تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب ارڙهون : ڪميونسٽ لِيگ ۽ ڪميونسٽ مينيفيسٽو

اسان لکي چڪا آهيون ته انصاف ليگ وارن سان اينجلس جي دعا سلام 1843ع کان هئي. هنن اينجلس کي ليگ ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني هئي، پر اينجلس اصولي اختلافن جي ڪري انڪار ڪري ڇڏيو هو. مئي 1845ع ۾ مارڪس به اينجلس جي ئي واسطي سان ليگ وارن سان لنڊن ۾ مليو هو. انصاف ليگ نظرياتي اعتبار کان خيالي سوشلزم جي حامي هئي، پر ان جا اڪثر ڪارڪن مخلص ماڻهو هئا. انصاف ليگ جون شاخون هونئن ته پيرس ۽ زيورڪ ۾ به هيون جتي جرمن مزورن جو وڏو تعداد ليگ سان لاڳاپيل هو، پر سڀ کان فعال لنڊن وارو مرڪز هو. لنڊن ۾ ليگ جو هڪڙو تعليمي ڪلب هو جتي مزورن کي سياسي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ سندن تفريح لاءِ ڳائڻ وڄائڻ، ناچ ۽ ناٽڪن جو به انتظام ڪيو ويندو هو. ليگ جو هڪڙو رسالو به پيرس مان ڇپيو هو.
مارڪس برسيلز موٽ وڃڻ کان پوءِ انصاف ليگ سان خط و ڪتابت جاري رکي ۽ جڏهن ”ڪميونسٽ خط پٽ واري ڪاميٽي“ قائم ٿي، ته مارڪس کاٻيءَ ڌر جي چارٽسٽن کان سواءِ انصاف ليگ کي به تعاون جي دعوت ڏني. مارڪس ۽ اينجلس گشتي چٺين (خطن) ۽ مضمونن ۾ خيالي سوشلسٽن تي جيڪي سخت تنقيدون ڪيون ۽ سائنسي سوشلزم وارا جيڪي متبادل نظريا پيش ڪيا، تن سان انصاف ليگ جا ڪارڪن به هوري هوري متفق ٿيندا ويا، ايستائين جو انهن جي تحريرن ۾ به مارڪس ۽ اينجلس جي خيالن جي جهلڪ ڏيکارجڻ لڳي ۽ اهي ان نتيجي تي پهتا ته انصاف ليگ ۾ انقلابي روح ڦوڪڻ لاءِ ضروري آهي ته پراڻي سازشي طريقيڪار کي ڇڏي، ليگ کي نون مقصدن ۽ مولن تحت نئين سر منظم ڪجي. کين اهو به اندازو ٿي ويو ته مارڪس ۽ اينجلس جي عملي تعاون کان سواءِ اهو ڪم نه ٿي سگهندو، ان ڪري انصاف ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ پنهنجي هڪ رڪن جوزف مول کي جنوري 1847ع ۾ مارڪس ۽ اينجلس سان ڳالهه ٻول ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. مول مارڪس سان برسيلز ۾ ۽ اينجلس سان پيرس ۾ گڏيو. گفتگوءَ دوران مارڪس ۽ اينجلس جي موقف سان مول اتفاق ڪيو ۽ کين يقين ڏياريو ته انصاف ليگ خيالي سوشلزم جي نظرين تان هٿ کڻي ويندي. ان ڪري مارڪس ۽ اينجلس انصاف ليگ ۾ شرڪت تي راضي ويا. تڏهن ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ فيصلو ڪيو ته انصاف ليگ جي هڪ ڪانگريس گهرائي وڃي جنهن ۾ ليگ جا نوان مول ۽ مقصد ۽ قاعدا ۽ ضابطا منظور ٿين ۽ پَڪو پروگرام ڪميونسٽ بنيادن تي مرتب ڪجي.
انصاف ليگ جي پهرين ڪانگريس 2_جُون 1847ع تي لنڊن ۾ منعقد ٿي. مارڪس ته مالي ڏکيائين جي ڪري ڪانگريس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو البت برسيلز جي ڪميونسٽن جي نمائندگي وليم وُولف ۽ پيرس جي ڪميونسٽن جي نمائندگي اينجلس ڪئي. اينجلس ڪانفرنس ۾ خاص طور تي نمايان ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوششن سان ليگ جا قاعدا ۽ ضابطا جمهوري اصولن موجب رٿيا ويا ۽ تنظيم جو نالو انصاف ليگ بدران ”ڪميونسٽ ليگ“ رکيو ويو. ليگ جو پراڻو نعرو هو ”سڀئي ماڻهو ڀائر آهن “ ان بدران ”سڀني ملڪن جا پورهيتو! هڪ ٿي وڃو!“ اختيار ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين عالمي پرولتاريه جو انقلابي نعرو آهي.
