باب اڻويهون : يورپ ۾ انقلاب جي نئين لهر
فرانس ۾ تن ڏينهن ۾ نون اميرن جي حڪومت هئي جيڪي ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا هئا. ٻاڦ سان هلندڙ فيڪٽريون ۽ مِلون تيزيءَ سان لڳي رهيون هيون، بينڪون کلي رهيون هيون، ڪارخانا قائم ٿي رهيا هئا، ريلن ۽ رستن جو ڄار وڇائنجي رهيو هو. نيون نيون عمارتون ٺهي رهيون هيون. ان سان گڏوگڏ سرڪاري ادارن ۾ رشوت عروج تي هئي ۽ بادشاهه ۽ وزيرن سميت سڀئي پئسا ميڙڻ ۾ رڌل هئا. هوڏانهن مزورن کي ڏينهن ۾ 18 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو ۽ کين صرف 18 سَو (18 آنا) اجورو ملندو هو. کين يونين سازيءَ جي اجازت به نه هئي. باقي بچيا قومي اسيمبليءَ جا رڪن، سو وزيراعظم گيزو گهڻن جون ته اسيمبليءَ مان پگهارون مقرر ڪرائي ڇڏيون هيون ۽ جيڪي رهيل هئا تن جا وات ريلوي جا ٺيڪا يا تمباڪوءَ جا لائيسنس ڏئي بند ڪيا ويا هئا. مطلب ته ملڪ جو نقشو ڪجهه اهڙو ئي هو جيڪو اڄڪلهه ايشيا جي اڪثر ”ترقي پذير“ ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مخالف ڌر وارا جڏهن ان انڌيرنگريءَ خلاف آواز اٿاريندا ۽ آئيني درستگين جا مطالبا ڪندا هئا ته گيزو چوندو هو ته طاقت کان محروم ٿورڙا سياستدان حڪومت خلاف ڪوڙي پروپئگنڊه ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍو خوش آهن. فرانس جي مخالف ڌر ۾ هڪڙو ٽولو شاهه پرستن جو هو جيڪو لوئي فِلپي جو طرفدار ته هو پر سرڪاري بدعنوانين ۽ رشوت خوريءَ کان ڏاڍو بيزار هو. ٻيا ري پبلڪن هئا جيڪي آئيني اصلاح جي حق ۾ هئا پر ملڪ جي معاشي نظام ۾ ڪا تبديلي نه پيا چاهن. ٽيان سوشلسٽ هئا جيڪي سياسي انتظام کان سواءِ سينٽ سائمن جي اشتراڪي تجويزن کي به عملي روپ ڏيڻ جا خواهشمند هئا.
مخالف ڌر اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته آئيني اصلاح جي مطالبي ۾ عوام ساڻن گڏ آهي ”اصلاحي دعوتن“ جو سلسلو شروع ڪيو. انهن ”دعوتن“ ۾ شريڪ ٿيندڙن کان اصلاح جي گذارش تي صحيحون ورتيون وينديون هيون پوءِ اها گذارش حڪومت ڏانهن موڪلي ويندي هئي. اهي دعوتون ملڪ ۾ ڏاڍيون مشهور ٿيون ۽ نيٺ طَي ٿيو ته 22- فيبروريءَ تي پيرس ۾ ”وڏي دعوت“ ٿئي. تجويز اها هئي ته دعوت ۾ شريڪ ٿيندر ماڻهو پيرس جي وڏي چوڪ وٽ گرجا گهر تي گڏ ٿين ۽ اتان جلوس جي شڪل ۾ دعوتي هنڌ تي وڃن. حڪومت کي خبر پئي ته ان ايڪويهينءَ جي رات پڙهو ڏيارائي جلوس جي منع ڪرائي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جا رڪن ته ڀوَ سبب دعوت ۾ شريڪ نه ٿيا البت مزورن ۽ شاگردن جو وڏو تعداد چوڪ تي گڏ ٿي ويو. حڪومت ان ميڙ کي منتشر ڪرڻ لاءِ نيشنل گارڊ کي طلب ڪيو پر ان هٿين خالي مزورن ۽ شاگردن تي گوليون هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بلڪ ان جي ابتر ”اصلاح زنده باد“ ۽ ”گيزو مرده باد“ جا نعره هڻڻ لڳو. انهيءَ دوران هڪرو جلوس گيزو جي گهر اڳيان لنگهيو ته پهريدارن جلوس تي گوليون هلايون، جنهن ۾ 20 ماڻهو مري ويا. ٻئي ڏينهن مرحومن جو جنازو نڪتو ته لکين شهري ان ۾ شريڪ ٿيا ۽ ”بادشاهه کي تخت تان لاهيو“، ”گيزو کي ڦاهي ڏيو “ جي نعرن سان پيرس جون ديوارون لڏڻ لڳيون. نتيجو اهو نڪتو ته 24- فيبروريءَ تي لوئي فلپي تخت تان هٿ کنيو ۽ فرانس ۾ ٻيو ڀيرو ري پبلڪ قائم ٿي وئي. نئين حڪومت ۾ ريپبلڪين ۽ سوشلسٽ نمائندن جو تعداد لڳ ڀڳ هڪ جيترو هو.
