باب ٽيون : اسپارٽا جو فوجي ڪميونزم
پراڻي زماني ۾ بلقان ٻيٽ جو سڀ کان ڏاکڻو علائقو اسپارٽا سڏبو هو. هيءُ نج زرعي علائقو هو. اتي ڊورين قوم جا ماڻهو آباد هئا ۽ انهن جو بنيادي ڌنڌو ٻني ٻارو ڪرڻ هو. اسپارٽا جي اتر ۾ ايٿنـز جو علائقو هو. اتي آيونين قوم جا ماڻهو آباد هئا. انهيءَ نالي پٺيان اڳتي هلي هن سڄي ملڪ کي يونان ۽ اتان جي ماڻهن کي يوناني سڏيو ويو. ايٿنـز جا ماڻهو واپاري هئا ۽ سامونڊي واپار ۾ انهن جي جتيءَ ۾ ڪو پير وجهي نه سگهندو هو. آيونين ۽ ڊورين قومون هڪ ٻئي جون حريف قومون هيون. ايٿنـز ۽ اسپارٽا، ٻنهي جاين تي شهري رياستون قائم هيون جيڪي مڙئي پيون هڪ ٻئي جي ڪن-مهٽ ڪنديون هيون.
اسپارٽا جي سماجي سڌارن جو ذڪر سڀ کان اول تاريخ جي ابي هيروڊوٽس (484-425 ق.م) جي تصنيف ”تاريخ“ ۾ ملي ٿو. هو لکي ٿو:
"قديم دؤر ۾ سڄي يونان ۾ سڀ کان وڌيڪ خراب حڪومت جيڪڏهن ڪا هئي، ته اها هئي اسپارٽا. اهي ڌارين سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه رکندا هئا، پر هينئر انهن جي حڪومت ڏاڍي سٺي آهي.“
ان کان پوءِ هو ان حيرت جهڙي تبديليءَ جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو:
”اسپارٽا جو لائي ڪرگس نالي هڪ عمدو شهري هڪ ڀيري ڊلفي جي مندر ۾ ويو. اتان جي وڏي پوڄاريءَ (مها پروهت) هن تي حڪومت هلائڻ جا اهي طريقا ظاهر ڪيا، جيڪي اڄ تائين اسپارٽا ۾ رائج آهن، پر اسپارٽا وارن جو چوڻ آهي ته لائي ڪرگس جڏهن اسپارٽا جي اڳوڻي بادشاهه ۽ پنهنجي ڀائٽي ليوتس جو استاد مقرر ٿيو، تڏهن هن اهي قانون ڪريٽِ مان حاصل ڪيا، ڇو ته استاد ٿيڻ کان هڪدم پوءِ هن اسپارٽا جي قانون ۾ بنيادي تبديليون ڪيون ۽ ان ڳالهه جو به پورو بندوبست ڪيو ته ڪو ماڻهو انهن قانونن کي رد ڪري نه سگهي، پوءِ هن فوج جي نئين سر تنظيم ڪئي ۽ گڏيل لنگر (کاڌي کائڻ) کي رائج ڪيو.“ (ص: 73. باب 1)
لائي ڪرگس يونان جي هڪَ اڌُ-تاريخي ۽ اڌ-افسانوي شخصيت آهي. سندس جنم ۽ موت جي باري ۾ ڪا به ڳالهه يقين سان چئي نه ٿي سگهجي. تاريخدانن جو اندازو آهي ته هو حضرت عيسىؑ کان اٺ نوَ سال اڳ پيدا ٿيو. هڪڙي روايت آهي ته هن مصر، وچ ايشيا ۽ هندستان جو به سفر ڪيو. هن جو استاد ٿيڻ تاريخ ۾ ثابت آهي، پر اسپارٽا جو جيڪو مخصوص سماجي نظام قائم ٿيو، ان جو سمورو اعزاز لائي ڪرگس کي ملڻ گهرجي يا نه، ان باري ۾ اختلاف جي ڏاڍي گنجائش آهي. اسان کي وِل ڊيورانٽ جي اها راءِ اهم لڳي ٿي ته:
”سڌاري جا هي مثال ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ جي قانون سازيءَ جو نتيجو نه آهن، پر مختلف قاعدا ۽ رواج هئا، جن کي قانونن جي صورت ۾ آندو ويو ۽ سهولت خاطر ان ماڻهوءَ سان منسوب ڪيا ويا جنهن انهن قانونن جي ترتيب ڏني.“
ڊيورانٽ جي راءِ آهي ته اسپارٽا جا قانون ۽ دستور ڪنهن هڪ شخص ڪو نه لکيا، پر مختلف وقتن ۾ مختلف ماڻهن اهو ڪم پئي ڪيو، سڌارن جي شروعات شايد لائي ڪرگس ڪئي تنهنڪري پوءِ ڪيل سڌارا به سندس نالي منسوب ٿي ويا.
