باب چوٿون : افلاطون جو اميراڻو ڪميونزم
يونان جون سرحدون اڍائي هزار سال اڳ ايئن نه هيون جيئن اڄ آهن، پر يوناني قوم جا ماڻهو ان زماني ۾ وچ ايشيا (ترڪي)، مقدونيا (بلغاريا)، البانيا، سِسلي، ڪريٽ ۽ ٻين انهن سڀني ٻيٽن ۾ آباد هئا جيڪي روم سمنڊ جي اوڀر ۾ آهن. هي سڄو علائقو ننڍين وڏين ڪيترين ئي رياستن ۾ ورهايل هو. انهن مان ڪجهه رياستون ڏاڍيون طاقتور هيون. مثال طور وچ ايشيا جي رياست لِڊيا، وچ يونان جي رياست اٽيڪا، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ اٿينـز هو، ۽ ڏکڻ يونان جي رياست اسپارٽا. اٿينـز ۽ اسپارٽا جا ماڻهو اترين علائقي (مقدونيا وغيره) جي ماڻهن کي وڏي نفرت سان ڏسندا هئا، ڇو ته سندن خيال موجب اهي ٺيٺ وحشي هئا. يوناني تهذيب جو سڀ کان وڏو مرڪز اٿينـز هو. ڇهين صدي ق.م ۾ جڏهن ايران اوج حاصل ڪيو ۽ ڪوروش اعظم ۽ دارا اعظم وچ ايشيا جي يوناني رياستن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ کان پوءِ يونان تي ڪاهون شروع ڪيون، ته يوناني رياستن ڌارئي خطري کي محسوس ڪندي، مقابلو ڪرڻ لاءِ، اٿينـز جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وفاق ٺاهيو. ان وفاق هوري هوري اٿينـز جي باقاعدي رياست جي شڪل صورت ورتي.
ايران ۽ يونان جي جنگ 70 سال (500-431 ق.م) هلندي رهي. ان جنگ ۾ آخرڪار ايران کي شڪست ملي ۽ اٿينـز جي سامونڊي طاقت سان ڪو ڪلهو هڻندڙ نه رهيو. جنگ هلندي اٿينـز جي واپار، صنعت ۽ هنر به ڏاڍو واڌارو پاتو. ان ڪري اٿينـز جي اقتصادي حالت ئي بدلجي وئي. اٿينـز جي زمين هونئن به پيداوار لاءِ موزون نه هئي، تنهنڪري آبادگار هڻي هڻي ايترو اَنُ پيدا ڪري سگهندا هئا جنهن سان ٽن مهينن جون ضرورتون به ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پوريون ٿي سگهنديون هيون. ان ڪري اٿينـز کي وڏي مقدار ۾ اناج ٻاهران گهرائڻو پوندو هو. ان جي بدلي ۾ اٿينـز وارا زيتون جو تيل، ايٽَ جو سامان ۽ معدني شيون چاندي، لوهه، ٽامو، جست ۽ سنگ مرمر موڪليندا هئا (اٿينـز معدني لحاظ کان ڏاڍو زرخيز هو). ان واپار جي حفاظت لاءِ اٿينـز وٽ هڪ مضبوط جنگي ۽ واپاري ٻيڙو موجود هو.
جنگ جي زماني ۾ هڪ طرف اناج جي پيداوار گهڻي گهٽجي وئي، ٻئي طرف زمين جي وڏن مالڪن (زميندارن) کي خبر پئجي وئي ته زيتون جي تيل جي برآمد نفعو ڏيندڙ واپار هو، تنهنڪري هنن پنهنجين زمينن ۾ به وڏا وڏا باغ رکڻ شروع ڪيا. ان ڪري اٿينـز جي زرعي پيداوار واپاري پيداوار ٿي پئي ۽ هارين جي وڏي تعداد زمينن کان محروم ٿي شهرن جو رخ رکيو. هوڏانهن شهرن ۾ صنعت ۽ هنر، جيڪو اڃا بدحال دستڪارن ۽ هنرمندن جو ڌنڌو هو، وڏن وڏن ڪارخانن ۾ مڙي آيو. شهر جا امير جيڪي اڃا تائين زمينن جي ڪمائيءَ تي گذارو ڪندا هئا، واپار جا بادشاهه بڻجي ويا. زميندارَ سرمائيدار ۽ سامونڊي جهازن جا مالڪ بڻجي ويا. درآمد برآمد جو سڄو ڪاروبار ڪجهه هٿن ۾ مڙي آيو. دستڪار ۽ دڪاندار هاڻي ڪارخاني جي مالڪن جا محتاج بڻجي ويا. هو جنهن قيمت ۾ چاهيندا هئا سامان وڪڻندا هئا ۽ جنهن کي گُهرن تنهن کي روزگار ڏيندا هئا. اندازو آهي ته 70 سالن ۾ قيمتن ۾ پنجوڻي واڌ آئي، پر مزدورن ۽ غلامن جي روزاني اجوري ۾ ڪا به واڌ نه ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ”اٿينـز بين الاقوامي واپار جي سڀ کان وڏي مڏي بڻجي ويو. حقيقت ۾ اٿينـز جي بقا جو دارومدار ئي هاڻي واپار تي هو، تنهڪري اٿينـز هر سال لڳ ڀڳ 15 ڪروڙ ڊالرن جي قيمت جو سامان برآمد ۽ درآمد ڪندو هو پر عام ماڻهن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي.“
اڃا ايران جي جنگ کي ختم ٿئي ڪجهه ڏينهن مس گذريا ته اٿينـز ۽ اسپارٽا جي وچ ۾ جنگ لڳي وئي، جيڪا 27-سال (431-404 ق.م) هلندي رهي. ان جنگ ۾ اٿينـز کي ڏاڍو نقصان پهتو ۽ کيس ذلت ڀري شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ان ڪري ول ڊيورانٽ لکي ٿو ته ”هن جنگ کان پوءِ اٿينـز جو روح ۽ جسم پئي ٿڪجي پيا، اٿينـز جي حياتيءَ جون پاڙون لڏي ويون، اسپارٽا جي هڪ ٻئي مٿان لاڳيتن حملن جي ڪري اٿينـز جون آباديون چٽ ٿي ويون، زيتون جا وڻ جيڪي ڏهن سالنِ ۾ميوو ڏيندا آهن سڙي خاڪ ٿي ويا، اٿينـز جو جنگي سامونڊي ٻيڙو تباهه ٿي ويو، چانديءَ جي کاڻين تي اسپارٽا قبضو ڪيو، رياست جو خزانو کپي ويو ۽ جنگ ۾ شهرين جي ٻن حصن جو ڪنڌ ڪورجي ويو.“
حقيقت ۾ اٿينـز جي اقتصادي ۽ سماجي زوال جي شروعات ان جنگ کان ٿي. اسپارٽا وارن اٿينـز کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ اتي شهري اميرن جي حڪومت قائم ڪئي جيڪا جمهوريت پسندن جي سخت دشمن هئي. ان حڪومت جا سربراهه افلاطون جو چاچو سيتياس ۽ مامو ڪارميڊيز هئا. هنن هڪ سَو جهموريت پسندن کي قتل ۽ پنجن هزارن کي قتل ڪري ڇڏيو، پنهنجي مخالف ننڍن واپارين جون ملڪيتون ضبط ڪيون، شهرين کان راءِ جي آزادي جو حق ڇني ورتو، قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ۽ تقرير ڪرڻ يا ڪنهن جاءِ گڏ ٿيڻ (جلسو ڪرڻ) جي منع ڪري ڇڏي، تان جو تعليم ۽ تدريس تي به پابنديون هڻي ڇڏيون. پر اميرن جي آمريت (ڊڪٽيٽري) هڪ سال به هلي نه سگهي. جهموريت پسندن هٿياربند بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪري ورتو، پر اٿينـز جي سماج ۾ نئين سر تعمير جي قوت نه رهي هئي، تڏهن به هارايل جواريءَ جيان اهو پنهنجي باقي بچيل موڙي به داءَ تي هڻڻ کان مڙڻ وارو نه هو. تنهنڪري اٿينـز جي حاڪمن پنهنجي وڃايل طاقت کي موٽائڻ لاءِ هن ڀيري سسلي تي ڪاهه ڪري ڏني، پر ان جنگ ۾ به کين شڪست ئي ملي ۽ سندن رهيو سهيو وقار به مٽي ۾ ملي ويو. بغاوت ۽ سازشن منهن ڪڍيو ۽ اٿينـز جون بيٺڪون (قبضي ڪيل رياستون) به هڪ هڪ ٿي آزاد ٿينديون ويون. 357 ق.م ۾ سلطنت جو نالي ماتر وفاق به ختم ٿي ويو. تڏهن به سڪندر اعظم جو پيءُ فلپس مقدونيا مان طوفان ٿي اٿيو ۽ اترين رياست کي فتح ڪندو، 338 ق.م ۾ اٿينـز تي قابض ٿي ويو. اهو واقعو افلاطون جي وفات کان رڳو نوَ سال پوءِ ٿيو. يوناني جهموريت ان واقعي کان پوءِ ڪڏهن به پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهي.