پيرس ۾ انقلاب شروع ٿيو ته مارڪس ۽ اينجلس ٻئي برسيلز ۾ هئا. اتي ماڻهو ته نه مُئا ۽ نه ئي حڪومت ٽُٽي، پوءِ به 25- فيبروري جون حالتون ٻڌائيندي اينجلس لکي ٿو ته ان شام شهر ۾ ڏاڍي هلچل لڳي پئي هئي ۽ ڏاڍو جوش هو. قسمين قسمين افواهه هلي رهيا هئا، پر ماڻهن کي انهن تي پڪ نه پئي آئي. ريلوي اسٽيشن تي هر طبقي جي ماڻهن جا ميڙ هئا ۽ هر ماڻهو خبرن جو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو. فرانسي سفير به اتي انهيءَ مقصد سان آيل هو ته ٽرين اچي ته صحيح حالتون معلوم ٿين. باري پيرس مان ايندڙ ٽرين رات جو ساڍي ٻارهين وڳي برسيلز پهتي ۽ ان خميس ڏينهن شاندار انقلاب جي خوشخبري ٻڌائي، جنهن کي ٻڌندي ئي سڄو ميڙ هڪ آواز ٿي ”ريپبلڪ زنده باد“ جا نعرا هڻڻ لڳو، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي انقلاب جي خبر سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي “. (اينجلس جي حياتي. ص- 116)
مارڪس ۽ اينجلس ان صورتحال سبب ڏاڍو خوش هئا، پر اهي پري کان تماشو ڏسڻ جا قائل نه هئا، پر انقلابي جدوجهد تيز ڪرڻ ۽ پکيڙڻ پنهنجو فرض سمجهن پيا. فرانسي انقلاب جي اثر ڪري، بيلجيم ۾ به ريپبلڪ جي حق ۾ فضا سازگار ٿي رهي هئي، ان ڪري مارڪس ۽ اينجلس ٻين دوستن جي مشورن سان فيصلو ڪيو ته برسيلز ڊيموڪريٽڪ ايسوسيئيشن، جرمن ورڪرز سوسائٽيءَ ۽ ڪميونسٽ ليگ کي ريپبلڪ جي تحريڪ شروع ڪرڻ تي راضي ڪجي. ان ڪري 27- فيبروريءَ تي ڊيموڪريٽڪ ايسوسيئيشن وڏي پيماني تي مهم جي شروعات ڪئي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن کان گهر ڪئي ته اها سول گارڊ کان سواءِ مزورن ۽ هنرمندن ۾ به هٿيار ورهائي. پاڻ ايسوسئيشن به مزورن ۾ هٿيار ورهيا. مارڪس کي ٻه هفتا اڳ پيءُ جي ورثي مان چڱي رقم ملي هئي. مارڪس ان رقم جو وڏو حصو ايسوسيئيشن حوالي ڪيو ته جيئن هٿيارن جي خريداريءَ ۾ ڪم اچي. (ڪارل مارڪس جي حياتي. ص -156)
پر مارڪس ۽ اينجلس پيرس اچڻ لاءِ تڙپي رهيا هئا، ان ڪري به جو کين بيلجيم جي سياسي معاملن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هئي. انهيءَ دوران مارڪس کي فرانس جي عارضي حڪومت جي وزير فرڊينند فلوڪان جو خط مليو، جنهن ۾ کيس پيرس اچڻ جي ڪوٺ ڏني وئي هئي ۽ لکيو هو ته ”ظلم توکي ڏيهه نيڪالي ڏني، آزاد فرانس توهان لاءِ پنهنجا در کولي ٿو“. مارڪس اڃا ان خط جو جواب به نه ڏئي سگهيو هو ته بيلجيم جي حڪومت 2- مارچ جي شام جو کيس حڪم ڏنو ته 24 ڪلاڪن اندر اسان جو ملڪ ڇڏي ڏي، پر پوليس مارڪس مان جان ڇڏائڻ لاءِ ايڏو بي چين هئي جو ان مقرر وقت گذرڻ جو به انتظار نه ڪيو، پر ساڳئي ڏينهن مارڪس جي گهر جي تلاشي ورتي ۽ کيس پڪڙي وٺي وئي. مارڪس جي خيريت پڇڻ سندس زال جيني پوليس اسٽيشن وئي ته هن کي به گرفتار ڪيو ويو، البت ٻئي ڏينهن جڏهن پوليس جي انهن زيادتين تي گوڙ ٿيو ته کين آزاد ڪيو ويو، پر مارڪس کي ايتري وِٿي به نه ڏني وئي ته هو پنهنجو سامان ٻڌي سگهي. ان ڪري هو پنهنجي سڄي ملڪيت ڇڏي زال ۽ ٻارن سميت پيرس روانو ٿي ويو. مارچ جي آخر ۾ اينجلس به پيرس پهچي ويو.
