باب ويهون : مارڪس، اينجلس ۽ هندستان
لنڊن ۾ مارڪس کي آمدنيءَ جو ڪوبه ذريعو نه هو. اتي اينجلس به نه هو جيڪو مدد ڪري ها. ان دوران مارڪس کي چوٿون ٻار ڄائو ته خرچ اڃا وڌي ويا. فليٽ جي مسواڙ ڏئي نه سگهيو ته مالڪه پوليس گهرائي بيٺي پير کين گهر مان ڪڍي ڇڏيو. جيني 30- مئي 1850ع تي هڪ خط ۾ لکي ٿي ته ”هڪ ڏينهن سرڪاري ملازم آيا ۽ هنن اسان جا هنڌ بسترا، چادرون، لٽا ڪپڙا، ايستائين جو منهنجي کيرپياڪ ٻار جي پينگهي ۽ ٻارڙين جي گڏين تي به قبضو ڪري ورتو ۽ اهي ڪنڊ ۾ بيٺي ڳوڙها ڳاڙينديون رهيون. پوليس مَس مَس اسان کي ٻن ڪلاڪن جو وقت ڏنو.“ مارڪس ڀڄي ڊڪي ڪٿان مسواڙ لاءِ رقم هٿ ڪئي تڏهن گهر جو سامان موٽي مليو، پر اهو بنا دير کپايو ويو ته جيئن دوائن واري، مانيون کپائيندر، ڪاسائيءَ وغيره جا قرض ڏئي سگهجن. ان کان پوءِ مارڪس سوهو جي انتهائي گندي ۽ ڳتيل علائقي جي ٻن ڪمرن واري فليٽ ۾ وڃي ويٺو، جتي ڇهن سالن تائين رهيو. فليٽ جو اڳيون ڪمرو بيٺڪ ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ايندو هو ۽ پٺيون ڪمرو سمهڻ ۾ ڪتب ايندو هو. اتي ٻن سالن اندر مارڪس جا ٻه ٻار کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ سبب مري ويا. ٻيو ٻار مُئو ته گهر ۾، پر ان جي ڪفن لاءِ به وٽس پئسا نه هئا. هڪ ڀيري ته حالت اها وڃي ٿي جو مارڪس کي پنهنجو ڪوٽ ۽ پينٽ به گروي رکڻا پيا. ”منهنجون حالتون هاڻي اهڙيون وڃي ٿيون آهن جو مان گهر مان به نڪري نه ٿو سگهان، ڇو ته منهنجا ڪپڙا لٽا به گروي آهن.“
انهن گهريلو پريشانين باوجود مارڪس اقتصاديات بابت پنهنجي ڪتاب ۾ رڌل رهيو. هو صبح جو نائين وڳي برٽش ميوزيم ويندو هو ۽ شام جو ستين وڳي موٽندو هو. ان ڪري اپريل 1850ع کان آگسٽ 1853ع تائين هن اقتصاديات جي ڪتابن ۽ سرڪاري رپورٽن مان ورتل حوالن سان 23 ڊائريون لکي ورتيون، ان دوران اينجلس به سوئٽزرلينڊ کان لنڊن آيو ۽ اتي هڪ سال رهي، ٻيهر مانچسٽر پنهنجي پيءُ جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ هليو ويو ته جيئن مارڪس کي ٿوري گهڻي رقم موڪلي سگهي. آگسٽ 1851ع ۾ اخبار ”نيويارڪ ڊيلي ٽربيون“ مارڪس کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو. اخبار جي مالڪ ۽ ايڊيٽر چارلس ڊانا سان مارڪس ٽي سال اڳ ڪولون ۾ ملي چڪو هو. ڊانا نظرياتي لحاظ کان فوريئر جو هم خيال سوشلسٽ هو ۽ سندس اخبار جي سرڪيوليشن انهن ڏينهن ۾ ٻن لکن کان به وڌيڪ هئي. پر هو ڪاروباري ماڻهو هو، ان ڪري هن مارڪس کي لنڊن جي نمائندگي ان شرط تي ڏني ته هو هفتي ۾ ٻه خبرناما لکندو، هر خبرنامي تي کيس ٻه پائونڊ معاوضو ملندو. مارڪس جي حالت ايڏي ابتر هئي جو هن ڊانا جا ٻئي ڏکيا شرط مڃيا. البت لڳ ڀڳ هڪ سال تائين ٽربيون جي نمائندگيءَ جا فرض اينجلس نڀايا، ڇو ته مارڪس کي انگريزيءَ ۾ لکڻ تي مهارت نه ٿي هئي. اينجلس جيڪو ڪجهه لکندو هو، مارڪس ان ۾ ضروري درستگيون ڪري نيويارڪ اماڻيندو هو. 1853ع کان پوءِ هو پنهنجا خبرناما پاڻ انگريزيءَ ۾ لکڻ لڳو، پر اهي ٽربيون کي موڪلڻ کان اڳ اينجلس کي ضرور ڏيکاريندو هو.
ان دوران ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حمايتين ۽ مخالفن جي وچ ۾ هندستان جي مستقبل بابت بحث ٿيڻ لڳا. ڳالهه هيءَ هئي ته 1833ع جي هند قانون موجب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي چارٽر جو مدو 1853ع ۾ پورو ٿيڻ تي هو. انهن ويهن سالن ۾ ڪمپنيءَ سنڌ، پنجاب ۽ سرحد تي جنهن طرح ناجائز قبضو ڪيو هو ۽ ٻئي ملڪ ۾ جيڪي بدعنوانيون ڪيون هيون تن جي ڪري برطانيا ۾ هڪڙو ٽولو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سخت مخالف ٿي پيو هو، جنهن جو مطالبو هو ته هاڻ جيئن ته ڪمپني واپاري ادارو ناهي رهي پر ملڪي طاقت بڻجي وئي آهي، ان ڪري هندستان کي سڌيءَ ريت برطانوي سلطنت ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. حڪومت ان تي راضي نه ٿي، البت نئين قانون ۾ اهڙيون شقون هنيون ويون جن موجب هندستان جو انتظام اڻ سڌيءَ ريت برطانوي حڪومت جي نگرانيءَ ۾ اچي ويو. مثال طور ڪمپنيءَ جي چارٽر جي تجديد (تازگي) ته ڪئي وئي پر مدو مقرر نه ڪيو ويو، ته جيئن حڪومت جڏهن چاهي چارٽر کي رد ڪري ڇڏي. ٻيو ته ڊائريڪٽرن جو تعداد 24 مان گهٽائي 18 ڪيو ويو ۽ طي ٿيو ته ڇهن ڊائريڪٽرن کي برطانيا پاڻ مقرر ڪندو. ٽيون ته سوِل سروس جون سڀئي جايون اڳتي کليل چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ذريعي ڀريون وينديون، نه ڪي ڊائريڪٽرن جي مرضيءَ سان. چوٿون ته بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي صدر کي ڪابينا جو رڪن بڻايو ويو ته جيئن ڪمپنيءَ جا سڀئي اهم فيصلا حڪومت جي مرضيءَ پٽاندر ٿين ۽ حڪومت ڪمپنيءَ جي سرگرمين کان واقف رهي.
اها هئي صورتحال، جنهن تي تبصرو ڪندي مارڪس 1853ع ۾ ڊيلي ٽربيون ۾ مسلسل کوڙ مصمون لکيا ۽ برطانوي سامراج ڏيڍ سَو سالن ۾ جنهن طرح هندستان کي ڦريو لُٽيو هو، ان جو ڪچو چٽو کولي ڇڏيو.