جڏهن لائي ڪرگس استاد قرر ٿيو، تڏهن اسپارٽا جي زرعي زمين ڪجهه گهراڻن جي ملڪيت هئي باقي ٻيا ماڻهو هارين يا سرڙين جيان ٻنين ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻنيءَ تي انهن جو ڪو حق نه هو. لائي ڪرگس آباد زمين جا 39-هزار هڪ جيترا ٽڪرا ڪيا ۽ انهن کي کيڙيندڙن ۾ هڪ جيترو ڪري ورهايو.
لائي ڪرگس اميرن جي نه تبديل ٿيندڙ (غير منقول) جائداد ــــــ سونُ، چاندي، زيور وغيره، به زمين جيان ماڻهن ۾ برابر ڪري ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪاميابي نه ٿي، تنهنڪري هن هڪ ٻيو نئون طريقو استعمال ڪيو. هن سونَ ۽ چانديءَ جو دولت جي حيثيت ۾ استعمال بند ڪري ڇڏيو يعني ڪو به ماڻهو سونَ يا چانديءَ جي بدلي ۾ ڪا شَي خريد ڪري يا وڪڻي نه ٿو سگهي. انهن قيمتي ڌاتن جي جاءِ تي هن لوهه رائج ڪيو ۽ ان جو ملهه ايترو ته گهٽائي ڇڏيو جو پنج سَو رپين کن جو لوهه رکڻ لاءِ هڪ سڄي ڪمري جي ضرورت ٿي پئي. ايترو وزني (پر گهٽ ملهه وارو) سامان چور چوري ڪري نه پئي سگهيا ۽ نه ئي اهو رشوت ۾ ڏئي سگهجي پيو. لوهه کي مَٽا سَٽا جو سِڪو بڻائڻ ۽ سونَ چاندي جي خريد ۽ وڪري کي ختم ڪرڻ ڪري قيمتي ڌاتن جي اقتصادي اهميت ته ختم ٿي وئي پر سماج ۾ انهن جي حيثيت به ڪِري پئي. سونُ ۽ چاندي جيڪي ان وقت تائين دولت ۽ عزت جي نشاني هئا، ماڻهن جي نظر ۾ پنهنجي عزت ڪيرائي ويٺا. لائي ڪرگس جي دستور موجب اسپارٽا جي شهرين لاءِ لنگر ۾ ويهي هڪجهڙو کاڌو کائڻ لازمي هو. کاڌي ۾ رڳو ماني، پنير، شراب، انجير، ڀاڄيون ۽ گوشت ملندا هئا. هر شهريءَ کي اناج ۽ ٻيون شيون مقرر مقدار ۾ ۽ مقرر وقت تي لنگر ۾ پهچائـڻيون هونديون هيون (۽ جيڪڏهن هو ايئن نه ڪندو هو ته) هن کي شهري حقن کان محروم ڪيو ويندو هو.
اسپارٽا جي سياسي تنظيم به يونان جي ٻين شهري رياستن کان مختلف هئي. لائي ڪرگس جي دستور مطابق اتي ٻه بادشاهه هوندا هئا ۽ ٻنهي کي لڳ ڀڳ هڪ جيترا اختيار هئا. هڪڙي مجلس شورى (صلاحڪارن جي ٽولي) هئي جنهن جا ٻنهي بادشاهن سميت ٽيهه ميمبر هوندا هئا. مجلس شورى جي ميمبرن لاءِ 60 سالن کان وڏو هئڻ ضروري هو. ڄڻڪ هيءَ بزرگن جي ٽولي هئي. هن ٽوليءَ کي اسپارٽا جا شهري سڄي عمر لاءِ چونڊيندا هئا پر شهر جا سکيا ماڻهو ئي هن ٽوليءَ جا ميمبر ٿي سگهندا هئا.