يورپ جون سياسي حالتون ايڏي تيزيءَ سان بدلجي رهيون هيون جو ڪميونسٽ ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ فيصلو ڪيو ته ليگ جي مرڪزي آفيس لنڊن مان برسيلز منتقل ڪئي وڃي ۽ اتان جي ضلعي ڪاميٽيءَ کي، جنهن جو اڳواڻ مارڪس هو، ليگ جو نگران بڻايو وڃي، پر مارڪس اڃا مرڪزي آفيس کي منظم به نه ڪري سگهيو هو جو کيس ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. پيرس پهچي مارڪس سڀ کان اڳ مرڪزي ڪاميٽيءَ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي، جنهن ۾ اينجلس، وولف، مول ۽ باير وغيره شامل هئا.
انهن ڏينهن ۾ پيرس ۾ رهندڙ پناهگيرن _ جرمن، پولستاني، آئرستاني، بيلجين ۽ اسپيني وغيره ۾ شهر جي انقلابي هلچل سبب ايڏو جوش هو جو اهي به پيرس جي رهاڪن وانگر هٿياربند ٽولا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته جيئن پنهنجن علائقن تي حملو ڪري اتي به ريپبلڪ قائم ڪجي. ان تحريڪ کي جرمن پناهگيرن ۽ پيرس جي جرمن ڊيموڪريٽڪ سوسائٽي خوب وڌائي رهي هئي، پر مارڪس ۽ اينجلس ان بيوقوفاڻي ۽ خطرناڪ مهم پسنديءَ جي سخت خلاف هئا. ان صورتحال جو ذڪر ڪندي اينجلس هڪ هنڌ لکيو ته ”انقلاب سان ٺٺولي ڪندڙ ان تحريڪ جي اسان ڏاڍي شديد مخالفت ڪئي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ جو جرمنيءَ ۾ بيچيني پکڙيل هئي، ٻاهران حملو ڪري ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ جرمن انقلاب جي پاڙ کوٽڻ کان گهٽ نقصانڪار نه ٿئي ها. ان حرڪت سان ته جرمنيءَ جي مقامي حڪومتن جا هٿ مضبوط ٿين ها ۽ اهي ٽولا اجايو ئي جرمن سپاهين هٿان ماريا وڃن ٿا.“
مارڪس ۽ اينجلس جرمن ڊيموڪريٽڪ سوسائٽيءَ جو زور ٽوڙڻ لاءِ پيرس ۾ جرمن ورڪرز ڪلب ٺاهي. ستت ئي ان ڪلب جي رڪنن جو تعداد 400 تائين وڃي پهتو. هنن جرمن پناهگيرن کي ٽولي سازيءَ ۽ حملي جي نقصانن کان آگاهه ڪيو، البت کين مشورو ڏنو ته اهي هوري هوري، انتهائي چپ چپات ۾ پنهنجي ملڪ موٽي وڃن ۽ انقلابي سرگرمين ۾ شريڪ ٿين. مارڪس مزورن کي فرانسي انقلاب جي نوعيت به تفصيل سان سمجهائِي ۽ ٻڌايو ته فيبروريءَ وارو انقلاب ته حقيقي انقلاب جو فقط ٿلهه (پيش لفظ) آهي.
