تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب اٺون : بيڪن جي ماديت ۽ خيالي سوشلزم

ڪائنات جي ”شَي پنهنجو پاڻ ۾“ (وجود بالذات) جي اقرار کي ماديت چوندا آهن. ماديت جي فلسفي جي حساب سان سج، چنڊ، زمين، نديون، جبل ۽ سمنڊ، وڻ ٻوٽا ۽ جانور، مطلب ته جڳ جهان جون سڀ شيون ٻاهر موجود آهن، اسان جي تخيل جي پيداوار نه آهن. اهي شيون انسان کان لکين سال اڳ به موجود هيون ان ڪري جيڪو پوءِ هجي اهو سڀني جو اڳيون بنجي نه ٿو سگهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته انسان ۽ سندس دماغ به ٻين شين جيان مادي مان ئي ٺهيا آهن. جنهن شَي کي اسان خيال يا روح چئون ٿا اهو حقيقت ۾ انسان جي دماغ جو ئي عمل آهي، دماغ کان ٻاهر ان جو ڪو به وجود ڪونهي. مادي جي خاصيت اها آهي ته اهو هر گهڙي چرپر ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو، اهو ڪڏهن به فنا نه ٿو ٿئي پر ان جي صورت ۽ ماهيت ۾ تبديليون ٿينديون رهن ٿيون. مثال طور ڪاٺ سڙِي ڪوئلو ٿئي ٿو ۽ ڪوئلو خاڪ ٿي وڃي ٿو ۽ خاڪ جا ذرا هوا ۾ ملي وڃن ٿا يا زمين جو حصو بنجي وڃن ٿا، فنا نه ٿا ٿين. اقبال سچ چيو هو ته:
ثبات ايڪ تغير ڪو هي زماني ۾.
خيال پرستي ماديت جو عين ضد آهي. خيال پرستيءَ جي حساب سان خيال/روح اڳ آهي ۽ ڪائنات انسان جي ذهن جي تخليق يا اسان جي خيالن جو پاڇو آهي. غالب جي چوڻ موجب ”عالم تمام حلقهءِ دام خيال هي.“
ماديت جو تصور ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انسان جو شعور. قديم انسان ڪائنات جي هر شَي کي پاڻ جيان فعال (سرگرم) ۽ ارادي واري حقيقت سمجهندو هو. سڀ کان پراڻو مادي فلسفو، جنهن جي اسان کي ڄاڻ آهي، ”ديهه وادي“ يا ”اَسور وادي“ يا ”تنترڪ“ فلسفو آهي، جيڪو آرين جي ڪاهه کان اڳ سنڌو ماٿر ۾ رائج هو. آرين جي مقدس ڪتاب ”رگ ويد“ جي ڪجهه سلوڪن ۾ به ماديت جي جهلڪي ملي ٿي. ان کان سواءِ گوتم ٻڌ ۽ چار واڪ وغيره جي تعليمن جو بنياد به ماديت ئي آهي. اڃا به ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ماديت جو فلسفو يونانين هندستان مان ئي سکيو هو.
قديم يونان جا لڳ ڀڳ سڀئي فلسفي ماديت تي يقين رکندا هئا، پر اهي اٿينـز يا اسپارٽا جا يوناني نه هئا، پر ننڍي ايشيا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن جا رهاڪو هئا. ان علائقي ۾ گهڻو ڪري واپار ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا ۽ انهن جو مصر، فونيشيا (لبنان)، بابل، ايران ۽ هندستان سان گهاٽو لاڳاپو رهيو. انهن جو پنهنجي ڪاروباري زندگيءَ ۾ هر خيال ۽ هر عقيدي جي ماڻهن سان واسطو پوندو رهندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ننڍي ايشيا جا دانشور اٿينـز وارن جيان تنگ نظر نه هئا پر انهن جي ذهن جو افق ڏاڍو وسيع هو ۽ هو ڏاڍا بهادر ٿي سوچيندا هئا. هو اڪيلائپ ۾ ويهي فلسفي جون ڳنڍيون نه سلجهائيندا هئا پر پنهنجي شهر جي انتظامي معاملن ۽ سياسي مسئلن ۾ به ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شريڪ ٿيندا هئا ــــــ ڪائنات جي اصل حقيقت ڪهڙي آهي، اها ڪيئن وجود ۾ آئي، ان جي بناوت جا ڪهڙا حصا آهن، ان جي چرپر ۽ ڦيرڦار جا ڪهڙا سبب آهن؟ انهن سڀني سوالن جا جواب هو ڪائنات جي اندروني بناوت جي حوالي سان ئي ڏيندا هئا. افلاطون ۽ ارسطو جيان ڪنهن ماورائي قوت يا ديوي ديوتائن جو سهارو نه وٺندا هئا.
يونان جي مادي فلسفي جو ڏاڏو آدم مِلـي تُوس ٻيٽ جو فوجي انجنيئر طاليس (642-547 ق.م) هو. هن جو اباڻو وطن فونيشيا هو ۽ هو جهاز رانيءَ جي فن کان چڱيءَ طرح واقف هو. هيئت ۽ نجوم جو علم هن مصرين کان سکيو هو. انهن علمن جي مدد سان هن هڪ ڀيري سج گرهڻ جي صحيح اڳ ڪٿي ڪئي هئي ۽ ننڍي ايشيا جي رياست ”لڊيا“ ۽ اتر ايران جي وچ ۾ جنگ بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. هن جي دعوى هئي ته سڀني شين جو اعلى سبب پاڻي آهي ۽ زمين پاڻيءَ تي تري ٿي.
طاليس جو هم عصر آنڪسي ماندَر (611-547 ق.م) به ملي تُوس جزيري جو رهاڪو هو. دنيا جو پهريون نقشو هن ئي ٺاهيو ته جيئن ملي توس جي واپاري سامونڊي جهازن کي ڪاري سمنڊ (Black Sea) جو سفر ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي ــــــ هُو چوندو هو ته پاڻي يا ڪو ٻيو عنصر شين جو بنيادي اعلى سبب ڪونهي پر ”لاانتها“ آهي، جيڪا انهن سڀني کان مختلف آهي. ان کان سواءِ اهو به ته اها ”دائمي چرپر“ آهي جنهن جي ڪري دنيائون وجود ۾ آيون.
آنڪسي ماندر چنڊَ، کنوڻ، گاج، هوا ۽ ٻين قدرتي لقائن جون جيڪي مادي تشريحون ڪيون هيون انهن مان ڪيتريون ته جديد سائنس وسيلي غلط ثابت ٿي چڪيون آهن، پر حيوانن جي شروعات جي باري ۾ هن جي همت ڀري قياس آرائي اسان لاءِ اڄ به حيرت انگيز آهي. هو چوي ٿو ته:
”سمورا حيوان اهڙي آلاڻ (نمي) مان، جنهن مان ٻاڦ نڪري ٿي، پيدا ٿيا آهن. انسان به ٻين جانورن جيان شروع ۾ مڇي هو. انسان ڪنهن ٻئي قسم جي حيواني جنس جي تخليق آهي، ڇو ته ٻيا جانور پيدا ٿيندي ئي پنهنجي خوراڪ ڳولي وٺن ٿا، پر انسان گهڻي عرصي تائين ماءُ جو کير پيئڻ لاءِ مجبور آهي. جيڪڏهن هو شروع ۾ ئي ايئين هجي ها، جيئن اڄ آهي، ته هو زنده رهي نه سگهي ها.“
ان مان اندازو ٿئي ٿو ته آنڪسي ماندر کي ڊاروِن کان لڳ ڀڳ اڍائي هزار سال اڳ ماحول مان هم آهنگي (مطابقت، ٺهڪڻ) ۽ بقائي اصلح جي اصولن جو مبهم شعور ضرور هو.