ان کان سواءِ هڪ شهري اسيمبلي به هئي. ٽيهن سالن کان وڏي عمر جو هر شهري هن جو ميمبر هوندو هو. هڪ مهيني ۾ هڪ گڏجاڻي ضرور ٿيندي هئي. هيءَ اسيمبلي مجلس شورى جي چونڊ ڪندي، مئجسٽريٽ (منصف، عدل ڪندڙ، جج) ۽ مُکي (Ephors) مقرر ڪندي ۽ جنگ يا صلح ڪرڻ جو فيصلو ڪندي هئي. ظاهري طرح سمورا اختيار اسيمبليءَ جي هٿ ۾ هئا، پر حقيقت ۾ اسپارٽا جي اڇي ڪاري جا مالڪ مُکي هوندا هئا. شروع ۾ پنجن ڳوٺن ملي اسپارٽا جو شهر ٺاهيو هو ۽ هر ڳوٺ جو هڪ مکي هوندو هو، تنهنڪري اسپارٽا ۾ پنجن مُکين جي ريت پئجي وئي. مکين کي ڏاڍا وسيع اختيار حاصل هئا. هو بادشاهه کي به پنهنجي عدالت ۾ سڏڻ جا حقدار هئا. دِيواني مقدمن جي سڀ کان مٿاهين ڪرسي (عدالت) انهن جي هئي ۽ امن ۽ قانون جو تحفظ به انهن جي حوالي هو.
پر اسپارٽا جي هر ماڻهوءَ کي شهري حق حاصل نه هئا. اهو رتبو رڳو انهن ڪجهه هزار ماڻهن کي حاصل هو جن جو تعلق ڊورين قوم سان هو. آباديءَ جي وڏي گهڻائي، جنهن کي هيلات (Helots) سڏيندا هئا، شهريت جي سڀني حقن کان محروم هئي. هيلات حقيقت ۾ اسپارٽا جا قديم رهاڪو هئا يا غلام. هو اسپارٽا جي شهرين جي زمين يا گهرن ۾ ڪم ڪندا هئا. مالڪ انهن کان هر سال 120 بشل اناج ۽ مقرر مقدار ۾ شراب ۽ ميوا وٺندا هئا. باقي بچيل پيداوار غلام پنهنجي استعمال ۾ آڻيندا هئا. انهن ماڻهن (غلامن) جي حياتي ڏاڍي ڏکي هئي. هر سال غلامن جو عام قتل اسپارٽا جي عجيب ريت هئي. اهڙي وقت غلامن جي وسندين تي باقاعدي ڪاهون ٿينديون هيون ۽ مخبرن (چغلن) جي رپورٽ مطابق خود سَر (مٿي ڦرين) ۽ باغي غلامن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو ويندو هو. انهن ظلمن جي ڪري اسپارٽا ۾ غلامن جون بغاوتون پيون ٿينديون رهنديون هيون.
اسپارٽا ۾ حقيقت ۾ هٿياربند سفيد پوش شهرين جو راڄ هو، تنهنڪري لائي ڪرگس جي سڀني اقتصادي ۽ سماجي سڌارن جو اڪيلو مقصد سٺا سپاهي پيدا ڪرڻ هو. سفيد پوش شهرين سڄي ملڪ کي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ هر شخص جي زندگي رياست جي فوجي ضرورتن جي پابندي ڪندي هئي. غلام غذا جو سامان پيدا ڪندا هئا ۽ شهرين جي تعليم ۽ تربيت اهڙيءَ طرح ڪئي ويندي هئي جو انهن جا جسم ته سگهارا ۽ مضبوط هجن پر انهن جي ذهن ۾ ملڪي قانونن جي اطاعت کان سواءِ ٻيو ڪو خيال به نه اچي سگهي.