ڪميونسٽ ليگ جي انهيءَ ڪانگريس ۾ اينجلس ورڪنگ ڪاميٽيءَ پاران هڪڙو دستاويز ”عقيدي جو اقرار“ (Confession of Faith) پيش ڪيو. اهو دستاويز تاريخ جي مادي نظريي مطابق پهريون سوشلسٽ پروگرام هو. ”عقيدي جو اقرار“ سوالن جوابن جي انداز ۾ لکيو ويو هو. شروعات ۾ پرولتاري طبقي جي وصف ۽ تاريخ ٻڌائي وئي هئي، پوءِ ٻڌايو ويو هو ته اهو طبقو سرمائيدار طبقي جو ضد آهي. ان کان پوءِ ثابت ڪيو ويو هو ته ڪميونسٽ راهن تي معاشري جي نئين سر سنوار سماجي ارتقا جي قانونن جو لازمي نتيجو آهي. پوءِ نجي ملڪيت کي گڏيل ملڪيت ۾ بدلائڻ جا طريقا ٻڌايا ويا هئا، انقلاب جي تاريخي ڪردار جي وضاحت ڪئي وئي هئي ۽ سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ مزور طبقي جي ذميوارين جي تشريح ڪئي وئي هئي. ان کان سواءِ ڪٽنب، قومي اختلافن ۽ مذهبن بابت ڪميونسٽ نڪتي نظر پيش ڪيو ويو هو. ڪانگريس ان دستاويز تي غور ڪيو ۽ طي ٿيو ته اهو ليگ جي مختلف شاخن ڏانهن بحث ۽ سنوار لاءِ موڪليو وڃي ۽ آخري فيصلو ٻيءَ ڪانگريس تائين ملتوي ڪيو وڃي.
ڪميونسٽ ليگ جي پهرينءَ ڪانگريس کان واندو ٿي اينجلس جڏهن مارڪس سان ملڻ جولاءِ 1874ع ۾ برسيلز ويو ته ٻنهي دوستن اتي ڪميونسٽ ليگ جي شاخ کولي، پر ڪميونسٽ ليگ جيئن ته ڳجهي تنظيم هئي، ان ڪري هنن لنڊن جي تعليمي سوسائٽيءَ وانگر هڪ ”جرمن مزور سوسائٽي“ قائم ڪئي. ان سوسائٽيءَ جي نوعيت ڪلب جهڙي هئي، جتي ليڪچر ڏبا هئا، ڊراما منعقد ڪيا ويندا هئا ۽ ڏڻ ملهايا ويندا هئا. انهن تقريبن ۾ بيلجين قوم جي مزورن کي به شرڪت جي ڪوٺ ڏني ويندي هئي.
ان دوران ڪميونسٽ ليگ ”عقيدي جو اقرار“ مسودو پنهنجين شاخن ڏانهن اماڻي ڇڏيو. اهو مسودو جڏهن پيرس پهتو ته اتي ان تي ڪيئي ڏينهن بحث ٿيندو رهيو. نيٺ طي ٿيو ته اينجلس ٻيو مسودو لکي. اينجلس اهو مسودو به جلد ئي لکي ورتو جيڪو پوءِ ”ڪميونزم جا اصول“ نالي سان ڇپيو. اهو دستاويز به سوالن جوابن جي ئي انداز ۾ لکيو ويو هو پر ”عقيدي جي اقرار“ کان چئوڻ تي وڌيڪ هو ۽ ان ۾ ڪميونزم جا اصول وڌيڪ چٽائيءَ سان ٻڌايا ويا هئا. حقيقت ۾ ڪميونسٽ مينيفيسٽو جو پهريون مسودو اهو ئي هو. ان ڪري اينجلس 23_نومبر 1847ع تي لکيل خط ۾، مارڪس کي پيرس مان لکي ٿو ته ”عقيدي جي اقرار“ تي ڪجهه غور ڪجانءِ. منهنجو خيال آهي ته اسان کي سوالن جوابن جو انداز ڇڏڻ گهرجي ۽ دستاويز کي ”ڪميونسٽ مينيفيسٽو“ سڏڻ گهرجي.... مان جيڪو به لکيو آهي، اهو پاڻ سان گڏ کڻي اچي رهيو آهيان. ان جو انداز بياني آهي پر تحرير ڏاڍي ڪچي آهي ۽ مون اها ڏاڍي تڪڙ ۾ لکي آهي.“
ڪميونسٽ ليگ جي ٻي ڪانگريس 29_نومبر 1847ع تي لنڊن ۾ شروع ٿي ۽ ڏهن ڏينهن تائين هلندي رهي. ڪانگريس ۾ مارڪس ۽ اينجلس کان سواءِ جرمنيءَ، سئٽزرلينڊ، فرانس، بيلجيم، پولينڊ ۽ برطانيا جا نمائندا ڪافي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. انهيءَ ڪري مارڪس ۽ اينجلس ان ميڙ کي ”پرولتاريه جي پهرين بين الاقوامي ڪانگريس“ سڏيو. ڪانگريس جي مباحثن ۾ مارڪس ۽ اينجلس سرگرم حصو ورتو ۽ شرڪتين جي اڪثريت کي پنهنجو هم خيال بڻائڻ ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب ٿيا، ان ڪري سندن تجويز تي ڪميونسٽ ليگ جي مولن ۽ مقصدن ۾ بنيادي ترميمون ڪيون ويون ۽ طي ٿيو ته ”ليگ جو مقصد بورجوا طبقي کي اقتدار تان هٽائڻ، پرولتاري اقتدار قائم ڪرڻ، طبقاتي نفرت جي شڪار بورجوا سوسائٽيءَ کي منسوخ ڪرڻ ۽ طبقن کان آجي ۽ ذاتي ملڪيت نه رکندڙن نئين سوسائٽيءَ جو بنياد رکڻ آهي.