تاريخ، فلسفو ۽ سياست

مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

هي ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ جملي 24 بابن تي مشتمل آهي، جن مان 2005 ع ۾ پهرئين ڀاڱي طور ڇپيل پهريان 10 باب، ڪارل مارڪس جي ڄمڻ تائين سوشلزم (جنهن کي سِبطِ حسن مارڪس جي ڏنل نالي موجب ”خيالي سوشلزم“ سڏيو آهي)، جي پس منظر ۽ تاريخي جائزي کي تفصيل سان بحث هيٺ آڻن ٿا، جنهن ۾ عام ماڻهن، خاص ڪري پورهيتن، هارين ۽ مزدورن جي ڀلائين ۽ بهترين لاءِ جاکوڙيندڙ انيڪ شخصيتن جي زندگين، سندن تحريرن، جدوجهدن ۽ کين آيل\ مليل سزائن ۽ تڪليفن، ۽ حاڪم ۽ امير (شرفاء) طبقن کي مليل رعايتن ۽ سندن اٽڪلن جو داستان آهي، جڏهن ته پڇاڙڪا اڻ ڇپيل 14 باب ڪارل مارڪس جي حياتيءَ ۽ تحريرن، سندس لاثاني ساٿي فريڊرڪ اينجلس جي ساٿ، سهڪار ۽ لکتن ۽ سائنسي سوشلزم جي فلسفي ۽ سمجهاڻِيءَ جو احاطو ڪن ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 6271
  • 2244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سبطِ حسن
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مـوسـى کان مارڪس تائين (سوشلزم جي دؤر وار تاريخ)

باب سورهون : مارڪس ۽ اينجلس جا پهريان ڪتاب

مارڪس ۽ اينجلس، ٻئي ”نوجوان هيگلين ڪلب“ سان لاڳاپيل رهي چڪا هئا. ڪلب جي هڪ سرگرم رڪن برونوبائر سان مارڪس جا دوستاڻا لاڳاپا به هئا. برونو بائر بون يونيورسٽيءَ ۾ فلسفو پڙهائيندو هو، پر حڪومت جڏهن هن کي مارچ 1842ع ۾، انجيل تي اعتراض ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نوڪريءَ مان ڪڍيو ته بائر ڊسمبر 1843ع ۾ هڪ ماهوار رسالو ”جرمن لٽرري گزيٽ“ جاري ڪيو. تنهن وقت تائين مارڪس نوجوان هيگل پرستن کان نظرياتي طور گهڻو پري وڃي چڪو هو. ان جو سبب اهو هو ته مارڪس جو لاڙو اقتصاديات ۽ سياسيات ڏانهن ٿيو، ته برونو بائر ۽ سندس ساٿي سياست کان پاسو ڪري ”خالص فلسفي“، ”خالص نظريي“ ۽ ”خالص تنقيد“ ۾ پناهه ڳولڻ لڳا. اهي اهو چوڻ کان به نه مڙندا هئا ته تاريخ جو اڏيندڙ عوام ناهي، پر ڪجهه پهتل ماڻهو ان کي اڏيندڙ آهن، تنهنڪري برونو بائر جرمن لٽرري گزيٽ جي پهرين شماري ۾ پنهنجي نڪتي نظر جي وضاحت ڪندي لکيو هو ته:
”تاريخ ۾ اڄ تائين جيڪي به تحريڪون هليون، اهي حق جي راهه کان هٽيل هيون. انهن جي هار لازمي هئي ڇو ته عوام انهن تحريڪن ۾ دلچسپي ورتي هئي يا اهي گهڻي چاهه ۽ جوش سان انهن جي حمايت ۾ هئا.“
برونو بائر جو چوڻ هو ته دانشورن کي عوام جي چڪر ۾ نه پوڻ گهرجي. هن لٽرري گزيٽ ۾ عوامي تحريڪن تي انتهائي ڪريل حملا ڪيا جيڪي نفرت ڀريا به هئا. ايستائين جو سوشلزم، فرانسي انقلاب ۽ برطانيا جو صنعتي انقلاب، ڪو به سندس اعتراض کان بچي نه سگهيو. برونوبائر جو تعلق ٿورو وقت اڳ تائين کاٻي ڌر سان رهيو هو، تنهنڪري سندس تحريرن سان کاٻيءَ ڌر ۾ غلط فهمين جو پيدا ٿيڻ قدرتي ڳالهه هئي. اهي غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ مارڪس ۽ اينجلس برونوبائر جي خيالن جو رد لکڻ جو فيصلو ڪيو. جيتوڻيڪ تنهن وقت تائين ”جرمن لٽرري گزيٽ“ بند ٿي چڪو هو، پر جيڪي نظرياتي سوال برونو بائر پڇيا هئا، اهي موجود هئا.

[b]مقدس خاندان
[/b] اينجلس ته پنهنجي حصي جا پندرهن ويهه صفحا لکيا ۽ جرمنيءَ هليو ويو، پر مارڪس برونوبائر جو جواب لکڻ ويٺو ته رسالو وڌندي وڌندي ٽي سَو صفحن جو ڪتاب ٿي پيو. مارڪس ان گڏيل ڪتاب جو نالو ”مقدس خاندان“ ان رعايت سان رکيو هو ته ڪتاب ۾ برونوبائر ۽ سندس ٻنهي ڀائرن جي خيالن جي ترديد ڪئي وئي هئي.
پر اڃا ”مقدس خاندان“ ڇپيو به نه هو ته مارڪس کي جنوري 1845ع ۾ فرانس مان نڪرڻو پيو. ان جو سبب اهو هو ته وطن ڇڏيل جرمن پيرس مان هڪ سياسي رسالو ”وور وارٽس“ (Vorwarts) ڇپيندا هئا. مارڪس به ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ مضمون لکندو هو. پروشيا جي حڪومت جو اصرار هو ته فرانسي حڪومت رسالي کي بند ڪري، تنهنڪري فرانس جي حڪومت رسالو بند ڪري ڇڏيو ۽ ان سان لاڳاپيل جرمنن کي ملڪ نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو. ٻين ته چئي وٺي يا معافي گهري اهو حڪم رد ڪرايو، پر مارڪس جي انقلابي غيرت اها ذلت سهڻ نه قبولي. هو پنهنجيءَ زال کي ۽ ڌيءُ کي، جيڪا پيرس ۾ ڄائي هئي، وٺي برسيلز (بيلجيم) هليو ويو، جيتوڻيڪ اتي سندس ڪوبه گذر جو وسيلو نه هو. ان طرح مارڪس جي فاقي مستيءَ (تنگ دستيءَ ۾ به خوش رهڻ جا ڏينهن) شروع ٿيا ۽ پوءِ ڪڏهن به ختم نه ٿيا.