ڇوڪرن کي ستن سالن جي عمر ۾ ئي گهر وارن کان ڌار ڪيو ويندو هو ۽ انهن جي تعليم ۽ تربيت رياست جي نگهبانيءَ ۾ ٿيندي هئي. ٽيهنِ سالن جي عمر تائين انهن کي بيرڪن ۾ رکيو ويندو هو. اتي انهن کي ڪشتي وڙهڻ، ترڻ، ڊوڙڻ، سواري ڪرڻ، تلوار، نيزا ۽ تير هلائڻ، مطلب ته اهي سمورا هنر سيکاريا ويندا هئا جن سان بدن ۾ ڦڙتي ۽ طاقت اچي. پارا پوَن يا باهه وَسي، انهن کي هر موسم ۾ کليل آسمان هيٺ تڏي تي سمهڻو پوندو هو، ته جيئن جسم هر قسم جي سختيون سهڻ جو عادي ٿي وڃي. هر سال قومي ڏڻ جي موقعي تي انهن کي آريمٽس ديوتا جي عبادتگاهه ۾ ايترا دفعا ٽڪا هنيا ويندا هئا جو زمين انهن جي رت جي رنگ سان ريٽي ٿي ويندي هئي. انهن کي پڙهڻ لکڻ به سيکاريو ويندو هو پر بس واجبي. اسپارٽا جي حڪمرانن کي نه علم ۽ حڪمت سان واسطو هوندو هو ۽ نه ڊرامي، شاعريءَ ۽ موسيقيءَ سان. هنن کي ته رڳو تندرست ۽ ويڙها سپاهي گهربا هئا.
اسپارٽا ۾ ڇوڪرين جي جسماني صحت جو به پورو پورو خيال رکيو ويندو هو، تنهنڪري ورزش، ڪشتي وڙهڻ ۽ ڊوڙڻ انهن لاءِ به لازمي هو. ڏڻن جي موقعي تي مقابلي جي راندين ۾ هو ڇوڪرن جون مخالف ٿي شريڪ ٿينديون هيون. اهو ئي سبب آهي جو هو ايٿنس جي عورتن وانگر نازڪ ۽ گهريلو نه هيون. انهن جي سماج ۾ عورتن جو مڙس کان سواءِ ٻي مرد سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ عيب نه سمجهيو ويندو هو، پر ان شرط تي ته ان جو مقصد صحتمند اولاد پيدا ڪرڻ هجي، تنهنڪري پروفيسر بري لکي ٿو، ته اسپارٽا ۾:
”ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏجي جمناسٽڪ جي تربيت حاصل ڪنديون هيون. اها ورزش هو ذري گهٽ اگهاڙيون ٿي ڪنديون هيون. انهن کي جيڪا آزادي حاصل هئي اها يونان جي ٻين رياستن ۾ ڪنڊائتو ٿي رهندڙ عورتن کان مٿڀرو ڪندي هئي. ان باوجود انهن جي پاڪدامنيءَ ۽ عصمت جو آواز پري پري پيو ٻڌبو هو. ها، اهو به هو ته حڪومت جيڪڏهن انهن کي ملڪ جي مفاد لاءِ ٻار پيدا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هئي ته ان جي پوئواريءَ لاءِ کين ذرو به نهڪر نه هوندي هئي، ڀلي کڻي ان حڪم جي ڪري سندن گهريلو رشتن جي پاڪائيءَ تي حرف ڇو نه اچي.“
اسپارٽا ۾ نئون ڄاول ٻار رياست جي ملڪيت سمجهيو ويندو هو. ڪو ٻار جيڪڏهن بيمار، ڏٻرو يا عيبدار پيدا ٿيندو هو، ته ان کي جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ اڇلائي ماريو ويندو هو.
سماجي روايتن ۽ رياستي ضابطن جي ڪري اسپارٽا جي شهرين جي ذهنيت ڪجهه اهڙي قسم جي ٿي وئي هئي جو رِيس ۽ ساڙ انهن ۾ هيو ئي ڪو نه. پلوٽارڪ جي چوڻ موجب، ان ڪري لائي ڪرگس رِيس ۽ جنسي هڪ هٽيءَ تي ٽوڪ منجهان کلندو هو ۽ ماڻهن جي ذهنيت تي مرڪندو هو ته ”اهي پنهنجن ڪُتن ۽ گهوڙن جو خيال ٿا رکن ۽ انهن مان عمدو نسل حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيا خرچ ٿا ڪن، پر پنهنجين زالن کي گهرن ۾ بند ٿا رکن ته جيئن انهن جو اولاد سندن ئي نطفي مان پيدا ٿئي، پوءِ ڀل ته اهو اولاد ڪيترو ئي احمق، ڏٻرو ۽ بيمار ڇو نه هجي.“
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اسپارٽا جا مرد ۽ عورتون پنهنجي سگهه سونهن ۽ تندرستيءَ جي ڪري سڄي يونان ۾ مشهور هيون.
