تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب پهريون : ابتدائي ڪميونزم

پندرهين صديءَ (عيسويءَ) جي پڄاڻيءَ تي آمريڪا ۽ هندستان جي ڳولا کان پوءِ يورپي ماڻهن کي جتي بيشمار مادي فائدا پهتا، اتي سندن ڄاڻ ۾ به ڏاڍو واڌارو ٿيو. هُو سمنڊ-پار کان موٽندڙ واپارين، جهازين ۽ سياحن جا قصا ڏاڍي شوق سان ٻڌندا ۽ انهن جي سفرنامن کي وڏي دلچسپيءَ سان پڙهندا هئا، جيتوڻيڪ انهن قصن ۾ سچ کان وڌيڪ ڪُوڙ مليل هوندو هو. انهن جي اهڙين ڳالهين ڪري ماڻهن ۾ جيڪڏهن هڪ طرف دولت حاصل ڪرڻ جي لالچ وڌندي هئي، ته ٻئي طرف اڻڄاتل دنيا کي ڏسڻ جو جوش به پيدا ٿيندو هو. اهڙي ذهني ماحول کان متاثر ٿي ”سرٿامس مور“ پنهنجي مشهور ڪتاب ”يوٽوپيا“ ۾ هڪ فرضي سياح جا تجربا لکيا. ان سياح جو لنگهه هڪ اهڙي ڏورانهين ٻيٽ کان ٿيو جتي ڪميونسٽ نموني جو سماج هلندڙ هو ۽ ماڻهو سک سانت جي حياتي گذاريندا هئا. سير ۽ سفر جو اهڙو ئي مزاج هو، جنهن انگريز ناول نويس ڊيفو کان ”رابن سن ڪروسو“ ۽ سُوئفٽ کان ”گليوَر جو سير سفر“ لکرايو. خير، اهي ته قصن ۽ ڪهاڻين جون ڳالهيون هيون، پر سترهين صديءَ جي وچ ڌاري هابس لاڪ ۽ روسو ”سماجي معاهدي“ جا جيڪي نظريا ڏنا، تن مان اندازو ٿئي ٿو ته مغرب (اولهه) جي سياسي مفڪرن کي به اڳوڻن انسانن جي سماجي زندگيءَ بابت ٽيڪاٽپڻيون ڪرڻ ۾ ايشيا ۽ آمريڪا جي حالتن کان وڏي مدد ملي هئي.
اڻويهين صديءَ ۾ جڏهن نت نوان اوزار ايجاد ٿيا ۽ نيون نيون صنعتون قائم ٿيون، سائنسي علمن جي نين شاخن جو بڻ بنياد پيو، ته صنعتڪارن جا گماشتا ڪچي مال جي ڳولا ۾ زمين جو چپو چپو ڀيٽڻ لڳا ۽ سفر جون سهولتون وڌيون ته مهم جُو دانشورن ۾ به سير سفر جو جذبو جاڳيو. قديم آثارن سان دلچسپي رکندڙن عراق ۽ ايران، مصر ۽ فلسطين، ميڪسيڪو ۽ يونان جي تاريخي کنڊرن کي کوٽيو ۽ پراڻي زماني جا جيڪي ڍانچا، مجسما، ڪتبا، هٿيار ۽ اوزار، زيور ۽ ٿانوَ وغيره هٿ لڳا، تن مان فنا ٿيل قومن جي حياتيءَ جي طور طريقن ۽ ادب ۽ فن جي پوري تاريخ ترتيب ڏني. اهڙيءَ طرح سائنسدانن جي ٽولن آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي جهنگن، جبلن ۽ سمنڊن مان اهڙا ته عجب جهڙا پکي پکڻ، چوپايا جانور، مڇيون، سپون ۽ ڪوڏ، جيت جڻيا، گل ۽ ٻوٽا گڏ ڪيا، جن جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هو. انهن سڀني ۾ وڌيڪ قيمتي انهن جانورن جا ڍانچا هئا جيڪي لکين سال اڳ موجود هئا، پر هاڻي اڻلڀ ٿي چڪا هئا. اڻويهين صديءَ جي انهن تحقيقي سرگرمين جو عروجُ ارتقا جو نظريو هو، جنهن جي ڪري مروج مذهبي عقيدن جي دنيا ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ دنيا ۾ موجود سڀني جاندارن ۽ خاص طرح انسان ذات جي باري ۾ ماڻهن جي سوچ ۾ انقلاب اچي ويو.
اهو خيال ته سمورن جانورن ارتقا ڪري هاڻوڪي شڪل ورتي آهي، نئون نه هو. مثال طور هراقليتس، ايمپوڊوڪليس ۽ ارسطوءَ جي لکڻين ۾ ارتقا جو هلڪو تصور ضرور ملي ٿو، پر يوناني فلسفين وٽ ارتقا جي نوعيت ”ڏاڪڻ“ جهڙي هئي. ان ڏاڪڻ جو هيٺيون ڏاڪو جمادات جو، ان کان مٿيون نباتات جو، تنهن کان مٿي پاڻيءَ جي جاندارن جو، ان کان مٿيون خشڪيءَ جي جانورن جو ۽ ان کان مٿيون انسانذات جو، جيڪا اشرف المخلوقات آهي. پر انهن جو چوڻ هو ته ڏاڪڻ جا اهي ڏاڪا هميشه کان ايئن ئي هڪٻئي کان ڌار رهيا آهن. اهو ممڪن ڪونهي، ته هڪ قسم جون شيون ترقي ڪري ٻئي ڏاڪي تي پهچي وڃن.