“ مارڪس ۽ اينجلس جي رهنمائي ڪندڙ ڪردار جو اندازو ان ڳالهه مان به ٿئي ٿو ته ڪميونسٽ ليگ جو منشور ٺاهڻ جي ذميواري به ڪانگريس هنن ٻنهي جي حوالي ڪئي. مارڪس ۽ اينجلس لنڊن ۾ رهڻ دوران پولينڊ جي ”يومِ بغاوت“ جي جلسي ۾ تقريرون ڪيون ۽ جرمن مزورن جي تعليمي سوسائٽيءَ کي به خطاب ڪيو. ”يومِ بغاوت“ جي ئي تقرير ۾ اينجلس چيو ته ”ڪابه قوم، جيڪا ٻين قومن کي غلام بڻائي ٿي، آزاد نه ٿي ٿي سگهي.“
مارڪس ۽ اينجلس برسيلز موٽي ڪميونسٽ مينيفيسٽو لکڻ ۾ لڳي ويا، پر ڪم اڃا پورو نه ٿيو هو ته اينجلس کي ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾ پيرس وڃڻو پيو ۽ مينيفيسٽو کي مڪمل مارڪس کي اڪيلي سِر ڪرڻو پيو. اتفاق سان ان مسودي جو هڪ صفحو ۽ ٽئين باب جو خاڪو اڃا تائين هٿيڪو آهي. اهي ٻئي مارڪس جي خط ۾ آهن. انهن مان خبر پوي ٿي ته جيتوڻيڪ ڪميونسٽ مينيفيسٽو مارڪس ۽ اينجلس جي گڏيل تصنيف آهي، پر دستاويز کي آخري صورت مارڪس ئي ڏني هئي. مارڪس اهو مسودو جنوري 1848ع جي آخر ۾ لنڊن اماڻي ڇڏيو، جتان ڪميونسٽ مينيفيسٽو جو پهريون جرمن ڇاپو فيبروري 1848ع ۾ ڇپيو ۽ پوءِ مسلسل ڪيئي ڇاپا پهريائين جرمن ٻوليءَ ۾ ۽ پوءِ فرانسي، اٽيلين، پولش، روسي، اسپيني ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپبا رهيا. هاڻ دنيا جي شايد ئي ڪا ٻولي هجي، جنهن ۾ ان عظيم ڪتاب جو ترجمو ٿيل نه هجي. اينجلس سچ چيو هو ته مينيفيسٽو ”سوشلسٽ ادب جي سڀني کان مقبول ۽ سڀ کان عالمگير تصنيف آهي. اها اهڙو گڏيل پليٽ فارم آهي جنهن کي سائبيريا کان وٺي ڪيليفورنيا تائين ڪروڙين پورهيتن مڃي ورتو آهي.“
”ڪميونسٽ مينيفيسٽو“ پهريون ڪتاب جنهن ۾ سائنسي سوشلزم جا بنيادي اصول ڏاڍي وضاحت سان پوئيل آهن. ان ۾ ڪائنات جا نوان مادي تصور، جدليت جا ارتقائي قانون، سرمائيداري نظام جي نوعيت، طبقاتي جدوجهد جا نظريا ۽ ڪميونسٽ معاشري جي تخليق ۽ پورهيتن جو انقلابي ڪردار، مطلب ته مارڪسزم جي سڀني اهم رُخن جي جامع تشريح ڏنل آهي.
اينجلس مينيفيسٽو جي 1883ع واري جرمن ڇاپي جي پيش لفظ ۾ لکيو هو ته ”هن ڪتاب جو مرڪزي خيال هيءُ آهي ته هر دؤر جي سياست ۽ فڪر اقتصاديات يعني زندگيءَ جي ضرورتن جي پيداوار ۽ ان سماجي ڍانچي تي بيٺل هوندو آهي جيڪو زمين جي گڏيل ملڪيت جي دؤر کان وٺي اڄ تائين ماڻهوءَ جي هر دؤر جي تاريخ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ رهي آهي. اها جدوجهد سرمائيداري دور ۾ هاڻي ان منزل تي پهچي وئي آهي ته ڦُرجندڙ مظلوم طبقو ڦريندڙ ظالم طبقي کان ان وقت تائين نجات نه ٿو ماڻي سگهي جيستائين اهو گڏوگڏ سڄي سوسائٽيءَ کي استحصال، ظلم ۽ طبقاتي جدوجهد کان نجات نه ڏيارائي.“
پر ڪميونسٽ مينيفيسٽو فقط نظرياتي منشور ئي ناهي پر سڄيءَ دنيا جي پورهيتن جي ويڙهين جو داستان به آهي. اهو پڙهي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ مزورن جو لشڪر فتح جو انقلابي نشان کنيون دشمن کي للڪاري رهيو آهي ته بزدلو! سامهون ٿيو ۽ جيڪڏهن توهان ۾ اخلاقي جرئت جي رَتِي به بچيل آهي ته اسان جي هن ويڙهه جو جواب ڏيو.