لڳ ڀڳ 200 سالن تائين (560-380 ق.م) اسپارٽا جي اقتدار جو جهنڊو جهوليندو رهيو. ان وچ ۾ هن پنهنجي سڀ کان وڏي حريف ايٿنز کي هَر هَر هارايو ۽ اڻ ڳڻ لڙاين ۾ پنهنجي طاقت جو زور مڃايو، پر ڪو به سماج، جنهن جو بنيادي مقصد جنگ ۽ جدل تي هجي ۽ جيڪو ملڪ جي گهڻائيءَ کي غلام بنائي انهن جي پورهيي سان پنهنجي قوت ۽ دولت جا محل اڏائي، پائدار نه ٿيندو آهي. پوءِ اهو به ٿيو، ته جنگي سوڀن ۾ جيڪو مالِ غنيمت هٿ آيو ان جي ڪري خود شهرين ۾ طبقاتي فرق جو واڌارو ٿيو. زمينون، جيڪي لائي ڪرگس جي اصول موجب سڀني شهرين ۾ هڪ جيتريون ورهايل هئڻ گهربيون هيون، اسپارٽا جي سَو گهراڻن تائين پابند ٿي ويون ۽ اسپارٽا جو سماج به يونان جي ٻين رياستن وانگر ٿي ويو.
وري ٽِين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري اسپارٽا جي شاهي گهراڻي جي هڪ نوجوان جي ذهن ۾ لائي ڪرگس جي سڌارن کي ٻيهر نافذ ڪرڻ جو خيال سمايو. ان نوجوان جو نالو آگـِس هو. مئڪس بيئر ان کي ”پهريون ڪميونسٽ شهيد“ سڏيو آهي. جڏهن ته لائي ڪرگس جي سڌارن سان اسپارٽا ۾ نه سوشلسٽ سماج قائم ٿيو ۽ نه ئي آگس جي منصوبن سان ان جو امڪان هو. 240 ق.م ۾ جڏهن هو تخت تي ويٺو، تڏهن هن سوچيو ته سندس لاءِ ٻين بادشاهن کان شانَ شوڪت ۾ اڳ ڪڍي وڃڻ ڏکيو آهي، پر هو چاهي ٿو ته سادگيءَ، خوشحاليءَ ۽ عالي دماغيءَ وسيلي ڪو اهڙو ڪم ڪري جيڪو ٻين بادشاهن جي شهرت کي شهه ڏئي، ته جيئن هو صحيح معنى ۾ هڪ عظيم حاڪم سڏائڻ جو حقدار بڻجي. هو چاهي پيو ته زمين سڀني شهرين ۾ هڪ جيتري ڪري ورهائي.
آگس اسيمبليءَ آڏو راءِ رکي ته قرضين جا سمورا قرض معاف ڪيا وڃن ۽ زمين کي 19 هزار 5 سَو هڪ جيترن ٽڪرن ۾ ورهايو وڃي. 4 هزار 5 سَو ٽڪرا اسپارٽا جي شهرين کي ملن ۽ پندرهن هزار ٽڪرا اسپارٽا جي قديم رهاڪن ۽ انهن غير ملڪين کي ملن جن ۾ اسپارٽا جي شهري بڻجڻ جي صلاحيت هجي. پراڻي قسم جا لنگر، جن ۾ سڀ ماڻهو گڏجي کاڌو کائين، ٻيهر شروع ڪيا وڃن ۽ اسپارٽا جي اقتصادي سماجي زندگيءَ کي لائي ڪرگس جي پراڻن اصولن موجب نئين سر ترتيب ڏنو وڃي. آگس پنهنجي سموري جائداد ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سڄي ملڪيت به اسيمبليءَ جي حوالي ڪري ڇڏي.