افلاطون جي جنم وقت اٿينـز رياست جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ سوا ٽي لک هئي. انهن مان پوڻن ٻن لکن ويجهو شهري هئا. شهرين مان مراد اهي يوناني نسل جا ماڻهو هئا جن جي وڏن هيءَ رياست آباد ڪئي هئي. حڪومت جي واڳ رڳو انهن ماڻهن جي هٿ ۾ هئي. ان کان سواءِ سوا لک غلام هئا ۽ لڳ ڀڳ 25 هزار غير ملڪي ماڻهو هئا، پر اٿيني سلطنت جي ڪل آبادي 20 لک هئي. رياست جي سالياني آمدني اندروني وسيلن مان 24 لک ڊالر ۽ بيٺڪن مان 36 لک ڊالر هئي. ڄڻ ته اٿينـز جي حاڪم طبقي ۽ ان جي مائٽن جي آمدنيءَ جو وڏو وسيلو ڏَنُ هو، جيڪو بيٺڪون ڀرينديون هيون.
اٿيني سماج چئن طبقن ۾ ورهايل هو. سڀ کان مٿيون ۽ اختياريءَ جو مالڪ طبقو شهرين جو هو. رياست جي نظم ۽ ضبط تي ان طبقي جي هڪ هَٽي هئي، ڇو ته ووٽ ڏيڻ ۽ پنهنجو حاڪم چونڊڻ جو حق رڳو شهرين کي هو. فوج ۾ به انهن کان سواءِ ڪو ٻيو ڀرتي نه ٿي سگهندو هو. رياست جون زمينون به انهن جي ملڪيت هيون. پاڻ کي ميٽڪس (Metics) سڏائيندڙ ٻيو طبقو انهن غير ملڪين جو هو جيڪي ڊگهي عرصي کان اٿينـز ۾ آباد هئا پر انهن کي شهري حق حاصل نه هئا. انهن جو ڌنڌو واپار هو. هو يوناني نسل جي گهراڻن ۾ شادي ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح ملڪي معاملن ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائيندا هئا. ٽيون طبقو آزاد غلامن جو هو جيڪو نوڪري يا ڪاروبار ڪندو هو ۽ چوٿون ۽ وڌيڪ اهم طبقو غلامن جو هو. ملڪ جي سڄي معيشت (ڪمائيءَ) جو دارومدار انهن جي پورهيي تي هو. کاڻيون کوٽڻ، ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ، بار ڍوئڻ، جايون اڏڻ، سامونڊي ٻيڙا هلائڻ ۽ گهرن ۾ خدمت چاڪري ڪرڻ، مطلب ته اهي سمورا ڪم جن ۾ جسماني ڪم گهربل هو، غلام ئي پورو ڪندا هئا. غلامن جو باقاعدي خريد/وڪرو ٿيندو هو ۽ ڪيترائي مالڪ غلامن کي ڀاڙي تي به هلائيندا هئا. اٿينـز جي وڌ کان وڌ ”غريبَ“ وٽ به هڪ ٻه غلام هوندا هئا. انهيءَ طبقاتي اڻ برابريءَ جو نتيجو اهو ٿيو ته اٿينـز جا شهري ضروري شين جي پيداوار ۾ نه رڳو ڪو به حصو نه وٺندا هئا پر جسماني محنت ۽ پورهيي کي ڏاڍي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، تنهنڪري افلاطون جو همعصر (ساڳئي دَور جو) زينوفون (430-355 ق.م) وڏي فخر سان لکي ٿو ته:
”مهذب قومون مشيني هنرن کي جائز طرح غليظ سمجهنديون هيون، ڇو ته انهن جي ڪري مزدورن جو به، ته انهن جي نگهباني ڪندڙن جو به جسم خراب ٿئي ٿو. انهن کي ڪنهن به طرح مٽيءَ ۾ ويهي ڪم ڪرڻو پوي ٿو يا سڄو سڄو ڏينهن بٺيءَ آڏو جهڪيو رهڻو پوي ٿو. جسماني کوٽ سان گڏ انهن جو روح به هِيڻو ٿي پوي ٿو. وري مٿان اهو، ته اهي ذليل ڌنڌا ايترو ته وقت ٿا وٺن، جو انسان کي دوستن يا رياست جي ڪمن طرف ڌيان ڏيڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي.“
معاشي (اقتصادي) فڪرن کان آزاد هيءُ طبقو پنهنجو وقت سياست ۽ تقرير، فلسفي ۽ شاعريءَ، گهوڙي سواريءَ ۽ ترڻ، جسماني ورزش ۽ فوجي تربيت ۽ بحث مباحثي ۾ گذاريندو هو. عورتون گهرن ۾ رهنديون هيون، ان ڪري سهڻن ڇوڪرن سان محبت جو رواج عام هو، تان جو سقراط ۽ افلاطون به ان مرض کان بچيل نه هئا.
اٿينـز جي شهري رياست جهموريت ضرور هئي، پر اهڙي جهموريت جنهن ۾ شهري حق رڳو مرد شهرين کي حاصل هئا. افلاطون جي ڏينهنِ ۾ انهن جو ڳاڻاٽو 43 هزار هو. عورتن کي راءِ ڏيڻ جو حق نه هو. شهري به سڀ جا سڀ اٿينـز ۾ نه رهندا هئا پر سڄي سلطنت ۾ پکيڙيل هئا. انهن لاءِ سوين ميل سفر ڪري هر مهيني اٿينـز ۾ اچڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ ممڪن نه هو. نتيجو اهو هو ته رياست جي اڇي ڪاري جا مالڪ اڍائي ٽي هزار شهري ئي هئا.
اٿينـز ۾ سياسي افتدار جو سرچشمو قومي اسيمبلي هئي. رياست جو هر بالغ (ساماڻيل) شهري اسيمبليءَ جو ميمبر هوندو هو. اسيمبليءَ جو اجلاس مهيني ۾ چار ڀيرا ضرور ٿيندو هو. رياست جا سمورا قانون اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندا هئا ۽ گهڻائيءَ جي فيصلي سان منظور ڪيا ويندا هئا. گڏجاڻيءَ ۾ شامل ٿيندڙن کي اجورو به ڏنو ويندو هو.
اسيمبليءَ کان سواءِ پنج سَو ميمبرن جي هڪ ڪائونسل هوندي هئي. جيئن ته رياست جا باني ڏهه قبيلا هئا، تنهنڪري هر قبيلي مان 50 ميمبر ڪُڻن وسيلي چونڊيا ويندا هئا. انهن جي ميمبريءَ جو عرصو هڪ سال هوندو هو ۽ انهن کي پنج اوبول (ان وقت رائج سِڪو) روزانو اجورو ملندا هئا. اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻ وارن قانونن جي مسودن جي جاچ پڙتال ڪرڻ، انتظامي محڪمن ۽ مذهبي ادارن جي حسابن جي نگراني ڪرڻ ۽ رياست جي مال ۽ عمارتن جي نگهباني ڪرڻ ڪائونسل جي فرضن ۾ شامل هو. اسيمبليءَ جو اجلاس نه ٿيندو هو ته حڪم جاري ڪرڻ ۽ پرڏيهي معاملن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ به ڪائونسل جي ذميداري هئي، پر انهن فيصلن جي قبولي اسيمبليءَ ۾ لازمي هئي. ڪائونسل ۽ ان جي هيٺين ادارن جي گڏجاڻي روزانو ٿيندي هئي ۽ روزانو گڏجاڻيءَ جو نئون صدر ووٽن وسيلي چونڊيو ويندو هو.
حڪومت جا نوَ ڌار ڌار شعبا هئا. انهن شعبن جي اڳواڻ کي آرڪِن چوندا هئا. اهي به ڪُڻن وسيلي چونڊيا ويندا هئا، پر هر سال انهن کي اسيمبليءَ مان نوَ ڀيرا اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو هو. ٻيا سرڪاري عهدا به ڪڻن وسيلي ئي ڀريا ويندا هئا، پر ملڪ تي حقيقي حڪمراني فوج جي هئي، ڇو ته فوج جو سپهه سالار (ڪمانڊر ان چيف) ۽ ٻيا ڪمانڊر (اڳواڻ) ڪڻن بدران اسيمبليءَ ۾ ووٽ وسيلي چونڊيا ويندا هئا ۽ انهن لاءِ هڪ يا ٻن سالن جي پابندي نه هئي، ان ڪري جو سپهه سالار ئي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ اختيار وارو ماڻهو هوندو هو.
انهن ڏينهن ۾ باقاعدي سياسي پارٽيءَ جو رواج نه هو، پر اٿينـز جا ماڻهو ٻن سياسي ٽولن ۾ ورهايل هئا. هڪ ٽولو وڏن وڏن زميندارن يعني ”شرفا“ (اميرن) جو هو، جيڪو صدين کان اٿينـز تي حڪمراني ڪندو آيو هو، انهن جا مخالف وڏا صنعتڪار، شاهوڪار ۽ سوداگر هئا. هي ٻئي طبقا (خاص ڪري اميرن جو طبقو) جمهوريت کي سخت ناپسند ڪندا هئا ۽ ڊڪٽيٽريءَ يا باشاهيءَ جي حق ۾ سازشون ڪندا رهندا هئا. ٻيو ٽولو ننڍن ننڍن واپارين، دڪاندارن، ڪاروبارين، غريب شهرين ۽ غلامن جو هو. هي ماڻهو جمهوريت جا پرجوش حامي هئا. ان جي سياسي رهنمائن ۾ ڪي چمڙي جا واپاري هئا، ته ڪي ڪپڙو وڪڻندڙ، ڪي ستار ٺاهيندڙ هئا، ته ڪي لالٽين ٺاهيندڙ. انهن ٻنهي ٽولن جون ڌار ڌار جماعتون هيون پر انهن ۾ وڌيڪ طاقتور اميرن جي انجمن هئي، ان ڪري ارسطو لکي ٿو ته اميرن جي انجمن ۾ شامل ٿيڻ وقت اهو واعدو ڪرڻو پوندو آهي ته هو عوام جو دشمن ۽ ڪائونسل ۾ رهي ڪري انهن کي نقصان پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو. افلاطون جي زماني جو ٻيو مفڪر آئسوڪريٽس (Isocrates) 366 ق.م ۾ لکي ٿو ته ”دولتمند طبقو ايترو ته سماج دشمن ٿي پيو آهي جو پنهنجي ملڪيت سمنڊ ۾ اڇلڻ پسند ڪندو پر ڪنهن حاجتمند کي هرگز نه ڏيندو.“
بدنظمي ايتري ته وڌي وئي جو دولتمند طبقو پنهنجي اقتدار بچائڻ خاطر بري کان بري ڪم ڪرڻ کان به پاسو ڪو نه ڪندو هو. مثال طور سولن جي دستور موجب رشوت جي سزا موت هئي پر افلاطوني دؤر جي اٿينـز ۾ شهرين جي ووٽ جي باقاعدي خريد ۽ کپت ٿيندي هئي ۽ اهم عهدن تي، جن ۾ فوجي عهدا به شامل هئا، رشوت ڏيڻ کان سواءِ مقرري لڳ ڀڳ ناممڪن هئي.