ڪتاب جي پهرين حصي ۾ سرمائيدار ۽ پرولتاريه جي تاريخ ٻڌائيندي مارڪس ۽ اينجلس لکيو آهي ته سرمائيداري نظام دنيا تي سدائين کان مسلط ناهي پر سماجي ارتقا جي هڪ مخصوص دؤر ۾ جاگيرداري نظام کي ماري اقتدار تي قابض ٿيو آهي. ان برادريءَ ۽ ڀائپيءَ جي مڙني پراڻن رشتن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وچ ۾ ”ننگي خود غرضيءَ“ يعني ”روڪ ادائگيءَ“ جو اڪيلو رشتو نافذ ڪيو آهي. ان ماڻهوءَ جي مڙني وجداني ڪيفيتن کي، سورمائي جذبن کي ۽ جذباتي شوق ۽ ذوق کي سِڪن جي برفيلي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. ان ماڻهوءَ جي ذاتي قدر کي پئسي جي قدر ۾ ڦيرائي ڇڏيو آهي ۽ اڻ ڳڻين آزادين بدران هڪ ”بي ضمير آزادي“ مروج ڪري ڇڏي آهي ۽ اها آهي ”واپار جي آزادي“. ٿوري ۾ ته اهو استحصال هاڻي کلي اڳيان اچي ويو آهي جنهن تي رنگارنگي پڙدا پيل هئا. ڪيترائي ئي ڪم هيا جن چوڦير عزت ۽ احترام جا دائرا نڪتل هئا، سرمائيدار اهي دائرا ڊاهي ڇڏيا آهن. هن استاد، حڪيم، عالم، فنڪار، شاعر، سائنسدان، سڀني کي اجوري وارو مزور بڻائي ڇڏيو آهي، ايستائين جو هن ڪٽنب جي مُک جي جذباتي نقاب کي به ڇڪي اڇلي ڇڏيو آهي ۽ ڪٽنبي رشتن کي به پئسن جي رشتي ۾ گهڙي ورتو آهي.
پر اهو به سچ آهي ته سرمائيداري نظام جي دؤر ۾ ٻاڦ ۽ بجليءَ سان هلندڙ جيڪي مشينون ۽ اوزار ايجاد ٿيا آهن انهن جي ڪري پيداواري قوتون هاڻي ايڏيون وڌي ويون آهن جيڪي ماڻهوءَ جي سڄي تاريخ ۾ مجموعي طور به نه هيون. سرمائيداري دؤر جي تعميري ڪارنامن اڳيان مصر جا اهرام ۽ روم جا گرجا گهر ۽ بادشاهن جا محل ۽ ايوان ٻارن جون رانديون لڳن ٿا. شين جي پهچ ۽ اچ وڃ جا ذريعا ميسر ڪري سرمائيدار دنيا کي هڪ اقتصادي وحدت، هڪ عالمگير بازار ۾ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ هو مصنوعات واري هڪ عالمي تهذيب ۽ عالمي ادب پيدا ڪرڻ جون دعوائون به ڪرڻ لڳو آهي. اهو پنهنجن پيداواري اوزارن ۾ مسلسل تبديلين ۽ درستگين جي خيال ۾ لڳو پيو هوندو آهي ڇو ته ان کان سواءِ هو زندهه نه ٿو رهي سگهي جيتوڻيڪ پراڻي زماني جي صنعتڪار طبقن جي وجود جو دارومدار روايتي پيداواري طريقي کي بنا ڪنهن تبديليءَ جي قائم رکڻ تي هو. ان جي ابتڙ موجوده دؤر ۾ هر شَي معاشري ۾ پير کوڙڻ کان اڳ ئي پراڻي ٿي وڃي ٿي. (ص- 113-114)
جنهن رفتار سان سرمايو وڌي ٿو، ساڳيءَ رفتار سان پرولتاريه يعني اجوري وارن مزورن جي تعداد ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. اهي پورهيت تيستائين زندهه رهندا آهن جيستائين کين ڪم ملندو آهي ۽ ڪم کين ان وقت تائين ملندو آهي جيستائين انهن جي پورهيي سان سرمائي ۾ واڌ ٿيندي رهندي آهي. اهي پورهيت به بازاري وکر بڻجي ويا آهن ۽ ٻين بازاري وکرن وانگر مقابلي ۽ بازار جي لاهه چاڙهه جو شڪار آهن. مشينن جي ڏينهون ڏينهن ترقيءَ ۽ ڪم ورڇيندڙ جي ڪري مزورن جي ڪم ۾ هاڻي انفرادي ڪردار ناهي رهيو، پر اهي مشينن جا پرزا بڻجي ويا آهن.
صنعت جي ترقيءَ سان مزورن جي تعداد ۾ ئي واڌارو ناهي ٿيندو، پر فيڪٽرين ۾ گڏ ڪم ڪرڻ ۽ هڪ هنڌ رهڻ سان منجهن پنهنجي قوت جو احساس وڌندو آهي ۽ اهي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪندا آهن. اها طبقاتي جدوجهد شروعات ۾ ڪم جي وقت ۾ گهٽتائيءَ ۽ اُجورن ۾ واڌ تائين محدود هوندي آهي، پر جدوجهد دوران ئي ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ مزورن ۾ سياسي سمجهه ايندي آهي ۽ منجهن پنهنجي طبقي جي تاريخي رتبي ۽ ڪردار جو شعور اڀرندو آهي. اقتصادي جدوجهد سياسي جدوجهد جو روپ وٺندي آهي.