مارڪس برسيلز ۾ ئي هو ته ”مقدس خاندان“ فيبروري 1845ع ۾ فرينڪ فرٽ مان جرمن ٻوليءَ ۾ ڇپيو. پهريان ٽي باب اينجلس لکيا هئا، پر باقي ڇهه باب، جن ۾ نظرياتي بحث آهن، مارڪس لکيا هئا. ڪتاب جي بيان جو انداز مناظري وارو آهي ۽ اقتصاديات ۽ فلسفي جي مختلف مسئلن تي به ان جدلياتي اصول موجب تنقيد ڪئي وئي آهي ته مادي دنيا جي معروضي عمل جي خاصيت ئي ضدن جو ميڙ آهي.
جرمن گزيٽ سوشلزم تي پهريون اعتراض ملڪيت جي حوالي سان ڪيو هو ۽ مشهور فرانسي سوشلسٽ پروڌان جي ڪتاب ”ملڪيت ڇا آهي؟“ کي ملامت جو نشانو بڻايو هو. مارڪس مثال ڏئي ثابت ڪيو ته ايڊگر بائر نه رڳو پروڌان جو ترجمو غلط ڪيو آهي پر سندس خيالن کي به خراب ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
مارڪس پروڌان جي خامين کان واقف هو، پوءِ به هن ”ملڪيت ڇا آهي؟“ جي تاريخي اهميت جو وڏيءَ دل سان اعتراف ڪيو ۽ ان کي ”فرانسي انقلابي پورهيت طبقي جو سائنسي شعور“ ڪوٺيو. مارڪس پروڌان جي ان تجزيي سان متفق هو ته ملڪيتون ۽ غربت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، اڃا به هڪ ئي رسيءَ جا ٻه مختلف سِرا آهن ۽ اهو به ته ملڪيتون رد ڪرڻ کان سواءِ غربت ختم نه ٿي ڪري سگهجي. البت مارڪس وٽ ناڻي ۽ پورهيي جي ضدن جو ميڙ جدلياتي آهي ۽ انهن جي گڏيل ٽڪراءَ سان جيڪا مثبت حقيقت پيدا ٿيندي، اها ٻنهي جي نفي هوندي.
”پرولتاريه ۽ دولت هڪ ٻئي جو ضد آهن. ان لحاظ کان اهي هڪ مڪمل وحدت آهن، ٻئي ذاتي ملڪيت جون ئي شڪليون آهن، پر اهو چوڻ ڪافي ناهي ته اهي هڪُ وحدتي قانون آهن، سوال هيءُ آهي ته ان تضاد ۾ ٻنهي جي جڳهه ڪهڙي آهي. ذاتي ملڪيت ذاتي ملڪيتَ طورئي يعني دولت طور ئي پنهنجي حيثيت کي برقرار رکڻ تي مجبور آهي ۽ ان نموني پرولتاريه کي به زنده رکڻ تي مجبور آهي. اهو ته ٿيو تضاد جو مثبت رُخ يعني ذاتي ملڪيت جي خود آسودگي. ٻئي پاسي پرولتاريه جي حيثيت ۾ پرولتاريه پاڻ کي رد ڪرڻ تي مجبور آهي. ان طرح اها ذاتي ملڪيت جو يعني وجود جي حالت جو، جيڪا کيس پرولتاريه بڻائي ٿي، رد ڏيڻ تي مجبور آهي. اهو ٿيو تضاد جو منفي رُخ. ان جي باطني بي چينيءَ ۽ ذاتي ملڪيت جي وجود کي رد ڪرڻ جو رُخ.“
اسان ”لکتن“ جي بحث ۾ ڏسي چڪا آهيون ته مارڪس وٽ ذاتي ملڪيت وجود جي لاتعلقيءَ جو سبب نه، پر نتيجو آهي. ”مقدس خاندان“ ۾ مارڪس هيءُ خيال ظاهر ڪري ٿو ته ذاتي ملڪيت وانگر، وجود جي لاتعلقي به جدليت جي تضاد واري قانون جي تابع آهي، تنهنڪري هڪ ئي شَي (وجود جي لاتعلقي) ملڪيت رکندڙن جي طبقي لاءِ آب حيات ثابت ٿيندي آهي ۽ مزدور طبقي لاءِ نقصانڪار زهر.
”ملڪيت رکندڙ طبقو ۽ پرولتاريه طبقو، ٻئِي ماڻهوءَ جي وجود جي لاتعلقيءَ جا ڏيک آهن. البت ملڪيت رکندڙ طبقو ان وجود جي لاتعلقيءَ ۾ پنهنجو جواز ڏسندو آهي. اها وجود جي لاتعلقي سندس حق ۾ هڪ ڀلائي، هڪ طاقت بڻجي ويندي آهي. اهو گهٽ ۾ گهٽ ظاهر ۾ ته پنهنجي انساني وجود جي نمائش ڪري سگهي ٿو. ان جي ابتڙ پرولتاري طبقو ان وجود جي لاتعلقيءَ ۾ پنهنجي تباهي ڏسندو آهي. ان ۾ کيس پنهنجيءَ بيوسيءَ ۽ پنهنجي غيرانساني وجود جي حقيقي صورت نظر ايندي آهي. هيگل موجب پرولتاري طبقو ان ذلت ۽ پستيءَ تي ڪاوڙبو آهي. ان ڪاوڙ جو ڪارڻ اهو تضاد آهي جيڪو انساني فطرت ۽ انساني زندگيءَ جي حالتن منجهه ملي ٿو. زندگيءَ جون اهي حالتون انساني فطرت جي فيصلي ڪُن ۽ جامع نفي آهن. ان تضاد جي حدن ۾ ملڪيت جو مالڪ ملڪيت جو حفاظتي رخ آهي ۽ پرولتاريه تخريبي رخ. مالڪ ان تضاد کي بچائڻ جِي ۽ پرولتاريه ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“
پر ان تضاد جو حل ڪهڙو ٿيندو ۽ ان جي شڪل ڪهڙي هوندي؟ مارڪس چوي ٿو ته انهن ٻنهي ٽڪرائجندڙ قوتن جي ٽڪراءَ سان جيڪا نئين حقيقت وجود وٺندي، اها ڪيفيت جي اعتبار کان، ٻنهي کان ٻيءَ طرح هوندي. اها نه هيءَ هوندي، نه هوءَ، پر ڪا ٽين شَي هوندي.