ملي توس ٻيٽ جو ٽيون فلسفي اِنڪسِيمِينيس هو. هو عمر ۾ شايد آنڪي ماندر کان ننڍو هو. هن جي دعوى هئي ته ڪائنات جو بنيادي سبب هوا آهي. پر انهن سڀني کان وڌيڪ هراقلتيس (535-470 ق.م) هو، جنهن کي جدلي ماديت جو مَوجد چيو ويندو آهي. هو ايفي سڪس (ترڪي) جو رهاڪو ۽ داريوش اعظم جو هم عصر هو. هن جي زندگيءَ جي باري ۾ رڳو ايتري خبر آهي، ته هو ايفي سڪس جي شاهي خاندان سان تعلق رکندو هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جي حق ۾ ڪنهن عهدي تان هٿ کنيو هئائين. هن هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جا ٽي حصا هئا. پهريون ڪائنات، ٻيو سياست ۽ ٽيون مذهبي علم جي باري ۾. اهو ڪتاب ته ڪنهن نه ڏٺو، پر هراقلتيس جا ڏيڍ سَو کان وڌيڪ قول يوناني فلسفين پنهنجين تصنيفن ۾ جتي ڪٿي استعمال ڪيا آهن. انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
1. جڳ جهان (عالم، ڪائنات) ۾ جيڪو ڪجهه موجود آهي، اهو هيڪڙائي آهي.
2. هيءَ دنيا، جيڪا سڀني لاءِ ساڳي آهي، ڪنهن ديوتا يا انسان نه ٺاهي آهي.
3. توهان هڪ ئي نديءَ ۾ ٻيهر وهنجي نه ٿا سگهو، ان ڪري جو هر گهڙيءَ تازو پاڻي اوهان مٿان وهندو رهي ٿو.
4. هومر جو اهو قول غلط هو ته ”ڪاش ديوتائن ۽ انسانن جي ويڙهه ختم ٿي وڃي.“ هومر کي ان ڳالهه جو احساس نه هو ته هُو ڪائنات جي فنا جي دعا پيو گهري، ڇو ته هن جي دعا جيڪڏهن قبول پئجي وڃي ها ۽ ويڙهه باقي نه رهي ها، ته دنيا نه رهي ها.
5. ماڻهو نه ٿا ڄاڻن ته ضدن جو گڏجڻ ڪهڙي شَي آهي. اهو متضاد (ٽڪر کائيندڙ، ابتڙن) جو ميلاپ آهي، جيئن ڪمان يا برَبط.
6. اسان لاءِ تضاد ۾ خير آهي. خير ۽ شر هڪ آهن.
7. لڙائي عين انصاف (قدرت جو قانون) آهي. سڀ شيون ويڙهه جي ڪري وجود ۾ اچن ۽ فنا ٿينديون رهن ٿيون.
8. ڪمان جي لغوي معنى (يوناني ٻولي ۾) زندگي آهي پر ان جو عمل موت آهي.
9. مٿي چڙهڻ ۽ هيٺ لهڻ جو رستو هڪ ئي هوندو آهي.
10. دائري (گول) جي ابتدا (شروعات) ۽ انتها (خاتمو) هڪ ئي هوندي آهي.
11. اسان هڪ ئي نديءَ ۾ لهندا آهيون به ۽ ناهيون به. اسين آهيون به ۽ ناهيون به.
12. انسان جو ڪردار ئي ان جي تقدير آهي.
مطلب ته هراقلتيس عالم ۾ موجود سڀ ڪجهه جي دائمي چرپر ۽ تبديل جو قائل هو. هن جي دعوى هئي ته هر شَي جي اندر ئي ان جي نفي يا ضد موجود هوندو آهي ۽ انهيءَ مثبت ۽ منفي جي اندروني ٽڪر ڪري نيون شيون وجود ۾ اينديون رهن ٿيون.
يونان جو ايٽمي فلسفي جو مَوجد دمقراطيس (460-370 ق.م) هو. ڪارل مارڪس ان کي ”يونانين ۾ پهريون سامونڊي دماغ“ سڏي ٿو ۽ لينن جي راءِ موجب هو ”قديم دؤر ۾ ماديت جو سڀ کان وڌيڪ لائق ترجمان هو.“ دمقراطيس روم سمنڊ جي اتر-اوڀر ۾ آبديرا ٻيٽ جو رهاڪو هو. اهو ٻيٽ ڏاڍو خوشحال ۽ واپاري مرڪز هو ۽ دمقراطيس جو پيءُ دولتمند واپاري هو. ان جي تعليم اعلى پيماني تي ٿي هئي. ڪجهه مَورخن (ملاخ ۽ زيلر) جي ته دعوى آهي ته ايراني شهنشاهه زيڪسيز يوناني مهم دوران جن ڏينهن ۾ آبديرا ۾ ترسيو هو ته نوجوان دمقراطيس شاهي درٻار جي زرتشتي عالمن کان مشرقي فلسفي جون رمزون سکيون هيون. هن کي علم حاصل ڪرڻ جو ايترو شوق هو جو پيءُ جي وفات تي کيس ورثي ۾ جيڪا به ملڪيت ملي سا هن سڄي جو سڄي پرانهن ڏيهن جو سفر ڪرڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏي. هو چوندو هو ته ”مون شين جي حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجن هم عصرن کان گهڻو وڌيڪ دنيا کي لتاڙيو آهي، سڀ کان وڌيڪ ملڪ ۽ موسمون ڏٺيون آهن، سڀني کان وڌيڪ مفڪرن سان مليو آهيان ۽ هندسي علم ۾ مصري هيئت جي ماهرن کي به، جن جو مان پنجن سالن تائين مهمان ٿي رهيس، گهٽ ڏيکاريو.“
دمقراطيس اڪيلائي پسند انسان هو ۽ بحث مباحثو هن کي ڏاڍو ناپسند هو. اهو ئي سبب آهي جو هن سقراط ۽ افلاطون جيان ڪو به مدرسو قائم نه ڪيو ۽ نه شاگرد ٺاهيا. ان باوجود دمقراطيس جي خيالن جي مشهوري پري پري تائين پهچي وئي ۽ پوءِ جي سڀني يوناني فلسفين هن جي عظمت جو اعتراف ڪيو آهي، ويندي ارسطو جهڙو تنقيدِي فلسفي به دمقراطيس جو ذڪر ڏاڍي ادب سان ڪري ٿو:
دمقراطيس چوي ٿو ته هيءَ ڪائنات ايٽمن (مادي جو سڀ کان ننڍو جز) جي ملڻ ڪري ٺهي آهي يعني موجود شين جو اهم ۽ بنيادي سبب ايٽم آهي. هن جي ايٽمي نظريي جا اهم نڪتا هي آهن:
1. ڪا به شي عدم (”ڪِينَ“) مان وجود ۾ اچي نه ٿي سگهي ۽ جيڪو ڪجهه موجود آهي، اهو فنا ٿي نه ٿو سگهي.
