجو پاڻ سان مقابلي ۾ هوندو آهي. کيس پنهنجو پاڻ کي شڪست ڏيڻي پوندي آهي، ڇو ته اهو خود پنهنجو انتهائي خطرناڪ حريف آهي. نيچر جي مملڪت ۾ جيڪا ترقي ٿيندي آهي، اها ته ڏاڍي پُرامن هوندي آهي، پر روح جي مملڪت ۾ اها ترقي ڏاڍي شديد ٽڪراءَ جو روپ وٺندي آهي. اصل ۾ روح پنهنجي تصوري وجود جِي حاصلات جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.“
ان سڄي ڳالهه ٻول مان اها ڳالهه چٽي ٿي وئي هوندي ته هيگل پنهنجي سڄي تصوريت باوجود انساني تاريخ ۾ ارتقائي عمل جو قائل آهي، يعني انساني تاريخ ۾ وٽس هڪ متحرڪ ۽ فعال حقيقت آهي جنهن ۾ رکي رکي تبديليون ٿينديون رهن ٿيون، پر ان حرڪت ۽ تبديليءَ جو قانون ڪهڙو آهي؟ ان جي جواب ۾ هيگل جدليات جو نظريو پيش ڪري ٿو: ”جدليات يا داخلي تضاد ڪائنات جو حرڪي اصول آهي.“
هيگل جي جدليات جون سرحدون قديم يوناني فلسفين جي استدلالي انداز سان هڪجهڙائي رکن ٿا، جيڪي بحث ذريعي مسئلي جي مختلف رُخن جو جائزو وٺندا هئا ۽ پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچندا هئا. افلاطون پنهنجن مڪالمن ۾ اهوئي طريقو اختيار ڪيو، پر هيگل پنهنجن پيشرُو المانوي فلسفين، ڪانٽ ۽ فيختي، کان گهڻو متاثر آهي. ڪانٽ به ضدن جي ميڙ (Antimonies) کي مڃيندو هو. سندس دعويٰ هئي ته سببن، وقت ۽ جڳهه (زمان ۽ مڪان) جي تصورن تي، متضاد رخن کان سوچي سگهجي ٿو ۽ اهي تضاد ”اهم ۽ لازمي“ آهن. البت هو ”وجودي شين“ ۾ تضاد کي نه مڃيندو هو. هيگل چوندو هو ته جيڪڏهن روح ۽ عقل اندر تضاد موجود آهي، ته ڪو سبب ناهي جو شيون ان کان مٿڀريون هجن. جدليات حقيقت جي هر حرڪت ۽ هر عمل جو اصول آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته هر محدود شي پائدار ۽ ڪامل هئڻ بدران ناپائدار ۽ بدلجندڙ آهي. اهائي محدود جي جدليات آهي. جنهن ذريعي محدود شي پنهنجين ڳجهين ڳالهين جي ڪري پنهنجو ضد ٿي پوندي آهي. اها جدليات فلڪي جسمن جي چرپرن ۾، سياسي انقلابن ۾ ۽ جذبن جي لاهه چاڙهه ۾ صاف پڌري آهي.
”جدلي آهنگ“ جون ٽي منزلون ٿين ٿيون. پهرين منزل مقدمو (Thesis) آهي پر هر مقدمي اندر ان جو ضد به لڪل ٿئي ٿو. ان مقدمي ۽ جواب مقدمي جي اندروني ٽڪراءَ سان، هڪ ٽين شَي ظاهر ٿئي ٿي، جنهن کي سنجوڳ آميزش (Synthesis) چون ٿا. هيگل اهي اصطلاح فتختي کان اڌارا ورتا هئا. هر نئين منزل پهرين منزل جي نفي ڪري ٿي ۽ هڪ نئين منزل جي اڳ ڪٿي ٿئي ٿي. اهو داخلي تضاد، اهو اندروني ٽڪراءُ ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿو سگهي، ڇو ته ڪائنات جي چرپر جو انحصار ان ئي قانون تي آهي.