آسماني صحيفن جي مڃيندڙن جي دعوا هئي، ته خدا ڪائنات جي هر شَي کي ڇهن ڏينهن ۾ خلقيو ۽ اهو به ته ان مخلوق ۾ ڪا تبديلي نه ٿي اچي سگهي. اهي هميشه کان ايئن ئي آهن ۽ قيامت تائين اهڙيون ئي رهنديون. عيسائي پادري ته وڏي يقين سان چوندا هئا، ته دنيا جي عمر ڇهن هزار سالن کان وڌيڪ نه آهي.1 سندن عقيدو هو ته پهريون انسان حضرت آدم هو، جيڪو جنت ۾ رهندو هو. هن شيطان جي ڏَٽن ۾ اچي منع ڪيل وڻ (صوف يا ڪڻڪ) کاڌو، جنهن ڏوهه ۾ زمين تي ڦٽو ڪيو ويو. شروع ۾ آدم جي اولاد جي زندگي ڏاڍي پاڪ ۽ صاف هئي، پر دنيائي غلاظتن جي ڪري ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندي وئي. ارتقا جي نظريي انهن عقيدن کي تاريخي شاهدين سان غلط ثابت ڪيو.
ارتقا جو نظريو سڀ کان اول فرانسي سائنسدان زَان لَمارڪ 1809ع ۾ پيش ڪيو. سندس دعوى هئي ته سادي قسم جي جسمي بناوت اڻ-جيئندڙ مادي مان اسري آهي، جڏهن ته اعلى درجي جي حيوانن سادي قسم جي حيوانن مان ترقي (ارتقا) ڪري، هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. انسان جي باري ۾ هن جو خيال هو، ته اهو چوپاين جي نسل مان آهي ۽ ڏاڍي ڊگهي مدي جي ارتقا جا ڏاڪا طَي ڪندي ماڻهو ٿيو آهي. هن ڪيترن ئي قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي مثالن سان ثابت ڪيو ته جسم جي ڪنهن عضوي جو لاڳيتو استعمال توانائيءَ ۽ ترقي جو ڪارڻ بڻيو آهي ۽ جيڪڏهن استعمال گهٽائي ڇڏجي، ته ان ۾ کوٽ شروع ٿي ويندي آهي ۽ آخرڪار بيڪار ۽ گم ٿي ويندي آهي. مثال طور مال ڍوئيندڙ گودي يا گدام جي مزدورن جي پيرن جون تندون ڏاڍيون مضبوط هونديون آهن. ملاحن، نانوائين، ڪاسائين ۽ ڊکڻن جي ٻانهن ۽ ڪلهن جو گوشت ڏاڍو طاقتور هوندو آهي ۽ ڌٻڻ يا گپ جي پکين، مثال طور سارس، ٻگهه، چيهي وغيره جون ڄنگهون، چهنبون ۽ ڳچيون ڏاڍيون ڊگهيون هونديون آهن. لمارڪ اهو به ثابت ڪيو ته واهپي يا اڻ واهپي سان جسم ۾ جيڪي تبديليون اينديون آهن، اهي نئين نسل ۾ ورثي طور اينديون رهنديون آهن، پر سندس خيال هو ته ٻوٽن ۽ جانورن ۾ مٿاهين سطح تائين ترقي ڪرڻ جي خواهش موجود هوندي آهي ۽ اهي اندروني طرح ترقيءَ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. سائنس اڃا مابعد الطبعيات جي اثر کان آزاد ڪا نه ٿي هئي.
ارتقا جي نظريي جو حقيقي مؤجد چارلس ڊاروِن (1809-1882ع) آهي. لَمارڪ ۽ ڊارون جي تحقيقن ۾ جيتوڻيڪ 50 سالن جي وٿي آهي ۽ ان وچ ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن ارتقا جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، پر ڊارون ئي اهو عظيم سائنسدان هو جنهن حياتيءَ جي سڀني پاسن کي نج قدرتي لقائن جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ قدرتي سببن ۽ ٺوس حقيقتن وسيلي انهن جي تشريح ڪئي.
ڊارون جي جڳ مشهور تصنيف ”جنسن جو بڻ بنياد“ (Origin of Species) 1859ع ۾ شايع ٿي. هيءُ ڪتاب سندس 28 سالن جي تحقيق ۽ جاچ جو نتيجو هو. (ڊارون 5 سال دنيا جي سفر ۾ گذاريا هئا ۽ ڪيترن ئي قسمن جا پکي، ٻوٽا، ڪوڏ، سپون، پٿر ٿي ويل جاندارن جا ٽڪرا ۽ هڏين جا ڍانچا گڏ ڪيا هئا ۽ لنڊن موٽي اچي نسل وڌائڻ جي تحقيق ڪندڙ ماهرن ۽ مالهين جي طريقيڪار جو اڀياس ڪيو هو). هن ڪتاب جو قدرتي سائنس ۾ اهو رتبو آهي جيڪو ”ڪميونسٽ مينِيفيسٽو“ جو سماجي سائنس ۾ آهي. جيئن مارڪس ۽ اينجلس ڊارون کان ٻارهن تيرهن سال اڳ تاريخي ماديت جا اصول ڳولي، سماجي ارتقا جو قانون هٿ ڪيو، بلڪل ايئن ڊارون ”قدرتي چونڊ“ جو اصول ڳولي، ٻوٽن ۽ جانورن جي جنسن جي ارتقا جو قانون دريافت ڪيو.