2. ڦيرڦار (تغير، تبديلي) نالو آهي ايٽمن جي ترتيب ۽ تفريق جو.
3. ڪو به واقعو اتفاقي طور پيش نه ٿو اچي پر هر واقعي جو ڪو نه ڪو سبب ضرور هوندو آهي. ساڳيءَ طرح هر حرڪت (چرپر) قدرتي قانون جي تابع هوندي آهي.
4. ڪائنات ۾ رڳو ايٽم آهن يا وري خلا. رهجي وئي مٺاڻ، گرمي سردي ۽ رنگ، سا اسان جي راءِ آهي (دمقراطيس انسان جي حسي تجربن کي ڳڻي به ڪو نه ٿو).
5. ايٽم لاتعداد آهن ۽ انهن جون بي شمار شڪليون هونديون آهن. اهي لامحدود (اڻکٽ) خلا ۾ لاڳيتو ڦرندا رهن ٿا، پر جيڪي وزن ۾ وڏا آهن، انهن جي ڪِرڻ جي رفتار وڌيڪ تيز هوندي آهي. اهي پاڻ کان ننڍن ايٽمن سان ٽڪرائجن ٿا ۽ انهن جي چرپر جي ڪري دنيائن جي جوڙجڪ ٿئي ٿي. بي شمار دنيائون هر گهڙيءَ ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهن ٿيون.
6. ڪائنات ۾ مختلف جنسن ۽ قسمن جي شين جو موجوديءَ جو سبب اهو آهي ته ايٽم به پنهنجي وزن، شڪل ۽ پاڻ ۾ ترتيب جي لحاظ کان مختلف قسمن جا هوندا آهن.
7. جنهن شَي کي روح چئون ٿا، اها به باهه وانگر لطيف، ترڪڻن ۽ گول ايٽمن جي ٺهيل آهي.
8. انساني ذهن به مادي جي ئي هڪ شڪل آهي.
جديد مادي فلسفي ۽ تجرباتي سائنس جو باني فرانسس بيڪن (1626-1561ع) دمقراطيس جو ڏاڍو عقيدتمند هو. هُو ملڪه ايلزبيٿ جي وزير نڪولس بيڪن جو پٽ هو. 23 سالن جي عمر ۾ پارليامينٽ جو رڪن ٿيو ۽ پنهنجين لياقتن جي ڪري جلد ئي ملڪه جي عالمن جي مجلس ۾ شامل ڪيو ويو. 1613ع ۾ بادشاهه جيمز اول هن کي اٽارني جنرل مقرر ڪيو ۽ 1618ع ۾ وزيراعظم، پر ٽن سالن کان پوءِ هن تي 40 هزار پائونڊ رشوت وٺڻ جو الزام هنيو ويو ۽ برطرف ڪيو ويو. بيڪن زندگيءَ جا باقي 5 سال تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريا. سندس پهريون ڪتاب ”مضمون“ 1597ع ۾ ۽ ٻيا ڪتاب ”علم جو واڌارو“ 1605ع ۾، ”ارسطوءَ جو جواب“ 1620ع ۾ ۽ ”نيو ائٽلانٽس“، جيڪو سائنسي يوٽوپيا آهي، 1627ع ۾ شايع ٿيا.
بيڪن کي سائنسي تحقيق ۽ تجربي سان ڳُوڙهي دلچسپي هئي. سندس چوڻ هو ته اسان کي اڻ ثابت ٿيل قانونن ۽ استخراجي دليلن جي طريقي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ استقرائي طريقي موجب جز تي تجربي مان ڪل جو علم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وٽ علم جو مقصد قدرتي وسيلن (عنصرن) جو گهڻي کان گهڻو استعمال آهي. اهو مقصد سائنس جي وڌ کان وڌ استعمال وسيلي ئي پورو ڪري سگهجي ٿو. هو تجربي ۽ تحقيق کي ماکيءَ جي مکين جي عمل سان تشبيهه ڏئي ٿو:
”اسان کي تانيئڙي جيان نه ٿيڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي اندران تار ڪڍي ڄار اُڻي ٿو ۽ نه ئي ڪوِليءَ جيان، جيڪا رڳو پنهنجي خوراڪ گڏ ڪرڻ ۾ لڳي رهندي آهي، پر اسان کي ماکيءَ جي مکين جي پيروي ڪرڻ گهرجي، جيڪي گلن جي رس مان ماکي ۽ ميڻ پيدا ڪن ٿيون.“ (ماکي جيڪا لذيذ غذا آهي ۽ ميڻ جيڪا روشنيءَ لاءِ ڪم اچي ٿي.)
بيڪن جو خيال هو ته اسان کي سڀ کان اول انهن روايتي تصورن ۽ ساڙن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان جي ذهني صلاحيتن کي اسرڻ نه ٿا ڏين. هو انهن کي ”بتن“ سان تشبيهه ڏيندو هو. مثال طور، اهي ذهني عادتون، جيڪي سڀني انسانن جي خصوصيت آهن يا محقق جو انفرادي تعصب يا زبان جي ناموزني، جنهن جي ڪري خيال جي اظهار ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي يا ٻين جي خيالن کي بنا سوچ سمجهه جي قبول ڪرڻ جي عادت.
سچو علم انهن ڪِنين ذهني عادتن کي ڇڏڻ کان پوءِ ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان علم جو بنياد تجربي جون سچايون هئڻ گهرجن ۽ اهي واقعا ۽ حقيقتون جن جي تصديق تجربي سان ٿي سگهي ٿي، انهن تجربن مان قانون مرتب ڪرڻ ۾ اسان کي استقرائي طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي.
بيڪن جو تاريخي ڪارنامو اهو آهي ته هن مادي فلسفي جي قديم روايت کي بحال ڪيو ۽ چالُو نظرين کي مادي اصولن تي پرکيو. هن يوناني فلسفين کي ساراهيو ۽ خيال پرستي جي خامين جي تشريح ڪئي. هن دمقراطيس جي ايٽمي نظريي جي تائيد ۾ مضمون لکيا ۽ اها دعوى ڪئي ته قدرت ايٽمي ذرن جي ملڻ وسيلي ٺهي آهي ۽ مادي جي بنيادي خصوصيت چرپر آهي. اها چرپر رڳو مڪينيڪل ناهي، پر هن 19 قسمن جي مادي چرپر جي نشاندهي ڪئي.