آگس جي انهن تجويزن کي شهر جي نوجوانن ڏاڍو پسند ڪيو، پر شهر جي سفيد پوشن ۽ زميندارن آگس جي سخت مخالفت ڪئي. ان ٽولي جو اڳواڻ اسپارٽا جو ٻيو بادشاهه ليونيداس (Leonidas) هو. اسپارٽا جي مجلس شورى ليونيداس جو ساٿ ڏنو ۽ مُکين جي اڪثريت به ليونيداس جي حامي ٿي پئي. مطلب ته دولتمند طبقو آگس جو دشمن ٿي پيو. جيتوڻيڪ آگس نيپچون ديوتا جي مندر ۾ پناهه ورتي، تڏهن به آگس کي گرفتار ڪري قيدخاني ۾ وڌو ويو. (اسپارٽا جو صديون پراڻو قانون هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو نيپچون ديوتا جي عبادتگاهه ۾ پناهه وٺي ته ان کي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي، پر اختياريءَ وارن جي مفادن کي جيڪڏهن خطرو هجي ته هو پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان لنوائيندا نه آهن). هنن آگس تي کليل عدالت ۾ مقدمو هلائڻ بدران قيدخاني اندر هڪ مخصوص عدالت قائم ڪئي. عدالت اڳ ۾ آگس کي سمجهايو ته جيڪڏهن هو پنهنجي ارادي تان هٿ کڻي ۽ توبهه ڪري ته پوءِ کيس آزاد ڪيو ويندو. پر جڏهن آگس جواب ڏنو ته هو لائي ڪرگس جي قانون تي قائم آهي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهندو، ته پوءِ هن کي ڦاهي ڏني وئي. آگس جي موت کان پوءِ هن جي ماءُ ۽ ڏاڏيءَ کي به قتل ڪيو ويو.
آگس جي موت کان 5 سال پوءِ جڏهن ليونيداس جو پٽ ڪليومينس (235-222 ق.م) پيءُ جي جاءِ تي تخت تي ويٺو، ته هن آگس جي سڌارن کي زوريءَ نافذ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن فوج کي پنهنجو هم خيال بڻايو ۽ سپاهين جي مدد سان زمين شهرين ۾ ورهائي ڇڏي ۽ قرضين جا قرض معاف ڪري ڇڏيا، پر شهر جا سفيد پوش به هيٺاهان ٿي ويهڻ وارا ڪو نه هئا. هيءُ ته اهو ٽولو آهي جيڪو پنهنجن طبقاتي مفادن جي حفاظت لاءِ ملڪ جي آزاديءَ جو سودو ڪرڻ ۾ به عار محسوس ڪو نه ڪندو آهي، تنهنڪري اسپارٽا جي رئيسن مقدونيا جي بادشاهه سان گڏجي ڳٺ جوڙ ڪئي ۽ کيس اسپارٽا تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. جنگ ۾ ڪليومينس کي شڪست ٿي ۽ مقدونيا جي بادشاهه هن جي سڌارن کي رد ڪري اسپارٽا جو انتظام شهر جي رئيسن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اسپارٽا جو سوشلسٽ تجربو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.
ان باوجود اسپارٽا جي هن تجربي جي تاريخي اهميت کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، ڇو ته يونان جو دولتمند طبقو اسپارٽا جي حياتي گهارڻ جي هن طريقي کان ڏاڍو متاثر هو. ان جي دلي آرزو هئي ته يونان جي جمهوري روايتن کي ڪنهن طرح ختم ڪري ڇڏجي ۽ ان جي جاءِ تي اسپارٽا جو عسڪري (لشڪري، فوجي) نظام رائج ڪجي، ان ڪري افلاطون، زينوفان، پلوٽارڪ ۽ ٻيا يوناني مفڪر، جن جو واسطو يونان جي مٿئين طبقي سان هو، اسپارٽا جي ثنا ڪندي ٿڪبا نه هئا. افلاطون جي نظر ۾ ته اسپارٽا هڪ مثالي حڪومت هئي. هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”رِيپبلڪ“ (Republic، جنهن جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ”رعيتي راڄ“ نالي سان ڇپجي چڪو آهي) ۾ اسپارٽا کي ئي سامهون رکي سوشلسٽ رياست جو خاڪو ڪڍيو هو.