مارڪس ۽ اينجلس جيتوڻيڪ هندستان جي مسئلي جو باقاعدي مطالعو اخباري ضرورتن هيٺ 1853ع ۾ شروع ڪيو پر ”جرمن آئيڊيالاجي“ (1845ع) پڙهڻ سان سڌ پوي ٿي ته لنڊن اچڻ کان اڳ به اهي هندستاني حالتن کان اڻڄاڻ نه هئا. مثال طور اهي ڪتاب ۾ ڪم ورڇيندڙ سان بحث ڪندي لکن ٿا ته ”هندستان ۾ ذات پات جو سرشتو ڪم ورڇيندڙ جي انتهائي بُڇڙي شڪل آهي جيتوڻيڪ مؤرخن جو خيال آهي ته ذات پات ان ڪم ورڇيندڙ جو سبب آهي.“ (ص- 52) هندستاني معيشت تي برطانيا جي صنعتي ترقي جهڙيءَ ريت اثرانداز ٿيندي هئي، ان جو ذڪر ڪندي هو ان ڪتاب ۾ لکن ٿا ته انگلينڊ ۾ جڏهن ڪا نئين صنعتي مشين ٺهي ٿي، ته اڻ ڳڻيا هندستاني ۽ چيني هنرمند روزيءَ ۽ روزگار کان محروم ٿين ٿا. (ص-60) ۽ اهو به ته انگريز سرمائيدار صنعت ۾ انقلاب آڻيندو ۽ هندستان کي سياسي طور غلام بڻائيندو پيو وڃي. (ص- 210)
پر هيءَ تاريخي سچائي آهي ته ايشيائي، خاص ڪري هندستاني معاشري جي سچي نوعيت جو نشان مارڪس کان اڳ ۾ اينجلس سڃاتو. هو ڏاڍو ذهين هو. کيس نوان نوان علم ۽ فن سکڻ ۽ انهن مان اصولي نتيجا ڪڍڻ ۾ ڪمال حاصل هو، ان ڪري تاريخي ماديت جي اقتصادي بنيادن جي نشاندهي سڀ کان پهرين هن ئي ڪئي هئي. ٻوليون سکڻ تي لڳو ته هن يورپ ۽ ايشيا جون درجنين ٻوليون عربيءَ ۽ فارسيءَ سوڌو سکي ورتيون. جنگي فن جو شوق ٿيس ته هٿيارن بابت جيڪي به ڪتاب کيس ملي سگهيا سي پڙهي ورتائين ۽ جنگي مسئلن تي اهڙا ته مضمون لکيا جو فوجي جنرل به سندس لياقت کي مڃڻ لڳا. سائنسي علمن سان دلچسپي ٿيس ته ”دوهرنگ جو رد“ ۽ ”نيچر ۾ جدليت“ جهڙا ڪلاسڪ ڪتاب لکيائين. سماجيات تي لکڻ ويٺو ته ”ڪٽنب، رياست ۽ ذاتي ملڪيت جي ابتدا“ جي اهڙي ته تشريح ڪئي جو سماجيات جا عالم اڄ تائين ان ڪتاب جو حوالو ڏيندا آهن ۽ سوشلزم جا شاگرد گهڻي ڌيان سان اهو پڙهندا آهن. باقي بچيا فلسفو، اقتصاديات ۽ سياست، سو انهن موضوعن تي ته مارڪس جهڙي سخت نقاد به اينجلس جو عظمت جو اعتراف ڪيو آهي. ان ڪري ئي اينجلس ڏانهن هڪ خط ۾ لکي ٿو ته ”تون ڄاڻين ٿو ته هڪ ته مان هوري هوري ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهيان، ٻيو ته مان سدائين تنهنجن پيرن جي نشانن تي هلندو آهيان.“ (ڪارل مارڪس، از مهرنگ، ص- 233)
اينجلس انهن ڏينهن (1853) ۾ مانچسٽر ۾ رهندوهو. البت هو هر ٽين چوٿين مهيني مارڪس ۽ سندس ٻارن ٻچن سان ملڻ لنڊن ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مارڪس به ٿڪ ڀڃڻ لاءِ مانچسٽر ويندو هو ۽ ڪيئي هفتا اينجلس وٽ رهندو هو. کان سواءِ ٻنهي دوستن جو معمول هو ته اهي ڪڏهن روز، نه ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا هڪ ٻئي کي خط ضرور لکندا هئا.مارڪس جي زال جيني ٻڌائي ٿي ته مارڪس کي اينجلس جي خطن جو ايڏو بيچينيءَ سان انتظار رهندو هو جو خط پهچڻ ۾ دير ٿي پوندي هئي ته مارڪس چيڙاڪ ٿي پوندو هو. ٻئي ڄڻا پنهنجن خطن ۾ سڄيءَ دنيا جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا، ڪو اهم ڪتاب پڙهيو ته ان تي تبصرو ڪندا هئا، ڪو نئون منصوبو ذهن ۾ آين ته هڪ ٻئي کي ٻڌائي ورتن، ڪو سياسي واقعو ٿيو ته ان تي پنهنجي راءِ ڏني، ڪو علمي بحث ٿيو ته ان جي مختلف رُخن کان هڪ ٻئي کي ٻڌائي ڇڏيو، ايستائين جو ڪنهن ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي ته ان ملاقات جو تتُ خط ۾ لکي ڇڏيو. مطلب ته مارڪس ۽ اينجلس جا خط، جن جو سلسلو لڳ ڀڳ چاليهن سالن تائين هلندو رهيو، سندن ڏهاڙيءَ جي مصروفيتن ۽ تاثرن جي انتهائي دلچسپ، ڊائري آهن.
عجيب اتفاق آهي ته جنهن ڏينهن (24- مئي 1853ع) مارڪس انڊيا بِل بابت پنهنجو پهريون خبرنامو نيويارڪ ٽربيون کي موڪليو، انهيءَ ڏينهن اينجلس مانچسٽر مان مارڪس کي خط لکيو ته مون چارلس فارسٽر نالي پادريءَ جو ڪتاب ”عربن جي تاريخي جاگرافي“ پڙهي ته خبر پئي ته يهودي به عرب ملڪ جا بدوي (رولاڪ) قبيلا هئا جن جو نالي چڙهيو مقدس ڪتاب قديم عربن جي مذهبي ۽ قبيلائي روايتن جي دستاويز کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ٻيو ته ڏکڻ _ اولهندي علائقي جا عرب به آڳاٽي وقت ۾ ايڏا ئي مهذب هئا جيڏا مصري ۽ اشوري، ٽيون ته محمد صه جو اسلامي انقلاب به ٻين مذهبي تحريڪن وانگر سولي معاشري جي حق ۾ هڪ ردعمل هو. اينجلس پنهنجي خط ۾ آگري، دهليءَ، ملتان ۽ لاهور جهڙن ”عظيم شهرن“ جي وجود ۾ اچڻ جو ڪارڻ به ٻڌايو هو. (چوند خط. ص- 95-96)
مارڪس اينجلس کي جواب ۾ لکيو ته ”مشرقي شهرن جي ٺهڻ بابت ڊاڪٽر برنيئر جي سفرنامي کان وڌيڪ دلچسپ، شاندار ۽ ڇرڪ ڀرائيندڙ تبصرو ممڪن ناهي. هو هندستان جي فوجي نظام ۽ لشڪرن جي خوراڪ جي انتظام کي به وڏي خوبيءَ سان ٻڌائي ٿو. (ايضاً. ص 97-98) ان حوالي سان برنيئر جي سفرنامي مان طويل اقتباس اتاريندي مارڪس سندس هيءُ قول به اتاريو ته سڄي بادشاهيءَ ۾ زمين جو اڪيلو ۽ ٻئي ڪنهن کان سواءِ مالڪ فقط بادشاهه آهي. اها ئي حالت مشرق جي ٻين علائقن خاص ڪري ترڪيءَ ۽ ايران جي آهي، ڇاڪاڻ ته زمين جي حدتائين ذاتي ملڪيت اتي به ناهي.