بيڪن جي ذهن تي سائنس ايتري حاوي هئي جو هن ڌرتيءَ جي جنت جو جيڪو خيالي منصوبو پنهنجي آخري تصنيف ”نيو ائٽلانٽس“ ۾ پيش ڪيو، ان کي پڙهي، ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هيءَ جاءِ عام ماڻهن جي وسندِي نه، پر سائنسدانن جي ڪا وسيع تجربيگاهه آهي.
ائٽلانٽس جو اصطلاح بيڪن يوناني ديومالا مان چونڊيو آهي. قديم يونانين جو عقيدو هو ته ائٽلانٽس اولهه سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ هو جيڪو زلزلي جي ڪري پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو. افلاطون پنهنجن ٻن مڪالمن ٽائيمينس (Timaens) ۽ ڪرائيٽو (Crito) ۾ دعوى ڪئي هئي ته ائٽلانٽس جي رهاڪن جي تهذيب ڏاڍي ترقي ڪيل هئي. بيڪن جديد ائٽلانٽس جي علامت هڪ خوشحال ۽ روشن خيال سماج جي لاءِ استعمال ڪئي آهي.
بيڪن پنهنجي فرضي ٻيٽ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته اتان جا ماڻهو پنهنجي ڏاهي بادشاهه جي ڪري هر اوني کان آزاد آهن. انهن جي خوشحاليءَ جو سبب اهو آهي ته ائٽلانٽس جي سماج جو بنياد سائنس تي بيٺل آهي. ٻيٽ جي گاديءَ جو هنڌ ”بن سالم“ آهي. شهر جي وچ ۾ هڪ ڪاليج آهي جنهن جو نالو ”بيت سليمان“ آهي. ان ڪاليج ۾ ”شين جي سببن ۽ ڳجهين حرڪتن جو علم“ سيکاريو ويندو آهي ۽ انساني ذهن جي حدن کي ڪشادو ڪرڻ جي تعليم ڏني ويندي آهي ته جيئن انسان سڀني شين کي پنهنجي استعمال ۾ آڻي سگهي. ڪاليج ۾ ٽيڪنيڪل تجربن لاءِ سڀني قسمن جا اوزار موجود هوندا آهن. زمين جي اندر جون حالتون ڄاڻڻ لاءِ اونهيون غاريون کوٽيون ويون آهن ۽ خلا جي تحقيق لاءِ اوچا مينار ٺاهيا ويا آهن. طبي تحقيق ۽ نامياتي (جاندار) مادي جي تياريءَ لاءِ تجربيگاهه آهن. اناج جي پيداوار لاءِ زرعي مرڪز، ۽ اوزار ۽ مشينون تيار ڪرڻ لاءِ ڪارخانا موجود آهن. گرمي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون بٺيون ۽ روشني ۽ آواز جي تجربن لاءِ وڏا وڏا ڪمرا آهن. ”اسان جي انجڻ-گهرن ۾ شين کي چرپر ۾ آڻڻ لاءِ مشينون لڳل آهن.“
اهو ڄاڻڻ لاءِ ته علمن ۽ فنن جي دنيا ڪيتري ترقي ڪئي آهي، ڪاليج پنهنجا فني وفد ٻين ملڪن ڏانهن به موڪليندو آهي. نين ايجادن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ ڪانفرنسون ٿينديون آهن، ٻيٽ جا رهاڪو پنهنجن محققن جو ڏاڍو احترام ڪندا آهن ۽ ”جڏهن به ڪا غير معمولي ايجاد ٿيندي آهي ته اسان پنهنجي مَوجد جو مجسمو نصب ڪندا آهيون ۽ ان کي ڍير انعام ڏيندا آهيون.“ ماڻهو ڏاڍا پارسا ۽ پرهيزگار آهن پر پارسائيءَ جو مقصد پنهنجي تخليقي توانائيءَ جو تحفظ آهي ۽ اخلاقي براين کان بچڻ سان عزت نفس پيدا ٿيندي آهي.
پر بيڪن جو ائٽلانٽس ملوڪيت آهي. ان جو آئين، جنهن کي رياست جي باني ”سلومنا“ نافذ ڪيو هو، ترميم هيٺ آڻي نه ٿو سگهجي يعني اتان جي رهاڪن هيءَ رياست پنهنجي جدوجهد وسيلي حاصل نه ڪئي آهي، پر اها هڪ خدا ترس حڪمران جي عنايت آهي. ان خيالي جنت ۾ طبقا به موجود آهن، ته ذاتي ملڪيت به. مثال طور لکيل آهي ته:
”ڏِڻن جي موقعي تي جيڪڏهن ڪو گهراڻو تڪليف ۾ هوندو آهي، ته ان جي مدد ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي گذر جو مناسب بندوبست هوندو آهي. شهري وڏا ماڻهو (صاحب لوڪ) ۽ سرڪاري حاڪم زرق برق پوشاڪون پائيندا آهن ۽ خدمتگار ۽ نوڪر انهن جي خدمت ڪندا آهن. گهر جي بزرگ جي اطاعت (چوڻ ۾ رهڻ ) لازمي آهي.“
رياست جي رهاڪن کي نه ته نظم ۽ انتظام ۾ شريڪ ڪيو ويندو آهي ۽ نه معيشت ۾. اهي رڳو تماشائي آهن. ضرورت جي شين جي پيداوار ۽ ورهاست جا فرض ڪجهه سائنسدان ۽ ماهر مشين جي مدد سان پيدا ڪندا آهن. اتي پهچي بيڪن پنهنجي سائنسي تخيل کان خوب ڪم وٺي ٿو ۽ اهڙين عجيب عجيب ايجادن جو ذڪر ٿو ڪري جو پڙهي حيرت ٿي ٿئي.
”اسان پکين جي اُڏام جو نقل ڪندا آهيون تنهنڪري اسان ڪڏهن ڪڏهن هوا ۾ اڏندا به آهيون. اسان وٽ پاڻيءَ ۾ هيٺ ويندڙ ٻيڙيون (آبدوز) ۽ جهاز (ٻيڙا) آهن ۽ قسمين قسمين واچون ۽ اهڙيون شيون به آهن جيڪي لاڳيتو چرپر ۾ رهن ٿيون.“
مطلب ته نيو ائٽلانٽس ۾ سڄو ڪرشمو سائنس جو آهي. سائنس، جيڪا تحقيق ۽ کوجنا جي تلقين ڪري ٿي، ايجاد ۽ ڳولا جون راهون ڏيکاري ٿي ۽ جنهن جي مذهب ۾ روايت ۽ تقليد (پوئواري) جي بتن جي عبادت حرام آهي.