اهو ئي حال عدالتن جو هو جتي اثر رسوخ ۽ رشوت وسيلي فيصلا ٿيندا هئا ۽ ماڻهو جڏهن تنگ ٿي بغاوت ڪندا هئا، ته فوج ان بغاوت کي سختيءَ سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. ان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ڪري بي چيني وڌندي وئي، تنهنڪري 412 ق.م ۾ سيموز ٻيٽ جي ماڻهن بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. هنن 200 اميرن کي قتل ڪيو ۽ 400 کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ سڄي زمين ۽ ملڪيت پاڻ ۾ ورهائي ڇڏي. ان قسم جون بغاوتون ليون تِي نِي ۽ ڪورسائرا ۾ به ٿيون. 370 ق.م ۾ آرگوس جا ماڻهو هٿيار کڻي اٿيا ۽ 1200 اميرن جون سِسيون وڍي ڌار ڪيون ۽ انهن جون ملڪيتون ضبط ڪري ڇڏيون.
دولت ۽ پورهيي جي هن جنگ ۾ اٿينـز جا مفڪر ۽ فنڪار غيرجانبدار نه هئا. ملڪ جي بدحاليءَ جو نقشو انهن جي آڏو هو ۽ سماجي مسئلن تي راءِ ظاهر ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا. ڪجهه دانشور ته خرابيءَ جي پاڙ تائين پهچي ويا ۽ اهي کلي عام چوندا هئا ته اٿينـز جا شهري جيستائين بيٺڪن تان هٿ نه کڻندا انهن جي مفت خوريءَ جي عادت نه ويندي. آئسوڪريٽيز (436-338 ق.م)، جيڪو اٿينـز جو مشهور استاد ۽ خطيب هو، کلي عام چوندو هو ته:
”جنهن کي اسين سلطنت ٿا چئون، حقيقت ۾ اها هڪ وڏي لعنت آهي، ڇو ته سلطنت جي فطرت ئي اهڙي آهي جو ان سان واسطو رکندڙ هر ماڻهوءَ جو ڪردار برباد ٿي وڃي ٿو. اٿينـز جي شهرين کي ڏنَ تي جيئرو رهڻ سيکاري، سامراج جمهوريت جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي. ماڻهو سرڪاري خرچ تي زندگي گذارڻ ٿا چاهن ۽ انهن ماڻهن کي عهدن تي ويهارين ٿا جيڪي کين گهڻي کان گهڻيون رعايتون ڏيڻ جو واعدو ڪن.“
مشهور درويش صفت فلسفي ديوجانس (412-323 ق.م) به دولت جي مِڙڻ ۽ دولتمندن جي عيش پرستيءَ جي کلي عام مذمت ڪندو هو. هو غلاميءَ کي انصاف جي توهين سمجهندو هو. هو پاڻ انتهائي سادي زندگي گذاريندو هو ۽ ٻين کي به نرميءَ، نيڪيءَ ۽ درگذر جي تلقين ڪندو هو. سندس استاد اينٽي سٿينـز (Antisthenes) ذاتي ملڪيت کان سخت بيزار هو: ”مان ان خوف ڪري دولت کان بچڻ ٿو گهران ته متان اها منهنجو آقا نه بڻجي پوي.“ هو ملڪيت وارن طبقن سان ذاتي واسطو رکڻ به پسند نه ڪندو هو. هو اهڙي مدرسي ۾ پڙهيو هو جتي غريب ٻار علم پرائيندا هئا. هو پڙهائڻ جو به ڪو اجورو نه وٺندو هو. اهڙيءَ طرح مشهور ڊراما ليکڪ يُوروپڊيس (480-406 ق.م) پنهنجن ناٽڪن ۾ يونانين جي وهم پرستيءَ تي ڏاڍي ٽوڪ ڪندو هو، انهن جي ديوتائن جي مذمت ڪندو هو، عورتن جي غلاميءَ تي ڏک ڪندو هو ۽ غلاميءَ جو جاني دشمن هو. هو جنگ ۽ جنگبازن تي ڇتي تنقيد ڪندو هو ۽ سوشلسٽ خيال وڌائيندو هو. آخرڪار کيس ان سچ ڳالهائڻ جي سزا ملي ۽ غداريءَ جي الزام ۾ مٿس ٻه ڀيرا مقدمو هليو، پر هو آزاد ٿي ويو، ان ڪري هن کي 72 سالن جي عمر ۾ جلاوطن ڪيو ويو.
مطلب ته سڄي سماج ۾ سياسي بي چينيءَ سان گڏ فڪري اٿل پٿل جي ڪيفيت طاري هئي. رواقي فلسفي انهن سونهري ڏينهن جو ذڪر ڪندا هئا جڏهن نه مال متاع هو ۽ نه لالچ يا هوَس جي ڪري انسان خود غرضيءَ ۽ عيش پسنديءَ جو شڪار ٿيو هو. هر طرف پيارَ محبت، دوستيءَ، خلوص، نيڪيءَ ۽ نرميءَ جو راڄ هو. هو چوندا هئا ته دل جو سُڪون ۽ روح جي پاڪائي گهرو ٿا ته ان ئي سڌي ۽ سادي فطري دين طرف موٽي هلو جيڪو اوهان جي وڏن جو هو. پر اهي ذهين ماڻهو، جن جو خيال هو ته انسان پوئتي موٽي نه ٿو سگهي، کلي عام ڪميونزم جي پرچار ڪندا هئا، پر انهن جي نالي چڙهي ڪميونزم ۾ واپار کي قوم جي گڏيل ملڪيت بڻائڻ جو تصور شامل نه هو ۽ نه ئي هو غلامن جي آزاديءَ جي حق ۾ هئا. هو ته رڳو قرضن جي خاتمي جي خواهش رکندا هئا ۽ زمين کي هارين ۾ هڪ جيترو وراهڻ گهريائون پئي. هنن ڳاڙهي رنگ کي پنهنجو انقلابي نشان بڻائي ڇڏيو هو.
پر دولتمند طبقو به پنهنجي مفاد کان غافل نه ٿيو هو. ماڻهن جي ذهنن تي قبضو رکڻ جو هنر ان کي به ايندو هو. اٿينـز ۾ عام راءِ کي پنهنجو هم خيال بڻائڻ جو سڀ کان سٺو ۽ زوردار طريقو ڊرامو هو، جيڪو تعليم ۽ تفريح جون ٻئي ضرورتون پوريون ڪندو هو، ڇو ته عوام جي وڏي گهڻائي لکڻ پڙهڻ ڪو نه ڄاڻيندي هئي ۽ نه ئي فلسفي يا حڪمت جون اٽڪلون سٽڪلون سندن سمجهه ۾ اينديون هيون. اهي ناٽڪ کليل آسمان هيٺ ڪيا ۽ مفت ڏيکاريا ويندا هئا. خاص طرح خوشيءَ ۽ مشڪريءَ وارا ناٽڪ ته هزارين ماڻهو ڏسندا هئا. انهن ناٽڪن جو سڄو خرچ دولتمند طبقو ڀريندو هو ۽ (ظاهر آهي ته) ڊراما لکندڙ، جنهن جو کائيندا اُن جو ئي ڳائيندا. انهن ڊراما نويسن جو سرتاج ارسطوفينـز (448-388 ق.م) هو. هُو ڏاڍو دولتمند شهري هو ۽ هن کي پنهنجي طبقي جو مفاد پيارو هو. ارسطوفينـز سٺو فنڪار به هو.
ارسطوفينـز پنهنجي هر ڊرامي ۾ ڪنهن نه ڪنهن سماجي مسئلي کي کڻندو هو ۽ روشن خيال دانشورن تي دل کولي ٽوڪ ڪندو هو. سقراط خلاف سندس ڊرامن کي ڏاڍي مشهوري ملي، پر تاريخدان ته اهو به چون ٿا ته سقراط کي نوجوان گمراهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيڪا موت جي سزا ملي، ان ۾ ارسطوفينـز جي ڊرامن جو وڏو حصو هو. هڪ ڊرامي ۾ هو امن پسندن تي به ڏاڍي ٽوڪ ٿو ڪري. پر اسان هتي ان ڊرامي جو جائزو وٺنداسون جنهن ۾ ارسطوفينـز ڏاڍي فنڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ڪميونزم کي ملامت جو نشانو بڻايو. ان ڊرامي جو نالو ”عوام جي گڏجاڻي“ (Ecclesiazusai) آهي.