موجوده دؤر کان اڳ واريون سڀئي تحريڪون اقليتن جون تحريڪون هيون يا اقليتن جي حق ۾ هيون، البت مزدور تحريڪ وڏي اڪثريت جي تحريڪ آهي ۽ وڏي اڪثريت جي حق ۾ آهي. پر موجوده سوسائٽيءَ جي سڀ کان هيٺين سطح تي بيٺل پرولتاريه حڪمران سوسائٽيءَ جي سڄي عمارت کي ڪيرائڻ کان سواءِ ڪامياب نه ٿي ٿي سگهي.
اسان جي ملڪ جي ڪجهه ادبي گروهن جو خيال آهي ته معاشري جا سڀ کان انقلابي عنصر پورهيت ناهن پر اصلي انقلابي چور، ڌاڙيل، کيسا ڪٽيندڙ، فقير، بدمعاش ۽ غنڊا آهن. ان گروهه جو انهن اديبن جي ذهنن ۾ ڏاڍو روماني تصور آهي، پر مارڪس ۽ اينجلس جو چوڻ آهي ته اهو سماج جو سڀ کان سڙيل عنصر آهي. ممڪن آهي ته اهو انفرادي طور پرولتاري انقلاب ۾ شريڪ ٿئي پر مجموعي طور اهي ماڻهو انقلاب دشمن هوندا آهن ۽ رجعت پرستن جي پگهاردار ايجنٽن جو ڪردار نڀائيندا آهن. هاڻي تائين روس، چين، ڪيوبا، ويٽنام جتي به انقلاب آيو آهي ان ۾ پورهيت طبقو ئي اڳيان اڳيان رهيو آهي، نه ڪي مٿي ذڪر ڪيل ”خطرناڪ طبقو.“ (ص-118)
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ مارڪس ۽ اينجلس ڪيمونزم تي ٿيندڙ ڪجهه اعتراضن جو جواب ڏنو آهي. مثال طور هيءُ اعتراض ڪميونزم ماڻهوءَ کي شخصي آزاديءَ ۽ انفراديت کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. جيتوڻيڪ مارڪس ”فلسفياڻين لکتن“ ۽ ”جرمن آئيڊيالاجيءَ“ ۾ ان مسئلي کي تفصيل سان چٽو ڪيو هو ۽ ثابت ڪيو هو ته ماڻهوءَ جي شخصي آزاديءَ ۽ انفراديت جو سڀ کان وڏو دشمن سرمائيداري نظام آهي ۽ اهو به ته ماڻهوءَ کي وجود جي اظهار ۽ وجود جي حاصلات جي مڪمل آزادي ڪميونسٽ معاشري ۾ ئي نصيب ٿيندي. هو پهريون ڀيرو شين جي غلاميءَ کان آجو ٿيندو.
”ڪميونسٽ مينيفيسٽو“ ۾ شخصي آزاديءَ بابت بحث ڪندي مارڪس ۽ اينجلس چون ٿا ته ”سرمائيدار معاشري ۾ رڳو سرمايو آزاد آهي ۽ پنهنجي انفراديت رکي ٿو، پر جيئرو ماڻهو ته مجبور آهي ۽ سندس ڪا انفراديت ناهي “ (ص- 122). ان جي ابتڙ ڪميونسٽ اهو چاهن ٿا ته سرمائي کي ان ”آزاديءَ ۽ انفراديت“ کان محروم ڪيو وڃي ته جيئن ”زنده“ ماڻهوءَ جي مجبوري ختم ٿئي ۽ سندس انفراديت بحال ٿي سگهي. سرمائي جي آزاديءَ جي تنسيخ کي سرمائيدار جيڪڏهن انفراديت ۽ آزاديءَ جي تنسيخ چوي ٿو ته صحيح ئي چوي ٿو، ڇاڪاڻ ته بورجوا انفراديت يعني بورجوا جي آزاديءَ ۽ خومختياريءَ جي تنسيخ بيشڪ اسان جو مقصد آهي.
