واچوڙا ۽ واٽون
ڪڏهن تہ هو بہ مٿن ڏمرجي ٿي پيو. ”هي وري ڪھڙا آيا آهن، سڄي دنيا جا ٺيڪيدار ....؟! دنيا سڃاڻي ئي هنن کي .... باقي ٻيا ماڻھو ئي ڄڻ مري ويا. اڙي هلو سڃاڻانوَ ٿو .... هينئر بس ڪٿان ڪو قسمتي دعوت ڪارڊ مليو اٿو، تہ سڄي دنيا ئي کڻي مٿي تي کنئي اٿوَ! خبر تہ تڏهن پوندي جڏهن جشن ۾ شامل ٿينداسون، تہ ڪنھن کي ٿو وڌيڪ مان ملي؟! هاڻ، دوستن لاءِ سندس رويو جارحاڻو پئي ٿيندو ويو. پاڻ اندر ئي اندر ۾، جشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سوچي رهيو هو. ادبي فنڪشن ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾، هن اڳواٽ پنھنجو نڪور غزل تيار ڪري ورتو هو. ” مان پروگرام ۾ شامل ٿي پنھنجي نڪور شاعري پڙهندس. تاڙيون وڄنديون، سڄو هال تاڙين جي گونج ۾ منھنجي شاعري کي داد ڏيندو....“ هُو پنھنجي پاڻ سان ڳالھيون ڪري اهڙي قسم جا پھہ پچائي دل کي تسڪين ڏيندو هو. کيس شوق تہ تمام گهڻو هو تہ جشن تي وڃجي ليڪن دعوت ڪارڊ نہ هئڻ جي شڪايت سندس لاءِ وري بہ مٿي جو سور بنجي وئي هئي. انھي ڪري سندس ذهن ۾ انيڪ خدشن اچي وجود ورتو هو. ”ٿي سگهي ٿو جنھن هال ۾ جشن جو اهتمام ٿئي ان جي گيٽ تي ڪو ماڻھو بيٺل هجي، ۽ دعوت ڪارڊ ڏسي پوءِ ئي اندر ڇڏي! مون وٽ ڪارڊ تہ بلڪل ئي ڪونھي! ٻيو تہ سڃاڻيم بہ ڪو ڪونه؟ ڪوئي مون کي ڌڪو ڏئي واپس ڪري پوءِ ڇا ٿيندو...؟! عزت ٽڪي جي بہ نہ رهندي ۽ وري نالي جا دوست، جيڪي مون لاءِ رقيب بنجي چڪا آهن ۽ هر هر ڪارد ڏيکاري، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تہ ڏس اسان کي دعوت ڪارڊ مليا آهن ۽ توکي ....؟!! انھن جو رد عمل بہ غضب جو هوندو ۽ ڳوٺ پوءِ وري ڪھڙو مُنھن کڻي ويندس؟! ڳوٺ جو هر عام خاص ماڻھو مون لاءِ ڪھڙي راءِ رکندو؟! تہ ؛ ”هي همراه جشن تي ويو هو. پر کيس ڌڪا ڏئي هال مان ئي ٻاهرڪڍيو ويو.“
هو هيڪر وري بہ اميدجا ڏيئا روشن ڪري ٿو.! ”آخر اڳيان اديبن جو ميڙاڪو آهي. مان بہ تہ هڪ اديب آهيان اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي تہ هڪ اهڙي قلمڪار شاعر کي جيڪو هن ديس جي ماروئڙن لاءِ قلمي جهاد ڪري ٿو. تنھن کي مورڳو ڌڪاري جشن هال مان ئي ٻاهر ڪڍيو ويندو. جشن جو عام مطلب آهي. خوشي ملھائڻ! اهڙي خوشيءَ جي موقعي تي ائين تہ ٿي ئي ڪونہ ٿو سگهي؟!“
هو پنھنجو پاڻ کي مطمئن ڪري جشن جي تيارين ۾ لڳي ٿو وڃي. پر جڏهن هڪ نگاھہ پنھنجي وجود تي اڇلائي ٿو کيس پنھنجي بدن تي پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پھريل نظر ٿا اچن. ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائي پنھنجي شيوَ جو جائزو وٺي ٿو. شيوَ تمام وڌيل نظر ٿي اچيس ؛ تڏهن پنھنجي غريبيءَ تي ويچاري اونھو ساھہ کڻي ٿو .... پنھنجا لٽا پراڻا ۽ ڦاٽل ٻين ماڻھن کي سٺا ڪپڙا پھريل ڏسي، معاشري جي اڻ برابريءَتي اُڌما اٿنس ٿا.
”هي ڪھڙو معاشرو آهي جنھن کي اڻ برابريءَ وارو غلاف ڍڪايو ويو آهي.؟! هتي امير تہ وڌ امير ٿي رهيا آهن ۽غريب ويچارا وري غريب تر! آءٌ هڪڙو اديب آهيان، جنھن وٽ اڇا پنا کوڙ ملي ويندا ۽ قلم بہ هٿيڪو حاضر هوندو. جنھن سان آئون سماجي ناانصافي خلاف ويھي لکندو آهيان. منھنجي معاشي بدحاليءَ جي هر ڪنھن کي ڄاڻ آهي. مون پنھنجي کيسي ڏانھن ڏٺو آهي، جيڪو في الحال جشن ۾ وڃڻ ۽ پنھنجي تخليق پڙهڻ جي سلسلي ۾ڪا بہ همت افزائي نہ ٿو ڪري سگهي.“ هُو انھن سوچن ۾ ئي پاڻ کي بس اسٽاپ تي پائي ٿو جتي دوست بہ ساڻس گڏ آهن. بس اچي ٿي .... سندس دوست بس ۾ چڙهي ٿا پون! بس رواني ٿئي ٿي تہ هُو پويان بس جي اڏامندڙ ڌوڙ کي غور سان ڏسندو رهجي وڃي ٿو.