ان ڊرامي جي هيروئن پَراڪساگورا آهي. هوءَ اٿينـز جي عورتن کي مردن خلاف بغاوت لاءِ ورغلائي ٿي. هن کي مردن کان اها شڪايت آهي ته هو گهر جي پرسڪون ماحول کان وڌيڪ جنگ جي خوني ميدان کي پسند ڪن ٿا، پنهنجن عورتن سان ملڪي مسئلن تي صلاح مشورو ڪرڻ ته رهيو پري، پر ساڻن مرڪي به ڪو نه ٿا ڳالهائن، اڃا به سڄو وقت گهر کان ٻاهر عياشين ۾ گذارن ٿا. انهن جي غفلتن جي ڪري ملڪ جو نظام برباد ٿي ويو آهي، تنهنڪري عورتن کي گهرجي ته حڪومت جي واڳ هٿ ڪن. عورتون پراڪساگورا جي رٿا مڃي وٺن ٿيون ۽ پراڪساگورا جي اڳواڻيءَ ۾ مردن جو ويس ڍڪي قومي اسيمبليءَ ۾ شريڪ ٿين ٿيون. انهن جو ڳاڻيٽو مردن کان وڌيڪ آهي، تنهنڪري پراڪساگورا پارليماني قاعدن موجب اٿينـز جي وڏي حاڪم چونڊجي وڃي ٿي. تڏهن هوءَ اعلان ڪري ٿي ته:
”مان چاهيان ٿي ته هر ماڻهوءَ کي هر شَي ۾ حصو ملي، سڄي ملڪيت رياست جي گڏيل ملڪيت هجي ته جيئن ملڪ ۾ نه ڪو امير رهي ۽ نه ئي ڪو محتاج. آئندي ايئن نه ٿيندو ته هڪ ماڻهوءَ وٽ ته اڻ کٽ زمين هجي ۽ ٻئي کي قبر لاءِ به ٽڪرو نه ملي... مان چاهيان ٿي ته زندگيءَ جون سهولتون ۽ ڪمائيءَ جا موقعا سڀني کي برابر هجن. مان ان جي شروعات ايئن ڪندس ته زمين ۽ نقديءَ کي ذاتي ملڪيت بدران گڏيل ملڪيت بڻائي ڇڏيندس ۽ سڀ تبديل ٿي سگهندڙ ملڪيت سرڪاري خزاني ۽ گدامن ۾ گڏ ڪئي ويندي.“
تڏهن ان جو مڙس بلي پائرس اٿي چوي ٿو ته سمجهه ته ڪو ماڻهو پنهنجن پيسن ۽ زيورن جو ڪجهه حصو لڪائي ٿو رکي ۽ رياست کي ان جي خبر پئجي نه ٿي سگهي. اها نج بي ايماني ٿيندي، پر بي ايمانيءَ ڪري ئي ته هن اها دولت ڪٺي ڪئي هئي.
پراڪساگورا جواب ٿي ڏئي ته تون ٺيڪ ٿو چوين، پر هاڻي اها دولت هن لاءِ بيڪار هوندي. مڙس پڇي ٿو ته ڪيئن؟ تڏهن پراڪساگورا جواب ٿي ڏئي ته ان ڪري جو هاڻي هر ماڻهوءَ جون سڀ ضرورتون ۽ خواهشون پوريون ٿينديون رهنديون ــــــــ ماني، مٺائي، لباس، شراب، مڇي، ميوي ــــــــ سڀني جي گهڻائي ٿيندي تنهنڪري ڪو به ماڻهو بي ايمانيءَ سان ٺاهيل دولت لڪائي ڇا ڪندو؟
تڏهن بلي پارس پڇي ٿو ته ٻنين ۽ کاڻين ۾ ڪم ڪير ڪندو؟
پراڪساگورس ڏاڍي سادگيءَ سان جواب ٿي ڏئي ته
”محنت پورهيي جا سمورا ڪم غلام ڪندا ۽ توهان جو بس اهو ئي ڪم هوندو ته جڏهن شام جو پاڇا ڊگها ٿيڻ لڳن تڏهن پنهنجين تفريحي مشغولين ۾ مصروف ٿي وڃجو.“
اها ڳالهه يقين سان چئي نه ٿي سگهجي ته ارسطوفينـز سوشلسٽ سماج جي جيڪا مورت چٽي آهي، اها سندس ذهن جي تخليق آهي يا اٿينـز جا سوشلسٽ خيال ماڻهو به ان قسم جي سماج جا حامي هئا. اندازو اهو آهي ته ارسطوفينـز يوناني سوشلسٽن جي خيالن کي بگاڙي پيش ڪيو آهي، ڇو ته اسپارٽا ۾، جيئن اسان اڳ لکيو آهي، ته ان قسم جو اميراڻو ڪميونـزم ڊگهي عرصي تائين قائم رهيو هو ۽ اٿينـز جا ڪجهه ماڻهو، جن ۾ افلاطون به شامل هو، اسپارٽا جي اقتصادي سماجي نظام کي پوئواريءَ لائق سمجهندا هئا. مطلب ته ڪميونـزم جون اهي برڪتون رڳو يوناني شهرين لاءِ هيون، غلامن جي زندگيءَ ۾ ان ڪري ڪو فرق اچڻ وارو ڪو نه هو.
ارسطوفينـز پنهنجي هڪ ٻئي ڊرامي ۾ به ڪميونزم تي ٽوڪ ڪئي آهي. اهو ڊرامو 408 ق.م ۾ پيش ڪيو ويو، تڏهن افلاطون جي عمر 19 سال هئي. ان ڊرامي جو عنوان ”پلوٽس“ (دولت) آهي. ان ڊرامي ۾ غربت (بک) کي ڪميونـزم جي ڪري فنا ٿي وڃڻ جو خطرو ٿئي ٿو، تنهنڪري اها پنهنجي صفائيءَ ۾ جيڪي دليل ڏئي ٿي، اهي علماءِ ڪرام جي انهن دليلن سان هڪجهڙائي رکندڙ آهن، جيڪي فرمائن ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ سوشلزم اچي ويو ۽ غربت باقي نه رهي ته پوءِ خيرات ڪنهن کي ڏني ويندي. غربت (بک) چوي ٿي ته:
”اي اٿينـز وارَو! توهان جون راحتون ۽ سهولتون منهنجي ڪري آهن، پر توهان جي زندگيءَ جو دارومدار ئي مون تي آهي. جيڪڏهن هر ماڻهوءَ کي ڪم کان واندڪائي ملي وئي، ته لوهه ڪير پگهاريندو، بٺي ڪير ٻاريندو، مترڪو ڪير هلائيندو، ٻيڙا ڪير ٺاهيندو، ڪپڙا ڪير سِبندو، کل ڪير رڱيندو، چمڙو ڪير سينگاريندو ۽ هَرُ ڪير هلائيندو؟ جيڪڏهن ڪميونزم مڙهجي ويو، ته توهان جي سمهڻ لاءِ پلنگ نه ملندا، ڇو ته پلنگن جو ٺهڻ ختم ٿي ويندو ۽ نه ئي توهان آرام سان غاليچن تي سمهي سگهندَو، ڇو ته جڏهن هر غاليچي ٺاهيندڙ وٽ دولت هوندي ته پوءِ اهو غاليچو ڇو اُڻندو؟“
اهي ڊراما افلاطون جي ”ريپبلڪ“ کان گهڻو اڳ لکيا ويا هئا ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اٿينـز ۾ ڪميونزم جي ڳالهه ٻول افلاطون کان اڳ شروع ٿي چڪي هئي ۽ سوشلسٽ خيال ايترو زور وٺي ويا هئا جو حڪمران طبقي کي اهي ختم ڪرڻ لاءِ ڊرامن جو سهارو وٺڻو پيو هو.
افلاطون جو جنم انهن ڏينهن ۾ ٿيو جڏهن يوناني سماج جي عزت جو سج ٻڏڻ ويجهو هو. افلاطون جو تعلق اميرن جي پراڻي گهراڻي سان هو، جيڪو واپار ۽ واپار ڪندڙ نون دولتمندن کي ڏاڍي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جيتوڻيڪ اقتدار سندس هٿن مان نڪري چڪو هو پر اهي اڃا پاڻ کي يوناني تهذيب ۽ تمدن جا نگهبان سمجهندا هئا. ان طبقي جو ايمان هو ته ملڪ جي زوال جو سبب اهو ئي آهي ته اٿينـز جو نظم ۽ ضبط اميرن بدران بازاري ماڻهن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي. ان ماحول ۾ پلجندڙ افلاطون مرڻ گهڙيءَ تائين واپارين سان ٺاهه ڪري نه سگهيو.
افلاطون مدرسي ۾ موسيقيءَ، رياضيءَ، نثر، نظم ۽ ٻين رائج علمن ۾ تعليم حاصل ڪئي. سندس فطري لاڙو شاعريءَ طرف هو پر سياست کي به پسند ڪندو هو. پاڻ اڃا سياست ۽ شاعريءَ مان ڪنهن جي چونڊ جو فيصلو ڪري نه سگهيو هو، جو سندس ملاقات سقراط سان ٿي ۽ پاڻ ويهن سالن جي عمر ۾ سقراط جو شاگرد ٿي ويو. فلسفي ۽ حڪمت جو نشو پوءِ سڄي عمر نه لٿس.