ٻيو اعتراض هيءُ آهي ته ڪميونزم ماڻهن جي ذاتي ملڪيت تي قبضو ڪري وٺي ٿو. ان جي جواب ۾ مارڪس ۽ اينجلس چون ٿا ته ”توهان ان خيال کان ڏڪي اٿو ٿا ته ڪميونسٽ ذاتي ملڪيت کي ختم ڪري ڇڏيندا، پر توهان جي موجوده سوسائٽيءَ ۾ ته نوي سيڪڙو آباديءَ جي حد تائين ته ذاتي ملڪيت ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن وٽ آهي ته رڳو ان ڪري، جو نوي سيڪڙو ذاتي ملڪيت کان محروم آهن. توهان اسان کي ملڪيت جي ان صورت کي رد ڪرڻ تي گهٽ وڌ چئو ٿا جنهن جي وجود جو لازمي شرط هيءُ آهي ته آباديءَ جي تمام گهڻي اڪثريت ان ملڪيت کان محروم رهي. ٻين لفظن ۾ هيئن سمجهو ته توهان اسان کي ان لاءِ گهٽ وڌ ڳالهايو ٿا جو اسان جو ارادو توهان جي ملڪيت کي رد ڪرڻ جو آهي. اها صفا صحيح آهي. سچ پچ اسان جو ارادو اهوئي آهي. البت ڪميونزم ڪنهن ماڻهوءَ کي معاشري جي پيداوار کي ذاتي واهپي ۾ آڻڻ جي حق کان محروم نه ٿي ڪرڻ چاهي اها صرف هيءُ گهري ٿي ته ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو اختيار نه هجي ته هو پيداوار جي استعمال سان ٻين جي پورهيي تي قبضو ڪري وٺي.“
ان بحث مان هيءَ خبر پوي ٿي ته ذاتي ملڪيت ٻن قسمن جي آهي. هڪڙي اها، جيڪا ڏهاڙي اسان جي واهپي ۾ اچي ٿي. مثال طور کاڌو، لٽا، ٿانوَ، گهر، ڀانڊا، گهر جو سامان، واچ، ريڊيو، ٽي وي، سائيڪل ۽ موٽر ڪار وغيره. ٻي اها، جنهن ذريعي اسان ٻين جي پورهيي مان نفعو ڪمائيندا آهيون. مثال طور فيڪٽريون، مِلون، زمين، بينڪ، ڌاتوئن جون کاڻيون، جهاز، ريل گاڏيون. وغيره. مارڪس ۽ اينجلس چون ٿا ته ڪميونزم جو مقصد هيءُ آهي ته هر ماڻهوءَ کي پهرين قسم جي ذاتي ملڪيت وڌ ۾ وڌ ملي يعني واهپي جون شيون ملن، پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ٻئي قسم جي ذاتي ملڪيت کي، جنهن تي ٿورا ماڻهو قابض هجن، سڄي معاشري جي گڏيل ملڪيت ۾ بدلايو وڃي.
چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ذاتي ملڪيت رد ڪئي ويئي ته سڀئي ڪم بيهجي ويندا ۽ سوسائٽي سُست ۽ بي عمل ٿي ويندي، پر اها دعويٰ جيڪڏهن صحيح هجي ها ته بورجوا سوسائٽي سُستي سبب ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪي هجي ها ڇو ته بورجوا سوسائٽيءَ ۾ جيڪي ماڻهو ڪم ڪندا آهن تن جا هٿ خالي رهجي ويندا آهن ۽ جن کي سڀ ڪجهه ملندو آهي، اهي ڪم ناهن ڪندا. (ص-122). ان کان سواءِ ماڻهوءَ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ هاڻي تائين جيڪي وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، اهي ذاتي ملڪيت ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ ناهن ڪيا. سائنسدانن ايجادون ۽ انڪشاف پئسي جي لالچ جي تسڪين لاءِ ناهن ڪيا، نه ئي فلسفين نظريا ان لاءِ ڏنا آهن ته اهي فيڪٽرين جا مالڪ بڻجن. اديبن اعليٰ تخليقون محل ٺاهڻ لاءِ ناهن سرجيون ۽ نه ئي مصورن زمين تي خدائي ڪرڻ لاءِ تصويرون چٽيون آهن.
جهڙا اعتراض مادي شين جي پيداواري نموني ۽ واهپي جي نموني تي ڪيا وڃن ٿا، اهڙا اعتراض ذهني تخليقن تي به ٿين ٿا. سرمائيدار وٽ جنهن طرح طبقاتي ملڪيت جي ختم ٿيڻ جي معنيٰ پيداوار جي ئي ختم ٿيڻ جي آهي، ساڳيءَ طرح سندس خيال آهي ته طبقاتي ڪلچر جو ختم ٿيڻ، صفا ڪلچر جو ئي ختم ٿيڻ آهي. ”پر جنهن ڪلچر جي زيان ٿيڻ جو روئڻ سرمائيدار ڏيکاري ٿو، اهو تمام گهڻي اڪثريت لاءِ مشين وانگر ڪم ڪرڻ جي تربيت آهي.“
ڪنهن وقت ڪميونزم ۽ سوشلزم تي اهو اعتراض عام هو ته اشتراڪي (ڪميونسٽ) معاشري ۾ عورتن کي به گڏيل ملڪيت بڻايو ويندو. مارڪس ۽ اينجلس جواب ڏين ٿا ته ”حقيقت هيءَ آهي ته سرمائيدار پنهنجيءَ گهرواريءَ کي پيداواري اوزار سمجهي ٿو ۽ جڏهن هو اهو ٻڌي ٿو ته ڪميونسٽ سڀني پيداواري اوزارن کي گڏيل ملڪيت بڻائي ڇڏيندا، ته هو قدرتي طور اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته ٻين پيداواري اوزارن وانگر عورت به گڏيل ملڪيت بڻائي ويندي. سندس خواب ۽ خيال ۾ به اها ڳالهه نه ٿي اچي ته ڪو اهڙو معاشرو به ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ عورت جي اها حيثيت، ته اها صرف پيداواري اوزار ئي رهي، ختم ڪئي ويندي ۽ کيس معاشري ۾ اها ئي حيثيت ۽ عزت مليل هوندي جيڪا مرد کي مليل آهي.“
ٽئين حصي ۾ مارڪس ۽ اينجلس جاگيرداري سوشلزم، وچين طبقي جي سوشلزم، بورجوا سوشلزم ۽ خيال سوشلزم جي طبقاتي نوعيت جي وضاحت ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سوشلزم جا اهي قسم سوشلزم جو ضد آهن. انهن جي ڪري عوام ۾ ڏاڍيون غلط فهميون پکڙجن ٿيون ۽ انقلابي تحريڪ ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو. مثال طور جاگيرداري سوشلزم تي تبصرو ڪندي هنن لکيو ته فيوڊل سوشلزم انهن، چهري تي ٻيو چهرو رکندڙ مڪارن جو ”اشتراڪي“ نظريو آهي جيڪي پورهيتن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ”سرمائيداري نظام مرده باد“ ۽ ”انقلاب زنده باد“ جا نعرا هڻن ٿا. جيتوڻيڪ سندن مقصد جاگيرداري نظام جي بحالي هوندو آهي. اهي معاشري کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران پٺتي ڌڪين ٿا. اهي سرمائيداري نظام جون برايون چونڊي چونڊي ڳڻائن ٿا، ته جيئن شهري عوام کي پڪ ٿئي ته اهي ماڻهو واقعي اسان جا دوست ۽ سڄڻ آهن. اهو سوشلزم جا اصطلاح به ڪم آڻڻ کان نه ٿا مڙن ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته اهي سوشلزم ۾ مذهب جو پڇ به هڻي وٺن ٿا.
اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن برطانيا ۽ فرانس ۾ جاگيرداري نظام کي مڪمل هار ملي ۽ سرمائيداري نظام وڌيو ته پورهيتن ۽ وچين طبقي ۾ سوشلزم جون ڳالهيون به عام ٿيون. ان صورتحال کان فائدو وٺي جاگيردارن جديد بورجوا سوسائٽيءَ خلاف پمفليٽ ڇپائي ورهائڻ شروع ڪيا، پر سرمائيدار معاشري جون رڳو خرابيون ٻڌائڻ سان ته جاگيرداري نظام موٽي نه پيو سگهي. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طور ”انقلابي“ بڻجڻ ضروري هو. کين مزورن کان ڪو ڊپ نه هو، ڇو ته کين ڄاڻ هئي ته مزور اڃا ايڏا باشعور ۽ منظم ناهن ٿيا جو سرمائيدارن کان اقتدار ڦري وٺن، ان ڪري هنن مزور طبقي جي پُٺ وٺڻ جو ناٽڪ ڪيو ۽ نون اميرن جي نفرت ۾ مزورن جي حفاظت جو بهانو ڪرڻ لڳا.
”جاگيرداري سوشلزم ان طرح وجود ورتو، جيڪو اڌ مرثيو هو ۽ اڌ نقل، اڌ ماضيءَ جو پڙاڏو هو ۽ اڌ مستقبل جو خطرو. جاگيرداري سوشلسٽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي تکي، مزاحيه ۽ چڀندڙ تنقيد سان بورجوا جي دل تي ڌڪ هڻندا هئا پر سندن تنقيد کل جوڳي حد تائين بي فائدي هوندي هئي، ڇو ته اهي جديد تاريخ جي ارتقا کان بلڪل ئي اڻ ڄاڻ هئا. جاگيرداري نظام جا اهي کاٽُو ماڻهن کي پنهنجي چؤڦير ميڙڻ جي غرض سان پرولتاريه جو جهنڊو اوچو ڪرڻ بدران فقيري ڪستو کڻي هلندا هئا، پر ماڻهن کي ستت ئي خبر پئجي ويندي هئي، ته هي ته اهي ئي پراڻا بگهڙ آهن.“ (ص-128)
مارڪس ۽ اينجلس جو چوڻ آهي ته فيوڊل سوشلسٽ نون اميرن کي اهو ڌوڪو ڏين ٿا ته توهان کي حڪومت ڪرڻ نه ٿي اچي، توهان رڳو پئسا ميڙڻ ڄاڻو ٿا، توهان مزورن کي انقلابي مزور بڻجڻ کان روڪڻ جي صلاحيت به نه ٿا رکو. ان ڪري بچاءُ انهيءَ ۾ اٿوَ ته اسان کي پاڻ سان شريڪ ڪيو، نه ته جيڪڏهن حقيقي سوشلسٽ اقتدار ۾ اچي ويا ته توهان جون فيڪٽريون ۽ ڪارخانا سچ پچ به ڦرجي ويندا.