مارڪس ۽ اينجلس هئا ته پيرس ۾، پر سندن دليون جرمنيءَ جي انقلاب ۾ لڳل هيون. سندن مڪمل ڪوشش هئي ته ان انقلاب ۾، جيڪو اڃا بلڪل شروعاتي مرحلن ۾ هو، کاٻيءَ ڌر جو پاسو ڳورو ٿئي ته جيئن جمهوري تحريڪ صحيح راهن تي ترقي ڪري سگهي. اهي ڏسي رهيا هئا ته فرانس ۾ انقلاب آڻيندڙ ته مزور ۽ شاگرد هئا پر حڪومت تي آهستي آهستي سرمائيدار غالب ٿيندا پئي ويا ۽ اهي عوام جي انقلابي جوش کان ڊڄي، ساڄيءَ ڌر سان سازش ڪري رهيا هئا. جرمنيءَ جي صورتحال ان کان به خراب هئي. اتان جو مزور طبقو تعداد، سياسي شعور ۽ تنظيم، هر لحاظ کان گهڻو وڌيڪ پٺتي پيل هو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته قومي جمهوري انقلاب جو اهڙو پروگرام رٿيو وڃي جيڪو مزورن کان سواءِ هارين، وچيَن طبقن ۽ لبرل سرمائيدارن لاءِ به قبولڻ جوڳو هجي. ان مقصد لاءِ مارڪس ۽ اينجلس هڪ دستاويز ”جرمنيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا مطالبا“ نالي سان مرتب ڪيو، جيڪو مارچ جي آخر ۾ پهريائين پيرس ۾ ڇپيو ۽ پوءِ جرمنيءَ جي اڪثر اخبارن اهو ٻيهر ڇپيو. اهو دستاويز حقيقت ۾ انهن ڪميونسٽن لاءِ عملي پروگرام هئي جيڪي جرمنيءَ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا هئا.
”مطالبن“ ۾ سوشلسٽ انقلاب جو پروگرام پيش نه ڪيو ويو هو پر ملڪ ۾ جمهوري نظام جي استحڪام (پختگيءَ) لاءِ جن قدمن کڻڻ جي گهرج هئي تن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. انهن مطالبن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون سياسي مطالبا، ٻيو اقتصادي مطالبا. سياسي مطالبن ۾ شهري آزاديءَ جي بحالي، 21 سالن کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن کي ووٽ جو حق، چونڊيل قومي اسيمبلي ۽ چونڊيل ڪابينا جيڪا اسيمبليءَ اڳيان جوابده هجي، رياست ۽ ڪليسا جي مڪمل عليحدگي، مفت قانوني سهولتون، سستي عام تعليم ۽ عوام کي هٿياربند ڪرڻ شامل هو، پر مارڪس ۽ اينجلس ڄاڻن پيا ته جاگيرداري نظام جي موجودگيءَ ۾ جمهوريت جو تجربو ڪڏهن به ڪامياب نه پيو ٿي سگهي، ان ڪري هنن اقتصادي مطالبن ۾ اميرن ۽ نوابن جي حقن ۽ رعايتن کي ختم ڪرڻ تي گهڻي ۾ گهڻو زور ڏنو. هنن چيو ته انهن نِڪمن جي زمينن ۽ کاڻين کي قومي ملڪيت ڪيو وڃي. انهن جي ايراضين تي وڏا وڏا فارم قائم ڪيا وڃن جتي جديد مشينن سان زراعت ٿئي. هارين جا قرض معاف ڪيا وڃن ۽ بيگر وغيره بند ڪئي وڃي. ان سان گڏ مارڪس ۽ اينجلس هيءُ مطالبو به ڪيو ته ملڪ جي سڀني نجي بينڪن کي ختم ڪري هڪ اسٽيٽ بينڪ قائم ڪئي وڃي. ريلوي، ٽپال ۽ سامونڊي جهازن کي قومي ملڪيت ۾ تبديل ڪيو وڃي، درجي بدرجي انڪم ٽيڪس هنئي وڃي، واهپي جي شين تي سڌي ٽيڪس ختم ڪئي وڃي، نيشنل ورڪ دڪان کوليا وڃن، مزورن کي روزگار جي ضمانت ڏني وڃي ۽ معذور مزورن جي سارسنڀال جو بندوبست ڪيو وڃي.