افلاطون جي جواني اسپارٽا جي تباهه ڪندڙ جنگ واري ماحول ۾ گذري. 404 ق.م ۾ جڏهن اها جنگ ختم ٿي ۽ اقتدار افلاطون جي مائٽن جي هٿن ۾ آيو، تڏهن افلاطون کي به صلاح مشوري جي گڏجاڻيءَ (ڪاميٽيءَ) ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي، پر افلاطون انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ سال کان پوءِ جمهوريت پسندن ان حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ته افلاطون کي اچي ڀَو ويٺو ته متان اڳوڻن حاڪمن سان مائٽيءَ جي ڪري مٿس به نه قهر نازل ٿئي، تنهنڪري هن اٿينـز مان موڪلايو ۽ يونان جي مختلف شهرن ۾ ٽڪندي ۽ سفر ڪندي، اچي مصر پهتو. مصر ۾ افلاطون رياضيءَ ۽ علم نجوم (ستارن جي علم) جي تعليم پوري ڪئي ۽ ڏکڻ اٽلي روانو ٿيو. اٽليءَ ۾ کيس حڪيم پيٿاگورس جي شاگردن جي صحبت ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. پيٿاگورس (582-507 ق.م) يونان جو پهريون جمهوريت پسند فلسفي هو. هن فلسفي جو اصطلاح ٺاهيو. پاڻ ڏکڻ اٽليءَ ۾ ڪروٽن جي علائقي ۾ پنهنجن شاگردن ۽ مريدن جي هڪ وسندي وسائي هئائين، جتي ماڻهو سوشلسٽ اصولن موجب زندگي گذاريندا هئا. پيٿاگورس قدرتي لقائن جي تشريح عددن جي پاڻ ۾ رشتي ۽ موسيقيءَ جي قانونن جي حوالي سان ڪندو هو. پاڻ (روح جي) جوڻ مٽائڻ ۽ تشدد نه ڪرڻ جو قائل هو ۽ عورت ۽ مرد کي سماج ۾ هڪ جيترو درجو ڏيندو هو. هو چوندو هو ته زمين گول ۽ چرپر ڪندڙ آهي. افلاطون پيٿاگورس جي تعليم کان ڏاڍو متاثر ٿيو، تنهنڪري ”ريپبلڪ“ ۾ پيٿاگورس جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته
”پيٿاگورس جا مريد (عقيدتمند) ساڻس بيحد پيار ڪندا هئا، ڇو ته هن هڪ عزت لائق سماج قائم ڪيو ۽ هڪ اهڙي زندگي کين ڏئي ويو هو جيڪا پيٿاگورس جي پوئلڳن کي اڄ به دنيا ۾ مٿاهون ڪري ٿي.“
افلاطون اٽليءَ کان سسلي ويو جتي سندس دوستي ڊائنوسس (اول) بادشاهه جي خاص صلاحڪار ڊيان سان ٿي، پر هڪ ڏينهن بادشاهُه افلاطون جي ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي پيو ۽ کيس غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس دوستن رقم ڏئي کيس آزاد ڪرايو. ان غلاميءَ مان نجات حاصل ڪري هُو 12 سالن جي سير سفر کان پوءِ اٿينـز موٽي آيو ۽ اتي اچي پنهنجي مشهور درسگاهه (اڪيڊمي) قائم ڪئي ۽ چاليهن سالن تائين اميرن جي ٻارن کي تعليم ڏيندو رهيو.
افلاطون کي پنهنجن سياسي خيالن کي عملي جامو پارائڻ جو موقعو ان وقت مليو جڏهن سسليءَ جي تخت تي ڊائنوسس (ٻيو) بادشاهه ٿي ويٺو. هُو افلاطون ۽ ان جي دوست ڊيان جو ڏاڍو عقيدتمند هو، تنهنڪري ڊيان جي دعوت تي افلاطون سسلي ٻيهر ويو، پر اهو سفر بيسود ثابت ٿيو. افلاطون ”ريپبلڪ“ ۾ جيڪا عادل ۽ فلسفي حاڪم جي مثالي شخصيت ٺاهي هئي، ڊائنوسس کي ان سان ذري جو به واسطو نه هو.
افلاطون پنهنجين ٻين لکڻين جيان ”ريپبلڪ“ ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي، اهو سقراط جي زباني چيو آهي، تنهنڪري اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته انهيءَ گفتگوءَ جو ڪيترو حصو استاد جي فرمانن تي ٻڌل آهي ۽ ڪيترو خود افلاطون جي ذهن جي تخليق آهي. ”ريپبلڪ“ جي لکجڻ جو سن به معلوم ڪونهي. محققن جو خيال آهي ته افلاطون هي ڪتاب چاليهن پنجيتاليهن سالن جي عمر ۾ لکيو.
افلاطون بيان ٿو ڪري ته سقراط هڪ ڏينهن ڪنهن مذهبي ڏڻ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اٿينـز جي بندرگاهه پيريز ويو، جيڪو شهر کان 10-12 ميلن جي مفاصلي تي هو. مذهبي رسمن کان واندو ٿي، هُو اٿينـز موٽي رهيو هو ته هن جي ملاقات هڪ دوست پولي مارڪس ۽ افلاطون جي ٻن ڀائرن سان ٿي. پولي مارڪس پئرس جو رهندڙ هو. هن سقراط کي چيو ته رات جي وقت مشعلون ٻاري گهوڙي سوارن جو جلوس نڪرندو، تنهنڪري توهان اهو جلوس ڏِسو ۽ رات اسان سان گذاريو. سقراط پولي مارڪس جي درخواست منظور ڪئي ۽ سندس گهر هليو ويو.
اتي پولي مارڪس جي پيءُ ۽ سقراط جي وچ ۾ ٻڍاپي متعلق گفتگو ٿيندي رهي ٿي ۽ ڳالهين جو سلسلو وڌندي وڌندي انصاف (عدل) تائين پهچي ٿو. ڪو چوي ٿو ته حقدار کي ان جو حق ڏيڻ عدل آهي، ڪنهن وٽ دوستن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ دشمن سان برائي ڪرڻ عدل آهي ۽ ڪنهن جي راءِ ۾ عدل طاقتور جي مفاد جي حفاظت آهي. سقراط چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي ذهن ۾ عدل جي تصور جي ڳولا ڪرڻ بدران ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته سڄي شهر ۾ عدل جي ڪردار جي ڳولا ڪئي وڃي ڇو ته ماڻهو بهرحال هڪ سڄي جو جزو آهي.
جڏهن ماڻهو سقراط جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا، تڏهن سقراط چوي ٿو، ته اچو ڏسون ته شهري زندگيءَ ۾ عدل تي ڇا ٿو وهي واپري، تنهنڪري هو ان سونهري زماني جو نقشو بيان ڪري ٿو جڏهن شهر اڃا نئين سِر وسڻ شروع ٿيا هئا، آبادي ڏاڍي گهٽ هئي ۽ هر شهريءَ جو ڪو نه ڪو ڌنڌو هو: ڪو ڊکڻ هو ته ڪو لوهر، ڪو ڪورِي هو ته ڪو رازو. اهي هڪ ٻئي جي بنيادي ضرورتن جون شيون پيدا ڪندا هئا، پر هڪ ڌنڌي وارو ٻئي جي ڌنڌي ۾ دخل نه ڏيندو هو. سڀ ماڻهو خوش رهندا هئا. نه ڪو شاهه هو ۽ نه ڪو گدا، نه ڪوئي امير هو نه ڪوئي غريب. سقراط ان شهر کي تندرست شهر سڏي ٿو.
پر شهرين ان سادي زندگيءَ تي قناعت نه ڪئي. کين لذيذ خوراڪ، عمدي لباس، عاليشان جاءِ، سونَ چانديءَ جي زيورن ۽ هار سينگار جي ضرورت ستائي ٿي، تنهنڪري هر قسم جا ”جوڙيندڙ“ ۽ هنرمند پري پري کان اچي شهر ۾ آباد ٿيڻ لڳا. شين جي خريد ۽ کپت جي بازار گرم ٿي. شهر جي آبادي ۽ دولت ٻئي وڌيون، تڏهن شهر جي نظم ۽ ضبط جو مسئلو اٿيو ۽ شهرَ باقاعدي رياست ٿي ويا.
افلاطون جي دعوى آهي ته سندس زماني تائين يونان ۾ پنجن قسمن جون رياستون گذري چڪيون آهن: پهرين اميرن جي، ٻي ٽائمو ڪريسي (Timocracy، اهڙو حڪومتي انتظام جنهن ۾ وڏو عهدو ماڻڻ لاءِ امير هجڻ ضروري آهي)، ٽين اولِي گارچي (ٿورن ماڻهن جي حڪومت/ Oligarchy)، چوٿين جمهوريت ۽ پنجين آمريت يعني ڊڪٽيٽرشپ. افلاطون جي خيال ۾ اميرن جو حڪومتي نظام سڀ کان وڌيڪ انصاف ڀريو هو، ڇو ته حڪمران داناءَ هئا، محافظ (فوجي) دلير هئا ۽ شهرين جي وچ ۾ وچٿرائي ۽ هم آهنگي هئي. هي ٽئي طبقا پنهنجا پنهنجا فرض پورا ڪندا هئا ۽ ڪو به طبقو ٻين جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندو هو. ٽائموڪريسيءَ جو نظام ڪريٽ ۽ اسپارٽا ۾ رائج هو. ان نظام ۾ حڪومت جو اختيار رڳو دولتمند ماڻهن کي حاصل هو: جنهن وٽ جيتري دولت هوندي هئي، نظم ۽ نسق ۾ ان جو اوترو ئي اختيار هلندو هو.