بيڪن اهو ڪتاب بادشاهه جيمز اول کي خوش ڪرڻ لاءِ لکيو هو. هن جو خيال هو ته جيمز جيڪو ڏاڍو روشن خيال پيو ٿئي، سائنس ڪاليج جي رٿا کي ضرور پسند ڪندو ۽ عتاب ٿيل بيڪن کي بحال ڪندو، پر ائين نه ٿيو. ٿيو اهو ته 1645ع ۾ لنڊن ۾ پارليامينٽ جي حڪم سان "ڪاليج آف فلاسافي" قائم ٿيو. ان جي باني ساموئيل هارٽب اعلان ڪيو ته هن ڪاليج جو محرڪ بيڪن جي تصنيف نيو ائٽلانٽس آهي ۽ 1662ع ۾ جڏهن ان ڪاليج ترقي ڪري رائل سوسائٽيءَ جي شڪل ورتي ته ان جي بانين به بيڪن کي عقيدت جو خراج پيش ڪندي چيو ته ”اسان حقيقت ۾ بيڪن جي بيت سليمان جي منصوبي کي عملي ويس پارائي رهيا آهيون.“
بيڪن جي ان تصنيف کان رڳو ان جا هم وطن دانشور ئي متاثر نه ٿيا پر فرانسي انسائيڪلوپيڊيا جي تحريڪ جي باني ديدرو پنهنجي منصوبي جو اعلان نامو به بيڪن جي تعليم جي روشني ۾ مرتب ڪيو هو. هو لکي ٿو ته:
”جيڪڏهن اسان جو منصوبو ڪامياب ٿي ويو ته ان جو تاج چانسلر بيڪن جي سر تي هوندو، جنهن اهڙي زماني ۾ سائنس ۽ آرٽ جي هڪ بين الاقوامي لغت (ڊڪشنريءَ) جي تجويز پيش ڪئي هئي، جڏهن دنيا ۾ نه سائنس جو وجود هو ۽ نه آرٽ جو. ان غير معمولي ڏاهي علم جي ضرورت جي باري ۾ ان وقت لکيو، جڏهن معلومات جي تاريخ لکڻ ناممڪن هو.“

[b]ليولرز جي تحريڪ
[/b]برطانيا ۾ بادشاهه جِي ڄمت (مطلق العناني) خلاف سرمائيدارن جي جمهوري تحريڪ جيمز اول جي دؤر (1603ع-1625ع) ۾ ئي شروع ٿي وئي هئي. ان ڪري پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر اهو مطالبو شدت اختيار ڪندو پئي ويو ته ملڪي معاملن جا فيصلا شهرين جي صلاح کان سواءِ نه ڪيا وڃن ۽ جڏهن چارلس اول (1625ع-1649ع) تخت تي ويٺو ته ان تحريڪ اڃا وڌيڪ تيزي اختيار ڪئي. بادشاهه ۽ پارليامينٽ جي ان ڇڪتاڻ جي هلندي جتي جمهوري نظرين واڌارو پاتو، اتي انقلابي تحريڪون به اسريون. مثال طور، ليوِلرز جي تحريڪ، جيڪا زمين تان بي دخل ٿيندڙ هارين جي تحريڪ هئي. ليولرز زمين کي سنئون ڪرڻ وارن کي چئبو آهي. سياسي اصطلاح ۾ ان جو مطلب طبقاتي هيٺ مٿاهينءَ کي ختم ڪري سنئون ڪرڻ وارا ٿيندو. ليولرز سرمائيداري نظام جا ڏنگيل هئا. انهن جا اڳواڻ سرمائيداري جي نالي چڙهي جمهوريت پسندي جي اصل حقيقت کان واقف هئا. انهن ڄاتو پئي ته سرمائيدار طبقو عوام کي رڳو پنهنجو هم آواز بڻائڻ لاءِ جمهوري جا نعرا هڻي رهيو آهي، نه ته ان جو مقصد پنهنجي طبقي جي حاڪمي قائم ڪرڻ آهي، نه ڪي عوام جي حاڪمي. پر ليولرز جي تحريڪ ڪڏهن به عوامي تحريڪ بڻجي نه سگهي، ڇو ته انهن ماڻهن پراڻي مسيحي برادريءَ کي نئين سر رواج ڏيڻ پئي چاهيو جڏهن ته گذريل زمانو موٽي نه ايندو آهي. ان فرقي جي هڪ شاخ ڊِگرز سڏائيندي هئي يعني زمين کوٽڻ وارا. اهي ماڻهو افتاده زمينن تي قبضو ڪري وٺندا هئا ۽ ٻني ٻارو شروع ڪري ڇڏيندا هئا. انهن جو عقيدو هو ته زمين خدا جي ملڪيت آهي ان ڪري ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو حق نه ٿو ملي ته اهو زمين کي ذاتي استعمال ۾ آڻي. ان ڪري هو بادشاهت ۽ جائداد ٻنهي جي مخالفت ڪندا هئا. هنن پنهنجي پهرين منشور ۾ لکيو هو ته ”بادشاهه شيطان ۽ قاتل آهي ۽ امير ۽ عهديدار (وڏا ماڻهو) حرامزاده آهن ــــــ اهي چوري، ڌاڙي ۽ قتلام جو اولاد آهن.“ ڊِگرز جو مطالبو هو ته زمين ۽ زمين جي پيداوار ۾ سڀ جو هڪ جيترو حصو هئڻ گهرجي.
اهو منشور جنهن تي 15 ڊگرز جون صحيحون پيل هيون 26-اپريل 1649ع ۾ ”سچن ليولرز جو جهوليندڙ جهنڊو“ جي عنوان سان شايع ٿيو. منشور ۾ لکيل هو ته:
”شروع ۾ جهان جي خالق، جيڪو عقل ڪل آهي، چرندڙن، پکين ۽ مڇين جي بقا لاءِ زمين کي گڏيل ذخيرو بڻايو ۽ انسان کي، جيڪو اشرف المخلوقات آهي، انهن جو آقا مقرر ڪيو. تخليق جا قانون اهي هئا ته ڪو به ماڻهو زمين جي ڪنهن به ٽڪري کي پنهنجي لاءِ مخصوص نه ڪري، پر سڀ ماڻهو هڪ جان ٿي ڪم ڪن ۽ هڪ ٻئي جي اولاد ۽ هڪ گهراڻي جا رڪن ٿي رهن. ڪو به ڪنهن جو حاڪم نه هجي پر سڀ هڪ ٻئي جي برابر هجن، پر گوشت پوشت جي انسان کي عقل ۽ سڌي راهه تي هلڻ بدران شين جي استعمال ۾ مزو اچڻ لڳو ۽ عقل جي ايوان ۾ خودغرضيءَ جي بادشاهي قائم ٿي وئي ۽ لالچ ۽ لوڀ جو زور ٿيو. تڏهن هڪڙا حاڪم ٿيا ۽ ٻيا محڪوم ۽ روح مري ويو ۽ انسان غلام ٿي ويو ۽ حاڪمن زمين چوڌاري لوڙها ڇڪائڻ شروع ڪيا ۽ ٻيا انهن جا نوڪر ٿي ويا ۽ هاڻي زمين، جيڪا سڀني لاءِ گڏيل ذخيرو هئي، ماڻهن جي ملڪيت طور وڪامڻ ۽ خريد ٿيڻ لڳي... اسان سڀ ٻني کيڙينداسون ۽ پگهر جي ڪمائيءَ مان پنهنجو پيٽ ڀرينداسون، نه ڪنهن جي مزوري ڪنداسون ۽ نه ڪنهن کان اجوري تي ڪم وٺنداسون ۽ اهڙيءَ طرح غريب ۽ امير، ٻنهي لاءِ، زمين کي گڏيل ذخيرو بڻائڻ جو بنياد رکنداسون، ته جيئن هر ان شخص کي، جيڪو هن ملڪ ۾ پيدا ٿيو آهي، ڌرتي-ماتا مان فيض ملي سگهي.“
ڊگرز جو سڀ کان وڏو رهنما وِن اسٽنلي (Win Stanley) هو. هُو 1609ع ۾ پيدا ٿيو ۽ وڏو ٿي لنڊن ۾ ڪاروبار ڪرڻ لڳو، پر گهرو ويڙهه جي زماني ۾ نقصان پيس، ته شهر ڇڏي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. گهريلو جنگ جون حالتون، شاهه پرستن جي شڪست ۽ جمهوري تحريڪن جي واڌاري جو اثر ون اسٽنلي تي ڏاڍو پيو. کيس يقين ٿي ويو ته مسيحي برابريءَ لاءِ هاڻي حالتون پچي راس ٿيون آهن. انهيءَ دوران هن کي خواب ۾ طرحين طرحين بشارتون ملڻ لڳيون ۽ يسوع مسيح ساڻس ڪلام ڪرڻ لڳو. هڪ ڀيري مسيح اسٽنلي کي چيو ته:
”جيڪڏهن هڪ ماڻهو زمين تي ڪم ڪري ٿو ۽ ٻيو ان تي حڪومت ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڪم ڪندڙ کان اوچو/اعلى سمجهي ٿو، ته خداوند خدا ڪم ڪندڙ سان گڏ هوندو. اي ون اسٽنلي! اُٿُ ۽ دنيا وارن کي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.“
ون اسٽنلي وچين دؤر جي مسيحي سوشلزم واري انداز ۾ ڪيترائي رسالا لکيا جن ۾ زمين کي ذاتي ملڪيت بدران گڏيل ملڪيت بنائڻ جي تلقين ڪيل هئي.