”پر جيئن دولت ۽ غربت گڏوگڏ پيدا ٿين ٿيون ۽ سرمائيدار طبقو ۽ پرولتاريه طبقو هڪ ئي وقت وجود ۾ اچن ٿا، ساڳيءَ طرح ٻنهي طبقن جو موت به گڏ ٿيندو. ان جو ڪارڻ ذاتي ملڪيت جو اهو معاشي عمل آهي جيڪو ان کي فنا سان ويجهڙو ڪري ڇڏي ٿو. فنا جو اهو عمل سندس پنهنجيءَ مرضيءَ يا ارادي جو نتيجو ناهي هوندو. پرذاتي ملڪيت جي فطرت ۾ ئي اهو راز لڪل آهي. اها ئي ذاتي ملڪيت ته آهي جيڪا پرولياريه طبقي کي پيدا ڪندي آهي. هيءُ اهو طبقو آهي جنهن کي پنهنجن روحاني ۽ جسماني غمن جو شعور هوندو آهي. ان کي پنهنجي غيرانساني زندگيءَ جو شعور هوندو آهي. پرولتاريه فقط ان فيصلي کي لاڳو ڪندو آهي جيڪو ذاتي ملڪيت پرولتاريه طبقي کي پيدا ڪري، پنهنجي خلاف ڏنو آهي ۽ جڏهن پرولتاريه فاتح ٿي ويندو آهي ته اهو معاشري جو ڪو مثبت رخ ناهي بڻجي پوندو. اهو ته پنهنجي وجود تي ۽ پنهنجي ضد جي وجود ٻنهي تي، رد ڪرڻ جي ليڪ ڪڍي فاتح ٿيندو آهي ۽ تڏهن پرولتاريه ۽ ان جو ضد يعني ذاتي ملڪيت ٻئي غائب ٿي ويندا آهن.“
پر طبقاتي جدوجهد ته معاشري جي هر تاريخي دؤر ۾ موجود رهي آهي. مثال طور جاگيري نظام خلاف سرمائيدار طبقي جي جدوجهد، پر سرمائيدار طبقي جڏهن پورهيتن جي تعاون سان پنهنجي مخالف کي شڪست ڏني ته اهو سياسي ۽ اقتصادي اقدار جي تختي تي پاڻ قابض ٿي ويو ۽ ان پورهيتن کي کير ۾ پيل مُک وانگر ڪڍي اڇلي ڇڏيو. ته ڇا مزدور طبقو به سرمائيدارن جو تختو اونڌو ڪرڻ کان پوءِ ايئن ئي ڪندو ۽ باقي انسانيت کي محڪوم بڻائيندو؟ مارڪس جواب ڏي ٿو ته مزودر طبقو سڄي انسانذات کي آزاد ڪرائڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگهي.
”وقت جي گهرج اهائي آهي ته پرولتاريه پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪري ۽ گڏوگڏ سڄي انسانيت کي، پر ان جو دارومدار زندگيءَ جون حالتون بدلجڻ تي آهي. پر پنهنجي زندگيءَ جون حالتون اهو تڏهن ئي ختم ڪري سگهي ٿو جڏهن اهو مڙني زندگيءَ جي غيرانساني حالتن کي تباهه ڪري. پرولتاريه خدا ته ناهي جو جنهن وقت جيڪا مرضي ٿئيس، ڪري ڇڏي. اهو ته خارجي حالتن جي حدن اندر ئي پنهنجو انقلابي منصب پورو ڪري سگهي ٿو. جيئن ته پرولتاريه جي زندگيءَ جون حالتون اصل ۾ سڄي معاشري جي زندگيءَ جي حالتن جو ست آهن، جيئن ته ماڻهو پنهنجين مڙني غيرانساني شڪلين ۾ پرولتاريه ۾ گم ٿي چڪو آهي ۽ منجهس پنهنجي زيان جو نظرياتي شعور به پيدا ٿي ويو آهي، تنهنڪري هو ان غير انساني زندگيءَ خلاف بغاوت ڪرڻ تي مجبور آهي. کيس پنهنجو پاڻ کي لازمي طور آزاد ڪرائڻو آهي، پر هو ان وقت تائين آزاد ٿي نه ٿو سگهي جيستائين پنهنجي زندگيءَ جي حالتن کي ختم ڪرڻ تي قادر نه ٿي پوي. البت هو پنهنجي زندگيءَ جي حالتن کي معاشري جي سڀني غير انساني حالتن کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ختم نه ٿو ڪري سگهي. هو پورهيي جي جفاڪش مدرسي مان جيڪو سبق سکي ٿو، اهو بي فائدي ته ناهي.“
عام طور اهو بهانو ڪيو ويندو آهي ته پرولتاريه طبقي کي ته ڪو سياسي يا سماجي شعور آهي ئي نه. اهو ته فقط هي چاهي ٿو ته سندس اجوري ۾ ٿورو گهڻو واڌارو ٿيندو رهي، رهڻ لاءِ ٻن ڪمرن وارو گهر ملي پوي ۽ ٻارن جي تعليم ۽ دوا درمل جو انتظام ڪيو وڃي. ان کان وڌيڪ کيس ڪجهه به نه گهرجي. مارڪس چوي ٿو ته ”سوال اهو ناهي ته ايڪڙ ٻيڪڙ مزدور يا سڄي پرولتاريه طبقي جا ڪنهن خاص وقت ۾ ڪهڙا مقصد هوندا آهن ۽ اهو ڇا ٿو چاهي، پر سوال هيءُ آهي ته پرولتاريه اصل ۾ آهي ڇا؟ ۽ پنهنجي ان وجود جي نتيجي طور کيس لازمي طور ڇا ڪرڻو پوندو؟ سندس حقيقي مقصدَ ۽ سندس تاريخي ڪردار خود سندس زندگيءَ جي حالتن ۽ سرمائيدار سوسائٽيءَ جي موجوده تنظيم کان نمايان آهن.“ (ص-53)
فرانسي انقلاب جي سورمن برابريءَ تي گهڻو زور ڏنو هو پر پروڌان برابريءَ جي نظريي کي ملڪيتن جي حوالي سان جاچيو هو ۽ اهو نتيجو ڪڍيو هو ته برابري ذاتي ملڪيت جو تخليقي اصول آهي. مارڪس پروڌان سان اتفاق نه ٿو ڪري پر چوي ٿو ته ذاتي ملڪيت ته برابريءَ جو سڌيءَ ريت ضد آهي. ”جيتوڻيڪ برابريءَ جو ضد ذاتي ملڪيت موجود آهي پر آباديءَ جي اڪثريت ذاتي ملڪيت کان وانجهيل آهي. اها محرومي ڏاڍي ڏکوئيندڙ حقيقت آهي. اڄوڪي دؤر ۾ جنهن ماڻهوءَ وٽ ذاتي ملڪيت ناهي، اهو ڪجهه به ناهي. ان جو رشتو انساني وجود سان، اڃا به زندگيءَ سان ئي ختم ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ذاتي ملڪيت کان محرومي انسان کي پنهنجين گذارشن کان بلڪل ڌار ڪري ڇڏي ٿي، ذاتي ملڪيت کان محرومي ڏاڍي پريشان ڪندڙ روحانيت آهي. انسان جي غير انسانيت جي مڪمل حقيقت. ذاتي ملڪيت کان محروم ماڻهوءَ وٽ جيڪڏهن ڪجهه آهي ته اها آهي بک، بيماري، ڏوهه، ذلت، غربت ۽ اهي سڀئي برائيون، جيڪي ماڻهپي جو ضد آهن.“ (ص- 59)
پروڌان پنهنجي نظريي کي پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ڇاڪاڻ ته هو ”مساوي قبضي“ جي ڌوڪي ۾ اچي ويو، جڏهن ته ”مساوي قبضي“ جو تصور سياسي _ اقتصادي تصور آهي، تنهنڪري ان اصول جو اڪيلو اظهار آهي ته خارجيت ماڻهوءَ جي وجود جي حيثيت ۾، ماڻهوءَ جي خارج ٿيل وجود جي حيثيت ۾، ماڻهوءَ جو وجود آهي ٻين ماڻهن جي لاءِ، ان جو انساني رشتو آهي ٻين ماڻهن سان، سماجي رشتو آهي ماڻهوءَ ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾، پر پروڌان سياسي، معاشي لاتعلقيءَ جي گهيري ۾ رهي رد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهو نه ٿو سمجهي ته سياسي _ معاشي لاتعلقيءَ کي رد ڪرڻ کان سواءِ وجود جي لاتعلقيءَ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.