روح ۽ تصور جو ارتقائي نظريو ۽ چرپر ۽ تبديليءَ جي جدلي نوعيت هيگل جي فلسفي جا انتهائي انقلابي رخ آهن. هيگل جا پيشرو تصوري فلسفي ۽ مذهبي اڳواڻ نه ته ڪائنات ۾ ارتقا ۽ تبديليءَ کي مڃيندا هئا ۽ نه ئي انسان جي فڪر ۽ عمل ۾ وٽن هر شَي مڪمل هئي. هيگل ان تڪميلي عهدي تي زبرو ڌڪ هنيو. ”هاڻي ڪابه حقيقت، ڪا به سچائي آخري اکر نه هوندي. هر شَي، هر ادارو، هر خيال بدلجندڙ، تبديل ٿيندڙ آهي. هر وجود هڪ ڏيک آهي ۽ ڏيک گذري ويندڙ آهي.“
هيگل جي وفات کان پوءِ سندس اعتقادي ٻن ٽولن ۾ ورهائي ويا. هڪ ٽولو قدامت پرستن جو هو جيڪو هيگل جي رجعتي خيالن کي ساراهي پيو، فلسفي ۽ مذهب جو ميلاپ ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ هو ۽ هيگل جي رياست واري فلسفي جِي پُر زور تائيد ڪندڙ هو. ان ٽولي کي سرڪاري سرپرستي به حاصل هئي.
ٻيو ٽولو، جيڪو ”ينگ هيگلينز“ (هيگل جا نوجوان پوئلڳ) سڏرائي پيو، عيسائي مذهب جي ڪجهه عقيدن کان انحراف ڪندڙ هو ۽ فلسفي کي ماڻهوءَ جي توڙي معاشري جي اصلاح لاءِ استعمال ڪرڻ جي حق ۾ هو. حڪومت ان ٽولي جي سرگرمين کي شڪي نظرن سان ڏسندي هئي، ڇو ته انهن نوجوانن جي خيالن سان روايتي عقيدا مجروح ٿيندا هئا ۽ ماڻهن ۾ اعتراض ۽ انڪار جو شعور اسرندو هو. اهو لاڙو بغاوت جي اڳ ڪٿي ثابت ٿي سگهيو پئي.
ان وقت، سياست جو ميدان ڪنڊن سان ڀريل هو، تنهنڪري ينگ هيگلينز سياسي مسئلن کي مذهبي بحثن جي روپ ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو. ان سلسلي جي پهرين ڪڙي ڊيوڊ اسٽراس جو ڪتاب ”مسيح جي زندگي“ هو، جيڪو 1835ع ۾ ڇپيو، ته سڄي ملڪ ۾ ڦڙڦوٽ پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ ته اسٽراس وڏي عالماڻي طريقي سان ثابت ڪيو هو ته حضرت مسيح عه به هڪ عام انسان هو ۽ پادري جيڪي معجزا ساڻس منسوب ڪن ٿا، اهي هٿ گهڙيا آهن، حقيقت سان انهن جو ڪو تعلق ناهي. اڃا اهو ڏڦيڙ ختم ئي نه ٿيو هو ته برونو بائر دعويٰ ڪئي ته حضرت مسيح عه جي شخصيت ئي بلڪل فرضي آهي يعني تاريخ ۾ سندس وجود ناهي ۽ انجيل جا سڀ واقعا مسيحي اڳواڻن جي تصنيف آهن. برونو بائر تن ڏينهن ۾ برلن يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو استاد هو.
مسيحي عقيدن جي خلاف اها جنگ فلسفي جي زبان ۾ وڙهي ويندي هئي ته جيئن سرڪاري محتسبن ۾ پادرين جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهي. ان جنگ کي ”وجود جي شعور“ ۽ ”جوهر“ جي وچ ۾ اٽڪاءَ سان منسوب ڪيو ويندو هو. سوالَ هن ريت ڏنا ويندا هئا ته ڇا انجيل جا معجزا بني اسرائيل جي غيرشعوري ۽ روايتي افساني سازيءَ جا ڪرشما آهن يا عيسائي اڳواڻن جو جعلسازيون؟ وري بحث کي اڳتي وڌائيندي، هي سوال پڇيو ويندو هو ته عالمي تاريخ جي فيصلي ڪُن ۽ فعال قوت ”جوهر“ آهي يا ”وجود جو شعور“؟ نوجوان دانشور هيگل جي اصطلاحن کي هٿيار طور استعمال ڪندا هئا.