جديد دؤر جي مفڪرن کي به اسپارٽا جي سماجي نظام ۾ سوشلزم جون جهلڪيون ڏيکارجن پيون. مثال طور مئڪس بيئر ان نظام کي ”ڪميونسٽ“ چوي ٿو (صفحو66) پر هو تسليم ڪري ٿو ته ”انهن جو ڪميونزم دولت سان گڏجي لطف وٺڻ ۾لڪل هئو، نه ڪي ڪميونزم مطابق گڏجي پيداوار ڪرڻ ۾.“
زمين جي برابر ورهاست، قرضن جو خاتمو ۽ لنگرن جو رواج حقيقت ۾ سوشلزم جون خاصيتون نه آهن، پر پراڻي قبائلي نظام جون خصوصيتون آهن. اهي خاصيتون اسان کي مشرق ۽ مغرب جي هر قبائلي سماج ۾ نظر اچن ٿيون، تنهنڪري ديودورس (اِٽيلين تاريخدان، وفات 21 ق.م) اسپين جي دڪائي قبيلي جو احوال بيان ڪندي لکي ٿو ته هو پنهنجين زمينن جي هر سال نئين سر الاٽمينٽ ڪندا هئا. زمين جي پيداوار سڀني جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي ۽ ان ۾ هر ماڻهوءَ جو حصو مقرر هوندو هو. ان قانون جي مخلافت ڪندڙ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويندو هو. ساڳيءَ طرح جرمن قبيلا هر سال زمينن جي مٽاسٽا ڪندا هئا، پر قبيلي جي گڏيل زمين تي سڀ ماڻهو سدا جيان ڪم ڪندا رهندا هئا. پيرو ۾ به سالياني الاٽمينٽ جو رواج هو. سرحد (خيبر پختون خوا) صوبي ۽ سوات رياست ۾ ته پهرين مهاڀاري جنگ جي ڏينهنِ تائين قبيلي جي آباد زمين هر ٽيهن سالن کان پوءِ نئين سر گهراڻن ۾ ورهائي ويندي هئي.
لپارا
سِسليءَ جي اتر-اولهه ۾ روم سمنڊ تائين ٻيٽن جو سلسلو پکيڙيل آهي. انهن ٻيٽن کي لپارا چوندا آهن. ڇهين صدي ق.م ۾ جڏهن وچ ايشيا جي سامونڊي ڪناري واري رياست لِڊيا جا ماڻهو پنهنجن بادشاهن جي ظلم کان تنگ ٿي ملڪ بدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا، تڏهن انهن ڏکڻ اٽليءَ ۽ سسليءَ ۾ ڪيتريون ئي وسنديون وسايون. هي يوناني ماڻهو هئا. انهن جا ڪجهه ٻيڙا هڪ ڀيري لپارا ۾ لنگرانداز ٿيا ته اتان جي ماڻهن نون آيلن جي ڏاڍي آجيان ڪئي، ته اهي ماڻهو انهن ئي ٻيٽن ۾ آباد ٿي ويا. هي واقعو 580 ق.م جو آهي. نون آيلن قديم رهاڪن سان ملي سوشلسٽ رهڻي ڪهڻيءَ کي رواج ڏنو، پر اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته قديم رهاڪن جي زندگي اڳ ئي سوشلسٽ هئي يا سوشلسٽ ريتِ وچ ايشيا کان يوناني پاڻ سان کڻي ويا هئا ۽ اتان جي اصلوڪن رهاڪن کي اها ريت اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيائون. بهرحال هي تجربو ڏاڍو ڪامياب رهيو. زمين سڀني ماڻهن جي گڏيل ملڪيت هئي. سڀ ماڻهو رلي ملي ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ ضرورت جيترو پاڻ ۾ وراهي کڻندا هئا، پر اٽليءَ جي سامونڊي ڌاڙيلن (قزاقن) جي خوف کان جيڪي ماڻهو ڪناري تي پهرو ڏيڻ لاءِ مقرر هئا، انهن کي ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ کان آجو سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته پيداوار مان انهن کي باقائدي حصو ملندو هو.