انهن ماڻهن کي هيءُ دستاويز ڌيان سان پڙهڻ گهرجي، جن جو خيال آهي ته جمهوري حقن ۽ عوامي مسئلن جي جدوجهد کي تکو ڪرڻ کان سواءِ ”سوشلزم“، ”سوشلزم“ جو نعرو هڻڻ سان ئي ملڪ ۾ سوشلسٽ انقلاب اچي ويندو، جيتوڻيڪ مارڪس ۽ اينجلس وٽ جمهوريت جي جدوجهد سوشلزم جي جدوجهد جو اڻ ٽُٽ حصو ۽ سوشلزم ڏانهن پهرين وکي هوندي آهي.
مارڪس ۽ اينجلس اپريل جي شروعات ۾ جرمنيءَ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پروگرام کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ پورهيتن جي هڪ انقلابي تنظيم ٺاهي سگهجي. مارڪس ڪولون ۾ ترسي چڪو هو ۽ اتان جي سياسي گروهن کان چڱيءَ طرح واقف هو، ان ڪري مارڪس ۽ اينجسل ڪولون کي پنهنجين سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻايو، ڪميونسٽ ليگ جا ٻيا ڪارڪن به ستت ئي ساڻن وڃي مليا. تڏهن هنن هڪ اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو.پهرين جون 1848ع تي نڪتل ان اخبار جو نالو ”رهائنشن زاءِ تونگ“ جي مناسبت سان ”نيو رهائنشن زاءِ تونگ“ رکيو ويو.
ان وقت جرمنيءَ جو سڀ کان اهم مسئلو جمهوري آئين ٺاهڻ هو، پر جيئن اسان پهرين لکي چڪا آهيون ته جرمني ڪا اڪيلي مملڪت نه هو پر ننڍين وڏين 37 خودمختار رياستن جي هڪ ڍِلي ڪنفيڊريشن هو. رياست جي والين عوامي مظاهرن جي دٻاءَ تي آئين ساز اسيمبليءَ جي چونڊن کي ته مڃي ورتو هو، پر نئين آئين کي منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ اڃا به سندن اختيار ۾ هو. هوڏانهن آئين ساز اسيمبليءَ جي حيثيت به چِٽي نه هئي. اها ڪنهن به رياست جي انتظام ۾ مداخلت نه پئي ڪري سگهي ۽ بادشاهه فريڊرڪ وليم اٽڪل هيءَ ڪئي هئي ته گادي جي هنڌ برلن بدران فرينڪ فرٽ کي اسيمبليءَ جو مرڪز بڻائي ڇڏيو هو جيڪو هڪ ننڍو ۽ پٺتي پيل شهر هو. مقصد اهو هو ته اسيمبليءَ جي رڪنن جو برلن جي انقلابين سان ڪو رابطو نه رهي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي اخبار ”نيو رهائنشن زاءِ تونگ“ پهرين اشاعت کان ئي مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته آئين ساز اسيمبلي لازمي طور پنهنجو اعليٰ اقتدار مڃرائڻ تي اصرار ڪري.
”جرمن قوم اعليٰ اقتدار جو رتبو ملڪ جي لڳ ڀڳ هر شهر، خاص ڪري برلن ۽ ويانا ۾ باقاعدي وڙهي حاصل ڪيو هو ۽ ان اعليٰ اقتدار جو اظهار آئين ساز اسيمبليءَ جي چونڊن ذريعي ڪيو هو. ان ڪري اسيمبليءَ جو پهريون ڪم اهو هجڻ گهرجي ها ته اها جرمن قوم جي ان اعليٰ اقتدار جو جرئت ڀريو اعلان ڪري ها. ان جو ٻيو ڪم عوام جي اعليٰ اقتدار جي بنياد تي ۽ انهن حالتن کي رد ڪري، جيڪي ان اصول جي خلاف آهن، هڪ آئين ٺاهڻو هو. ان جو فرض هو ته رجعت پرستن جي سازشن جي حل لاءِ لازمي قدم کڻي ها ۽ ان انقلابي بنياد کي پختو ڪري ها، جنهن تي اسيمبليءَ جو دارومدار آهي... کيس حڪومت ڪرڻي هئي ۽ پنهنجو اهو حق مڃرائڻو هو، پر اها ته اسڪولي ٻارن وانگر ڪتابي مشقن ۾ جنبي وئي آهي ۽ عمل جو حق هن حڪومتن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. فرض ڪيو ته ان اسيمبليءَ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ بهترين آئين ٺاهي ورتو، پر ان دوران حڪومتن سختين جو قانون لاڳو ڪري ڇڏيو، ته پوءِ اهو بهترين آئين ڪهڙي ڪم جو هوندو.“