هن پنهنجي هڪ تصنيف ”آزاديءَ جو قانون“ ۾، جيڪا 1652ع ۾ ڇپِي، هڪ مثالي دولت مشترڪه جو منصوبو به پيش ڪيو هو. ان ڪتاب ۾ ون اسٽنلي حڪومت جي سڃاڻپ ڪرائيندي لکيو هو، ته حڪومت نالو آهي زمين جي آزاد ۽ عاقلاڻي تدوين ۽ انسانن جي طرزِ عمل جي تنظيم جو. ان لاءِ حڪومت ڪجهه قانون ۽ ضابطا ٺاهي ٿي ته جيئن ملڪ جا رهاڪو سڪون، آرام ۽ بي فڪريءَ سان حياتي گذاري سگهن. حڪومت جا فرض پارليامينٽ جي ذمي هئڻ گهرجن، جيڪا هر سال چونڊي وڃي. پارليامينٽ جا فرض چار هئڻ گهرجن:
1. دولت مشترڪه جي سموري زمين هارين جي حوالي ڪئي وڃي ته جيئن اهي آزاديءَ سان جيڪو چاهن سو پوکن ۽ ڪو به نواب يا جاگيردار انهن کي تنگ نه ڪري. ان ۾ سرڪاري زمين، پادرين جي زمين، جهنگ ۽ شڪارگاهه سڀ شامل هجن.
2. اهي سڀ قانون مسخ ڪيا وڃن جن جي سهاري ظالم طبقو ماڻهن کي تنگ ڪري ٿو ۽ اهڙا قانون نافذ ڪيا وڃن جن وسيلي ماڻهن جي آزاديءَ جو تحفظ ٿي سگهي.
3. عوام تي محصولن ۽ ناڪن جو جيڪو بار آهي، اهو ختم ڪيو وڃي.
4. ملڪ جي بچاءَ لاءِ فوج تيار ڪئي وڃي.
انهن قانونن تي عمل ڪرڻ لاءِ سرڪاري آفيسر مقرر ڪيا وڃن، پر انهن جي چونڊ هر سال ٿئي ۽ اهي اهڙا ماڻهو هجن جن شاهي ظلم جون سختيون سٺيون هجن ۽ جن جون زمينون نوابن ۽ سرمائيدارن ضبط ڪري ورتيون هجن. اهي اهڙا ماڻهو هجن جيڪي سچ چوڻ کان نه ڊڄندا هجن ۽ جن جي عمر 40 سالن کان گهٽ نه هجي.
هر پرڳڻي جي هڪ چونڊيل امن ڪاميٽي هجي جيڪا پرڳڻي جي نظم ۽ نسق جي نگراني ڪري ۽ جهيڙي جهٽي کي بند ڪري ۽ جيڪڏهن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪو ٽڪر هجي ته ان جو فيصلو ڪري ۽ اهو جيڪڏهن ناڪام ٿئي ته جج جي عدالت کان پڇي. نوابن کي هنر سيکارڻ لاءِ به هڪ ڪاميٽي چونڊي وڃي. اها ڪاميٽي گڏيل پيداوار جي ذخيري اندوزيءَ ۽ مناسب ورڇ جو بندوبست به ڪري. اهو ڪم 60 سالن کان وڏي عمر وارن جي حوالي ڪيو وڃي.
تعليم عام ۽ لازمي هجي، پر مدرسن ۾ رڳو نصابي ڪتاب نه پڙهايا وڃن. ٻارن کي اهڙا ڪم به سيکاريا وڃن جن ۾ جسماني محنت گهرجي. تحقيق ۽ تجربي جي حوصلي افزائي هجي ۽ نين نين ايجادن لاءِ مناسب موقعا مهيا ڪيا وڃن ۽ جيڪو ماڻهو ڪا نئين ايجاد ڪري ان کي مناسب انعام ڏنو وڃي. اعتقاد ۽ تخيل بدران علم ۽ تجربي تي زور ڏنو وڃي.
ان دولت مشترڪه ۾ ڪاهليءَ يا جنسي بي راهه رويءَ يا لاقانونيت جي ڪا به گنجائش نه هوندي، پر دولت مشترڪه جي هر رڪن جو فرض محنت ڪرڻ هوندو. زمين، ورڪشاپ ۽ گودام، سڀني جو انتظام گڏيل هوندو. سِڪو رائج نه هوندو پر پورهيي جو بدلو پورهيو هوندو. گهريلو زندگيءَ جو بنياد هڪ مڙس ۽ هڪ زال جي اصول تي هوندو ۽ گهر وارن جي ضرورت جي هر شَي گڏيل گودام مان ملندي.
پر ڊگرز جو اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيو. هنن 1649ع ۾ ٻن ٽن ويران زمينن تي قبضو ڪري ٻني ٻارو شروع ڪيو، پر ڳوٺ وارن انهن جو ساٿ نه ڏنو. ان جي ابتڙ حڪومت سان انهن جي شڪايت ڪئي، تنهنڪري پوليس اچي کين ماري ڀڄايو ۽ ڊگرز جي تحريڪ هڪ سال اندر ئي ختم ٿي وئي.