هيگل جي نوجوان ارادتمندن ويجهو وجود جو شعور سڀ کان مٿاهين الاهيت هئي، ڇو ته ماڻهو خداوندي ذات جو مظهر هو. کيس جيڪڏهن پنهنجيءَ ذات جو شعور ٿي پوي ته ان کان وڌيڪ الاهيت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. هيگل جي فلسفي مطابق الاهي فطرت ۽ انساني فطرت ڌار ڌار حقيقتون ناهن پر جدلي وحدت آهن ۽ تاريخ لکت آهي محدود کان لامحدود ڏانهن ارتقا سان يعني تاريخ خدا جي وجود جي حاصلات آهي انساني ويس ۾. انهيءَ ڪري، اهي نوجوان مفڪر ”فلسفي جي حاصلات“ جو نعرو هڻندا هئا يعني دنيا جي اهڙي نئين ترتيب، جنهن ۾ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي ذاتي تجربي سان الاهيت جي حاصلات جا امڪان روشن ٿي پون. هيگل جي تعليمن مان اهو نتيجو ڪڍڻ وڏو انقلابي قدم هو، ڇو ته ان سان معاشري ۾ بنيادي تبديلين لاءِ راهون کلن پيون. انهن ڏينهن ۾ مذهب جرمنيءَ جي ظالماڻي حڪومت جو اهو پائو هو ۽ ان پائي تي هر هڪ ڌڪ اڻ سڌيءَ طرح جرمن ظالميت تي ڌڪ برابر هو.
انهن نوجوانن مفڪرن برلن يونيورسٽيءَ ۾ ”ڊاڪٽر ڪلب“ جي نالي سان پنهنجي هڪ ننڍي تنظيم ٺاهي هئي، جنهن جو روح روان آرنلڊ رُوج ۽ بُرونو بائر هئا. آرنلڊ روج شاگردن جي تحريڪ جي سلسلي ۾ ڇهه سال قيد ڀوڳي چڪو هو ۽ برونو بائر يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو استاد هو. ڪارل مارڪس به ان ڪلب ۾ شامل ٿيو، جيتوڻيڪ هو عمر ۾ ٻنهي کان گهڻو ننڍو هو، پر پنهنجيءَ ذهانت، لياقت ۽ ڳالهه جي تهه تائين پهچ سبب، جلد ئي ڪلب جي اهم رڪنن ۾ ليکجڻ لڳو.
مارڪس جو فلسفي سان لڳاءُ ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي ويو تنهنڪري 1839ع ۾ هن پنهنجي ڌنڌي جي چونڊ ڪري ورتي ۽ فلسفي ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري وٺڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. کيس يونان جي قديم فلسفي، تاريخ ۽ ادب تي ته عبور هيو، البت هيگل جي ارتقا جدليات جي اڀياس کيس نئين سوچ ڏني ۽ هن ”دمقراطيس ۽ ايپي قيورس جي قدرت جي فلسفي جي ڀيٽ“ کي پنهنجيءَ تحقيق جو موضوع بڻايو. اهي ٻئي مادي (Matterialist) فلسفي هئا ۽ مٿن مقالو لکڻ جو فيصلو ان ڳالهه جو دليل آهي ته مارڪس تنهن وقت به هيگل جو قيدي نه هو، پر پنهنجي لاءِ فڪر جون آزاد راهون ڳولي رهيو هو.