اينجلس برنيئر وانگر مشرق جو سفر ته نه ڪيو هو، پوءِ به هن مشرق جي تاريخ جي اڀياس مان جيڪي نتيجا ڪڍيا، تن مان مشرق جي معيشت جو ڪردار ڏاڍي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو ۽ تاريخي ماديت جي اصولن جي به تصديق ٿي وڃي ٿي. مثال طور اينجلس 6- جون تي مارڪس کي لکيو ته ”زميني ملڪيت جي غيرموجودگي بيشڪ سڄي مشرق جي ڪنجي آهي، پر سوال هيءُ آهي ته مشرق ۾ زميني ملڪيت جاگيرداري شڪل ۾ ئي سهي، ڇو مروج نه ٿي سگهي. منهنجي خيال ۾ ان جو بنيادي ڪارڻ اتان جي موسم ۽ زمين جي نوعيت آهي، خاص ڪري ان ڪشادي ريگستان جي موسم ۽ زمين جيڪا صحاره، عربستان، ايران، هندستان ۽ تاتار کان گهڻو مٿي ايشيائي پليٽو تائين پکڙيل آهي. انهن علائقن ۾ هٿرادو آبپاشي ٻني ٻاري جو پهريون شرط آهي، پر اهو فرض پورو گروهه، يا صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتون ئي ادا ڪري سگهن ٿيون. مشرق ۾ حڪومت جا صرف ٽي شعبا هئا: ماليات يعني ملڪ جي اندرين ڦرلٽ، جنگ يعني پنهنجي ملڪ ۽ ٻين ملڪن جي لُٽ ۽ عام اڏاوتون، جنهن تي پيداوار جي تسلسل جو دارومدار هو. برطانوي حڪومت هندستان ۾ پهرين ٻن شعبن کي جيئن جو تيئن قائم رکيو آهي، پر ٽئين شعبي کي صفا ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هندستاني زراعت برباد ٿيندي پئي وڃي ۽ آبپاشيءَ جو نظام ختم ٿيڻ سان زمين جي هٿرادو زرخيزي بيهجي وئي آهي. اهوئي سبب آهي ته اهي علائقا جيڪي ڪنهن زماني ۾ کيڙيا پئي ويا ۽ جتي جام اناج پيدا ٿيندو هو، هاڻ برپٽ ۽ ويران آهن. مثال طور پالميرا، پٽرا، يمن ۽ مصر، ايران ۽ هندستان جا ضلعا. انهيءَ مان هيءَ ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ٿي ته صرف هڪ تباهه ڪندڙ جنگ سان ڪو ملڪ صدين تائين ڇو ويران ٿي ويندو آهي ۽ ان جي تهذيب فنا ٿي ويندي آهي.“ (چوند خط. ص 99)
اينجلس جيڪي قانون بيان ڪيا، انهن جي مڪمل تائيد ننڍي کنڊ جي تاريخ مان ٿئي ٿي. حقيقت هيءَ آهي ته هتي اهوئي بادشاهه ڪامياب ٿيو جنهن آبپاشيءَ جي سرشتي کي وڌايو ۽ اهو بادشاهه ناڪام ٿيو جنهن واهن، حوضن ۽ کوهن کوٽڻ کان غفلت ڪئي. ايستائين جو انگريزن کي به (اينجلس جي ان تحرير کان سالن کان پوءِ) پنهنجي سامراجي مفاد کي ڏسندي مغربي يُو پِي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ واهه کوٽائڻا پيا ته جيئن زرعي پيداوار نه گهٽجي، جنهن تي سڄي ملڪ جي معيشت جو دارومدار آهي.
1853ع کان 1860ع تائين مارڪس ۽ اينجلس نيويارڪ ٽربيون ۾ هندستان بابت جيڪي مضمون لکيا، تن کي موضوع جي لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين حصي جو تعلق هندستان جي معاشرتي ۽ معاشي حالتن ۽ برطانوي سامراج جي حڪمت عمليءَ سان آهي. ٻئي حصي جو موضوع 1857ع جي بغاوت جا واقعا آهن. ٽيون حصو هندستان جي اقتصادي بحران بابت آهي جيڪو بغاوت کان پوءِ ظاهر ٿيو، مارڪس ۽ اينجلس هندستان کان سواءِ ايران، ايراني نار ۽ چين تي به ڪيئي مضمون لکيا هئا جيڪي ان وقت جي سڀ کان سگهاري سامراجي قوت _ برطانيا _ جي استحصالي سرگرمين خلاف فرد جرم جي حيثيت رکن ٿا.
پهرين دؤر جا مضمون مئي کان جولاءِ 1853ع دوران لکيا ويا هئا، جڏهن برطانوي پارليامينٽ ۾ نئين انڊيا بِل تي بحث ٿي رهيو هو. اهي مضمون ان لحاظ کان ڏاڍا اهم آهن ته انهن ۾ مارڪس ۽ اينجلس پهريون ڀيرو اهو بنيادي سوال پڇيو ته هندستاني معاشرو هزارين سالن کان بيٺل ڇو آهي ۽ پوءِ ان سوال جو جواب تاريخي ماديت جي اصولن جي روشنيءَ ۾، هتان جي معيشت جي حوالي سان ڳوليو هو. مارڪس چوي ٿو ته هندستاني معاشري جي ڪا تاريخ ناهي. يعني هتان جو معاشرو ترقي پذير نه هو پر ان جي تاريخ اصل ۾ مختلف حملي آورن جي تاريخ آهي، جن هتي هڪ ٻئي پٺيان پنهنجون بادشاهيون قائم ڪيون پر معاشري جي نوعيت اها ئي رهي جيڪا پهريائين هئي. ”هندستان جي ماضيءَ جو سياسي پاسو توڙي ڪيڏو به بدلجندڙ نظر اچي، ان جي سماجي حالت ۾ آڳاٽي عهد کان اڻويهين صديءَ جي شروعات تائين ڪو فرق ناهي آيو.“
مارڪس موجب ان جمود جا ٻه سبب هئا. پهريون زرعي پيداوار جو طريقو، ٻيو ڳوٺ جو پاڻ ڀرو سماجي نظام. جيئن اسان اينجلس جي خط جي سلسلي ۾ ٻڌائي چڪا آهيون ته هندستان ۾ زرعي پيداوار جو پهريون شرط، يورپ جي ابتڙ، زمين نه، پر آبپاشي آهي، ڇو ته هتان جي اڪثر علائقن ۾ مينهن ٿورو وسي ٿو. هٿرادو آبپاشيءَ لاءِ واهه گهربل هوندا آهن جن جي کوٽائي ۽ سارسنڀال رياستي سطح تي ئي ممڪن آهي، ان ڪري هتي زراعت جو دارومدار حڪومت جي سٺي يا خراب هئڻ تي هو. هندستاني صنعت _ سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو _ به زراعت سان ئي لاڳاپيل هئي ۽ زراعت ۽ صنعت ٻنهي جو محور ڳوٺ هئا. ڳوٺ جي مخصوص ڪردار جو ذڪر ڪندي مارڪس برطانوي پارليامينٽ جي هڪ سرڪاري رپورٽ جو وڏو ٽڪرو اتاري ٿو، جنهن موجب انگريزن جي قبضي کان اڳ هتي هر ڳوٺ خودمختار ۽ خودڪفيل جمهوريت هو. ان ڳوٺ جو پنهنجو مُکي، سردار، منشي، واڍا، لوهر، ڪوري، حجم، ڌوٻي، ملان، پنڊت، اسڪولي استاد، نجومي، ميراثي ۽ داليون ڀاڄيون وغيره وڪڻندڙ هوندا هئا ۽ سڀني جو رشتو ڳوٺ جي زمين سان جڙيل هو. پر،
”اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته بظاهر اهي سادا، نقصان نه رسائيندڙ ۽ وڻندڙ ڳوٺاڻا ٽولا مشرقي ظلم ۽ ڏاڍ جا ٺوس بنياد رهيا آهن. انهن انساني ذهن کي تمام ننڍن ننڍن دائرن (گهيرن) ۾ محدود ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ماڻهو بنا ڪجهه ڪڇڻ جي وهين جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ روايتي ضابطن جا غلام بڻجي ويا آهن ۽ سندن دماغ هر قسم جي بلند خياليءَ ۽ تاريخي توانائين کان محروم ٿي ويا آهن... اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته انهن ننڍين ننڍين ٻهراڙين ۾ ذات پات جو فرق ۽ غلاميءَ جو زهر ايڏو ته گهري ويو آهي جو ماڻهو حالتن جو آقا ٿيڻ بدران غلام بڻجي ويو آهي ۽ خودڪار سماجي ڪيفيت نه بدلجندڙ تقدير ٿي پئي آهي.“
ننڍي کنڊ جي ڳوٺاڻي معاشري بابت مارڪس اهي خيال اڄ کان سوا سَو (125) سال اڳ ظاهر ڪيا هئا. ان دوران دنيا ۾ انيڪ انقلاب آيا ۽ معاشرتي تبديليون ٿيون، پر اسان جي ٻهراڙين تي وچين دؤر جو زهريلو ڪوهيئڙو اڃا ڇانيل آهي. اهو صحيح آهي ته ريلن ۽ روڊن ٺهڻ سان ڳوٺاڻي معيشت به مشيني صنعت جي اثر ۾ اچي وئي آهي، پر ملڪ جي وڏي اڪثريت، جيڪا ڳوٺن ۾ رهي ٿي، جديد دؤر جي گهڻين ئي سهولتن کان اڄ به محروم آهي. اسان جا ڳوٺ اڄ به صدين پراڻي جاگيرداري نظام ۽ جاگيرداري روايتن جا ڳڙهه آهن. اتي نه ته سٺا اسڪول ۽ اسپتالون آهن ۽ نه لائبريريون، ان ڪري ڳوٺاڻن جي زندگي وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مُلن جي خدمت چاڪريءَ ۾ گذرندي آهي. اهي ئي سندن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ آهن ۽ اهي سياڻا ماڻهو سادن ڳوٺاڻن کي ڪڏهن برادريءَ جي نالي ۾، ڪڏهن قبيلي جي نالي ۾، ته ڪڏهن مذهب جي نالي ۾ پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪندا رهندا آهن ۽ قبر پرستيءَ، تعويذن ڦيڻن ۽ اهڙن ٻين وهمن جي ڄار ۾ ڦاٿل رکندا آهن ته جيئن علم ۽ ڏاهپ جي روشني سندن ذهنن ۾ نه اچي سگهي.
اِيسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سرگرمين تي تبصرو ڪندي مارڪس پنهنجي مضمون ۾ انگريزن جي ئي بيانن ۽ سرڪاري انگن اکرن مان ثابت ڪيو ته ڪمپنيءَ جو مقصد هندستانين کي تهذيب سيکارڻ نه، پر دولت ميڙڻ هو انفرادي سطح تي به، ته اجتماعي سطح تي به. ڦرلٽ جي ان ڌنڌي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ سندس ملازمن نه ئي ڪنهن اصول جي پرواهه ڪئي ۽ نه ئي پنهنجا واعدا پورا ڪيا. دولت جي ان لالچ نيٺ سلطنت جو روپ اختيار ڪري ورتو.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 31- ڊسمبر 1600ع تي ملڪه ايلزبيٿ جي حڪم تحت قائم ٿي هئي. ان حڪم موجب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان سواءِ ڪنهن به انگريز يا انگريزي ڪمپنيءَ کي ڏکڻ ايشيا سان واپار ڪرڻ جي موڪل نه هئي. برطانيا ۾ تنهن وقت تائين ڪو اهڙو سامان نه ٺهندو هو جيڪو هندستان جي ريشمي، سوٽِي يا اُوني ڪپڙن، مصالحن ۽ نير يا کنڊ وغيره جي عيوض وڪرو ڪجي ها، ان ڪري ڪمپنيءَ کي ٽيهه هزار پائونڊن جي رقم برابر سون ۽ چاندي برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، ته جيئڻ ڏکڻ ايشيا جي مڏين مان روڪ رقم ڏئي شيون وٺي سگهجن.
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ڏکڻ ايشيا ۾ ڊچن، پرتگالين ۽ فرانس جي واپاري ڪمپنين سان ته سخت مقابلو ڪرڻو پيو البت برطانيا ۾ سندس هلندي هئي، ان ڪري انگريز واپارين اتي هندستاني مال وڪڻي گهڻو ئي نفعو ڪمايو، پر جڏهن برطانيا۾ سوٽي ۽ اوني مِلون کلڻ لڳيون ته انگريز صنعتڪارن هندستاني ڪپڙي جي درآمد خلاف گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، ڇو ته هندستاني ڪپڙا هر لحاظ کان انگريزي ڪپڙن کان سٺا هوندا هئا. برطانوي مصنوعات کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ 1697ع ۾ هڪ قانون لاڳو ڪيو جنهن موجب ”هندستاني، ايراني ۽ چيني ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙا پهرڻ تي منع ڪئي وئي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙا ڪپڙا کپائيندو يا پائيندو هو ته ان تي 200 پائونڊ ڏنڊ هنيو ويندو هو.“
اورنگزيب جي وفات کان پوءِ جڏهن هندستان ۾ بدنظمي پکڙي ۽ دکن، ڪرناٽڪ، ميسور ۽ بنگال وغيره خودمختار ٿي ويا ته انگريزن به موقعي کان فائدو ورتو ۽ واپاري مفادن جي تحفظ جي بهاني سان سامونڊي علائقن تي قبضو ڪرڻ جا منصوبا رٿڻ لڳا. ان دوران برطانيا ۾ مشيني صنعتن گهڻي ترقي ڪئي. صنعتڪارن کي پنهنجي مال جي کپت لاءِ بازارن جي ڳولا ٿي. نتيجو اهو نڪتو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني، جيڪا فقط هندستاني شين جي وٺڻ ۽ کپائڻ جو ڪم ڪندي هئي، هاڻ ان ڪم تي مقرر ٿي ته برطانوي مصنوعات کي هندستاني علائقن ۾ کپائي، پر اهو تڏهن ئي ممڪن هو جڏهن هندستان جي صنعتي علائقن تي قبضو ڪري هتان جي صنعتن کي طاقت جي زور تي ختم ڪيو وڃي ها، ان ڪري لارڊ ڪلائيو ڪرناٽڪ، دکن، بنگال ۽ بهار تي وڏي اٽڪل سان سياسي اقتدار حاصل ڪري ورتو، جنهن ڪري ڪمپنيءَ جو ڪردار ئي بدلجي ويو. مارڪس لکي ٿو ته:
”ستن سالن (1756ع- 1763ع) تائين هلندڙ ويڙهه جي واقعن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي واپاري اداري بدران فوجي ۽ علائقائي قوت بڻائي ڇڏيو ۽ ان ريت اوڀر ۾ برطانوي بادشاهت جو بنياد رکيو ويو.... ان ڪري ارڙهين صديءَ ۾ هندستان مان جيڪا دولت برطانيا منتقل ٿي، ان ۾ واپار جو حصو نالي ماتر هو. اها دولت ملڪ جي تمام گهڻي ۽ سڌي ڦرلٽ سان ميڙي وئي هئي. انهيءَ سان ئي ڪمپنيءَ جي واپار جو ڪردار به بدلجي ويو.“
هاڻي ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان مان مصنوعات بدران ڪچو مال خاص ڪري ڪپهه برآمد ۽ برطانوي مصنوعات درآمد ڪرڻ لڳي. مثال طور مارڪس جي انگن اکرن موجب 1780ع ۾ برطانيا جي ڪل برآمدي واپار جي رقم 125 لک پائونڊ هئي ۽ صرف پوڻن چئن لکن پائونڊن جو مال هندستان ايندو هو، ڄڻ برطانيا جي برآمدي واپار ۾ هندستان جو حصو صرف هڪ ڀاڱي ٻٽيهه هو، پر 1850ع ۾ برطانيا مان 80 لک پائونڊن جو مال هندستان آيو يعني 25 ڀيرا وڌيڪ.