ڊارون جو چوڻ هو ته ٻوٽن ۽ جانورن جي شروعاتي شڪل اها نه هئي جيڪا اڄ آهي، پر ان ۾ لکن ڪروڙن سالن کان تبديليون ٿينديون آيون آهن. انهن تبديلين جو بنيادي سبب موسم ۽ جاگرافيائي ماحول جي تبديلي هئي. جن ٻوٽن ۽ جانورن موسم ۽ ماحول جي ڦير سان پنهنجن جسمن ۾ تبديليون آنديون، اهي زنده رهيا ۽ جيڪي موسم ۽ ماحول سان هڪجهڙائي پيدا نه ڪري سگهيا، اهي فنا ٿي ويا. ڊارون بقا ۽ فنا جي قانون جي تائيد ۾ موجود ۽ گم ٿيل ٻوٽن ۽ جانورن جا ڪيترائي مثال ڏنا ۽ ٻڌايو ته ڪهڙيءَ طرح عضوِي تبديليون نوَن نسلن ۾ تبديل ٿيون ۽ نين جنسن جي وجود ۾ اچڻ جو ڪارڻ بڻيون. ڊارون قدرت جي ان عمل کي ”قدرتي چونڊ“ جو عمل چئي ٿو.
ڊارون ”قدرتي چونڊ“ جي طريقي کي ”هٿراڌو چونڊ“ جي وسيلي سمجهايو. هٿراڌو چونڊ جو مطلب سٺن يا نون قسمن جي ٻوٽن ۽ جانورن جي واڌاري جون اهي تدبيرون آهن جيڪي انسان پنهنجي فائدي لاءِ اختيار ڪندو آهي. مثال طور اسان جو روزانو ٿيندڙ تجربو آهي ته هاري، مالهي ۽ باغائي اَنَ، ڀاڇين ۽ مَيون جا سٺي کان سٺا ٻج چونڊيندا آهن، ته جيئن نئون فصل وڌيڪ سٺو ٿئي. هيءُ عمل هزارين سالن کان هلندو اچي، ان جي ڪري پيداوار جي مقدار ۾ ئي واڌارو نه ٿيو آهي، پر ڪيترن ئي قسمن جا اهڙا نوان اناج، ٻوٽا ۽ ٻج حاصل ٿيا آهن جيڪي اڳ قدرت ۾ موجود نه هئا. اسين اڄ جيڪا ڪڻڪ ۽ جوَ کائون ٿا، اهي اڳ جهنگلي گلن جا ٻج هئا جن انسانن جي ڪوششن سان ترقيءَ جا ڏاڪا طَي ڪيا ۽ آخرڪار پنهنجِي اصل جنس کان صفا ڌار قسم جا ٿي ويا.
فطرت ۾ هارين، مالهين، باغائين ۽ نسل وڌائڻ جي ماهرن جو ڪردار ”قدرتي چونڊ“ ڪري ٿو. اهو ايئن، ته ٻوٽا ۽ جانور پنهنجي ماحول ۽ حريف (مخالف) ٻوٽن ۽ جانورن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي جسم ۾ ضروري تبديليون ڪندا رهن ٿا. بقا لاءِ جدوجهد جو هيءُ عمل ڪروڙين سالن کان جاري آهي. تبديليون نون نسلن ۾ ورثي طور منتقل ٿينديون رهن ٿيون ۽ نوان نسل پنهنجي ماحول مطابق وڌيڪ تبديليون ڪندا رهن ٿا. رد ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جي ان عمل ڪري نيون جنسون وجود ۾ اچن ٿيون. انسان به قدرت جي ان قانون کان ٻاهر ڪونهي، تنهنڪري انسانذات به لکن سالن ۾ ارتقائي عمل جا کوڙ ڏاڪا طي ڪري، هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. جڏهن ته ان جا اڳوڻا وڏا بوزينه (بندر) هئا.
ڊارون جي انڪشافن مان اهو نتيجو ڪڍڻ ڏکيو ڪو نه هو ته ٻوٽن، جانورن، ويندي انسانذات کي به ڪنهن خلقيو ڪونهي، پر اهي جاندار مادي مان ترقي ڪري هاڻوڪي سطح تي پهتا آهن. ان مان اهو به ثابت ٿي ويو ته ”انساني زوال“ جو مذهبي عقيدو رڳو افسانو هو، ڇو ته انسان جو اولاد خاتمي طرف نه پيو وڌي، پر ذهني ۽ جسماني لحاظ کان لاڳيتي ترقي ڪري رهيو آهي. ان ۾ ذات جي تخليق، ذات جي بچاءَ ۽ ذات جي واڌاري جون صلاحيتون وڌنديون پيون وڃن.
انساني علم جي کوجنائن مان انهن خيالن کي وڌيڪ هٿي ملي. انساني علم جي تحقيق جو دائرو انهن قومن جو اڀياس هو جن کي عام طرح جهنگلي يا وحشي چون ٿا. ڊارون جيڪڏهن انسان جي ارتقا جو پايو هٿ ڪيو، ته سماج جي عالمن وري انسانذات جي ارتقا جون ڪڙيون هٿ ڪيون، تنهنڪري ڪرسٽن ٽامسن نالي هڪ فرانسي عالم 1836ع ۾ انسان جي سماجي ارتقا جا ٽي ڏاڪا مقرر ڪيا ۽ پيداواري اوزارن کي انهن ڏاڪن جي سڃاڻ جو معيار مقرر ڪيو. هن جي خيال ۾ پهريون دؤر پٿر جو هو، جڏهن انسان پٿر، ڪاٺي ۽ هڏي جي اوزارن ۽ هٿيارن کي استعمال ڪندو هو. ٻيو دؤر ڌاتوءَ جو هو، جڏهن انسان ڌاتن کي پگهاري هٿيار ۽ اوزار ٺاهڻ لڳو ۽ ٽيون دؤر لوهه جو آهي، جيڪو اڃا تائين هلي ٿو. ان ڪري ڪارل مارڪس پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”سرمايو“ ۾ لکي ٿو ته اسان مختلف اقتصادي دؤرن کي شين سان نه ٿا سڃاڻون پر انهن دؤرن جي سڃاڻپ ان مان ٿئي ٿي ته شيون ڪيئن ۽ ڪهڙن اوزارن وسيلي ٺاهيون ويون.2
سماج جي پستيءَ ۽ بلنديءَ کي ماپڻ جو هيءُ ڏاڍو صحيح ماپو هو، ڇو ته پيداواري اوزارن جي قسمن وسيلي ئي انسانن جا پاڻ ۾ رشتا مقرر ٿيندا آهن ۽ سماج جي سڄي مٿين اڏاوت ٺهندي آهي.