مارڪس جي اها اڳڪٿي اکر اکر صحيح نڪتي، پر ڏکيائي اها هئي ته آئين ساز اسيمبليءَ ۾ مارڪس جا هم خيال تمام ٿورا هئا. اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي جيڪي ملوڪيت پرستن ۽ جاگيردارن کان وڌيڪ انقلابي تحريڪن کي ناپسند ڪندا هئا. مارچ جي انقلاب ۾ هارين هر هنڌ جمهوريت جي انهن دعويدارن جو ساٿ ڏنو هو. ان جو بدلو هنن ان طرح ڏنو جو جاگيرداري نظام کي ختم ڪرڻ ته پري، نوابن ۽ جاگيردارن جي رعايتن کي به رد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مارڪس ان دغابازيءَ خلاف ”نيو رهائنشن زاءِ تونگ“ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا ۽ جاگيرداري نظام کي هڪ سَٽ ۾ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڇو ته ”زرعي مسئلي جي انقلابي حل کان سواءِ نه ته ملڪ متحد ٿي سگهي ٿو ۽ نه جمهوريت قائم ٿي سگهي ٿي.“
مارڪس ۽ اينجلس جو هيءُ موقف به هو ته جرمنيءَ جي انقلابي جدوجهد يورپ جي محڪوم قومن جي آزاديءَ جي جدوجهد سان لاڳاپيل آهي ۽ ان جي ڪاميابيءَ جو دارومدار وڏيءَ حد تائين قومي آزاديءَ جي ويڙهين جي نتيجي تي آهي. اهوئي سبب آهي ته هنن هر موقعي تي اٽليءَ، پولينڊ، هنگريءَ وغيره جي آزاديءَ جي جنگ جي پُرجوش حمايت ڪئي، آزاد پسندن جي حق ۾ انيڪ مضمون لکيا ۽ هنن جي سرگرمين کي پنهنجيءَ اخبار ۾ ڏاڍي تفصيل سان ڇپيو. پر اڃا سال پورو به نه ٿيو هو ته انقلاب دشمن قوتن آزاديءَ جي تحريڪن کي فوج جي مدد سان چيڀاٽي ڇڏيو. يورپ ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو نئون دؤر شروع ٿيو ۽ اٽليءَ، هنگريءَ، پولينڊ، جرمنيءَ ۽ فرانس جي هزارين جمهوريت پسندن کي ڀڄي برطانيا يا آمريڪا ۾ پناهه وٺڻي پئي.
مارڪس هوا جو رخ سڃاڻي رهيو هو. هن آئين ساز اسيمبليءَ جي رڪنن کي هر هر تنبيهه ڪئي ته شاهه پرستن جي ڳالهين ۾ نه اچو پر جلد از جلد آئين ٺاهي وٺو، نه ته نه توهان رهندؤ ۽ نه آئين. هو فرينڪ فرٽ وڃي هنن سان مليو به، پر ڪو نتيجو نه نڪتو. نيٺ اهوئي ٿيو، جنهن جو امڪان مارڪس ظاهر ڪيو هو. بادشاهه فريڊرڪ وليم 18- ڊسمبر تي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ۽ ان جي سڀني تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو. بادشاهه جي ان کليل بدديانتيءَ ۽ بدعهديءَ خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت پکڙجي وئي ۽ جتي ڪٿي هٿياربند بغاوتون شروع ٿي ويون. رهائن جي علائقي ۾ ته حالت گهرو ويڙهه تائين وڃي پهتي ۽ حڪومت کي بغاوت ختم ڪرڻ لاءِ سٺ هزار فوج موڪلڻي پئي. ان جنگ ۾ اينجلس به باقاعدي شريڪ ٿيو، پر سندس ٽولي کي هار ٿي ۽ هن ڪيئي سَو ميل پنڌ ڪري سوئٽزرلينڊ ۾ اچي پناهه ورتي. شديد خونريزيءَ کان پوءِ جڏهن بغاوت ناڪام ٿي وئي ته ملڪ ۾ وٺ پڪڙ جو سلسلو شروع ٿيو. مارڪس تي هڪ ئي وقت 23 مقدما قائم ٿيا. ٻن مقدمن ۾ کيس عدالت ۾ اچڻو به پيو پر ڏوهه ثابت نه ٿيو ۽ هو آزاد ڪيو ويو. البت اخبار تي سينسر شپ جون پابنديون ايڏيون هنيون ويون جو اها جاري رکڻ ڏکي ٿي پئي. انهيءَ دورن 16- مئي تي هن کي حڪم ڏنو ويو ته چوويهن ڪلاڪن اندر جرمنيءَ مان نڪري وڃ. مارڪس اخبار بند ڪري ڇڏي، پريس مشين کي ٿوري ٿَڪي اگهه تي وڪڻي پريس جي ملازمن کي بقايائون ڏنيون، جيني جا چانديءَ جا ٿانوَ، جيڪي هڪ ڀيرو اڳ به برسيلز ۾ گروي رکيا ويا هئا، ٻيهر گروي رکيا ۽ زال ۽ ٽن ٻارن کي وٺي پيرس روانو ٿي ويو.