”هندستان جيڪو قديم وقت کان سوٽي مصنوعات جو تمام وڏو مرڪز هو، برطانوي سُٽ ۽ ڪپڙي سان ڀرجي ويو. اڳ ۾ هندستاني ٺاهيل شين جي درآمد برطانيا ۾ روڪي وئي، پوءِ برطانوي ٺاهيل شين سان نالي ماتر ناڪو ڀري هندستاني بازارون ڀريون ويون. نتيجو اهو نڪتو ته اتان جي مشهور سوٽي صنعت تباهه ۽ برباد ٿي وئي.“
هند جي ڌرتيءَ تي انگريزن جون سياسي سازشون ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيون، پر سَو سال به نه گذريا هئا ته اهي پشاور کان رنگون تائين ۽ سري نگر کان راس ڪماريءَ تائين سڄي ننڍي کنڊ تي قابض ٿي ويا. البت هنن ڊگهيءَ نظر کان ڪم وٺندي گهڻين ۽ ديسي رياستن کي برطانوي هند ۾ شامل نه ڪيو، پر انهن جي هٿ ٺوڪي خودمختاري براقرار رکي. تاريخ شاهد آهي ته انهن ديسي رياستن جا والي برطانوي تاج جا سڀ کان وفادار ساٿي ثابت ٿيا ۽ انهن وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ کي چٿڻ ۾ انگريزن جو مڪمل ساٿ ڏنو. مارڪس رياستن جي والين جي ان ڪردار کي 1857ع واري بغاوت کان پنج سال اڳ سمجهي ورتو هو، تنهنڪري هو لکي ٿو ته ”اهي رياستن جا والي انگريزن جا سڀ کان وفادار غلام آهن، اهي برطانوي نظام جو سڀ کان مضبوط قلعو آهن ۽ هندستان جي ترقيءَ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن.“
انگريزن کان اڳ جيڪو به فاتح هندستان آيو ان (عربن کان سواءِ) ملڪ کي پنهنجو ڏيهه بڻايو. آريا، ساڪا، يوناني، ڪُشن، ترڪ، مغل، جيڪي به آيا، هتان جا ٿي ويا. هند جا بادشاهه ۽ انهن جا امير عوام جو بيشڪ استحصال ڪندا هئا پر سندن دؤرن ۾ ملڪ جي دولت بهرحال ملڪ اندر ئي هئي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هتي ئي ڦرندي هئي، ملڪ مان ٻاهر نه ويندي هئي. انگريزن هندستان سان اهو سلوڪ ڪيو جيڪو نادر شاهه دُرانيءَ ۽ احمد شاهه ابداليءَ جهڙن ڦورن جي ذهنن ۾ به نه پيو اچي سگهي. هنن ان ڦرلٽ کي هڪ فن بڻائي ڇڏيو. ان جو تفصيل ٻڌائيندي مارڪس لکي ٿو ته، ”هاڻ حالت هيءَ آهي ته هندستاني رقمن مان 17 سيڪڙو برطانوي قرضن ۽ ڪمپنيءَ جي حصن (Shares) جي شڪل ۾ برطانيا اماڻيو ويندو آهي. 66 سيڪڙو انگريزي فوج تي خرچ ٿيندو آهي ۽ عام اڏاوتن تي صرف پوڻا ٽي سيڪڙو. ان ۾ پنجاب جو حصو هڪ ڀاڱي اٺ في سيڪڙو آهي جيتوڻيڪ آمدنيءَ جو ٽي ڀاڱي پنج حصو زمين جي ڍل مان، هڪ ڀاڱي ست حصو آفيم مان ۽ هڪ ڀاڱي نوَ حصو لوڻ مان ملي ٿو.“
برطانوي سامراج جي ان اونداهي رخ تي تبصرو ڪندي مارڪس چوي ٿو ته جيتوڻيڪ مان انهن ماڻهن مان ناهيان جن جي دعويٰ آهي ته هندستان ۾ ڪنهن دؤر ۾ هن (دکن جو قديم سِڪو) وَسندو هو يا کير ۽ ماکيءَ جا واهه وهندا هئا.
”پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هندستان ۾ انگريز جيڪي تباهيون ڪيون آهن اهي صفا ٻيءَ نوعيت جون آهن ۽ ايڏيون شديد آهن جو هندستان جو انهن سان پهريائين واسطو نه پيو هو.... هندستان ۾ هن وقت تائين جيڪي گهرو ويڙهيون ٿيون، حملا ٿيا، انقلاب آيا، فتحون ٿيون، ڏڪار پيا، انهن جون تباهيون تسليم، پر انهن جا اثر سطح کان هيٺ نه ويا، ان جي ابتڙ برطانيا هندستاني معاشري جي سڄي جوڙجڪ ئي ڀڃي ڇڏي آهي ۽ ڪنهن به نئين تعمير جا آثار نظر نه ٿا اچن. پراڻي دنيا جي زيان ۽ نئين دنيا جي ڪمائي نه هئڻ سبب هندستانين جي هاڻوڪي غريبي هڪ خاص قسم جي غم ۾ ورتل آهي. برطانوي حڪومت هيٺ اچڻ سان هندستان پنهنجين مڙني قديم روايتن ۽ گذريل تاريخ کان ڪٽجي ويو آهي.“
پر ان شر ۾ خير جو جيڪو رخ لڪل هو، مارڪس تنهن کان اڻڄاڻ نه هو. هو ڄاڻي پيو ته ان تبديليءَ جي حالت ۾ هر حقيقت اندر ان جي نفي موجود هوندي آهي ۽ انهن جي ڪشمڪش مان هڪ نئين حقيقت پيدا ٿيندي آهي. ان ڪري ان سلسلي جي آخري مضمون ۾، جنهن جو عنوان ”هندستان ۾ برطانوي حڪومت جا نتيجا“ هو، مارڪس لکي ٿو ته:
”برطانيا کي هندستان ۾ ٻه فرض ادا ڪرڻا آهن. هڪڙو تخريبي ۽ ٻيو ٻيهر شروع ڪرڻ. قديم ايشيائي معاشري کي ختم ڪرڻ ۽ ايشيا ۾ مغربي معاشري جو مادي بنياد رکڻ.“
مارڪس جو چوڻ هو ته انگريزن کان اڳ ترڪ، تاتاري ۽ مغل، جيڪي به فاتح هندستان آيا تن هتان جي مقامي تهذيب ۽ تمدن جو اثر قبول ڪيو، البت انگريزن جو تمدن هندستاني تمدن کان مٿاهون هو. انگريزن ڳوٺاڻين جماعتن کي ٽوڙي ۽ مقامي صنعتن کي تباهه ڪري ۽ هندستاني معاشري جي عمدگين ۽ نفاستن کي ختم ڪري هتان جي تمدن کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو. هندستان ۾ انگريزن جي تاريخ انهيءَ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي تاريخ آهي. جيتوڻيڪ انهن تباهيءَ جي ڍڳن ۾ نئين حيات جي تجديد جا آثار ڏکيائيءَ سان ڏيکارجن ٿا پر اهو عمل بهرحال شروع ٿي ويو آهي. مارڪس ان زندگيءَ جي ڏهن علامتن جي نشاندهي به ڪئي.