”ان ڪري سياسي عمل ۾ فيوڊل سوشلسٽ مزور طبقي خلاف سڀني قهري ڪاررواين ۾ شريڪ ٿين ٿا ۽ ڏهاڙيءَ جي زندگيءَ ۾ پنهنجين ٻٽاڪن باوجود صنعت جي وڻ مان ڪريل سوني صوف کي ڏاڍي بي شرميءَ سان جهڪي کڻي وٺن ٿا ۽ سچائيءَ، محبت ۽ عزت جو سودو، اُنَ، ڳاڙهي گوگڙونءَ ۽ پٽاٽن جي شراب سان ڪري وٺن ٿا.“ (ص- 128-129)
مارڪس ۽ اينجلس سينٽ سائمن، فوريئر ۽ رابرٽ اووين جي خدمتن کي ڏاڍو ساراهيو آهي ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته سندن تعليمن سان مزور طبقي کي ڏاڍو فائدو ٿيو، البت خيالي سوشلزم جي رستي تي هلي سرمائيداري نظام جي جڳهه تي سوشلسٽ نظام نه ٿو قائم ڪري سگهجي. اهو تاريخي فرض پرولتاريه طبقي کي ٻين پورهيتن سان ملي نڀائڻو پوندو. سماجي انقلاب بابت مارڪس ۽ اينجلس جو نڪتي نظر هيءُ هو ته انقلابي جدوجهد جو ڪو پڪو پختو نسخو دستياب ناهي، پر هر ملڪ کي پنهنجين معروضي حالتن موجب پنهنجو واضح پروگرام ۽ طريقيڪار اختيار ڪرڻو پوندو. انقلاب جو اهڙو ڪو فارمولو نه ٿو ٺاهي سگهجي جيڪو هر دؤر ۽ هر ملڪ لاءِ ساڳيو ئي موزون هجي. پر مارڪس ۽ اينجلس ڪميونسٽن جا واضح پروگرام جا جيڪي بنيادي اصول ڏسيا، اهي اڄوڪين حالتن ۾ به ايڏا ئي موزون آهن جيترا اڄ کان سوا سَو سال اڳ هئا. اهي ڪميونسٽن جي مقصدن کي ٻن حصن ۾ ورهائن ٿا. هڪڙو تڪڙا مقصد، ٻيو بنيادي مقصد. تڪڙن مقصدن مان سندن مطلب عوام جي تڪڙن مطالبن لاءِ جدوجهد آهي، پوءِ انهن مطالبن جي واسطو مانيءَ ۽ روزگار سان هجي، جمهوري حقن سان هجي يا ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ سان. مثال طور فرانسي ڪميونسٽ جمهوري پارٽين سان ملي رجعت پرست عنصرن جو مقابلو ڪندا هئا، ته پولينڊ ۾ قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سرگرم حصو وٺندا هئا ۽ جرمنيءَ ۾ جمهوري آئين لاءِ بي لغام بادشاهت ۽ جاگيرداريءَ خلاف جمهوريت پسندن جو ساٿ ڏيندا هئا، پر شرط اهو هو ته اهي نه ته پنهنجي انفراديت ختم ڪندا ۽ نه ئي پنهنجن انقلابي اصولن کان ڪنهن وقتي فائدي لاءِ هٿ کڻندا، پر طبقاتي جدوجهد جي اصولن تي بيٺل رهندا ۽ پورهيتن کي سندن تاريخي منصب کان ڪڏهن به غافل ٿيڻ نه ڏيندا، ڇو ته ان طبقاتي جدوجهد کي تکو ڪرڻ کان سواءِ سرمائيداري نظام کي ڀڃي ڀورا ڪري اشتراڪي معاشري جو بنياد نه ٿو رکي سگهجي. مختصر طور ته ”ڪميونسٽ هر هنڌ مروج سماجي ۽ سياسي صورتحال خلاف هر انقلابي تحريڪ جو ساٿ ڏيندا آهن پر اهي پنهنجن خيالن ۽ مقصدن کي لڪائڻ پنهنجي بيعزتي سمجهندا آهن، بلڪ کليو اعلان ڪندا آهن ته سندن مقصد موجوده سماجي حالتن کي طاقت جي زور سان ختم ڪري ئي حاصل ٿي سگهي ٿو “ ۽ اهو مقصد آهي ڪميونسٽ معاشرو.
مارڪس ۽ اينجلس کي پڪو يقين هو ته ڪميونسٽ معاشرو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور قائم ٿيندو، ان وقت پيداواري قوتون ايڏي ترقي ڪري چڪيون هونديون ۽ پيداوار جي ايڏي گهڻائي هوندي جو معاشري جي هر ماڻهوءَ جي روحاني ۽ مادي ضرورتن جي مڪمل تسڪين (تسلي) ٿي سگهندي. ”سرمائيدار معاشري ۾ زنده پورهيو ذخيرو ڪيل پورهيي (مشينن، فيڪٽرين، ڪچي مال وغيره) ۾ واڌاري جو ذريعو هوندو آهي. ڪميونسٽ معاشري ۾ ذخيرو ڪيل پورهيو پورهيتن جي وجود کي پکيڙڻ، ڀرپور ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ جو هڪ ذريعو هوندو.“ ڪميونسٽ معاشري ۾ شهرن ۽ ٻهراڙين جو هزارين سال پراڻو امتيازي فرق مٽجي ويندو ۽ عورت، جيڪا اڃا تائين اڻ برابريءَ جو شڪار آهي، مرد برابر رتبو حاصل ڪندي. ماڻهن جا گڏيل رشتا پهريون ڀيرو تعاون ۽ وجود جي وقار جي بنيادن تي مضبوط ٿيندا. ماڻهوءَ سان محبت پهريون ڀيرو سڄي معاشري جو دستور بڻبي. ماڻهو پهريون ڀيرو سڀاڻي جي ڳڻتيءَ کان آجو ٿيندو. کيس پهريون ڀيرو وجود جي حاصلات جا موقعا ملندا. هو پهريون ڀيرو حالتن جي ڏاڍ کان آزاد ٿيندو.

________
 Fredrick Engels: Biography. P-92. Moscow. 1974
 انهيءَ سوسائٽيءَ اڳيان مارڪس ڊسمبر 1847ع ۾ اقتصاديات تي ڪيئي تحريري ليڪچر ڏنا، جن مان ڪجهه ليڪچر پوءِ ”اجوري وارو پورهيو ۽ سرمايو“ جي نالي سان ڇپيا.
 Selected Correspondence. P-45
 Selected Works. Vol-I. P-3