اهو ڄاڻڻ لاءِ ته پوئتي پيل قومن جي رهڻي ڪهڻي ڪيئن آهي ۽ هنن ٻين قومن وانگر ترقي ڇو نه ڪئي، پر بيهجي ويون، سماجي علم جي ماهرن پَرانهن ٻيٽن، جهنگن ۽ برپٽن جو سفر ڪيو ۽ اتان جي وحشي قومن ۾ سالن تائين رلي ملي رهيا. هنن انهن جي ٻولي سکي ۽ انهن جي معاشي وسيلن، هٿيارن ۽ اوزارن، رسمن ۽ رواجن ۽ هنر ۽ فن جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو ۽ ترقي يافته دنيا کي انهن ڌڪاريلن جي حالتن کان واقف ڪيو.
انسان جي سماجي تاريخ ۾ انهن پوئتي پيل قومن جي اها ئي اهميت آهي جيڪا حيواني زندگيءَ جي ارتقائي تاريخ ۾ برفاني دؤر جي انهن جانورن جي آهي جن پنهنجو پاڻ کي نه بدلايو ۽ گم ٿي ويا. اهي چوَڻ ڪاڻ ته جيئريون آهن پر تبديليءَ، جيڪا حياتيءَ جي نشاني آهي، کان اڻواقف آهن. پر انهن جي اڀياس مان اسان کي اها خبر ضرور پوي ٿي ته اڳوڻن انسانن جو سماج ڪيئن هو ۽ اهي ماڻهو ڪيئن زندگي گهاريندا هئا. انهن جا ننڍا وڏا قبيلا (جن جي آبادي ڏينهون ڏينهن گهٽبي وڃي ٿي) ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا ۽ ڏکڻ-اوڀر ايشيا ۾ اڄ به موجود آهن. انهن جون جاگرافيائي حالتون هڪٻئي کان مختلف آهن، ان ڪري انهن جي سماجي زندگيءَ جي سطح به برابر نه آهي. مثال طور ڪجهه قبيلا جهنگلي گلن، ميوَن ۽ ساڳ جي پَنن سان پنهنجو پيٽ ڀريندا آهن، ڪجهه گوشت خور بلڪ آدم خور آهن، ڪجهه جانور پالن ٿا ۽ ٿورو گهڻو ٻني ٻارو به ڪندا آهن، ڪن ۾ جادو ڦيڻي جو رواج آهي يا قدرتي لقائن جي عبادت ٿيندي آهي، ڪجهه قبيلا پدري آهن ته ڪجهه مادري، ڪن ۾ هڪ مرد جي هڪ زال هوندي آهي، ڪن ۾ هڪ مرد جون ڪيتريون ئي زالون يا هڪ عورت جا ڪيترائي مڙس هوندا آهن، ڪجهه پنهنجن مردن کي دفن ڪندا آهن، ڪجهه پاڻيءَ ۾ وهائيندا يا ساڙيندا يا جبل تي ڦٽو ڪندا آهن، ڪجهه قومون ننگ ڌڙنگ اگهاڙيون رهنديون آهن ۽ ڪجهه پنهنجي بدن کي پنن يا کلن سان ڍڪينديون آهن. انهن فَرقن هوندي به، انهن ۾ ڪجهه خصوصيتون هڪجهڙيون آهن. پهرين هيءَ ته اهي ڪا نه ڪا ٻولي ضرور ڳالهائين ٿيون. ٻيو، انهن جا هٿيار ۽ اوزار ڪاٺ، پٿر يا هڏي جا هوندا آهن ۽ ڌاتن جو استعمال ڪو نه ٿيون ڄاڻن. ٽيون، اهي پنهنجي خوراڪ ۽ زندگيءَ جي ضرورت جون ٻيون شيون گڏجي حاصل ڪنديون آهن ۽ پاڻ ۾ ورهائينديون آهن، نجي استعمال جي شين (لباس وغيره) کان سواءِ قبيلي جو سڀ ڪجهه سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هوندو آهي.
انسان هن زمين تي لڳ ڀڳ ٽيهه لک سالن کان آباد آهي. ان ڊگهي عرصي ۾ هن ڪڏهن به اڪيلي سر زندگي ڪا نه گذاري آهي، پر ڪنهن نه ڪنهن خاندان، قبيلي يا ٽولي سان ضرور ڳنڍيل رهيو آهي. هو اڪيلو رهي به ڪو نه ٿو سگهي، ڇو ته اڪيلو ماڻهو نه پنهنجي حفاظت ڪري سگهي ٿو، نه ٻارن ٻچن جي پرورش ۽ نه ئي خوراڪ جو سامان مهيا ڪري سگهيو پئي، هن کي وِک وِک تي ٻين جي مدد گهربل هوندي آهي، ٻين جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. سماج جي اندر ئي ان جي شعور ترقي ڪئي، هن پنهنجي وجود کي سڃاتو ۽ پنهنجي فطري صلاحيتن کان ڪم ورتو.