[b]مڪاريا جي بادشاهي
[/b]جن ڏينهنِ ۾ چارلس پهرين ۽ پارليامينٽ ۾ ڇڪتاڻ ٿي رهي هئي، تڏهن ساموئيل هارٽلِب (Hartlib) نالي هڪ سياسي مفڪر ”مڪاريا جي بادشاهي“ جي نالي هيٺ هڪ ڪتاب 1641ع ۾ شايع ڪيو. هارٽلِب پولئنڊ مان ڀڄي آيو هو. هُو ڏاڍو عالم فاضل ماڻهو هو ۽ زراعت جي ماهر جي حيثيت ۾ برطانيا جي ڪجهه حلقن ۾ سندس اثر به هو. سندس لاڙو جمهوريت طرف هو، ان ڪري هن پنهنجي تصنيف پارليامينٽ جي نالي منسوب ڪئي ۽ لکيو ته:
”مون کي يقين آهي ته هيءَ معزز عدالت پنهنجو اجلاس ختم ڪرڻ کان اڳ دنيا جي مسرت جو پايو وجهندي، ان ڪري مان هيءَ حقير ڪوشش عدالت جي خزاني حوالي ڪيان ٿو. ان مجلس جي استاد يا مشير جي حيثيت ۾ نه، پر پنهنجن خيالن کي افسانوي انداز ۾ بيان ڪري، جيڪي منهنجي نظر ۾ سر ٿامس مور ۽ فرانسس بيڪن جا نمونا آهن.“
مڪاريا جي بادشاهت، حقيقت ۾، افلاطون جي مڪالمن جيان هڪ سياح ۽ عالم جي وچ ۾ گفتگوءَ واري انداز ۾ لکي وئي آهي.
مڪاريا جي لغوي معنى ”برڪت ڀريو“ آهي ۽ هارٽلِـب اهو اصطلاح سر ٿامس مور جي ”يوٽوپيا“ مان اڌارو ورتو آهي. سر ٿامس مور جي بيان موجب مڪاريا جو ٻيٽ ”يوٽوپيا“ (ٻيٽ) جي ڀرسان هو. داستان جي شروع ۾ هڪ سياح جي ملاقات هڪ عالم سان ٿئي ٿي. سياح پنهنجي سفر جون حالتون بيان ڪندي چوي ٿو:
”مڪاريا هڪ بادشاهي آهي، جنهن ۾ بادشاهه ۽ حاڪم بي فڪريءَ سان رهندا آهن ۽ ماڻهو ڏاڍا خوش ۽ امن پسند آهن.“
عالم چوي ٿو: ”مون کي اهي ڳالهيون ناممڪن نظر اچن ٿيون.“
تنهن تي سياح کيس مڪاريا جون حالتون تفصيل سان سمجهائي ٿو.
مڪاريا ان لحاظ کان سر ٿامس مور ۽ بيڪن جي منصوبن کان مٿڀريو آهي جو ان ۾ پهريون ڀيرو اهو خيال ظاهر ڪيو ويو هو ته مثالي رياست ڪنهن خدا ترس بادشاهه جي ڪري نه قائم ٿيندي پر ان لاءِ عوام جي مرضي گهرجي. انهن کي دليلن سان اهڙي رياست جا فائدا سمجهائڻا پوندا.
مصنف کي يقين هو ته ڪنهن هوشمند ماڻهوءَ کي سندس تجويز قبول ڪرڻ ۾ عذر نه هوندو، خاص طور برطانيا ۾. اهو ئي سبب آهي جو هن وٽ مخالفت ڪرڻ وارا خدا ۽ خير جا دشمن آهن ۽ پنهنجا ۽ پنهنجي اولاد جا دشمن آهن.
سائنسي تجربن جيان سترهين صدي انگلستان ۾ آئيني تجربن جي صدي به هئي. سرمائيدار طبقو بادشاهه ۽ ان جي درٻارين جي ڄَمت (مطلق العناني) کان ڪَڪ هو، پر اڃا اهو فيصلو ڪري نه سگهيو هو ته مطلق العنان بادشاهيءَ جي جاءِ تي ڪهڙي قسم جي حڪومت قائم ڪئي وڃي، جيڪا جديد دؤر جي تقاضائن کي پورو ڪندي هجي؟ بادشاهي اڃا رهي يا ختم ڪئي وڃي؟ جيڪڏهن اڃا رهي ته بادشاهه جا اختيار ڪهڙا هجن ۽ پارليامينٽ جا ڪهڙا هجن؟ پارليامينٽ ۾ نمائندگيءَ جا اصول ڪهڙا هجن ۽ پارليامينٽ ۽ بادشاهه جي لاڳاپن جي نوعيت ڪهڙي هجي؟ چارلس پهرئين جو دؤر پوءِ گهريلو لڙائي، ڪرامويل جي نام نهاد جمهوريت ۽ وري ملوڪيت جي بحالي ان آئيني جدوجهد جا مختلف ڏاڪا آهن.
مڪاريا انقلاب جي شروعاتي ڏينهن جي تصنيف هئي. ان جو بنياد سوشلزم بدران رياستي سرمائيداريءَ جي اصولن تي قائم ڪيو ويو هو يعني اقتدار هجي ته سرمائيدارن جو، پر هڪ منصوبي هيٺ ڪنهن ٻي ٽولي کي زور زبردستيءَ جي موڪل نه هجي، پر جيڪو به ڪم ڪيو وڃي اهو حڪومت جي مرضيءَ سان. ان ڪري ملڪ جو انتظام هڪ وڏيءَ ڪائونسل جي حوالي هجي ۽ ان جي هيٺان ننڍيون ننڍيون ڪائونسلون هجن. مثال طور ماهي گيريءَ جي ڪائونسل، خشڪيءَ رستي واپار جي ڪائونسل، سامونڊي واپار جي ڪائونسل ۽ زراعت جي ڪائونسل. زرعي زمين هارين ۾ اهڙيءَ طرح وراهي وڃي جيئن هر ماڻهوءَ کي رڳو ايتري زمين ملي جيتري هو پاڻ کيڙي سگهندو هجي. وفات ڪندڙ جي ملڪيت مان پنج سيڪڙو رياست جي حوالي ڪيو وڃي ۽ ان رقم مان پُليون ۽ رستا ٺاهيا وڃن ۽ زراعت کي سٺو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
گهريلو جنگ جي خاتمي کان پوءِ، جن ڏينهن ۾ برطانيا ۾ ڪرامويل جو راڄ هو، هيرنگٽن نالي هڪ ماڻهوءَ اوشيانا (Oceana) نالي ڪتاب لکيو جيڪو 1656ع ۾ شايع ٿيو. هيرنگٽن جي عمر ان وقت 45 سالن ويجهو هئي. هن ڪڏهن به عملي سياست ۾ حصو ته نه ورتو هو پر يورپ جي گهڻن ملڪن جو سير ڪيو هو ۽ اتان جي آئينن ۽ قانونن جو خوب مطالعو ڪيو هو، خاص طرح هالينڊ ۽ وينس جي دولتمند واپارين جي جمهوريتن جو. هُو يونان ۽ روم جي قديم تاريخ کان به چڱيءَ طرح واقف هو ۽ جمهوريت تي سچيءَ دل سان يقين رکندو هو. اهڙي جمهوريت جنهن ۾ بادشاهه جي ڪا به گنجائش نه هئي. جڏهن ته ان زماني ۾ وڏي کان وڏو جمهوريت پسند سياستدان به بادشاهت جي مڪمل خاتمي جي باري ۾ سوچي به نه سگهندو هو.
