ليکڪ پاران: اذيتن مان لذتون ماڻيندو رهان
مون شدت سان تخليقي لمحن کي پنھنجي روح جي بيچين ڪيفيتن جي پاڇي ۾ ساھہ کڻندي محسوس ڪيو آهي ان ڪري اهي مون کي سندم تخليقن جيان عزيز آهن. حساسيت جيڪا هر فنڪار جي حصي/ پتي ۾ اچي ٿي، ڪھاڻيڪار بہ ان نسل مان ئي هوندو آهي. هو بہ اوتروئي ڀوڳي ٿو جيترو ڪو ٻيو آرٽسٽ ڀوڳي ٿو. فرق رڳو ايترو آهي تہ ڪھاڻيڪار پاڻ ڀوڳڻ سان گڏ پنھنجي ڪردارن کي بہ ان مان چڪو چکائي ٿو، هن جي ڪھاڻين جا ڪردار ڪڏهن سوليءَ تي پيا سر ڏيندا تہ ڪڏهن ڪھاڙين جي ڪمينن پاڇن ۾، پنھنجي وجود جي ويڙهاند پيا وڙهندا. محبت واري هڪ مرڪ تان پنھنجو سڀ ڪجهہ داءَ تي لڳائيندڙ ڪردار تخليق ڪار جي فطرت ۾ لڪل رومان جو اولڙو پيا پسائيندا تہ ڪڏهن پنھنجي هستي جي مستي ۾ پيا مرندا جيئندا. منھنجون تخليقي ڪھاڻيون فن جي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ دريافت ڪرڻ جي جاکوڙ چئجي يا زندگيءَ جي ايبسر ڊٽي کي مثبت رخ ڏيڻ جي ڪوشش! بھرحال هن موڙ تي آءُ پنھنجي سر ڪاراءِ ڏيڻ جي اهل نہ آهيان ۽ نہ ئي اهڙي ڇسائپ جو مظاهرو ڪندس. ڇاڪاڻ تہ وقت ئي وڏو منصف آهي. چوندا آهن تہ پنھنجي تخليق جو پھريون نقاد تخليقڪار پاڻ هوندو آهي. هو جڏهن تخليقي لمحن مان گذرندو آهي تہ کيس پنھنجون اوڻايون سوڻايون آرسيءَ ۾ منھن مھانڊي جيان پيون ڏسبيون آهن، پر منھنجي خيال ۾ هر آرٽسٽ ڪجهہ نہ ڪجهہ نرگسيت جو شڪار هوندو ئي هوندو آهي ان ڪري کيس پنھنجي تخليق مان ڪي اوڻايون نظر اچن. اهو ائين هوندو جيئن ڪنھن ماءُ کي پنھنجي اولاد ۾ ڪي عيب نظر اچن؟! بس فنڪار کي تہ پنھنجي فن سان وابستگي هوندي آهي، اها وابستگي کيس پنھنجي ذميوارين کان آگاھہ ڪندي، پنھنجي دور جي حسيت کي تخليقن ۾ اوتڻ جو اهل بنائيندي رهي ٿي. مون جڏهن ڪا ڪھاڻي سرجي آهي تہ ان کي حادثو ئي تصور ڪيو اٿم. بي چين ڪيفيتن مان اوچتو ڪا انڊلٺ اُڀري لکڻ لاءِ اتساهي ڇڏيندي آهي ۽ پاڻ پوءِ انھن پيچرن تي هلي پوندا آهيون. جيڪي اڻ ڏٺل هوندا آهن. راهن ۾ ڪنڊ اچڀندا آهن. روح زخمي ٿي پوندو آهي. پر ان اذيت ۾ جا لذت محسوس ٿيندي اٿم ان کي لفظن ۾ شايد ئي بيان ڪري سگهان! اذيت جيڪا محبت جي سرچشمي مان سيراب ٿيندي هجي اها وجود کي ڪيئي رنگينيون عطا ڪري ٿي ۽ فنڪار جي اندر ۾ ڪيئي نوان گل نکرن ٿا. ڪيترين بھارن جي آمد جو اعلان ٿئي ٿو. زندگيءَ سان تعلق جي نئين تاويل ٿئي ٿي تجديد ٿئي ٿي. منھنجو اهو وهم آهي يا حقيقت تہ منھنجون ڪھاڻيون محبت جي سرچشمي مان سيراب ٿيل اذيتن جو اولڙو آهن. جن ۾ مان پنھنجي وجود جون ڪيئي رنگينيون پسان ٿو پسايان ٿو ۽ پڻ انھن اذيتن مان لذتون ماڻيندو ٿو رهان جيڪي لذتون رڳو ڪنھن آرٽسٽ جي ئي مقدر ۾ لکيل هونديون آهن بقول اصغر گونڊويءَ جي هن شعر جي تہ:
زخم آپ لیتا ہوں، لذتیں اُٹھاتا ہوں،
تم کو یاد کر تا ہوں، درد کے بھانے سے۔
بهادر ٽالپر