ڪجهه وقت کان پوءِ لپارا جي ٻيٽن جي زمين هارين ۾ هڪ جيتري ورهائي وئي، پر ٻين ٻيٽن ۾ زراعت جو گڏيل طريقو بدستور رائج رهيو. لپارا ۾ زمين هر ويهن سالن کان پوءِ نئين سر ورهائي ويندي هئي جيئن ورثي يا خريد/وڪري جي ڪري جيڪڏهن زمين ڪنهن وٽ گهٽ وڌ ٿي وئي هجي، ته ان اڻَ برابريءَ کي ختم ڪيو وڃي. هي ماڻهو اسپارٽا وارن جيان کاڌو به گڏيل لنگر ۾ کائيندا هئا. اهو ئي طريقو ڪريٽ جي ٻين ٻيٽن ۾ به رائج هو. ائين ٿو ڄاڻجي ته پراڻي زماني ۾ زمين جِي برابر ورهاست جو رواج ڏاڍو عام هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن ان ۾ فرق پوڻ لڳندو هو، ته زمين کي ٻيهر هڪ جيترو ورهايو ويندو هو. فلسطين ۾ هي نئون بندوبست هر پنجاهه سالن کان پوءِ ڪيو ويندو هو. ان سال کي فلسطين جا ماڻهو جوبلي سال چوندا هئا. جوبلي سال جي موقعي تي نه رڳو زمين جي ٻيهر ورهاست ٿيندي هئي، پر پراڻا قرض به معاف ڪيا ويندا هئا ۽ جيڪي ماڻهو قرضن جي ڪري غلام بڻجي پوندا هئا، انهن کي آزاد ڪيو ويندو هو.
ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ زمين جي نئين سر ورهاست مان ظاهر ٿئي ٿو ته سماج اندر طبقا پيدا ٿيڻ لڳا هئا ۽ انهن ۾ به فرق ڪيو ويندو هو. پر سماج اڃا پراڻن رعيتي (ڪميونسٽ) روايتن جي ٻنڌڻن مان نه نڪري سگهيو هو. هو وڏن جي انهن روايتن کي ڏاڍو مقدس سمجهندا هئا. هنن گڏيل ملڪيت بدران زمين جي ذاتي ملڪيت جي اصول کي قبول ته ڪري ورتو هو، پر ان جي منطقي نتيجن کي قبول ڪري نه پئي سگهيا. هو ڏاڍي سادي يقين سان زمين کي دولت وڌائڻ جو وسيلو سمجهندا هئا ۽ سماج ۾ جيڪي طبقاتي فرق ظاهر ٿيا هئا، انهن جو اصل سبب اهو آهي ته ڪن ماڻهن وٽ زمين گهڻي هوندي آهي ته ڪن وٽ گهٽ، تنهنڪري زمين کي جيڪڏهن وقت به وقت نئين سر برابر برابر ورهايو وڃي، ته سماج ۾ برابري برقرار رهندي.
اهڙيءَ طرح هنن وياجي ڏي وٺ جي اصول کي ته مڃيو هو، پر ان جي ڪري جيڪي خرابيون پيدا ٿينديون هيون، تنهن کي سندن ذهن قبول نه ڪندو هو. تنهنڪري هنن وياجي ڏي وٺ کي ته بند نه ڪيو (اهي ائين ڪري به نه پئي سگهيا) پر اهڙا قاعدا ٺاهيائون جو ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ قرضي وياج ڏيڻ کان ڇٽي پوندا هئا.
ان وقت تائين ذاتي ملڪيت ۽ طبقاتي فرق جون پاڙون مضبوط نه ٿيون هيون ۽ نه ئي اهي ماڻهو پنهنجين پراڻين روايتن کي صفا وساري ويٺا هئا، پر ٻه چار صديون گذرڻ کان پوءِ ماڻهو قبائلي برابريءَ جي پراڻن طريقن کي وساري ويٺا ۽ ذاتي ملڪيت هڪ مقدس حقيقت بڻجي وئي جنهن جو تحفظ رياست جو فرض ٿي پيو.
_________
Will Durant: The Life of Greece. P- 77. New York. 1939.
J.B. Bury: A History of Greece. P- 133. New York. 1944.
Gorge Thomson: Aeschylus and Athens. P- 426. London. 1946.