مارڪس پيرس ۾ ئي هو ته حڪومت جي دغاين کان تنگ ٿي فرانسي مزور هڪ ڀيرو ٻيهر جدوجهد ڪرڻ لڳا. هاڻي کين چٿڻ لاءِ فوج گهرائي وئي. فرانسي مزورن ڪيئي ڏينهن تائين فوج سان وڏي دليريءَ سان ويڙهه ڪئي، پر کين پٺتي هٽڻو پيو ان طرح يورپ جي انقلابين جو آخري مورچو به سندن هٿن مان نڪري ويو. ان هار جو نقصان مارڪس کي به ڀوڳڻو پيو. ان ڪري 19- آگسٽ 1849ع تي هڪ پوليس سارجنٽ کيس سرڪاري حڪم آڻي ڏنو ته چوويهن ڪلاڪن اندر پيرس مان نڪري وڃ. ان وقت مارڪس وٽ ايترا پئسا به نه هئا ته زال ۽ ٻارن کي ساڻ وٺيون وڃي ها، ان ڪري هن جيني کي، جيڪا ڳورهاري هئي، اتي ڇڏيو ۽ 24- آگسٽ تي لنڊن روانو ٿيو. جيني کي وڏين ڏکيائين سان 15- سيپٽمبر تائين پيرس ۾ ترسڻ جي اجازت ملي. مارڪس هاڻ اهڙو لنڊن ويو جو سدائين لاءِ اتان جو ٿي رهيو.
انقلابي سرگرمين جو اهو ڏيڍ سال مارڪس ۽ اينجلس ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ گذاريو. کين يورپ جي انقلاب مان وڏيون اميدون هيون پر اهي پوريون نه ٿيون، پوءِ به عوامي جدوجهد ۾ سڌيءَ ريت شريڪ ٿي هنن چٽو ڪري ڇڏيو ته انقلابي عمل ايڏو ئي ضروري آهي جيڏو انقلابي نظريو ڏيڻ يا ڪتاب لکڻ. هنن 1848ع تائين پنهنجو گهڻو وقت سائنسي سوشلزم جا اصول واضح ڪرڻ ۾ گذاريا هئا. 1848ع ۽ 1849ع جو وچون مُدو هنن انهن اصولن کي سياسي زندگيءَ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ ۾ گذاريو هو. ناڪام ٿيا، پر ان ۾ سندن اصول يا حڪمت عمليءَ جي خرابيءَ جو تعلق نه هو پر ان جو سبب اهو هو ته تنهن وقت تائين سرمائيداري نظام ترقيءَ ڏانهن وڌندڙ هو ۽ يورپ ۾ طاقت جو توازن انقلاب دشمن قوتن جي حق ۾ هو. ان کان سواءِ جمهوريت پسندن جو سرمائيدار عنصر پنهنجن روايتي حليفن _ مزورن ۽ هارين _ سان رشتو ٽوڙڻ ۽ پنهنجن روايتي دشمنن _ نوابن، جاگيردارن ۽ ملوڪيت پسندن _ سان رشتو جوڙڻ ۾ ئي پنهنجي چڱائي سمجهندو هو. تنهن کان سواءِ پورهيت طبقن ۾ اڃا سوشلزم جو تصور پختو نه ٿيو هو.
_______
چونڊ تصنيفون. از مارڪس ۽ اينجلس. جلد ٽيون. ص 184)