انسان جيڪي کوجنائون يا ايجادون ڪيون آهن اهي سڀ گڏيل هيون. انهن جو هئڻ به گڏيل ضرورت هئي ۽ سماج جي سڀني فردن ان کان هڪجهڙو فائدو ورتو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڪو به اهو ٻڌائي نه سگهندو ته ٻولي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ عاليشان گڏيل تخليق آهي، ڪنهن ايجاد ڪئي، باهه جو استعمال ڪنهن ڳوليو، تير ڪمان ۽ پٿر جا اوزار ۽ هٿيار ڪنهن ٺاهيا، ٻني ٻارو ڪرڻ، ٿانوَ ٺاهڻ، لٽو ڪپڙو اُڻڻ، شاعري، مصوري ۽ ناچ جهمر ۽ موسيقيءَ جو ايجاد ڪندڙ ڪير آهي. انهن مان ڪو به هڪ فن يا هنر ڪنهن جي اڪيلي تخليق ڪونهي پر سڄي سماج جي گڏيل شعور، احساسن ۽ تجربن جي پيداوار آهي. قديم سماج ۾ کڻي ڪري اهو شڪارين، ماهيگيرن ۽ ڌڻ پاليندڙن جو هجي (جنهن ۾ خوراڪ جو سامان سنئون سڌو قدرت مان حاصل ڪيو ويندو آهي) يا ٻني ٻارو ڪرڻ وارن جو (جنهن ۾ خوراڪ پيدا ڪئي وڃي ٿي)، ماڻهو پنهنجي ضرورت جون شيون رلي ملي پيدا ڪندا هئا ۽ پوءِ پاڻ ۾ ورهائيندا هئا. سماج جي ان دؤر کي سماجي علم جي ٻوليءَ ۾ ”ابتدائي ڪميونزم“ (قديم رعيتي راڄ) جو دؤر چوندا آهن. هيءُ دؤر لکين سال رهيو.
ابتدائي ڪميونزم جو جيئرو جاڳندڙ ۽ شايد سڀ کان وڌيڪ آڳاٽو نمونو تاسادي (Tasaday) قبيلي جا ماڻهو آهن. هڪ سَو ماڻهن جو هيءُ ٽولو ويجهڙائيءَ ۾ (1961ع ۾) اتفاق سان لڀي پيو. اهو فلپائِن رياست جي هڪ ٻيٽ مندانو جي جبلن ۾ رهي پيو. هي جبل گهاٽن ٻيلن ۾ لڪل آهن ۽ انهن تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 15 سال اڳ جي ڳالهه آهي، ته هڪ ڏينهن دَفالو نالي هڪ شڪاريءَ جو ان ٻيلي مان لنگهه ٿيو، ته هن کي زمين تي ڪيترائي انساني پيرن جا رند نظر آيا. هو انهن نشانن جو پيرو کڻي اڃا ٿورو ئي اڳتي هليو، ته کيس ٽي انگ اگهاڙا ماڻهو نظر آيا جن جو اڳ ۽ پٺ پنن جي رسين سان ڍڪيل هو. شڪاريءَ کي ڏسي اهي وٺي ڀڳا، پر جڏهن هن انهن کي پيار سان سڏيو، ته هو بيهي رهيا. اهڙيءَ طرح دنيا کي پهريون ڀيرو ڌرتيءَ جي قديم انسانن جو سراغ مليو.
تاسادي اڃا سوڌو پٿر جي اُن زماني ۾ رهن ٿا، جيڪو 15 هزار سال اڳ ختم ٿي ويو. انهن جي پناهه گاهه 50 فوٽ ويڪري ۽ 30 فوٽ گهري هڪ غار آهي. ناريل ۽ بانس جون مکڙيون انهن جي خوراڪ آهي. هو ڪاٺيءَ جي ٽڪرن کي گسائي باهه پيدا ڪندا آهن ۽ پٿر جي مترڪن ۽ بانس جي ننڍين ننڍين ڇُرين کان سواءِ انهن وٽ ڪو به اوزار ڪونهي. هو ننڍڙيون مڇيون، ڏيڏر ۽ گانگٽ هٿ سان پڪڙيندا آهن ۽ ڀُڃي کائيندا آهن. هو ٻني ٻارو ڪرڻ بلڪل ڪو نه ڄاڻن ۽ نه ئي چوپايا پاليندا آهن. هنن لوڻ، چانور، مڪئي يا کنڊ ڪڏهن نه چکي. هو تماڪ جي استعمال کان به اڻواقف آهن. هو ٻيٽ تي رهن ٿا، پر هنن ڪڏهن به سمنڊ نه ڏٺو آهي.
هو ڏاڍا امن پسند ماڻهو آهن ۽ وٽن ڪنهن به قسم جو ڪو به هٿيار ڪونهي، تان جو انهن جي ٻوليءَ ۾ دشمن، جنگ، قتل ۽ بديءَ لاءِ لفظ به ڪونهن. هو سٺائيءَ ۽ حسن لاءِ هڪ ئي لفظ ”مافِيُون“ استعمال ڪندا آهن. هنن جو نه ته ڪو مذهب آهي ۽ نه ئي هو آرٽ ڄاڻن. هنن وٽ ڏيئي وٺي بانس جو هڪ باجو هوندو آهي جنهن جو نالو ”ڪوبنگ“ آهي جيڪو بربط سان ملي ٿو. هو ڪيترن ئي گهراڻن ۾ ورهايل آهن. هر گهراڻو ماءُ پيءُ ۽ غير شادي شده ٻارن تي ٻڌل هوندو آهي. البت رهندا سڀئي گهراڻا گڏ آهن. هو کاڌي جو سامان رلي ملي هٿ ڪندا آهن ۽ پاڻ ۾ ورهائي کائيندا آهن. هنن جي قبيلي جو ڪو سردار نه آهي. جڏهن ته ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪرڻ وقت هر بالغ مرد ۽ عورت کي راءِ ڏيڻ جو برابر حق هوندو آهي.