پر پرولتاريه ان سياسي، معاشي لاتعلقيءَ جو خاموش تماشائي ناهي ۽ نه ئي اهو ان صورتحال جي برقراريءَ تي قناعت ڪندڙ آهي پر کيس پنهنجي طبقي جي گڏيل سگهه جو احساس ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو جلد ئي يا دير سان ان لاتعلقيءَ کي ختم ڪري ئي وٺندو. ان ڪري مارڪس فرانس ۽ برطانيا جي مزدورن جي طبقاتي جدوجهد جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”برطانيا ۽ فرانس جي مزورن پنهنجيون تنظيمون ٺاهي ورتيون آهن جن ۾ اهي فقط انهن تڪڙين ضرورتن تي ئي خيالن جي ڏي وٺ نه ٿا ڪن، جن جو تعلق انهن جي مزور هئڻ سان آهي پر اهي پنهنجين انهن ضرورتن بابت به سوچ ويچار ڪندا آهن جن جو لاڳاپو انهن جي انسان هجڻ سان آهي. ان نموني اهي پنهنجي تمام گهڻي طاقت جو اظهار ڪندا آهن جيڪا سندن اتحاد سان پيدا ٿيندي آهي.“
البت مانچسٽر يا ليان شهر جي مزورن کي معلوم آهي ته اهي صنعتڪارن کي صرف دليلن سان مڃرائي نه سگهندا ۽ نه ئي رڳو سوچڻ سان سندن ذلت ۽ غربت ختم ٿي سگهندي، پر ان لاءِ انقلابي عمل گهربل هوندو.
”اهي شعور ۽ زندگي، وجود ۽ سوچ جي فرق سان ڏکوئيندڙ حد تائين واقف آهن. اهي ڄاڻن ٿا ته ملڪيت، ناڻو، زر، اجورتي پورهيو وغيره ذهن جون خيال ڳالهيون ناهن پر وجود جي لاتعلقيءَ جا انتهائي عملي، انتهائي معروضي مخرج (Sources) آهن، ان ڪري انهن کي عملي ۽ معروضي طور ختم ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انسان فقط پنهنجيءَ سوچ ۾ پنهنجي شعور ۾ انسان نه بڻجي، پر پنهنجي وجود ۾ پنهنجي حياتيءَ ۾ به انسان ٿي سگهي.“ (ص-75)
برونو بائر ۽ سندس ساٿين سان مارڪس ۽ اينجلس جي ان تحريري مناظري جي گهڻي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته ”مقدس خاندان“ پهريون دستاويز آهي جنهن ۾ سائنسي سوشلزم جي بانين پنهنجا نظريا وضاحت سان پيش ڪيا هئا. مثال طور تاريخ جي تصوراتي فلسفي بدران تاريخ جو مادي فلسفو، معاشري جي ارتقا ۾ پيداواري طريقي جو فيصلي ڪن ڪردار، سماجي انقلاب ۾ عوام جي شعوري عمل جي دائم اهميت يعني تاريخ کي عوام ٺاهيندو آهي، نه ڪي ڪجهه مشهور شخصيتون. ۽ انهن سڀني کان اتم موجوده دؤر ۾ پرولتاريه طبقي جو تاريخ منصب، جنهن مان مارڪس اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته ذاتي ملڪيت سرمائيداري نظام ۾ هاڻي ان منزل تي پُڄي وئي آهي جو کيس ڪميونزم لاءِ جڳهه خالي ڪرڻي پوندي، ڇو ته ڪميونزم ئي اهو معاشرتي نظام آهي جنهن ۾ ذاتي مفاد انساني مفاد سان مڪمل طرح ملي وڃي ٿو.
”ان نتيجي تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن ڊگهي نظر جي ضرورت ناهي ته ماديت جو ڪميونزم ۽ سوشلزم سان لازمي رشتو آهي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجو سڄو علم ۽ احساس حيات جي عالم ۽ ان مان پرايل تجربن مان اخذ ڪري ٿو، ته ان تجرباتي دنيا کي ايئن ترتيب ڏيڻو پوندو ته ان ۾ ماڻهو انهيءَ ئي شَي جو تجربو ڪري سگهي ۽ ان جو عادي ٿي سگهي جيڪا سچ پچ انساني هجي ۽ اها پنهنجو شعور انسان جي حيثيت ۾ ڪري سگهي.... انسان جي ذاتي مفاد کي سڄي انسانذات جي مفاد سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو... هر ماڻهوءَ جي وجود جي اظهار لاءِ سماجي گنجائش ڪڍڻي پوندي ۽ جيڪڏهن اهو سچ آهي ته ماڻهوءَ جي جوڙجڪ سندس ماحول سان ٿيندي آهي ته سندس ماحول (ڀرپاسي) کي به انساني بڻائڻو پوندو. جيڪڏهن ماڻهو فطرتاً معاشرتي (سوشل) آهي ته اهو پنهنجي حقيقي فطرت کي معاشري ۾ رهي ئِي وڌائي سگهندو ۽ سندس فطرت جي طاقت کي الڳ الڳ فردن جي طاقت سان نه، پر سڄي معاشري جي طاقت سان ماپڻو پوندو.“ (ص- 176)

[b]اينجلس جو پهريون ڪتاب
[/b] مارڪس برسيلز ۾ ئي هو ته اينجلس جو پهريون ڪتاب ”برطانيا ۾ مزدور طبقي جي حالت“ 1845ع جي اونهاري ۾ لائبزيگ مان ڇپيو. اينجلس ان ڪتاب جو مواد مانچسٽر ۾ رهڻ دوران سهيڙيو هو، پر ڪتاب جو مسودو. هن پنهنجي وطن بريمن پهچي مڪمل ڪيو. هو 19 نومبر 1844ع تي بريمن مان مارڪس کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته:
”مان اڄڪلهه انگريزي اخبارن ۽ ڪتابن جي انبار هيٺان آهيان. اميد اٿم ته ڪتاب جنوري 1845ع جي وچ يا آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. مان انگريزن کي ڏاڍي مزي واري فردِ جرم پيش ڪرڻ وارو آهيان. مان انگريز سرمائيدارن کي سڄي دنيا آڏو قتل‏، ڌاڙن ۽ ٻين انيڪ ڏوهن جو وڏي پئماني تي ملزم چوندس... انگريز مون کي گهڻن ئي ڏينهن تائين ياد رکندا.“