مارڪس وٽ معاشرتي زندگيءَ جو پهريون شرط ملڪ جي سياسي وحدت هئي. سندس دعويٰ هئي ته هندستان پهريون ڀيرو انگريزن جي دؤر ۾ سياسي وحدت ٿيو، ايستائين جو مغلن جي دؤر ۾ به هندستان کي اهاوحدت نصيب نه ٿي هئي. برطانوي دؤر جي ٻي اهم خاصيت تار ڪرڻ ۽ ريلوي جو سرشتو هو جنهن سان سياسي وحدت کي ڏاڍي سگهه ملي. ”اها وحدت جيڪا برطانيا تلوار جي زور تي نافذ ڪئي تار ۽ ريلوي جي سرشتي سان اڃا وڌيڪ پائيدار ۽ مستحڪم ٿي پوندي.“ ٽيون فائدو هيءُ ٿيو آهي ته انگريزن کي پنهنجن سامراجي مقصدن لاءِ ديسي سپاهين کي مغربي اصولن موجب تربيت ڏيڻي پئي آهي. ”اها تربيت ورتل ديسي فوج هندستان جي خودمختياريءَ جو بنيادي شرط ثابت ٿيندي. (گهٽ ۾ گهٽ 1857ع ۾ ايئن ئي ٿيو جڏهن ديسي فوج انگريزن خلاف بغاوت ڪئي.) هندستان ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ پريس مشينن ۽ اخبارن نالي ڪا شي نه هئي. انگريزن پريسون هڻي ۽ اخبارون جاري ڪري هندستانين کي عام تشهير جي هڪ نهايت قيمتي هٿيار کان واقف ڪيو. ”آزاد پريس، جيڪا ايشيائي معاشري ۾ پهريون ڀيرو آئي، نئين تعمير جي حق ۾ انتهائي مفيد ثابت ٿيندي.“ جيئن اسان پهرين به لکي چڪا آهيون ته مارڪس جي راءِ ۾ هندستان جي معاشرتي جمود جو وڏو ڪارڻ هيءُ هو ته زمين ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هئي. نتيجو اهو هو ته کيڙيندڙ زراعت ۽ زرعي پيداوار کي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪندا هئا. انگريزن هتي پهريون ڀيرو زمين جي ملڪيت جو طريقو مروج ڪيو. هنن پنهنجي سهنجائيءَ لاءِ اتر هند ۾ زمينداريءَ جي نظام کي ۽ ڏکڻ هند ۽ رعيتداري (محڪوميءَ) نظام مروج ڪيو. مارڪس انهن ٻنهي طريقن جون برايون ٻڌايون، پر اها ڳالهه مڃي ته بهرحال زمين جي ملڪيت جو اصول رواج ۾ آيو. ”زمينداري ۽ رعيتداري نظام جيتوڻيڪ انتهائي مڪروهه آهن، پر زمين جي ذاتي ملڪيت جون ٻه شڪليون (صورتون) ته آهن.“
انگريزن کي سرڪاري آفيسن، واپاري ادارن ۽ عدالتن لاءِ انگريزي پڙهيلن ديسي ماڻهن جي ضرورت پوندي هئي، ان ڪري هنن ڪلڪتي، مدراس، بمبئي وغيره ۾ نئين انداز جا اسڪول ۽ ڪاليج کوليا هئا. انهن تعليمي ادارن جي ڪري هندستاني شاگرد مغرب جي جديد عملن ۽ فنن ۽ جمهوريت، آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي اصولن کان پهريون ڀيرو واقف ٿيا، کين پنهنجن شهري حقن جو شعور ٿيو ۽ خبر پئي ته انهن حقن لاءِ عام راءِ جي جوڙجڪ ۽ تنظيم ڪيئن ڪبي آهي. ڄڻ انگريزن حالتن کان مجبور ٿي پنهنجي اقتدار جي خاتمي جو سامان پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو. ان ڪري مارڪس ان نئين صورتحال تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته، ”ڪلڪتي ۾ انگريز ڏاڍي لاچاريءَ سان ديسي رهاڪن کي پنهنجين سرڪاري ضرورتن تحت مغربي تعليم ڏين ٿا. ان سان هندستان ۾ هڪ نئون طبقو اڀري رهيو آهي، جيڪو مغربي سائنس ۽ علمن سان سينگاريل آهي _ ان کان سواءِ ٻاڦ سان هلندڙ جهازن (ٻيڙن) جي ڪري هندستان ۽ يورپ منجهه اچ وڃ ۾ ڏاڍي سهولت ٿي پئي آهي. يورپ جا بندرگاهه ڏکڻ _ اوڀر ايشيا جي سمنڊن سان ڳنڍجي ويا آهن ۽ هندستان هاڻ پهريان وانگر دنيا کان ڌار ناهي رهيو.“
مارڪس لکي ٿو ته هاڻي تائين ته صورت اها هئي ته انگريز سفيد پوش شهري هندستان فتح ڪرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ رهندا هئا، انگريز واپاري ان کي ڦرڻ لٽڻ ۾ لڳا پيا هئا ۽ مِل مالڪ ان جي صنعت کي برباد ڪري ان جي بازارن کي پنهنجين ٺاهيل شين سان ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا هئا. هاڻي حالتون ٿوريون بدليون آهن. مل مالڪن ۽ سندن حڪومت کي هاڻي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ملڪ لٽڻ لاءِ لازمي آهي ته ان جي پيداواري قوت وڌائي وڃي، ان ڪري اتي آبپاشيءَ ۽ اچ وڃ (آمد رفت) جا ذريعا نئين سر پيدا ڪيا پيا وڃن. واهه کوٽايا پيا وڃن ۽ سڄي ملڪ ۾ ريلن جو ڄار وڇائڻ لاءِ رٿون رٿجي رهيون آهن. ريلوي جي تعمير سان انگريزن کي گهڻا ئي فائدا ٿيندا. ريل جو سڄو سامان برطانيا مان ويندو. ريلوي لائين (ريلراهه) وڇائڻ جو ٺيڪو انگريزن کي ملندو ۽ اهي تمام گهڻو منافعو ڪمائيندا. ان کان سواءِ برطانوي ٺهيل شيون ننڍن ننڍن واهڻن ۽ ڳوٺن تائين پهچنديون ۽ هندستان جي ڪچي پيداوار ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ريلن ذريعي بندرگاهن تي گڏ ٿي سگهندي. ان کان سواءِ فوج جي اچ وڃ ۾ به سهولت ٿيندي. ”مان ڄاڻان ٿو ته انگريز مل مالڪ هندستان کي ريلوي جون برڪتون رڳو ان لاءِ ڏئي رهيا آهن ته اتان ڪپهه ۽ ٻيو ڪچيون شيون ٿوري خرچ تي پنهنجن ڪارخانن لاءِ حاصل ڪري سگهن، پر اوهان ڪنهن اهڙي ملڪ ۾، جتي لوهه ۽ ڪوئلو موجود هجي، جيڪڏهن هڪ ڀيرو مشينون رائج ڪري ڇڏيون ته پوءِ اوهان اتي مشينن جي ٺهڻ جي عمل کي نه روڪي سگهندا. اوهان جيڪڏهن ڪنهن وڏيءَ ايراضيءَ واري ملڪ ۾ ريلن جو ڄار وڇايو ته پوءِ اهو ناممڪن هوندو ته ريلن جي تڪڙين ۽ ڏهاڙيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اتي لاڳاپيل صنعتون قائم نه ٿيڻ لڳن. نتيجو هيءُ ٿيندو ته ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو ۽ اڻ لاڳاپيل صنعتون به قائم ٿيڻ لڳنديون. هندستان ۾ ريلوي جو نظام جديد صنعت جي شروعات ثابت ٿيندو. اتان جا ماڻهو، جيڪي انتهائي محنتي ۽ ذهين آهن، جلد ئي هيءُ هنر سکي وٺندا.“ مارڪس جي اها اڳڪٿي اکر اکر سچ ٿي.