هو ننڍي قد جا تندرست ماڻهو آهن ۽ مليريا، سلهه ۽ ڏندن جي بيمارين کان صفا بچيل آهن، پر هنن ۾ ڇِن ۽ گهوگهي جا مريض نظر ايندا آهن. گذريل ٽن سالن ۾ هنن جو فقط هڪ ماڻهو مئو ۽ اهو به اتفاق سان. هنن جي مشهور چوڻي آهي ته ”اچو اسان سڀني انسانن کي هڪ انسان چئون.“ 3
اهڙيءَ طرح هڪ پوئتي پيل قبيلو ”سيمانگ“ (Semang) ملايا جي جابلو ٻيلن ۾ رهندو آهي. هي ماڻهو ويهن ويهن، ٽيهن ٽيهن جي ٽولن ۾ هڪ ٻئي کان ڪجهه مفاصلي تي جهوپڙين ۾ آباد آهن. هر ٽولو حقيقت ۾ هڪ گهراڻو آهي. سيمانگ جهنگلي ميون، گلن ۽ جڙين ٻوٽين تي گذر سفر ڪندا آهن ۽ بيد جي ٽڪرن کي رڳڙي باهه پيدا ڪندا آهن. تير ۽ ڪمان انهن جو اڪيلو هٿيار آهي، جنهن سان پکين، نوريئـڙن ۽ ڪوئن جو شڪار ڪندا آهن. هو پنهنجن مردن کي دفن ڪندا يا پري وڃي جبلن تي ڦٽو ڪندا آهن.
ابتدائي ڪميونزم مطابق زندگي گذارڻ وارا ڪيترائي قبيلا آمريڪا ۾ به آهن. مثال طور هڪ قبيلو ”پييوت“ (Paiute) آهي. هي ماڻهو خيمن ۾ رهندا آهن ۽ سندن گذر جو ذريعو شڪار آهي. شڪار ۾ قبيلي جا سمورا صحتمند ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪاميابي ٿي وڃي، ته پوءِ سڄو قبيلو عورتن ۽ ٻارن سميت جهمريون هڻي سوڀ جي خوشي ملهائيندو آهي. شڪار وقت هنن جون عورتون مٿي تي هرڻ جي کل پائي جانورن جهڙا آواز ڪڍنديون ۽ رسمي گيت ڳائينديون آهن.
هڪ ٻيو قبيلو ”يوڪوت“ (Yokot) آهي جيڪو ڪيليفورنيا ۾ آباد آهي. هي ماڻهو ڌار ڌار گهرن ۾ نه رهندا آهن پر انهن جو گهر هڪ وڏو صحن هوندو آهي جنهن ۾ ڏهه ٻارهن گهراڻا گڏجي رهندا آهن. شادي ٿيڻ کان پوءِ مرد پنهنجن ساهرن ۾ وڃي رهندو آهي ۽ زال جي قبيلي جو فرد بڻجي ويندو هو. هنن ماڻهن جو ڪل تعداد 20 هزار آهي.
هڪ قبيلو آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سرحد تي رهندو آهي، جنهن جو نالو ”بليڪ فٽ“ آهي. شڪار انهن جي گذر جو وسيلو آهي. انهن جو ڪو سردار نه هوندو آهي، پر قبيلي جا جيڪي ماڻهو وڌيڪ تندرست يا هوشيار هوندا آهن، انهن جي ڳالهه عام طور تي مڃي ويندي آهي. هي ماڻهو جهنگلي مينهنِ جو گڏجي شڪار ڪندا آهن. جهنگلي مينهن جي ڳولا کان پوءِ هو پنهنجي ماهر شڪاريءَ کي مينهن جي کل پارائيندا ۽ مينهن جي منڍي هن جي مٿي تي ٻڌي ڇڏيندا آهن، پوءِ هو جهنگلي مينهنِ جي وچ ۾ گهڙي ويندو آهي ۽ هوري هوري شڪارين طرف وٺي ايندو آهي. اڪيلي سر شڪار جي انهن وٽ سخت منع آهي. هي ماڻهو مينهن جي کل مان پنهنجي لاءِ ڪپڙا، جوتا، ڳوڻيون ۽ نوڙيون وغيره ٺاهيندا آهن. هو خيمي ۾ رهندا آهن، جيڪو عورت جي ملڪيت هوندو آهي. اهي خيما شاديءَ وقت ڇوڪريءَ کي ڏاج ۾ ڏنا ويندا آهن ۽ انهن کي سڄو قبيلو گڏجي تيار ڪندو آهي. هي ماڻهو گوشت جو ٻوڙ پچائڻ نه ڄاڻن، پر ان کي سيڪي کائيندا آهن.
ڏکڻ آمريڪا جي رياست ڪولمبيا ۾ مهاڻن جو هڪ قبيلو آهي، جيڪو ”نُوت ڪا“ (Nootka) سڏجي ٿو. هي ماڻهو نديءَ ڪناري آباد آهن. انهن جون جهوپڙيون ڏاڍيون وڏيون هونديون آهن جن ۾ مختلف گهراڻن جا لڳ ڀڳ هڪ سَو ماڻهو گڏ رهندا آهن. ان جهوپڙيءَ کي سڀئي گڏجي ٺاهيندا آهن ۽ مڇين جو شڪار هر گهراڻي ۾ هڪ جيترو ورهايو ويندو آهي.