هيرنگٽن گهريلو ويڙهه ۾ شريڪ نه ٿيو هو پر جڏهن ڪرامويل جي جمهوريت قائم ٿي، ته هيرنگٽن ان جي آجيان ڪئي. ان ڪري هن پنهنجي تصنيف ڪرامويل جي نالي منسوب ڪئي هئي. هن کي يقين هو ته ڪرامويل ۽ ان جا ساٿي سندس تجويزن تي عمل ڪندا. اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ هڪ مثالي آئين نافذ ٿي ويندو.
هيرنگٽن پنهنجو ڪتاب ڪرامويل جي نالي منسوب ته ڪيو پر مصيبت اها هئي ته ڪتاب جي هيرو ميگالاسور (Megalasor) کي، جيڪو ڪرامويل جو چرٻو هو، پنهنجي اقتدار جي عروج وقت استعيفا ڏئي، هڪ آزاد ريپبلڪ قائم ڪرڻي ٿي پوي. ڪرامويل جي احتساب واري اداري کي اها تجويز پسند نه هئي. ان ڪري ڪيترن سالن تائين ڪتاب شايع نه ٿي سگهيو. ڪرامويل مسودو پڙهي چيو:
”هي ماڻهو مون کي اقتدار کان محروم ڪرڻ ٿو چاهي، جڏهن ته مون جيڪا طاقت تلوار جي زور تي حاصل ڪئي آهي، ان تان ڪاغذ جي گولين کان ڊڄي هٿ نه کڻندس. شخصي حڪومت مون کي ايترو ئي ناپسند آهي جيتري ٻين کي، پر مان اهي اختيار ان ڪري استعمال ڪري رهيو آهيان جيئن ملڪ جي مختلف جماعتن وچ ۾ صلح قائم رهي. جيڪڏهن مان ان کي آزاد ڇڏيان ته اهي حڪومت جي طرز جي باري ۾ ڪڏهن به متفق نه ٿينديون.“
ڪرامويل جمهوريت پسند جماعت جي طبقاتي تضاد کان واقف هو ۽ اها ئي اها بنيادي خامي هئي جنهن جي ڪري برطانيا ۾ جمهوريت جو تجربو ناڪام رهيو ۽ آخرڪار بادشاهت بحال ٿي وئي.
هيرنگٽن هڪ خوشحال زميندار هو تنهنڪري هن پنهنجي منصوبي جو بنياد به زرعي سڌاري تي رکيو. هونئن به سترهين صديءَ ۾ ملڪيتن جي سڀ کان اهم شڪل زمين ئي هئي. هن جو خيال هو ته زمين جي ملڪيت وسيلي ئي سماجي نظام کي سڃاڻي سگهجي ٿو. ”زمين ۾ ملڪيت جو جيترو حصو هوندو مملڪت جي نوعيت به اهڙي ئي هوندي، جيڪڏهن زمين جو مالڪ رڳو هڪ ماڻهو هجي ته مملڪت بادشاهي سڏي ويندي. جيڪڏهن امير ۽ پادري حضرتَ زمين جا مالڪ هوندا ته مملڪت ملي جلي ملوڪيت هوندي، جيئن اسپين، پولينڊ يا اڳوڻي اوشيانه (برطانيا) ۾ آهي، پر سڀ ماڻهو زمين جا مالڪ هجن يا زمين ماڻهن ۾ اهڙيءَ طرح ورهائجي، جو ڪو به هڪ ماڻهو يا ڪجهه ماڻهو ٻين تي حاوي نه هجن تڏهن اهڙي مملڪت کي دولت مشترڪه جي نالي سان منسوب ڪنداسون.“
هيرنگٽن زمين جي برابر ورهاست جو قائل نه هو، پر سندس تجويز هئي ته هڪ فرمان جاري ڪيو وڃي جنهن وسيلي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻن هزار پائونڊن جي قيمت کان وڌيڪ زمين رکڻ جي اجازت نه هجي. برطانيا ۾ موروثي جائداد سڀني کان وڏي پٽ کي ملندي آهي. هيرنگٽن چاهيو پئي ته اهو قانون منسوخ ٿي وڃي ۽ هر اولاد کي هڪ جيترو ورثو ملي، ته جيئن وڏين وڏين زميندارين جا ٽڪرا ٿيندا رهن.
نظم ۽ نسق جي سڌاري لاءِ هيرنگٽن جي تجويز اها هئي ته پارليامينٽ ۽ سڀني اهم انتظامي ادارن جا سربراهه ڳجهن ووٽن جي اصول تي چونڊيا وڃن. چونڊيل ماڻهن جو چوٿون حصو هر سال استعيفا ڏي ۽ انهن جي جاءِ تي نوان ماڻهو چونڊيا وڃن. مقصد اهو ته ملڪ جي نظم ۽ نسق تي هڪ ٽولي جي هڪ هَٽي نه ٿئي پر ان ڪم ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو شريڪ ٿي سگهن.
هيرنگٽن جو ڪتاب ايترو ته قبول ٿيو جو برطانيا ۾ ان جي حامين جي باقاعدي هڪ پارٽي ٺهي وئي. ان پارٽيءَ جنوري 1659ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ان جا ڏهه ٻارهن اميدوار ڪامياب ٿي پارليامينٽ جا رڪن چونڊجي ويا.
بادشاهت جي احيا (نئين سر اچڻ) کان پوءِ برطانيا ۾ ته هيرنگٽن جو اثر جلد ئي ختم ٿي ويو پر آمريڪا ۽ فرانس ۾ ان جي پوئلڳن جو تعداد وڌندو رهيو. ان ڪري آمريڪا جي آزاديءَ جي جنگ جا ٻه مشهور اڳواڻ جان ايڊمس ۽ جيمز اوٽس ان جا زبردست مداح هئا. رياست ميسا چوسٽ جي آئين تي هيرنگٽن جي نظرين جي گهري ڇاپ آهي. ميسا چوسٽ ۾ ته ايترو جوش هو جو ڪجهه ماڻهن باقاعدي اها تجويز پيش ڪئي ته رياست جو نالو بدلائي اوشيانا رکيو وڃي.

______
 John Burnet: Early Greek Philosophy. P- 52. New York. 1957.
 پلوٽارڪ منقول: از برنٽ
 Fredrick Lange: History of Materialism. P- 17. London. 1965.
 Max Beer: History of British Socialism. P- 62-63. London. 1953.
 Morten: The English Utopia. P- 75. London. 1952.