پر مارڪس چوي ٿو ته اهي سڀئي ڳالهيون معاشرتي وهنوار جا خارجي شرط آهن. ”ڪنهن کي به اها غلط فهمي نه ٿيڻ گهرجي ته انگريز صنعتڪارن جي انهن جبري سرگرمين سان هندستان پنهنجو پاڻ آزاد ٿي ويندو يا هندستاني عوام جي حالت سڌري بهتر ٿي ويندي، ڇو ته پيداواري عنصرن جي ترقي ئي لازمي ناهي هوندي پر اهو به لازمي هوندو آهي ته اهي شيون عوام جي واهپي ۾ اچن. البت انهن سرگرمين کان مٿاهين ٻنهي ڳالهين (ملڪي آزادي ۽ عوام جي خوشحالي) جو مادي بنياد قائم ٿي پوندو. سچ ته هيءُ آهي ته سرمائيدار طبقي ان کان وڌيڪ ڪڏهن به ڪجهه ناهي ڪيو. ڇا ان طبقي ماڻهن ۽ عوام کي رت ۽ گندگيءَ ۾ ڌڪڻ کان سواءِ ان کي ذليل ۽ غريب بڻائڻ کان سواءِ ترقيءَ ڏانهن ڪڏهن ڪا وِک وڌائي آهي؟
”ان ڪري هندستانين کي سمجهڻ گهرجي ته اهي انگريزن جي لاڳو ڪيل معاشري جي نون عنصرن يعني مشيني صنعتڪاريءَ جو ميوو ان وقت تائين نه کائي سگهندا جيستائين برطانيا ۾ موجوده حاڪم طبقي بدران پرولتاريه جو راڄ نه ٿئي يا پاڻ هندستاني ايڏا مضبوط نه ٿين جو انگريزن جي غلاميءَ کي ختم ڪن. بهرحال اسان کي ان عظيم ۽ دلچسپ ملڪ جي ڏوراهين زماني ۾ زنده ٿيڻ جي اميد رکڻ گهرجي جنهن جا نيڪ دل رهاڪو، ايستائين جو صفا پٺتي پيل طبقا به اٽليءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار ۽ مقصدي ڳالهه تائين پهچندڙ آهن، جن جي اطايت جو ازالو سندن پرسڪون شرافت مان ٿئي ٿو، جن پنهنجي فطري اڻ طاقتيءَ باوجود انگريز آفيسرن کي پنهنجي دليريءَ سان حيران ڪري ڇڏيو آهي، جن جو ملڪ اسان جي ٻولين ۽ مذهبن جو سرچشمو آهي، جتان جا جت قديم جرمنن وانگر انتهائي محنتي آهن ۽ جن جا برهمڻ قديم يونانين جي برابري ڪن ٿا.“
خبرنامن جو ٻيو سلسلو، جن جو تعلق هند جي بغاوت سان آهي،15- جولاءِ 1857ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ پهرين آڪٽوبر 1858ع تي ختم ٿئي ٿو. ان جو وڏو حصو اينجلس جو لکيل آهي جيڪو جنگي مامرن جو ماهر هو. پر انهن ۾ هند جي بغاوت جي ڏهاڙِي ٿيندڙ واقعن تي تبصري کان سواءِ بغاوت جي سببن ۽ ٻين اصولي مسئلن تي به بحث ڪيو ويو آهي. مثال طور پهرين ئي خبرنامي ۾ مارڪس ۽ اينجلس لکن ٿا ته ”ٻڌي ٽوڙيو (ويڙهايو) ۽ حڪومت ڪيو “ رومين جو آزمايل طريقو هو، ان ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ به هندستانين جي اندروني اختلافن مان فائدو ورتو ۽ سڄي ملڪ تي قبضو ڪري ورتو، پر سنڌ، پنجاب ۽ اوڌ جي فتح کان پوءِ سطلنت ۾ وڌيڪ واڌ جي گنجائش نه بچي پر ان جي بچاءَ ۽ استحڪام جو مسئلو پيدا ٿيو، ان ڪري فوجي سپاهين جو ڪردار پوليس جي سپاهين جهڙو ٿي پيو. 20 ڪروڙ هندستانين کي فرمانبردار رکڻ لاءِ ٻن لکن ديسي سپاهين جي فوج ٺاهي وئي، جنهن جي نگراني 40 هزار انگريز سپاهين جي حوالي ٿي.
پر ديسي فوج کي مغربي اصولن موجب سکيا ڏئي انگريزن هندستانين جي بغاوت لاءِ پاڻ ئي حالتون ٺاهي ڇڏيون، جيئن سرمائيدار مزورن کي فيڪٽريءَ ۾ آڻي پنهنجي قبر پاڻ کوٽيندو آهي:
”اهو پڌرو آهي ته هندستانين جي اطاعت جو دارومدار ديسي فوج جي وفاداريءَ تي آهي. اها فوج ٺاهي انگريزن هندستانين لاءِ دشمن سان مقابلي جو پهريون مرڪز قائم ڪري ڇڏيو آهي.“
مارڪس لکي ٿو ته 1857ع کان اڳ به هندستاني فوجن ۾ ننڍيون ننڍيون بغاوتون ٿينديون رهيون هيون، پر 1857ع جي بغاوت جي نوعيت ٻي آهي. مثال طور:
(1) هندستاني سپاهين پهريون ڀيرو انگريز آفيسرن کي قتل ڪيو آهي.
(2) هندو ۽ مسلمان انگريزن خلاف متحد ٿي وڙهي رهيا آهن.
(3) بغاوت ڪجهه علائقن تائين محدود ناهي پر سڄي اتر ۽ وچ هند ۾ پکڙجي وئي آهي، ايستائين جو بمبئي ۽ مدراس جا صوبا به محفوظ ناهن.
(4) هندستان جي بغاوت ان عام بيچينيءَ جو حصو آهي جيڪا ٻين ايشيائي قومن ۽ انگريزن خلاف پکڙيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان بغاوت جو ايران ۽ چين جي جنگين سان گهاٽو تعلق آهي.
مارڪس هڪ خبرنامي ۾ برطانوي پارليامينٽ جي مخالف ڌر جي اڳواڻ بينجامن ڊِزريلي جي تقرير جا جملا ڏي ٿو ۽ سندس راءِ سان متفق ٿئي ٿو ته هندستان ۾ جهڳڙا فوجي بغاوت ناهن، پر قومي انقلاب آهن.
مارڪس ۽ اينجلس جون سڀ همدرديون هندستانين سان هيون پر هنن پنهنجن تبصرن ۾ حالتن جو ٿڌيءَ دل سان جائزو ورتو. هو هندستاني ۽ انگريزي فوجن جي حڪمت عملين جي ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا ته هيءَ بغاوت گهڻا ڏينهن نه هلندي ۽ نيٺ هندستانين کي هار ٿيندي، ڇو ته ان جي مرڪزي اڳواڻي نالي ماتر ۽ بيحد ڪمزور آهي، ملڪي سطح تي انهن جي ڪا گڏيل حڪمت عملي ناهي. منجهن ٻڌي به ناهي، اڃا به اهي هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪندا رهن ٿا ۽ اهي دفاعي جنگ ڪن پيا. ان طرح انگريزن کي چرپر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اهي مقابلي لاءِ پنجاب ۽ دهليءَ وغيره مان فوجي مدد گهرائي وٺن ٿا. بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتي جا بندرگاهه به اڃا تائين انگريزن جي قبضي ۾ آهن، ان ڪري انگلينڊ مان اچ وڃ جو رستو کليل آهي.
بغاوت جي ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا خرچ ڏاڍا وڌي ويا هئا ۽ ان جي مالي حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي هئي. 1858ع ۾ جڏهن برطانوي سرڪار ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو چارٽر رد ڪري، هندستان کي پنهنجيءَ سلطنت ۾ شامل ڪيو ته ان کي ڪمپنيءَ جي قرضن ۽ بقايائن جي ذميواري به کڻڻي پئي پر انگريزن اهو بار برطانوي خزاني تي نه وڌو ۽ هندستان تي ٿاڦيو. مارڪس ۽ اينجلس خبرنامن ۾ لُٽ جي ان نئين انداز جو انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو. مثال طور 9- فيبروري 1858ع جي خبرنامي ۾ هو لکن ٿا ته ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي اسٽاڪ جي ڪل رقم 60 لک پائونڊ هئي. حڪومت ان اسٽاڪ کي ناڻي ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ هڪ سَو پائونڊ جي شيئر جي قيمت 200 پائونڊ ڪري ڇڏي. ڪمپنيءَ جو 60 لکن جو اسٽاڪ 120 لکن جي ناڻي ۾ بدلجي ويو ۽ ان تي پنج سيڪڙو وياج به مقرر ٿي ويو. اهو وياج هندستان تي هنيل ڍلن ۽ ٽئڪسن مان ورتو وڃڻ لڳو. ان ريت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو قرض پارليامينٽ جي ڌوڪي سان هندستانين جي قرض ۾ بدلجي ويو... قرض جي اها رقم انهن پنجن لکن پائوندن جي قرض کان الڳ آهي جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ برطانيا ۾ ورتو پر هندستاني معاملن جي ذمي ڪري ڇڏيو.“
مارڪس لکي ٿو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي شروع کان ئي اها پاليسي رهي آهي ته پنهنجن خرچن جو بار هندستاني رعيت تي رکندي رهي. مثال طور 1805ع ۾ ”هندستاني“ قرض جي رقم 256 لک پائونڊ هئي، جيڪا 1829ع ۾ وڌي 340 لک پائونڊ، 1850ع ۾ 471 لک پائونڊ ۽ 1858ع ۾ 600 لک پائونڊ (6 ڪروڙ) ٿي وئي. هندستاني ماليت جي بدحاليءَ جو اندازو ان مان ٿئي ٿو ته 1859ع ۾ هندستان جي ڪل آمدني ٻه ڪروڙ چاليهه لک پائونڊ هئي ۽ خرچ ٽي ڪروڙ ستر لک پائونڊ هئا يعني سالياني کوٽ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک پائونڊ هئي. ان کان سواءِ ٽيهن لکن پائونڊن جو اهو وياج هو جيڪو ڇهه ڪروڙ پائونڊن تي ڀريو ويندو هو. خرچ سڀ کان وڌيڪ فوجي مد ۾ پئي ٿيا. مثال طور 1859ع ۾ ٻه ڪروڙ چاليهه لک پائوندن مان ٻه ڪروڙ پائونڊ فوج تي خرچ ٿيا. ان کان سواءِ ريلوي جا خرچ هئا. برطانوي حڪومت هندستان ۾ چار هزار اٺ سو سترهن ميل لائين وڇائڻ جي منظوري ڏني هئي پر 1859ع تائين مڪمل ٿيل ريلوي لائين جي ڪل ڊيگهه 559 ملي هئي. ريلوي جي تعمير لاءِ برطانيا ۾ ڪمپنيون قائم ٿيون هيون جن جو منظور ٿيل ناڻو چار ڪروڙ پائونڊ هو، البت تنهن وقت تائين ڏنل ناڻو فقط 90 لک پائونڊ هو. حڪومت ان رقم تي پنج سيڪڙو وياج جي ضمانت ڏني هئي جنهن جي ادائگي ريلوي جي هلڻ کان اڳ شروع ڪئي وئي هئي. ان ريت 20 لک پائونڊ هر سال وياج طور ريلوي ڪمپنين کي ڏنا ويندا هئا.