روسي انقلاب کان اڳ سائبيريا ۾ شڪارين جو هڪ قبيلو هو جيڪو ”يوڪاگهير“ (Yokaghir) سڏبو هو. انهن جو گذر سفر هرڻن (ٻارهن سڱن) ۽ مڇين جي شڪار تي ٿيندو هو. شڪار جي ورهاست سڀ کان پوڙهي فرد جي زال جي ذمي هوندي هئي، جيڪا هر خيمي جي ضرورت جو خيال رکندي هئي. انهن جا خيما، ڄار ۽ ٻيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هئا. هنن جي ذاتي ملڪيت پوشاڪ ۽ شڪاري اوزارن تائين محدود هئي.
رياست نائجيريا ۾ ٻه قبيلا ”يورُوبا“ (Yoruba) ۽ ”بولوڪي“ (Boloki) رهندا آهن. سندن آبادي ويهن لکن ويجهو آهي. هي ماڻهو ٻني ٻارو ڪندا، چوپايا پاليندا ۽ شڪار به ڪندا آهن. انهن ۾ زمين سڄي قبيلي جي ملڪيت هوندي آهي جيڪا وڪڻي يا خريد ڪري نه ٿي سگهجي. ٻني ٻارو عورتون ڪنديون ۽ ٿانوَ ٿپا به اهي ئي ٺاهينديون آهن، پر شڪار ڪرڻ ۽ چوپايا سنڀالڻ مردن جي ذميواري آهي. انهن جي قبيلي جو سردار ”اَلورفن“ (Alorfin) سڏائيندو آهي. جيڪڏهن سندس صحت خراب ٿي پوي ته هو خودڪشي ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن هن کي سرداريءَ تان لاهڻو هوندو آهي ته قبيلي جا ماڻهو ان جو گهيرو ڪري نفرت ڀريا گيت ڳائيندا آهن، تان جو نيٺ تنگ ٿي هو خودڪشي ڪندو يا ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويندو آهي.
ابتدائي ڪميونزم جي پاڇاٽيءَ (باقيات) مان هڪ مشهور قوم ”اسڪيمو“ آهي جيڪا اتر ڪئناڊا کان فنلئنڊ تائين برف سان ڍڪيل ميدانن ۾ رهندي آهي. جيتوڻيڪ اسڪيمو قبيلا هڪٻئي کان سوين ميلن جي مفاصلي تي آباد آهن، پر انهن جي جسماني بناوت، ٻولي ۽ تهذيب ۾، عجب ۾ وجهندڙ هڪجهڙائي آهي. نسلي لحاظ کان انهن جو تعلق منگولن سان آهي ۽ انهن جي آبادي 55 هزارن کان وڌيڪ نه آهي.
اسڪيمو ماڻهن جو گذارو سيل مڇيءَ ۽ برفاني رڇن جي شڪار تي آهي. اهي گوشت ڪچو کائيندا آهن، جڏهن ته انهن کي باهه جي استعمال جي خبر به آهي. هو کل جا ڪپڙا پائيندا آهن ۽ کل جي ئي تنبن يا برف ۾ زمين هيٺ گهرن ۾ رهندا آهن. هو ڪتا ۽ ٻارهن سڱا پاليندا آهن. انهن جون گاڏيون بنا ڦيٿي ۽ چمڙي جون ٺهيل هونديون آهن، جن کي ٻارهن سڱا برف تي گهليندا وتندا آهن. اسڪيمو ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهايل آهن. انهن جو ڪو باقائدي سردار يا اڳواڻ ڪونهي، پر ذهين ۽ تجربيڪار ماڻهن جي صلاحن تي هي ماڻهو عمل ڪندا آهن. شڪار ۽ شڪاري اوزار، تنبو، ڪتا ۽ ٻارهن سڱا، گاڏيون ۽ ٻيڙيون سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هونديون آهن.4 رڳو نجي استعمال جون شيون ذاتي ملڪيت سمجهيون وينديون آهن. انهن جي سماج ۾ خود غرضيءَ ۽ لالچ کي سڀ کان وڏو گناهه سمجهيو ويندو آهي. هي ماڻهو هڪٻئي سان سهڪار جا ان حد تائين قائل آهن جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻين سان هٿ ونڊائڻ کان ناڪار ڪري، ته ان کي سماج جو ڏوهاري سمجهيو ويندو آهي.
ننڍو کنڊ پاڪ ۽ هند (۽ بنگلاديش) دنيا جي انهن علائقن مان آهي جتي پٿر جي زماني کان فولاد جي زماني تائين هر دؤر جا ماڻهو اڄ سوڌو موجود آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سماجي ارتقا جي تاريخ ترتيب ڏيڻ چاهي، ته ان کي علائقي کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پوندي. گوند، ڀيل، سنٿال، کاسي، مونگ، پُوندا، مطلب ته بيشمار اهڙيون ذاتيون ملي وينديون جيڪي پراڻي دؤر کان اڳتي نه وڌيون آهن. مثال طور، اسان سرحد (هاڻِ خيبر پختون خواه) ۾ ماڻهن کي غارن ۾ رهندي ڏٺو ۽ چقمقي پٿر سان باهه ٻاريندي ڏٺو ۽ اهڙا قبيلا به ڪيترائي آهن جيڪي ٻني ٻارو ڪو نه ڪن پر مڇيون پڪڙيندا يا چوپايا پاليندا يا گل ميوا کائي جيئرا رهندا آهن ــــــ ۽ اڃا اڌ صدي اڳ تائين سرحد ۾ ٻنيون هر ٽيهن سالن کان پوءِ قبيلي جي ماڻهن ۾ برابر برابر ورهايون وينديون هيون.