مارڪس جي انهن ڪاوشن جو پهريون ثمر ته اهي ست ڪتاب آهن جن ۾ مارڪس ايپي قيورس کان سواءِ روايتن ۽ مشڪڪن بابت قديم مفڪرن جا اقتباس ڏنا آهن ۽ انهن تي تبصرو به ڪيو آهي هو ايپي قيورس (371 ق م 270 ق م) کي يونان جو سڀني کان اتم روشن خيال فلسفي سمجهندو هو، ڇاڪاڻ ته ايپي قيورس انسان جي خودمختياريءَ جو تمام گهڻو حامي هو ۽ مذهبي وهمن کي بيحد پسند ڪندو هو. مارڪس لکي ٿو: ”ايپي قيورس وٽ ڏک ۽ سور مان آزادي ئي سڀني کان وڏي خوشي آهي. پريشان نظريءَ کان آزادي ۽ ٻين جي ماتحتيءَ کان آزادي. ايپي قيورس وٽ تندرست ۽ مثبت جسم اهو آهي جيڪو پنهنجي حيثيت لاءِ ٻين جو محتاج نه هجي. انحصار کان نجات هن جو نظريو به آهي ته عمل به. هن جي خيال ۾ اعليٰ ترين خير ”شانتي“ آهي.“
مارڪس جو مقصد فلسفياڻين تنقيدن (يا نُڪتن) ۾ الجهڻ نه هو، پر هو ته اهو ڄاڻڻ چاهي پيو ته چؤڦير موجود دنيا ۾ فلسفي جو مقام ڪهڙو آهي ۽ معاشرتي مسئلن بابت فلسفي جو رويو ڪهڙو آهي. ڇا فلسفو دنيا جي مڙني شين ۽ انسانن جي سماجي ادارن کي صرف مناسب (معقول) يا ضروري يا فطري چوڻ تي بس ڪري ٿو يا اهو ”ڇا آهي؟“ ۽ ”ڇا هجڻ گهرجي؟“ جي فرق کي مڃي، اسان لاءِ عمل جا رستا به متعين ڪري ٿو؟ ڇا اهو آزاد ۽ خودمختيار هجڻ جي ڪوشش ۾ ماڻهوءَ جو دوست ۽ مددگار آهي ۽ ڇا اهو انسان کي ڏاڍ جي پابندين کان آجپو حاصل ڪرڻ جون تدبيرون ٻڌائي ٿو، ته انساني زندگيءَ جو بنيادي مسئلو اهوئي آهي؟ مارڪس انهن سوالن جي جواب هاڪار ۾ ڏي ٿو. کيس مڪمل يقين آهي ته فلسفو عالم جي رفتار تي اثرانداز ٿيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
مارڪس انهن ڪتابن ۾ هيگل کي وري وري ”استاد“ لکي ٿو. سندس وصف موجب، هن هيگل جي فلسفي کي غيرمشروط طور ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو. مثال طور هيگل چوي ٿو ته روح دنيا سان مسلسل مقابلي ۾ رهي ٿو ۽ اهو به ته دنيا جي دل جي ماهيت فقط روح جي ذريعي ممڪن آهي. مارڪس ان جي ابتڙ اها دعويٰ ڪئي ته فلسفو يعني انسان جو داخلي شعور دنيا جي مڙني شين سان مقابلي ۾ رهندو آهي، ان ڪري دنيا کي ”فلسفياڻو“ ڪرڻ هڪ انقلابي فرض آهي، ڇو ته دنياوي حقيقتون غيرفلسفياڻيون آهن. ”هيءُ هڪ نفسياتي قانون آهي ته نظرياتي روح داخلي اعتبار کان آزاد ٿي، عملي توانائيءَ ۾ بدلجي ويندو آهي ۽ ارادي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ دنياوي حقيقتن سان (جيڪي کانئس الڳ آهن) ٽڪرائبو آهي. جهڙيءَ طرح پروميٿيوس آسمان مان باهه چورائي ۽ پوءِ ڌرتيءَ تي آباد ٿيو، اهڙيءَ طرح فلسفو سڄيءَ ڪائنات کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ کان پوءِ قدرتي مظهرن جي خلاف بغاوت ڪندو آهي. اهو ئي حال هيگل جي فلسفي جو آهي.“