افلاطون کي اولي گارچي جو ذاتي تجربو هو تنهنڪري هُو اهڙي قسم جي حڪومت کي سخت ناپسند ڪندو هو. ”اهڙي حڪومت ۾ رڳو دولتمند راڄ ڪندا آهن ۽ غريبن جي ڪا آرزو نه ٿيندي آهي ـــــــ دولت ۽ دولتمندن جي عزت ٿيندي آهي ۽ پاڪبازن جي بيقدري.“ ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ”شهر جي ٻَڌي (وحدت) ختم ٿي وڃي ٿي ۽ شهر اندر ئي اندر شهرن ۾ ورهائجي وڃي ٿو: هڪ اميرن جو شهر ۽ ٻيو غريبن جو شهر، جيڪي رهندا ته هڪ ئي علائقي ۾ آهن، پر هڪ ٻئي جي خلاف لاڳيتو سازشون ڪندا رهندا آهن.“ ان رياست ۾ زَر ۽ زيور کي ٻين سڀني شين تي فوقيت ڏني ويندي هئي. ڪجهه ماڻهو مقروض هوندا آهن، ڪجهه شهري حقن کان محروم ۽ ڪجهه وري مقروض به ته محروم به. افلاطون اهڙي شهر کي ”بيمار شهر“ ڄاڻائي ٿو، جيڪو ٻاهرين حملي ۽ اندرين بغاوت جي سَٽ سهي نه سگهندو آهي.
پر جمهوري نظام به ڪجهه گهٽ بي انصاف نه هوندو آهي. ”جمهوريت ان وقت قائم ٿيندي آهي جڏهن ڪجهه غريب ماڻهو پنهنجي مخالف جماعت جي ڪجهه ماڻهن کي قتل ڪندا يا ملڪ نيڪالي ڏئي، ٻين شهرين کي شهري حقن ۽ عهدن ۾ شريڪ ڪري اقتدار حاصل ڪندا آهن. اهڙي رياست ۾ عهدا عام طور ڪُڻن وسيلي ورهايا ويندا آهن.“ افلاطون جنهن نظام جي مذمت ڪئي آهي ان جو جمهوريت سان ڪو به واسطو نه آهي، پر اهو نقشو ان بدنظميءَ جو آهي جيڪا افلاطون جي ڏينهن ۾ اٿيني سماج ۾ موجود هئي.
۽ جڏهن ماڻهو انهن بدنظمين مان تنگ ٿي پون ٿا ته ڪو فولادي انسان ملڪ جو نجات ڏياريندڙ ٿِي اٿندو آهي. اهو عوام سان قِسمين قسمين ڪوڙا وعدا ڪندو آهي ۽ انهن کي سبز باغ ڏيکاري پنهنجو پوئلڳ بڻائي ڇڏيندو آهي. افلاطون جي نظر ۾ حڪومت جو بدترين نظام اهو آهي جنهن ۾ اڪيلو شخص ڊڪٽيٽر بڻجي ويو. انصاف جو روح سڀ کان وڌيڪ اميراڻي حڪومت ۽ سڀ کان گهٽ ڊڪٽيٽر حڪومت ۾ ملندو آهي.
سقراط جا دوست پڇن ٿا ته پوءِ ٻڌايو ته اوهان جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ انصاف ڀريو حڪومتي نظام ڪهڙو آهي ۽ اهو نظام ڪيئن قائم ٿي سگهي ٿو. تڏهن سقراط پنهنجي مثالي رياست جو خاڪو پيش ڪري ٿو. افلاطون وٽ هر رياست جي بناوت جا ٽي عضوا هوندا آهن. (1) حاڪم طبقو، جيڪو ملڪ جي انتظام جو ذميدار هوندو آهي، (2) فوج، جيڪا ٻاهرين حملن کان بچائي ٿي، ۽ (3) هاري ۽ هنرمند وغيره، جيڪي زندگيءَ جون ضرورتون پيدا ڪندا آهن. افلاطون چوي ٿو ته اسان سڀني کي گهرجي ته رياست جي رهاڪن کي ان ڳالهه جو يقين ڏياريون ته اهي سڀئي ڌرتي ماتا جي پيٽان پيدا ٿيا آهن، جيڪا انهن سڀني جي ماءُ آهي، پر ديوتائن سندن پتلو ٺاهڻ وقت ڪجهه جي مٽيءَ ۾ سونُ ملايو، ڪجهه جي مٽيءَ ۾ چاندي ۽ باقي سڀني جي مٽيءَ ۾ لوهه ۽ ٽامو. جن جي مٽيءَ ۾ سونَ جي ملاوت ٿي اهي حاڪم ٿيا، جن جي مٽيءَ ۾ چانديءَ جي ملاوت ٿِي اهي محافظ (سپاهي) ٿيا ۽ جن جي مٽيءَ ۾ لوهه ۽ ٽامي جي ملاوت ٿِي اهي هاري ۽ هنرمند ٿيا. تقدير جي ان قانون تي سختيءَ سان عمل ٿيڻ گهرجي، نه ته مثالي رياست قائم رهي نه سگهندي.
افلاطون جو خيال آهي ته جيڪڏهن حاڪمن ۽ محافظن جو مناسب سڌارو ٿي وڃي ته واپارين، هنرمندن ۽ هارين جو سڌارو پنهنجو پاڻ ئي ٿي ويندو، تنهنڪري حاڪمن ۽ محافظن جي تعليم ۽ تربيت ننڍپڻ کان ئي ٿيڻ گهرجي. ان ڪري جن ٻارن ۾ سونَ ۽ چانديءَ جي ملاوت وڌيڪ هجي ان کي گهر وارن کان ڌار ڪري سپاهين جهڙين ڪئمپن ۾ رکڻ گهرجي. اتي انهن کي لائق انسانن جي نگرانيءَ ۾ جسماني سگهه لاءِ جمناسٽڪ (ورزش) ۽ ذهني تربيت لاءِ موسيقيءَ جي تعليم ڏيڻ گهرجي. انهن جي نصاب ۾ رڳو اهي مضمون هئڻ گهرجن جن ۾ ديوتائن جون سهڻيون وصفون بيان ڪيل هجن ۽ اهڙيون ڳالهيون هجن جن کي پڙهي ٻارن جي دل مان موت جو ڀَو نڪري وڃي، (افلاطونُ هومر ۽ هيساڊ جو سخت مخالف هو، ڇو ته اهي ڪُوڙا ۽ اخلاق خراب ڪندڙ قصا بيان ڪندا هئا)، وطن جي خدمت ۽ وطن لاءِ قربانيءَ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ ذاتي مفاد بدران ملڪي مفاد کي اهميت ڏيڻ جو جذبو جاڳي. جيئن ته ذاتي ملڪيت ئي شانَ شوڪت سان پيار، اقتدار جي حوس ۽ ذاتي مفاد جو سبب هوندي آهي ان ڪري انهن ٻنهي طبقن جي ذاتي ملڪيت، تان جو ذاتي گهر به، نه هئڻ گهرجي. انهن کي رياست پاران گذاري لاءِ رڳو ايترو اجورو ملندو رهي جيڪو انهن جي ضرورتن لاءِ ڪافي هجي ــــــــ نه وڌيڪ ۽ نه ئي گهٽ. انهن کي ڇانوڻين ۾ سڀني سان گڏجي رهڻ گهرجي ۽ لنگر جو کاڌو به هڪ ئي دسترخوان تي کائڻ گهرجي. انهن کي زر ۽ زيور جي استعمال جي قطعي منع هئڻ گهرجي، ڇو ته اهو جوهر ته پاڻ انهن اندر موجود آهي.
افلاطون وٽ محافظن جو فرض اهو آهي ته اهي دولت جي گهڻائيءَ ۽ غربت جي گهڻائيءَ جي لاڙي کي بند ڪن. رياست جي واڌاري ۾ تڪڙ کان ڪم نه وٺن ۽ موسيقيءَ، جمناسٽڪ ۽ نون تجربن ۽ ايجادن جي ڪڏهن به موڪل نه ڏين.
ويهن سالن جي عمر ۾ ٻارن جو امتحان ورتو وڃي ته جيئن انهن جي جسماني، ذهني ۽ اخلاقي صلاحيتن جو اندازو ٿي سگهي. جيڪي ٻار پوري معيار تي نه هجن، انهن کي واپار، محنت مزوري، دستڪاريءَ (هنر) ۽ زراعت ۾ هنيو وڃي. انهن ماڻهن کي ذاتي ملڪيت جي موڪل هجي ۽ اهي حد ۾ رهي دولت پيدا ڪن. جيڪي نوجوان امتحان ۾ ڪامياب ٿين، انهن کي وڌيڪ ڏهن سالن تائين تعليم ڏني وڃي. ٽيهن سالن جي عمر ۾ انهن جو ٻيهر امتحان ورتو وڃي. جيڪي ناڪام ٿين انهن کي محافظن جي دستي ۾ شامل ڪيو وڃي. انهن کي ذاتي ملڪيت جي موڪل نه ڏني وڃي ۽ نه ڪاروبار جي، پر اهي گڏجي ڪئمپن ۾ رهن. جيڪي جوان ڪامياب ٿي وڃن انهن کي وڌيڪ پنجن سالن تائين الاهي فلسفي، حساب، منطق، قانون ۽ سياست جي تعليم ڏني وڃي، تڏهن 35 سالن جي عمر ۾ انهن کي ملڪ جي عملي زندگيءَ ۾ حصو وٺڻ جي موڪل هجي. جڏهن اهي 50 سالن جي عمر جا ٿين، تڏهن انهن کي بنا چونڊ حاڪم طبقي ۾ شامل ڪيو وڃي. انهن کي ذاتي ملڪيت جي اجازت نه هجي ۽ نه ئي انهن جو ڪو گهر يا زال ۽ ٻار هجن.