اينجلس اهو ڪتاب جرمنيءَ جي کاٻيءَ ڌُر وارن لاءِ لکيو هو، ته جيئن سوشلزم ۽ ڪميونزم جا علمبردار صنعتي مزورن جي حقيقي حالتن کان واقف ٿي سگهن، ڇو ته صنعتي مزور ئي سوشلسٽ تحريڪ جو مهڙيون حصو هوندا آهن. برطانيا جي چونڊ انتهائي موزون هئي، ڇو ته يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ سرمائيداري نظام جا نقش ايڏا واضح نه ٿيا هئا ۽ نه ئي ڪٿي پرولتاريه ايڏي گهڻي تعداد ۾ موجود هئي. ان لحاظ کان جرمني ته بلڪل پڇاڙيءَ ۾ هو، جتي پرولتاريه جو وجود نالي ماتر هو. ان ڪري پيش لفظ ۾ ڪتاب جو مقصد ٻڌائيندي، اينجلس لکي ٿو ته:
”مزدور طبقي جون حالتون موجوده دؤر جي سڀني سماجي تحريڪن جو بنياد ۽ انهن جو شروعاتي نُڪتو آهن، ڇو ته اڄڪلهه جي سماجي غمن ۽ ڏکن جي سڀني کان بڇڙي ۽ سڀني کان اگهاڙي شڪل اهي ئي حالتون آهن... سوشلسٽ نظرين کي پختو بنياد ڏيڻ لاءِ پرولتاريه جي حالتن کان آگاهي بيحد ضروري آهي... پر پرولتاري حالتون پنهنجيءَ اساسي (ڪلاسيڪل) شڪل ۾، مڪمل طور تي، فقط برطانوي بادشاهيءَ خاص ڪري انگلينڊ ۾ موجود آهن.“
پر جرمنيءَ جا ماڻهو برطانوي پرولتاريه جي حالتن کان ڇو واقف ٿين؟ ان سوال جو جواب ڏيندي اينجلس لکي ٿو ته:
”جرمنيءَ ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جو بنياد صرف نظرياتي قانونن تي قائم رهيو آهي. اسان جرمن دانشورن کي حقيقي دنيا جي صفا گهٽ خبر آهي... جرمنيءَ ۾ ڪميونزم جا سڀئي علمبردار فيوئر باخ جي فلسفي جي واٽ سان (جيڪا هيگل جو رد آهي) ڪميونزم ڏانهن آيا آهن. پرولتاري زندگيءَ جي حقيقي حالتن کان اسان ماڻهو ايڏو گهٽ واقف آهيون جو ”مزدور طبقي جي ڀلائيءَ جون سوسائٽيون“ به، جن جي نيت نيڪ آهي، مزودرن بابت انتهائي کِل جوڳا ۽ بيڪار فيصلا ٻڌائينديون رهنديون آهن.... اهي بنيادي سبب، جن جو نتيجو برطانيا ۽ پرولتاريه تي ظلمن ۽ تڪليفن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي، جرمنيءَ ۾ به موجود آهن ۽ آخرڪار اهڙائي نتيجا ڏيندا.“
فيڪٽرين ۽ وڏن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جي حالتن جو جائزو وٺڻ کان اڳ اينجلس اسان کي ٻڌائي ٿو ته انهن مزورن جي ابتدائي شڪل ڪهڙي هئي ۽ اهي ڪهڙا ڪارڻ هئا جن انهن کي پرولتاريه (انقلابي پورهيت) بڻجڻ تي مجبور ڪيو. اينجلس لکي ٿو ته مشيني دؤر کان اڳ برطانيا جي روايتي صنعت ڪپڙو اُڻڻ جي هئي. اها ڳوٺاڻي صنعت هئي. ڪپڙو اڻندڙن جا ڪٽنب شهرن ويجهو ڳوٺن ۾ رهندڙ هئا. گهر جون عورتون سُٽ يا اُن ڪتينديون هيون ۽ مرد ڪپڙا اُڻندا ۽ شهر وڃي بازار ۾ کپائي ايندا هئا. ٻار ڳوٺ جي کليل فضا ۾ کيڏندا هئا ۽ ضرورت مهل ماءُ پيءُ جو هٿ ونڊائيندا هئا. ڪپڙو اڻندڙن وٽ زمين ٽڪرو به هوندو هو، جنهن ۾ اهي اناج ۽ ڀاڄيون پوکيندا يا ميون وارا وڻ هڻندا هئا. اهي ڪنهن جا به ملازم نه هئا، ان ڪري جيترو وقت وڻندو هين، ڪم ڪندا يا نه ڪندا هئا. انهن جا پنهنجا گهر به هوندا هئا ۽ اهي پنهنجي ان ننڍڙي خودڪفيل (پاڻ ڀري) دنيا ۾ سڪون سان حياتي گذاريندا هئا. نه پرولتاريه وانگر چوڏهن پندرهن ڪلاڪ روزانو ڪم ڪرڻ جي پابندي، نه بيروزگاريءَ جو ڀؤ، نه ئي مسواڙ نه ڏيڻ تان بي گهر ٿيڻ جو امڪان.
اهي سادا ماڻهو پنهنجي علائقي جي نواب يا رئيس کي پنهنجو قدرتي رهنما سمجهندا ۽ سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. اهي پنهنجا ننڍا وڏا جهيڙا جهٽا سندس آڏو پيش ڪندا هئا ۽ ضرورت مهل کانئس مدد گهرندا هئا. اهي مذهبي فرض ۽ رسمون ڏاڍي خلوص سان ادا ڪندا ۽ پابنديءَ سان گرجا گهر ويندا هئا. اهي نه ته ڪڏهن سياسي ڳالهيون ڪندا ۽ نه ئي ڪنهن سياسي سازش ۾ شامل ٿيندا هئا. سوچڻ ويچارڻ سندن عادت نه هئي، البت کين راند روند ۽ ناچ گاني ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. کين پنهنجي گهر، چرخي، پاليل جانورن ۽ کيتن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن شَي سان دلچسپي نه هئي. کين لکڻ پڙهڻ بنهه نه ايندو هو، ان ڪري اهي ذهني طور مئل هئا. اصل ۾ اهي انسان سڏرائڻ جا مستحق نه هئا پر هڪ محنتي مشين بڻجي چڪا هئا. ان مشين جو ڪم اميرن ۽ رئيسن جي خدمت ڪرڻ هو. کين ان طاقتور انقلاب (صنعتي انقلاب) جي ڪا خبرچار نه هئي جيڪو جلد ئي سڄي ملڪ ۾ ڇانئجي وڃڻ وارو هو.