گهڻائي سال ٿيندا، جو انساني علم جو ماهر هڪ آمريڪي پروفيسر مري بلوچن ۾ اچي رهيو، ته جيئن انهن جي سماجي طورَ طريقن جو مطالعو ڪري. هن جو موت بلوچن جي ئي ڳوٺن ۾ ٿيو، پر سندس ساٿين ڪم جاري رکيو ۽ 1966ع ۾ ”مري بلوچن جي سماجي تنظيم“ نالي هڪ ڪتاب شايع ڪيو. ان ڪتاب ۾ لکيل آهي ته جانور پالڻ ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ مري بلوچن جو ڌنڌو آهي. پراڻي زماني ۾ ته هي صفا لاڏائو هئا، پر هاڻي جتي ڪٿي ڳوٺن ۾ آباد ٿي ويا آهن. ليکڪ جو چوڻ آهي ته قبيلي جي هر ماڻهوءَ کي چراگاهن، کوهن ۽ چشمن تي هڪ جيترو حق آهي. زمين سڄي خاندان جي گڏيل ملڪيت هوندي آهي ۽ ڪيترائي اهڙا علائقا به آهن جن ۾ زمين سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هوندي آهي. جتي ايئن نه آهي، اتي به زمين هر پندرهن ويهن سالن کان پوءِ سڀني مردن جي اصول تي برابر برابر ورهائي ڏني ويندي آهي يعني هر مرد کي، پوءِ اهو ورهاست کان هڪ ڏينهن اڳ ڄائو هجي يا ورهاست جي ٻئي ڏينهن مري وڃي، هڪ جيترو حصو ملندو آهي.
لاڏائن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته انهن کي ”پوندا“ ۽ انهن جي ويهڪ کي ”هلڪ“ چوندا آهن، جيڪا اٺن ڏهن تنبن ۾ ورهايل هوندي آهي. هلڪ جي اڳواڻ کي ”هلڪ واجه“ ۽ ان جي زال کي ”واجه“ چوندا آهن. هر هلڪ ۾ هڪ تنبو مهمانن لاءِ مخصوص هوندو آهي، جنهن کي ”اوطاق“ چوندا آهن. انهن جي سماج جو بنياد ”شرڪت“ (”گڏپ“) تي آهي. (ص: 79). ”شرڪت“ جي معنى سڄي مال ملڪيت جو گڏيل هئڻ آهي. اها شرڪت چوپاين جي ڌڻن ۽ زرعي پيداوار جي گڏيل ملڪيت جي مختلف ڏاڪن تي حاوي آهي... ماڻهو فصلن ۽ جانورن جي وڪري جي آمدني به پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيندا آهن. ماڻهن جي پورهئي جي پيداوار ۽ جانور گڏيل هوندا آهن. چلهو به گڏيل، مهمان خانو به گڏيل ۽ دستر خوان به گڏيل هوندو آهي. اهڙيءَ طرح اهو سڄو ٽولو هڪ وڏو گهراڻو بڻجي پوندو آهي.
مري بلوچن جي هن قديم رعيتي راڄ واري زندگيءَ تي تبصرو ڪندي ليکڪ لکي ٿو، ”جانور پالڻ، زراعت ۽ لڏ پلاڻ جون گُهرجون هڪٻئي سان سهڪار وسيلي ئي پوريون ٿي سگهن ٿيون ۽ اها ئي ضرورت هنن کي پنهنجي گڏيل زندگيءَ ۾ واڌ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.“
ابتدائي ڪميونزم جي انهن مثالن مان ڪنهن ”سونهري دؤر“ جي تاريخ يا ان جي ختم ٿي وڃڻ جو ماتم ڪرڻ نه هو، پر اهو ٻڌائڻ هو ته گذر جي شين کي رلي ملي پيدا ڪرڻ ۽ پوءِ انهن کي ضرورت موجب پاڻ ۾ ورهائڻ ڪو نئون يا عجب جهڙو طريقو نه آهي. حقيقت ۾ انسان جي سماجي زندگيءَ جي شروعات ايئن ٿي ۽ لکين سال انهيءَ راهه تي هلندي رهي. مطلب ته پيداواري وسيلن جي ذاتي ملڪيتَ ڪو ابدي، اٽل يا مقدس حياتيءَ جو قانون نه آهي، پر ان جو رواج به سماجي ضرورتن هيٺ سماجي ارتقا جي هڪ مخصوص دؤر ۾ ٿيو. سبب اهو هو ته ابتدائي ڪميونزم ۾ ڪم ورڇيندڙ (تقسيم ڪار) جي گنجائش بيحد محدود هئي. ڪم ورڇيندڙ جي کوٽ جي ڪري پيداوار ۾ واڌارو ممڪن نه هو ۽ نه ئي ماڻهن جون وڌندڙ گهرجون پوريون ٿي پئي سگهيون. سماجي ترقيءَ جي گهرجن ڪم جي ورهاست جي ريت وڌي ۽ ڪم جي ورهاست ڪري ذاتي ملڪيت جنم ورتو. قديم رعيتي راڄ ۾ جيڪي تضاد ظاهر ٿيا، انهن جو اڪيلو حل اهو ئي هو ته پيداواري وسيلا ذاتي ملڪيت ۾ تبديل ٿي وڃن، پر ذاتي ملڪيت اندر هاڻي تضاد ايترا گهرا ۽ تيز ٿي ويا آهن، جو سماج کي نئين سوشلسٽ راهه تي قائم ڪرڻ کان سواءِ انسان نه انهن اندروني تضادن کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهي ٿو.

1.  تشڪيلِ انسانيت. رابرٽ بريفالٽ. ص: 1. لاهور (اردو).
2.  سرمايو. جلد پهريون. صفحو: 180
3.  (هفتيوار ”ٽائيم“ نيويارڪ. 18 آڪٽوبر 1971ع. 30 جون 1975ع)
4.  ڪولمبيا انسائيڪلوپيڊيا. صفحو: 670. نيويارڪ 1968