ڳالهه ايستائين پهتي هئي ته گلاڪن وچ ۾ ڳالهايو ته توهان حڪمرانن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن جون زالون ۽ ٻار گڏيل هجن، ان مان توهان جي مراد ڇا آهي؟ سقراط ان سوال جو جواب ڏيندي لنوائي ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو ڏاڍو نازڪ مسئلو آهي ۽ مان ان جي تفصيل ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان ته متان ماڻهن ۾ غلط فهمي پيدا ٿئي. اول ته ڪو به ان رٿا کي عمل لائق نه سمجهندو ۽ ٻيو ته ماڻهو ان کي پسند نه ڪندا. پر سنگت ۾ ويٺل ماڻهو زور ڀرن ٿا ۽ سقراط دليلن ۽ مثالن سان ثابت ٿو ڪري، ته جيڪو ڪم مرد ڪري سگهي ٿو، اهو ئي ڪم عورت ڪري سگهي ٿي ۽ نظم ۽ انتظام جي صلاحيت جيڪا مرد ۾ آهي، اها ئي عورت ۾ به آهي، تنهنڪري جيئن اسين مردن کي ڇنڊي ڇاڻي تعليم ۽ تربيت وسيلي حڪمرانيءَ لائق بڻايون، ساڳيءَ طرح انهن عورتن کي به چونڊيون جن ۾ قابليت جو جوهر موجود هجي ۽ پوءِ انهن جي تعليم ۽ تربيت به ساڳي رستي ڪيون، جيئن مردن جي ٿي هئي. اهي عورتون بنا ڪنهن ڇڏ ڇوٽ جي انهن مردن جون گڏيل زالون هجن، اهڙيءَ طرح انهن جو اولاد به ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو اولاد نه، پر سڄي حڪمران طبقي جو سمجهيو وڃي. نه ماءُ پيءُ کي خبر هجي ته انهن جو ٻار ڪهڙو آهي ۽ نه ئي ٻار کي خبر هجي ته سندس ماءُ پيءُ ڪير آهن. عورت کي ويهن سالن کان چاليهن سالن جي عمر تائين ۽ مرد کي ٽيهن سالن کان 55 سالن جي عمر تائين ٻار پيدا ڪرڻ جـي اجازت هجي. لائي ڪرگس جيان افلاطون جو به خيال آهي ته جيئن اسان سٺي نسل لاءِ رڳو تندرست جانورن کي چونڊيون ٿا، ايئن اسان لاءِ لازم آهي ته تندرست مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ مباشرت (جنسي ناتن) جي همت افزائي ڪيون، ته جيئن انهن مان پيدا ٿيندڙ اولاد تندرست ۽ سگهارو هجي.
انهن ٻارن جي سار سنڀال لاءِ سرڪاري آفيسر (مرد ۽ عورت) مقرر هجن جيڪي جنم کان هڪدم پوءِ انهن کي سرڪاري نرسريءَ ۾ پهچائن. اتي هوشيار نرسون انهن جي پالنا ڪن. ڏٻرن ۽ عيبدار ٻارن کي ضايع ڪيو وڃي.
مطلب ته افلاطون جي مثالي رياست ۾ حڪمران ۽ محافظ طبقي جي حد تائين ڪا به ذاتي ملڪيت نه هوندي ۽ نه ئي زر زمين. انهن جو پنهنجو گهر ٻار به نه هجي ۽ نه زال ٻار هجن، جن جي آرام ۽ سهولت لاءِ انسان مختلف بي انصافيون ڪري ٿو. ان ”سوشلسٽ“ زندگيءَ جي ڪري انهن جي ذهنيت به بدلجي ويندي ۽ اهي سڀ جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي ۽ سڀ جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهڻ لڳندا. انهيءَ ئي شهر جو انتظام سڀ کان سٺو سمجهيو ويندو آهي جنهن ۾ شهرين جو سڀ کان گهڻو تعداد شين جي باري ۾ ”پنهنجي“ ۽ ”پرائي“ جو اصطلاح هڪ ڪَرو استعمال ڪندو هجي.
مثالي رياست جو اهو خاڪو پورو ٿي وڃي ٿو، ته هڪ ماڻهو سوال ڪري ٿو ته اها رياست ڪيئن قائم ٿيندي يعني ان کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪهڙي صورت هوندي؟ سقراط چوي ٿو ته ”اسان جنهن انقلاب جي تمنا رکون ٿا ان جي لاءِ ته رڳو هڪڙي تبديلي کوڙ ٿيندي ۽ اها هيءَ ته ڪو فلسفي حڪمران بڻجي پوي يا وري ڪو حڪمرانُ فلسفي بڻجي پوي. جيستائين رياستن ۾ اعلى اقتدار فلسفين جي قبضي ۾ نه اچي يا انهن ماڻهن ۾ جن کي اسان بادشاهه يا اعلى حاڪم چئون ٿا، تن ۾ حقيقي فلسفي جو روح جذب نه ٿي وڃي، يعني جيستائين سياسي اختيار ۽ فلسفو هڪ ئي اڪيلي فرد ۾ ملي نه وڃن... شهرن ته ڇا، سڄي انسانذات جي ڇوٽڪاري جو ڪو امڪان ڪونهي ۽ نه ئي اسان جو ذڪر ڪيل منصوبو ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ڇو ته سچو فلسفي رڳو دانائيءَ جو پرستار ۽ حقيقي حسن جي روح جو ڳولائو هوندو آهي، هو علم جو عقيدتمند هوندو آهي، خير ۽ سچائيءَ سان پيار ڪندو آهي ۽ شِر ۽ ڪُوڙ کان نفرت. هو جسماني قوتن کان پرهيز ڪندو آهي ۽ دولت جي پرواهه نه ڪندو آهي. هو نرميءَ ۽ انصاف کان ڪم وٺندو آهي.
افلاطون ان مثالي رياست جي لاءِ پنهنجي ٺاهيل فلسفي حڪمران کي ڏاڍو ڳوليو، پر اهو مراد جو موتي کيس ڪٿي نه مليو.
افلاطون جي منصوبي جو بنياد ان نظريي تي آهي ته سماجي ڦيرڦار ماڻهن جي ڪمن ڪري ظاهر ٿيندي آهي، تنهنڪري اسان کي جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو يا مڪمل انسان ملي پوي ته سماج جون سڀ خرابيون ختم ٿي سگهن ٿيون، پر ماڻهوءَ ۽ سماج جو رشتو ڪهڙو آهي، سماج ۽ ماڻهوءَ جي حيثيت ڪهڙي آهي ۽ اهو سماج جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڪيتريءَ حد تائين قادر هوندو آهي، اهڙا سوال آهن جن تي افلاطون کان علامه اقبال تائين گهڻن ئي مفڪرن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪجهه مفڪرن وٽ انساني سماج جي تاريخ، حقيقت ۾ ڪجهه نالي چڙهيل شخصيتن جي عظيم الشان ڪارنامن جي تاريخ آهي ۽ اسان جون سموريون تهذيبي، علمي ۽ فني ترقيون ماڻهن جي محنت جو نتيجو آهن. انهن جو عقيدو آهي ته جڏهن سماج صراطِ مستقيم (سڌي راهه) کان هٽي گمراهين ۾ ڦاسي وڃي ٿو، نيڪيءَ بدران برائيءَ جون قوتون حاوي ٿي وڃن ٿيون ۽ ظلم ۽ ناانصافي حد درجي ٿي وڃن ٿيون، ته ڪو راز جو داناءُ، ڪو صالح مرد اچي ٿو ۽ قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڇوٽڪاري جي ڪناري لائي ٿو. افلاطون جو فلسفي حڪمران، نٽشي جو سُپرمئن ۽ اقبال جو مومن مرد انهيءَ ئي شخصيت جا مختلف نالا آهن. تاريخ ۽ ادب ۾ هِيرو (سورهيه) جو تصور به ان نظريي جو هڪ پهلو آهي. عالمي واقعن جا ذڪر به اڃا سوڌو ان ئي انداز ۾ لکيا ويا آهن. ڄڻ ته زمين سج چوڌاري ڪا نه ٿي ڦري ۽ نه ئي زمين تي رهندڙ قدرتي قانونن جي اثر ۾ آهن، پر رڳو ڪجهه فاتح، ڪجهه حڪمرانَ، ڪجهه اتم هستيون آهن جيڪي انسان جي تقدير بدلائينديون رهن ٿيون.