مارڪس انهن ڪتابن جي مدد سان پنهنجو ڊاڪٽريٽ جو مقالو مارچ 1841ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ اپريل ۾ جينا يونيورسٽيءَ مان کيس ڊگري ملي وئي. هونئن چوڻ ۾ ته اهو مقالو دمقراطيس ۽ ايپي قيورس جو ڀيٽاڀيٽي جائزو آهي، پر اصل ۾، ان ۾، مارڪس هيگل جي ڪجهه نظرين جو رد پيش ڪيو آهي. مثلاً هيگل انهن ٻنهي مادي فلسفين جي ايٽمي فلسفي کي ڏاڍي نفرت منجهان ڏسندو هو. مارڪس پنهنجي مقالي جي مهڙ (پيش لفظ) ۾ هيگل جي ان رويي تي اعتراض واريندي لکيو ته انهن فلسفين جي نظرين کي گهٽ نه سمجهو ڇو ته ”اهي يوناني فلسفي جي سچي تاريخ جون چاٻيون آهن.“
مقالي جي پيش لفظ جو لهجو ڏاڍو تکو ۽ کهرو آهي: ”جيستائين فلسفي جي جهانگير ۽ خودمختيار دل ۾ رت جو هڪڙو ڦڙو به تڙپي رهيو آهي، اهو پنهنجن مخالفن کي ايپي قيورس جي لفظن ۾ بروبر للڪاريندو رهندو ته، ”غيرمتقي اهو ناهي جيڪو روايتي ديوتائن کي ٿڏي ٿو پر غيرمتقي اهو آهي جيڪو ديوتائن بابت روايتي عقيدن کي مڃي ٿو.“ فلسفو ان ڳالهه کي لڪائي به نه ٿو. پروميٿيوس جو اهو اعلان، ته مان ديوتائن جي پرواهه نه ٿو ڪيان، فلسفي جو به اعلان آهي ۽ انهن زميني ۽ آسماني ديوتائن تي ٺهڪندڙ فقرو به، جيڪي انسان جي وجود جي شعور کي افضل ترين الاهيت نه ٿا مڃن. اهوئي پروميٿيوس، جنهن ديوتائن کان رحم جي خيرات ڪڏهن به نه گهري پر انهن جي ايلچيءَ کي چيو ته وڃ، پنهنجن آقائن کي ٻڌاءِ ته مان پنهنجي سادي زندگيءَ کي توهان جي ذلت واري غلاميءَ سان ڪڏهن به نه بدلائيندس. مون کي هن ٽڪر سان ٻڌل رهڻ قبول آهي پر زيوس ديوتا جو فرمانبردار پٽ بڻجڻ نامنظور.“ مارڪس کي ڪهڙي خبر ته هن جي زندگي به يوناني ديومالا جي باغي هيري وانگر پنهنجي دؤر جي خدائن کي للڪارڻ ۾ گذري ويندي.
مارڪس پنهنجي مقالي ۾ دمقراطيس ۽ ايپي قيورس جي ايٽمي فلسفن جو جائزو ورتو آهي. دمقراطيس (460- 370 ق م) جي دعويٰ هئي ته ڪائنات جي هر هڪ شي ايٽم سان ملي ٺهي آهي. ايٽم اڻ ورهائجندڙ ذرڙا آهن جيڪي ڪڏهن به فنا نه ٿا ٿين. اهي سانده چرپر ۾ رهندا آهن ۽ انهن جي گڏيل ٽڪراءَ سان شيون ٺهنديون رهنديون آهن. هر تبديلي نالو آهي ايٽمن جي ميلاپ ۽ جدائيءَ جو. دمقراطيس موجب، هر واقعي جو هڪ سبب هوندو آهي ۽ هر واقعو قدرت جي قانون مطابق ٿيندو آهي.
ايپي قيورس پنهنجي اڳيئن رهنما جي ايٽمي فلسفي کي مڃيندو هو. البت سندس چوڻ هو ته ايٽم وزن وارو هوندو آهي ۽ اهو سڌي ليڪ ۾ چرپر ناهي ڪندو بلڪ اڻ سڌو هلندڙ هوندو آهي. ايپي قيورس انسان جي حواسن جي علم کي سڀني کان معتبر ذريعو سمجهندو هو. ان ڪري ئي سندس مخالفن هن تي لذت پرستيءَ جو الزام هنيو، جيتوڻيڪ هن فقط اهو چيو هو ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد خوشي ماڻڻ آهي.