برطانيا ۾ صنعتي انقلاب ارڙهين صديءَ جي وچ ۾ آيو. ان انقلاب ملڪ جون حالتون ڦيرائي ڇڏيون. 1764ع ۾ لنڪاشائر جي هڪ ڪپڙو اڻيندڙ ماڻهوءَ جيمز هار گريوز جينِي ايجاد ڪئي. اها اهڙي مشين هئي جنهن ۾ سورهن سترهن شيخون (تَڪلا) لڳل هيون ۽ مشين کي هڪ مرد هلائيندو هو. سُٽ ڪتڻ تنهن وقت تائين عورتن جو ڪم هو پر ايڏيون ڳوريون مشينون عورتون نه پيون هلائي سگهن، ان ڪري اهو ڪم به مردن جي حوالي ٿيو. سُٽ جي اپت ته سورهوڻ تي وڌِي وئي پر ڪپڙو اڻڻ جو پراڻو نظام تباهه ٿي ويو. جيني هلائڻ هڪ آزاد ۽ مستقل ڌنڌو بڻجي پيو ۽ جيئن ته ان ۾ آمدني گهڻي هئي ان ڪري گهر جي ڇت هيٺان هلندڙ چرخو چپ ٿي ويو، کُڏيون بند ٿي ويون ۽ ڪپڙو اڻندڙ اجوري تي ڪم ڪندڙ مزدور بڻجي ويو.
ان دوران ڪپڙو اڻڻ جي مشين (1764ع) ٺهي، ٻاڦ واري انجڻ ايجاد ٿي ۽ پرڏيهي واپار وڌيو. سُٽ، ان ۽ ريشم جون فيڪٽريون جتي ڪٿي قائم ٿيڻ لڳيون. ڪوئلي ۽ لوهه جي کاڻين جي پيداوار ۾ ڏاڍو واڌارو ٿيو. ٽينَ، ٽامي، جست، شيشي ۽ چينيءَ جا ٿانوَ تمام گهڻا ٺهڻ لڳا. سڄي ملڪ ۾ واهن، روڊن ۽ ريلن جو ڄار وڇائجي ويو، ان ڪري ڪچي پڪي مال (سامان) ۽ ماڻهن جي اچ وڃ وڌي وئي.
”ان صنعتي انقلاب جي برطانيا لاءِ اهائي اهميت آهي جيڪا سياسي انقلاب جي فرانس لاءِ ۽ فلسفياڻي انقلاب جي جرمنيءَ لاءِ آهي. ان ڪري 1760ع ۽ 1844ع واري برطانيا ۾ اهوئي فرق آهي جيڪو فرانس جي انقلاب کان اڳ ۽ جولاءِ 1832ع جي انقلاب کان پوءِ واري فرانس ۾ آهي، پر ان صنعتي ماهيت واري تبديليءَ جو سڀ کان اهم نتيجو برطانوي پرولتاريه آهي.“ (ص-49)
صنعتي انقلاب جي ڪري برطانيا ۾ رڳو دولت ٺاهيندڙ ذريعن ۽ ناڻي جو ئي مِڙڻ نه ٿيو، پر آباديءَ جو مڙڻ (گڏجڻ) به ٿيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته لنڊن، برمنگهم، مانچسٽر، گلاسگو ۽ ٻين صعنتي شهرن جي آبادي ڏسندي ئي ڏسندي ڪيئي ڀيرا وڌي وئي، ڇو ته صنعتي هنڌن جي تقاضا اها ئي آهي ته وڌ ۾ وڌ مزور هڪ هنڌ ڪم ڪن. پر ملڪ جي دولت ۽ پيداوار ۾ واڌ ڪندڙ مزورن کي پنهنجي پورهيي جو صلو ڪهڙو مليو. اهوئي، جنهن ڏانهن اقبال هيئن اشارو ڪيو آهي:

دستِ دولت آفریں کو مُزد یُوں ملتی رہی
اہلِ ثروت جیسی دیتے ہیں غریبوں کو زکات

آبادي بيحساب وڌي ته ان جا خراب اثر به ظاهر ٿيڻ لڳا. سڀ کان ڏکوئيندڙ حقيقت هيءَ هئي ته عام ماڻهو پنهنجي انفراديت وڃائي ويٺو. ماڻهن جي ان سمنڊ ۾ هاڻي هو بلڪل اڪيلو ۽ اوپرو هو. ذاتي ملڪيت ۽ ذاتي نفعي جي ان نظام ۾ جاڏي ڪاڏي نفسانفسي لڳي پئي هئي. ڪو ڪنهن جو حال پڇندڙ نه هو. هر ماڻهو ٻئي کان لاتعلق هو ۽ پنهنجي ذاتي مفاد کي حاصل ڪرڻ ۾ رڌل. ”ماڻهوءَ جي اها اڪيلائي، اها تنگ نظري ۽ خودغرضي ان معاشري جو اصول آهي جيڪو وڏن شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ پڌرو آهي. هتي ماڻهن جِي مونيڊس (Monads) وانگر ورهاست انتها تي پهچي وئي آهي. هر ايٽمي ذرڙي جو پنهنجو ڌار اصول ۽ پنهنجو مطلب آهي.“
اينجلس سرڪاري رپورٽن، پارليامينٽ جي بحثن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندڙ خبرن سان مزدور وسندين جون جيڪي حالتون مرتب ڪيون آهن، اهي پڙهي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. گدليون ۽ اونداهيون گهٽيون، جتي هر هنڌ گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا هئا، جُهرندڙ گهر، ڪِرندڙ ڀتيون، ڇڻندڙ ڇتيون، آلهه ۾ ورتل فرش، نه پاڻيءَ ۽ روشنيءَ جو انتظام، نه سامان ۽ آتشدان. هڪ هڪ ڪمري ۾ چئن چئن پنجن پنجن فردن وارو ڪٽنب رهندڙ. انهن جا چَتيون لڳل ڪپڙا، هڪ وقت ماني ملي ته ٻيو وقت بک تي. فيڪٽرين ۾ ٻارهن چوڏهن ڪلاڪن جي ڏهاڙي محنت. اتي نه مرد ۽ عورت جو فرق، نه ٻار ۽ ٻُڍي جو فرق. ننڍا ڇوڪرا ڪيئي هفتا سڄي سڄي رات ڪم ڪندا هئا، عورتون مسلسل بک جي ڪري بيهوش ٿي ڪِري پونديون ۽ مري وينديون هيون. نه ڊاڪٽر، نه علاج. مطلب ته انهن آزاد ماڻهن جي حالت وچين دؤر جي غلامن کان به بدتر هئي. (ص -159)
سرمائيداري نظام جي هڪ ٻي خاصيت هڪ ٻئي سان مقابلو آهي، جنهن ۾ هڪ طبقو ٻئي طبقي کي ڪيرائڻ ۽ هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي ڌڪو ڏئي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. ”مقابلو ان جنگ جو مڪمل اظهار آهي جنهن جو جهنڊو موجوده سوسائٽيِءَ تي جُهولي ٿو ۽ جتي هر ماڻهو ٻئي خلاف وڙهندڙ آهي. اها جنگ، جيڪا وقت تي زندگيءَ ۽ موت جي جنگ بڻجي پوندي آهي، رڳو سوسائٽيءَ جي مختلف طبقن جي وچ ۾ ئي وڙهي ناهي ويندي پر هر طبقي جا ماڻهو پاڻ ۾ به ان ئي شدت سان وڙهندا رهندا آهن.“ ان مقابلي جي ڪري نقصان سڀ کان گهڻو مزورن جو ٿيندو آهي. منجهن ٻڌي ناهي ٿي سگهندي ۽ انهن جي سودو ڪرڻ جي صلاحيت گهٽبي آهي. سرمائيدار جو فائدو به ان ۾ آهي ته مزورن جي ڪا يونين نه ٺهي سگهي، پر مزور مقابلي جي نقصانڪار اثرن کان آگاهه ٿيندا ويندا آهن، ان ڪري انهن جي مسلسل اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجيءَ يونين کي مضبوط بڻائن.