اسان تاريخ جي ان نظريي کي تسليم نه ٿا ڪريون. اسان نالي چڙهيل شخصيتن جي انفرادي ڪارنامن جو اعتراف ته ڪيون ٿا، پر اسان وٽ فرد سماج جي پيداوار هوندو آهي ۽ سندس ڪارناما سماج جي گڏيل ضرورتن، آرزوئن ۽ امنگن جو عڪس هوندا آهن. فرد سماج تي پنهنجو اثر ويهارڻ کان اڳ پنهنجي ماحول ۽ سماج جو اثر قبول ڪرڻ تي مجبور آهن، ڇو ته ماءُ جي پيٽ کان وٺي جوانيءَ تائين سندس پالنا سماج ۾ ئي ٿيندي آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته سماج جو لڳ ڀڳ هر ماڻهو پنهنجي قوت مطابق حالتن ۽ واقعن تي اثرانداز ٿيندو رهندو آهي، پر هر ماڻهوءَ جو اثر نه هوندو آهي، ڇو ته انسان جون ذهني ۽ جسماني صلاحيتون هڪ جيتريون نه هونديون آهن. جن ماڻهن ۾ غير معمولي صلاحيتون هونديون آهن يا جن ماڻهن کي پنهنجين صلاحيتن کان ڪم وٺڻ جو موقعو ملندو آهي، ماڻهو انهن جي ڪارنامن کي ياد رکندا آهن. ٽين ڳالهه اها آهي ته وڏي کان وڏو قوم-سڌارڪ به ان وقت تائين سماجي انقلاب آڻي نه سگهندو آهي جيستائين سماج جون معروضي حالتون ان تبديليءَ لاءِ سازگار نه هجن ۽ ماڻهن ۾ پراڻي سماج کي بدلائڻ جو شعور ۽ احساس پيدا نه ٿئي.
افلاطون هڪ ماڻهوءَ وسيلي سماجي انقلاب برپا ڪرڻ چاهي پيو، پر سماجي انقلاب ته فرد جي ڪوششن سان نه، پر پيداوار جي اوزار ۽ پيداواري رشتن ۾ تبديليءَ سان ايندو آهي. قصو هي آهي ته سماج جي بقا جو دارومدار ضرورت جي شين جي پيداوار تي آهي. ضرورت جون شيون خوراڪ، لباس وغيره پيدا ڪرڻ لاءِ انسان پيداواري اوزارن جو محتاج هوندو آهي ۽ جنهن قسم جا پيداواري اوزار هوندا آهن انهن جي ئي مناسبت سان انسانن منجهه پيداواري رشتا قائم ٿيندا آهن. آقا ۽ غلام جو رشتو، زميندار ۽ هاريءَ جو رشتو، صنعتڪار ۽ اجرتي مزور جو رشتو. پيداواري اوزارن ۽ پيداواري رشتن ۾ بنيادي تبديليءَ کان سواءِ نه ڪڏهن سماجي انقلاب آيو آهي ۽ نه ڪڏهن اچي سگهي ٿو. يونان ۾ ان وقت تائين نه ته اهڙا پيداواري اوزار رائج ٿيا هئا جيڪي چالو اوزارن کان سٺا هجن ۽ نه ئي پيداواري طريقي ۾ ڪا تبديلي آئي. اهڙيءَ صورت ۾ ڪنهن سماجي انقلاب جو امڪان ئي نه هو. هونئن به يوناني سماج ۾ پيداوار جو سڀ کان اهم عنصر غلامن، هارين، هنرمندن ۽ ننڍن واپارين جو طبقو هو جيڪي ماڻهو پيداواري رشتن کي بدلي سگهيا پئي، ڇو ته ان تبديليءَ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ فائدو انهن کي ئي ٿئي ها، پر افلاطون انهن طبقن کي غور لائق ئي نه ٿو سمجهي ۽ نه انهن جي تاريخي اهميت کي محسوس ڪري ٿو.
افلاطون جو نام نهاد ڪميونزم حقيقت ۾ اسپارٽا جي فوجي ڪميونزم جو چرٻو آهي. هي استحصالي طبقن جو ڪميونزم هو جنهن ۾ پيدا ڪندڙ طبقن ــــــ غلامن، هارين ۽ هنرمندن ــــــ کي ڪو اختيار يا حق حاصل نه هو. جڏهن ته حقيقي ڪميونزم (پوءِ اهو قديم دؤر جو هجي يا هاڻوڪي دؤر جو) پيداوار ڪندڙ طبقن جي گڏيل قوت ۽ تخليقي صلاحيت جو لقاءُ هوندو آهي، ان ڪري ڪميونسٽ سماج ۾ انهن طبقن لاءِ ڪا به جاءِ نه هوندي آهي جيڪي پورهيتن جي جسماني يا ذهني صلاحيتن مان فائدو وٺندا آهن يا انهن تي حڪومت ڪندا آهن.
”ريپبلڪ“ جي سمورين خامين ۽ خيالي رٿائن باوجود اسان افلاطون جي عظمت کان انڪار ڪري نه ٿا سگهون، ڇو ته افلاطون پنهنجي سماج جي بنيادي خرابين تي غور ڪيو، انهن خرابين جي سببن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ سماجي سڌاري جو هڪڙو باضابطا منصوبو ٺاهيو. اهو منصوبو غلط به هو ۽ عمل ۾ اچي سگهڻ جهڙو به نه هو، پر ان منصوبي جي خامين جي ذميواري افلاطون جي سوچ کان وڌيڪ ان سماجي ماحول تي پوي ٿي جنهن ۾ افلاطون پليو ۽ وڌيو هو. هن جنهن قسم جي مثالي رياست قائم ڪرڻ چاهي پئي، ان لاءِ نه ته حالتون ٺيڪ هيون ۽ نه ئي يوناني قوم ۾ سماجي انقلاب جو شعور پيدا ٿيو هو. افلاطون ”ريپبلڪ“ ۾ فلسفي حڪمران حاڪم طبقي ۽ فوجين جي تعليم ۽ تربيت تي ڏاڍو زور ڏنو هو ۽ انهن جي ئي مدد سان پنهنجي مثالي رياست قائم ڪرڻ گهري پئي، پر خود افلاطون کي به ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجيءَ غلطيءَ جو احساس ٿي ويو، ان ڪري هن پنهنجي پوءِ لکيل ڪتاب ”قانون“ ۾ پنهنجي موقف ۾ ڪجهه ڦيرڦار به ڪئي. هُو ڪتاب جي پنجين باب ۾ لکي ٿو:
”رياست حڪومت ۽ قانون جي سڀ کان سٺي ۽ عمدي شڪل ته اها ئي آهي جنهن ۾ ان پراڻي چوڻيءَ تي، ته سڀ شيون دوستن ۾ گڏيل هونديون آهن، وڏي پيماني تي عمل ٿيندو آهي. خبر ناهي ته اهڙو ڪميونزم ڪٿي موجود آهي يا نه، يا ڪڏهن رائج ٿيندو يا نه، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار ۽ ملڪيت گڏيل هجي ۽ نجي ۽ ذاتي شين جو تصور ئي زندگيءَ مان خارج ٿي وڃي ۽ اهي شيون به، جيڪي قدرتي طرح ذاتي آهن. مثال طور: اکيون، ڪَن، ۽ هٿَ گڏيل هجن ۽ سڀ ماڻهو هر موقعي تي تعريف ۽ اعتراض جو ۽ خوشيءَ ۽ رنج جو هڪ جهڙو اظهار ڪن ۽ قانون شهر جي سڀني ماڻهن کي متحد ڪري ڇڏي. خوشقسمت هوندا اهڙي قسم جي زندگي گذارڻ وارا، تنهنڪري اسان رياست جي انهيءَ ڍانچي سان ڳنڍيل رهنداسون ۽ پنهنجي سڄي قوت ان جي ڳولا ۾ گذارينداسون. ان قسم جي رياست شروعات جي گهڻو ويجهو هوندي.“
ان قسم جي رياست لاءِ افلاطون قانون جي ڪتاب ۾ فلسفِي حڪمران جو سهارو ڪو نه ٿو وٺي، پر صلاح ٿو ڏي ته:
”شهرين کي گهرجي ته پنهنجي زمين ۽ گهر هڪدم سڀني ۾ وراهن ۽ گڏيل آبادي نه ڪن پر جن ماڻهن کي اهي زمينون ملن، انهن تي لازم آهي ته هو اهو سمجهن ته اهي ٽڪرا سڄي شهر جي ملڪيت آهن.“
زرعي زمين جي هيءَ ورهاست ممڪن حد تائين برابر هئڻ گهرجي. سونَ چانديءَ جو استعمال منع هئڻ گهرجي ۽ سِڪا به ايترا گهڙيا وڃن جيترا روزاني ڏي وٺ لاءِ ضروري هجن. شاديءَ ۾ نه ڏاج ڏنو وڃي، نه ورتو وڃي. فضيلت جو بنياد دولت نه هجي تنهنڪري رياست ۾ نه وڌيڪ دولت وارا هوندا ۽ نه غريب. پر زمين جي برابر ورهاست کان پوءِ اها اميد رکڻ ته هارِي پنهنجي ايراضيءَ کي سڄي شهر جي گڏيل ملڪيت مقرر ڪندو، انتهائي خوشفهمي آهي. هي ته ايئن آهي جيئن اسان پاڪستان جي مِل مالڪن يا وڏن زميندارن کان اها اميد رکون ته اهي پنهنجو پاڻ کي مزدورن ۽ هارين جو ”امين“ سمجهندا يا پنهنجي جائداد کي مزدورن ۽ هارين جي ملڪيت.
__________
Will Durant.
(سياست. ص 1310).
ڊيورانٽ. ص 414
ڊيورانٽ. ص 282
ريپبلڪ. پئرا 551.
پئرا 555.
ريپبلڪ. پئرا 557.
ريپبلڪ. پئرا 415. باب ٽيون
پئرا 416
پئرا 450
پئرا 457.
پئرا 460.
پئرا 462.
پئرا 473