ڪارل مارڪس ايپي قيورس کي دمقراطيس تي ان ڪري فوقيت ڏني جو دمقراطيس جي نظر ايٽم جي مادي وجود تائين محدود هئي، جڏهن ته ايپي قيورس وٽ ايٽم مادي شَي کان سواءِ هڪ تصور به هو. يعني ايٽم فقط وجود ئي نه، جوهر به آهي. ٻيو سبب هيءُ هو ته دمقراطيس جو ايٽمي فلسفو جبر، ڏاڍ جو فلسفو هو. ان ۾ انسان جي ارادي ۽ عمل کي بلڪل به دخل نه هو ۽ نه ئي ان ۾ توانائي رکندڙ اصول (Energising Principle) موجود هو. ان جي ابتڙ ايپي قيورس جي فلسفي ۾ توانائي رکندڙ اصول موجود هو جنهنڪري ان ۾ يوناني مذهب جي خلاف بغاوت ڪرڻ جي همت پيدا ٿي هئي.
مارڪس پنهنجي مقالي ۾ ان نتيجي تي پهتو ته هيگل جو فلسفو هڪ عظيم خواب آهي، اهڙو خواب جنهن ۾ انسان وجود جي حاصلات ڪري خدا بڻجي ويندو آهي پر هيگل انسان کي وعدي ڪيل زمين جو سير فقط خيال جي ڪيفيت ۾ ڪرائي ٿو. هن پنهنجي تخيل ۾ هڪ ڪائنات تخليق ڪري ورتي آهي. اها خيالي دنيا آهي جنهن ۾ انسان مختلف تاريخي دؤرن مان گذري پنهنجو پاڻ کي خدا جو مظهر سمجهڻ لڳندو آهي. پر حقيقت جي دنيا ان خيالي دنيا کان بلڪل مختلف آهي. اها فلسفي جي دنيا ناهي. اهو صحيح آهي ته فلسفي جي ڪري انسان پنهنجي ذهن ۾ ڪائنات جي هڪ مثالي تصوير مرتب ڪري ورتي آهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حقيقت کي ان خيالي تصوير سان ملايو وڃي. زميني حقيقتن کي غيرفلسفياڻين حالتن جي پڪڙ کان آجو ڪرايو وڃي. ”ان جدوجهد ۾ ڏاڍي سخت ويڙهه ٿيندي. ان جنگ ۾ بي دليءَ ۽ ٺاهه ڪرڻ سان ڪم نه ٿيندو.“
مارڪسزم ڏانهن مارڪس جي اها پهرين همت ڀري وک هئي. پڌرو آهي ته هو زندگيءَ جي موجود حقيقتن کان بيزار هو ۽ انهن کي بدلائڻ جي خواهش رکندڙ به، ته جيئن انسان جو فڪر ۽ ان جو عمل ٻئي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي فضا ۾ ترقي ڪري سگهن.
_______
Marx- Engels: Selected Works. P-49
Collected Works. Vol .I .P-8 .Moscow. 1975
Collected works. Vol I P-18, Moscow 1975
تاريخ جو فلسفو. ليکڪ هيگل. ص 446. نيويارڪ. 1956ع (انگريزي)
منقول از عقل ۽ انقلاب. ازهربرٽ مارڪوس ص 3 نيويارڪ
”All that is reasonable“ مان هيگل جو مفهوم اهوئي آهي ته جيڪو ڪجهه آهي، ان جو ڪو نه ڪو سبب ضرور آهي، اهو ڪنهن نه ڪنهن قانون هيٺ آهي.
”نيچر ۽ روح خدا جا ٻه ڏيک آهن. اهي ٻئي الاهي روپ خدا جو گهر آهن، جن کي هو پنهنجي وجود سان ڀري ٿو.“ (نيچر جو فلسفو. ص 47-48) هيگل.
Lesser Lgoic. P-190
Selected Works By Marx, Angels. P-602. Mascow. 1968
Completed Works. Vol- I. P-432
Completed Works. Vol-I. P-491
Completed Works. Vol-I. P-30
Completed Works. Vol-I. P-31