ٻي خاصيت پيداوار ۾ لاقانونيت ۽ معاشي بحران آهي جيڪو هر پنجين سال کان پوءِ سڄي معاشري کي گهيري وٺندو آهي. ان بحران جي ڪري ”بيروزگار مزورن جي فوج“ تيار ٿي ويندي آهي.
اينجلس مزورن جي ناداريءَ ۽ غريبيءَ جي سڄي ذميواري سرمائيدارن تي هڻي ٿو. اهي ماڻهو مزورن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪندا آهن. ان حالت ۾ مزورن لاءِ ٻه ئي واٽون وڃي بچنديون آهن ته اهي جانورن وانگر ڪنڌ جهڪائي فرمانبرداري ڪن يا جانور بڻجڻ کان انڪار ڪن. ”اهي اقتدار ۾ ويٺل سرمائيدارن خلاف نفرت جي چڻنگ ٻاري ۽ داخلي بغاوت جي تسلسل کي قائم رکي ئي پنهنجي انسانيت جي شعور کي برقرار رکي سگهن ٿا. اهي جيستائين اقتداري طبقي خلاف ڪاوڙ جي باهه ۾ سڙندا رهندا تيستائين ماڻهو آهن، پر جنهن گهڙيءَ اهي اطاعت لاءِ جهڪندا ۽ اطاعت جي جوا کي ٽوڙڻ جي جدوجهد کي ڇڏي زندگي کي برداشت ڪرڻ ۾ لڳي ويندا ته اهي پوءِ ماڻهو نه رهندا پر جانور بڻجي ويندا.“
غربت جي ڪري مزور طبقي کي جيڪي تڪليفون سهڻيون پون ٿيون، اهي ٻڌائڻ کان پوءِ اينجلس لکي ٿو ته غربت کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ مسئلو ڪم کان مسلسل بي يقيني آهي. مزورن کي سڀاڻي جي ڳڻتي هر وقت تنگ ڪندي رهندي آهي. سڀاڻو، جيڪو تلوار وانگر هر وقت هنن مٿان لڙڪندو رهندو آهي. ان تلوار جو قبضو مل مالڪ جي هٿ ۾ هوندو آهي. اهو جڏهن چاهيندو آهي ته مزور کي ڪم تان ڪڍي ڇڏيندو آهي. (ص -150)
ذهني پريشانيءَ ۽ بيزاريءَ جو ٻيو سبب اهو آهي ته سرمائيداري نظام ۾ ڪم پرولتاريه لاءِ هڪ سزا، هڪ جبر بڻجي پوندو آهي. پنهنجيءَ پسند يا مرضيءَ جي ڪم ۾ ته ماڻهوءَ کي گهڻي خوشي ٿيندي آهي، پر جيڪو ڪم مجبوريءَ مان ڪيو وڃي، اهو ظالماڻي سزا آهي، ان سان ماڻهو پنهنجين نظرن ۾ ڪري پوندو آهي. جيڪڏهن منجهس ماڻهپي جو ذرڙو به بچيل هوندو ته هو ضرور سوچيندو، ته مان اهو ڪم ڇو ٿو ڪريان؟ ڇا مون کي ان ڪم سان پيار آهي؟ ڇا منهنجو فطري لاڙو ايڏانهن ئي آهي؟ نه، بلڪل نه. هو ته اهو ڪم ڏوڪڙن لاءِ ڪندو آهي. هڪ اهڙي شَي لاءِ، جنهن جو لاڳاپو ڪم سان ناهي. (ص -152)
پر وڏا شهر هڪ پاسي مزورن لاءِ سزا ۽ لعنت آهن، ته ٻئي پاسي برڪت جو سبب به آهن. کين شهرن ۾ هڪ هنڌ ڪم ڪرڻ ۽ گڏ رهڻ سان، انهن ۾ پنهنجي جمعيت جي سياسي ۽ سماجي سگهه جو احساس ٿيندو آهي، تنهنڪري ئي مزورن جون سڀئي تحريڪون شهرن ۾ ئي پيدا ٿيون آهن.
برطانيا ۾ مزور تحريڪ جي شروعات اڻويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ ٿي. اُٿندي مزورن کي پنهنجي يونين ٺاهڻ جو حق نه هو ۽ نه ئي اهي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ هڙتال ڪري پئي سگهيا. مزورن يونين سازيءَ جو حق ڏاڍو وڙهي حاصل ڪيو. اها جيت اصل ۾ سندن اتحاد واري جذبي جي علامت هئي ۽ هڙتال جو حق سندن عمل جي سگهه جو اظهار هو. اينجلس يونين سازيءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته يونين سازي ان مقابلي کي ختم ڪرڻ ڏانهن پهرين وِک هو جيڪو مزورن ۾، پاڻ ۾ موجود هو ۽ جنهن کان سرمائيدار گهڻو فائدو وٺندا هئا، هاڻي جيڪڏهن مزورن جو پاڻ ۾ جهيڙو ختم ٿي وڃي ۽ اهي گڏجي اهو فيصلو ڪن ته اسان سرمائيدارن کي اڳتي ان ڳالهه جي موڪل نه ڏينداسين ته اسان جي پورهيي جي سگهه کي بازار ۾ ايئن ئي خريد ڪن جيئن ٻيون شيون ورتيون وينديون آهن، ته سمجهو ته ويڙهه کٽي ورتي. جيڪڏهن مزور هڪ قسم جي مقابلي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ هر قسم جي مقابلي جو خاتمو پري نه هوندو. (ص – 254)
ان باوجود ٽريڊ يونينين جي عمل جو دائرو ڏاڍو محدود هو. اهي مزورن جي سياسي ۽ طبقاتي جدوجهد جي رهنمائي نه پيون ڪري سگهن. اهو تاريخي فرض چارٽسٽ تحريڪ پورو ڪيو. ان تحريڪ جي شروعات هونئن ته فرانس جي انقلاب وقت ئي ٿي چڪي هئي پر تحريڪ جو زور 1835ع جي لڳ ڀڳ ٿيو. ان تحريڪ جا پهريان مرڪز برمنگهم ۽ مانچسٽر هئا پر پوءِ لنڊن ان جو مرڪزي هنڌ بڻجي ويو. چارٽسٽ تحريڪ شروع ٿيڻ جو سبب هيءُ هو ته 1835ع ۾ جنرل ورڪنگ مينز ايسوسيئيشن جي هڪ ڪاميٽيءَ وليم لويٽ جي اڳواڻيءَ ۾ ڇهن نڪتن جو عوامي چارٽر ٺاهيو هو:
1- پارليامينٽ جون چونڊون بالغ ووٽ جي اصول تي ٿين. ملڪيت ۽ آمدني وغيره جا سڀ شرط رد ڪيا وڃن.