سامراج جون ٽي بنيادي خاصيتون آهن: پهرين، پٺتي پيل ملڪن تي قبضو ڪري ان جي ڪچي پيداوار کي ڪتب آڻڻ، ٻِي، پنهنجي واڌو رقم پٺتي پيل ملڪن ۾ سيڙائڻ، ته جيئن وڌ ۾ وڌ اگهه تي منافعو ڪمائجي. مارڪس ۽ اينجلس خبرنامن ۾ انهن ٻنهي خاصيتن جي هندستان جي حوالي سان تفصيلي وضاحت ڪري ڇڏي. البت ٽين خاصيت تنهن وقت تائين مڪمل طور چٽي نه ٿي هئي. پوءِ به هنن ٻڌايو ته برطانيا هندستان تي قرضن جو بار وجهي ۽ پوءِ انهن قرضن تي وياج وٺي ڪيئن منافعو ڪمائي ٿو. ان کان سواءِ هنن ريلوي لائين وڇائڻ جي سلسلي ۾ انگريزن جي سرمائيڪاريءَ جي اصل مقصدن ۽ غرضن جي نشاندهي به ڪري ڇڏي، ان ڪري جيئن مارڪس ۽ اينجلس اڳ ڪٿي ڪئي هئي، ريلوي لائينن جي تعمير سان نه رڳو اهو ته برطانوي سرمائيڪارن تمام گهڻو منافعو ماڻيو ۽ هندستان جي ڪچي پيداوار وڏي سولائيءَ سان ڍوئجي برطانيا وڃڻ لڳي پر هتي به قدرتي طور هنڌين ماڳين مشيني صنعتون قائم ٿيڻ لڳيون ۽ ديسي سرمائيدارن ۽ ان سان گڏوگڏ ديسي مزورن جا طبقا به پيدا ٿيڻ لڳا. ان ريت برطانوي سامراج پنهنجن هٿن سان پنهنجن پيرن تي ڪهاڙي هڻڻ تي مجبور ٿيو. ان پنهنجيءَ نفيءَ جو سامان پاڻ آڻي ڏنو.
مارڪس اهي مضمون ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ لکيا هئا. انهن ڏينهن ۾ هو پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب ”سرمايو“ لکڻ ۾ گهڻو رڌل هو. پر زال ۽ ٻارن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ کيس اخبارن ۾ مضمون به لکڻا پوندا هئا، جيتوڻيڪ ذهني طور هو انهن ننڍن ڪمن لاءِ بنهه تيار نه هو. ويتر ظلم اهو ته هڪ ته مضمون جو معاوضو صفا ٿورو هو ۽ ٻيو ته ملندو به مهينن کان پوءِ هيس. آمريڪا ۾ جڏهن گهرو ويڙهه شروع ٿي ۽ نيويارڪ ڊيلي ٽربيون حبشين جي غلاميءَ جي تائيد جو رويو اختيار ڪيو ته مارڪس مارچ 1862ع ۾ ٽربيون ۾ لکڻ بند ڪري ڇڏيو.
مالي پريشانيون اڳي ئي گهڻيون هيون، رهندو نومبر 1860ع ۾ جيني کي ماتا ٿي پئي. مارڪس ٻارڙين کي هڪ دوست جي گهر رهڻ لاءِ ڇڏيو ۽ پاڻ زال جي سارسنڀال ۾ لڳي ويو. ٻن مهينن کان پوءِ جيني چڱي ڀلي ٿي ته مارڪس کي جيري جو پراڻو مرض ٻيهر اٿلي پيو ۽ هو هڪ مهيني تائين بيمار رهيو. اڃا هو چڱيءَ طرح ٺيڪ به نه ٿيو هو ته آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ نيويارڪ ڊيلي ٽربيون ۾ لکڻ جو سلسلو سدائين لاءِ ختم ٿي ويو. نيٺ مارڪس کي پنهنجي مامي وٽ مالي مدد لاءِ وڃڻو پيو، جيڪو هالينڊ جو امير واپاري هو ۽ مارڪس جي ماءُ جي ملڪيت جي نگراني به هن جي حوالي هئي. هن مارڪس جو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ 160 پائونڊ سندس حوالي ڪيا. هالينڊ مان مارڪس برلن ۽ پوءِ اتان اباڻي وطن ٽرائر ويو، جتي سندس ماءُ رهندڙ هئي. ماءُ ۽ پٽ جي اها آخري ملاقات هئي. نومبر 1863ع ۾ جڏهن سندس ماءُ وفات ڪئي ته مارڪس کي وراثت ۾ چڱي رقم ملي ۽ سندس مالي حالتون چڱيون سٺيون ٿي ويون.
مارڪس ۽ اينجلس 1850ع کان وٺي 1864ع تائين، چوڏهن سال لکڻ ۾ گذاريا ۽ سياسي سرگرمين ۾ صفا گهٽ بهرو ورتو. البت هنن فرانس، اٽلي، جرمني، اسپين، روس، برطانيا، ترڪي، آمريڪا، چين ۽ ايران جي سياسي حالتن تي انيڪ مضمون لکيا ۽ جڏهن به ڪو مسئلو ٿيو ته ان جي سڀني رخن کي وضاحت سان بيان ڪيو. ان کان سواءِ هنن ڪيئي مستقل ڪتاب لکيا، جن جو سن وار تفصيل هن ريت آهي:
(1) فرانس ۾ طبقاتي جدوجهد ڪارل مارڪس 1850ع
(2) جرمنيءَ ۾ هارين جي ويڙهه فريڊرڪ اينجلس 1850ع
(3) جرمنيءَ ۾ انقلاب ۽ رد انقلاب اينجلس 1851- 1852ع
(4) لوئي بونا پارٽ (فرانس) مارڪس 1852ع
(5) ڪولون جي ڪميونسٽ
مقدمي جا انڪشاف مارڪس 1852ع
(6) گرونڊريس (اقتصادي بنياد) مارڪس 1857-1858ع
(7) اقتصاديات جي تنقيد مارڪس 1859ع
(8) اضافي قدر جا نظريا (جلد1، 2، 3) مارڪس 1861-1863ع
_______
Marx- Engels: On Colonialism. P-81.Moscow.
ساڳيو. ص: 35
Marx- Engels: On Colonialism. P-38 Moscow.
سبط حسن جو هيءَ ڪتاب فيبروري 1977ع (ٻيو ڇاپو) ۾ ڇپيو هو. _ مترجم
Marx- Engels: On Colonialism. P-50. Moscow.
Marx- Engels: On Colonialism. P-75. Moscow.
Marx- Engels: On Colonialism. P-32. Moscow.
Marx- Engels: On Colonialism. P-84. Moscow.
Marx- Engels: On Colonialism. P-85. Moscow.
ساڳيو. ص 86
Marx- Engels: On Colonialism. P-87. Moscow.
ساڳيو. ص 88