2- پارليامينٽ جون چونڊون هر سال ٿين.
3- پارليامينٽ جي ميمبرن کي پگهار ڏني وڃي.
4- ووٽ ڳجهيءَ طرح وڌا وڃن.
5- انتخابي حلقا هڪ جيترا هجن، ته جيئن نمائندگي برابر ٿئي.
6- اميدوارن لاءِ ٽي سَو پائونڊ سالياني آمدنيءَ جو شرط ختم ڪيو وڃي.
چارٽسٽ تحريڪ مزورن جي سياسي تحرڳڪ هئي. ان جو نعرو هو ”سياسي اقتدار اسان جو ذريعو، سماجي خوشي اسان جو مقصد.“ اها تحريڪ سياسي اقتدار ته ماڻڻ ۾ ناڪام رهي، البت 1842ع جي آئيني اصلاحن ۾ عوامي چارٽر وارا سڀئي مطالبا مڃيا ويا.
اينجلس برطانيا جي سوشلسٽ تحريڪ، خاص ڪري رابرٽ اووين جي خدمتن کي ڏاڍو ساراهيو آهي، پر مٿس تنقيد به ڪئي آهي. ”برطانوي سوشلزم اووين سان گڏ وجود ۾ آئي آهي. کيس بورجوازي (Bourgious – سرمائيداري نظام جو ڪو فرد) طبقي جو گهڻو خيال آهي ۽ ان جي طريقيڪار سان پرولتاريه جي ڏاڍي بي انصافي ٿئي ٿي، جڏهن ته برطانوي نظام جو آخري نعرو پرولتاريه ۽ بورجوا جي وچ ۾ طبقاتي دشمنيءَ جو خاتمو آهي.“ (ص-272)
برطانوي سوشلسٽن تي تنقيد ڪندي اينجلس لکي ٿو ته اهي ڏاڍا صلح پسند ماڻهو آهن. اهي موجوده سماجي نظام کي قبولن ٿا، البت ان جي خرابين کي عام راءِ ذريعي ختم ڪرڻ گهرن ٿا. اهي هيٺئين طبقي جي اخلاقي پستيءَ جو روئڻ روئن ٿا، پر پراڻي سماجي نظام جي خاتمي ۾ جيڪو خير جو رُخ آهي اهو کين نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. اهي اهو به نه ٿا ڏسن ته ملڪيت رکندڙ طبقا گهڻو ئي وڌيڪ بدعنوان، بي ايمان ۽ منافق آهن، پر انهن سوشلسٽن جو سڀ کان وڏو نقص هيءُ آهي ته ”اهي ڪنهن به تاريخي ارتقا کي نه ٿا مڃن پر چاهن ٿا ته ملڪ راتو رات ڪميونزم جي دؤر ۾ داخل ٿي پوي. جڏهن ته سياسي ارتقا جا ڏاڪا هوندا آهن ۽ خاص منزل تي پهچڻ کان پوءِ ئي ڪميونزم ”ممڪن ۽ اڻٽر“ هوندو آهي. کين سرمائيدارن خلاف مزورن جي ڪاوڙ جي ته خبر آهي پر اهي ان ”طبقاتي نفرت“ کي اجايو سمجهن ٿا. ان جي ابتڙ اهي مخير ماڻهن کي خلق جي خدمت ۽ آفاقي محبت جي تعليم ڏين ٿا. (ص-273) البت هڪ پرولتاروي سوشلزم به آهي جيڪو چارٽسٽ تحريڪ مان ٿي گذريو آهي. ان پاڻ کي بورجوا عنصرن کان صاف ڪري ورتو آهي ۽ اميد آهي ته اهو برطانوي قوم جي تاريخ ۾ ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪندو. پوءِ به نظرياتي طور برطانوي سوشلزم فرانسي سوشلزم کان پٺتي آهي. برطانيا جي ذهني رهنمائيءَ لاءِ ضروري آهي ته چارٽسٽ تحريڪ ۽ سوشلزم فرانسي ڪميونزم جي بنيادن تي پاڻ ۾ ملي وڃن. (ص-274)
اينجلس جو اهو ڪتاب پرولتاريه طبقي جي حالتن جو پهريون جائزو آهي، جيڪو سوشلزم جي اصولن موجب لکيو ويو هو. اينجلس سرمائيداري نظام جي اوسر کي هيگل جي جدلي طريقيڪار جي رخ سان جاچيو ۽ نتيجو ڪڍيو ته سرمائيداري نظام اندر پيداواري قوتن ۽ پيداواري رشتن جي وچ ۾ جيڪو تضاد آهي، اهو ئي ان نظام جي نفي ڪندو. اهو تضاد معاشي بحران ۽ بيروزگاريءَ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي. نفيءَ جو اظهار انقلاب ذريعي ٿيندو. انقلاب جو تاريخي فرض پرولتاريه طبقو پورو ڪندو، نه ئي اهي خيالي منصوبا، جن جون تِن ڏينهن ۾ ڏاڍيون ڳالهيون پئي هليون.
اينجلس ڏاڍي عاجزي رکندڙ ماڻهو هو، ان ڪري هن پنهنجي ان ڪارنامي جي مشهوري ڪڏهن به نه ڪئي، پر سدائين مارڪس جي برتري مڃيندو رهيو. البت مارڪس اينجلس جي عظمت جو اعتراف سڀن آڏو ڪيو. ان ڪري اقتصاديات بابت اينجلس جي گهري سوچ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”مان فريڊرڪ اينجلس سان تڏهن کان خطن ذريعي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳو هيس جڏهن سندس انتهائي شاندار مضمون ”اقتصادي اصولن تي تنقيد“ جي صورت ۾ اسان جي پيرس واري رسالي ۾ ڇپيو هو. اينجلس انهيءَ نتيجي تي ٻيءَ واٽ (اقتصاديات واري) سان پهتو هو، جنهن نتيجي تي مان (فلسفي جي واٽ سان) پهتو هيس.“

_____
 Marx- Angels: Holy Family. P-58. London.1957
 موجود شين جو سڀ کان ننڍو ۽ اڻ ورهائجندڙ ٽڪرو. يوناني فلسفي جو اصطلاح جيڪو فيثاغورث ۽ پوءِ برونو ۽ لائبنز استعمال ڪيو.
 Engels: Condition of Working Class in Britain. P-57
 Marx: Selected Works. P-183-184