ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

لھو لھو آڱريون

هُو جڏهن ننڍو هو تڏهن واقعي بہ ننڍو هو، پرجڏهن طبعي طرح وڌي وڻ ٿيو تڏهن بہ ننڍو ئي رهجي ويو! هن جي سوچ ننڊي هئي يا ڪو ٻيو سبب هو، جنھن ڪري هو ننڍو محسوس ٿيندو هو.قد تہ واقعي بہ ننڍو هوس پر پنھنجي ليکي هو جوان مڙس هو. زندگيءَ ۾ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو پنھنجي هر ڪم کي ڪارنامو ئي سمجهندو هو. هن برش کڻي، رنگ روغن جو ڪم سکيو پر مصور نہ ٿي سگهيو. مصوري، جنھن ۾ عجيب و غريب نظارا فوڪس ڪرڻا پوندا آهن. مصوريءَ جي تاريخ ۽ لاهن چاڙهن کان واقفيت بہ اهم هوندي آهي. پر هُو مسڪين ان سلسلي ۾ بہ مسڪين ئي رهجي ويو!
اوچتو اچي منھنجو رستو جهليائين. هر روز مون سان راز و نياز جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ڄڻ صدين کان ڪو اسان جي دوستيءَ جو پيوند پختو ٿيل هو.
مون کان صلاح وٺڻ لڳو. ته“ آءٌ هاڻ ڪھڙو ڪارنامو سرانجام ڏيان مصوريءَ جي فيلڊ ۾ تہ مون اهڙا شاهڪار تخليق ڪيا آهن جو ونسينٽ وانگو ۽ پڪاسو جون پينٽنگس تہ ڪنھن ليکي ۾ ئي ڪو نہ آهن.” ڳالھہ ڪندي،ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنائين تہ سندس چھري تي وارن، رات تاري ڪري ڇڏي. مون کيس صلاح ڏني تہ هُو ان ئي فيلڊ ۾، پنھنجا جوهر ڏيکاريندو رهي. ٿي سگهي ٿو تہ اڳتي هلي، هُو سنڌ بلڪہ ڏکڻ ايشيا جو عظيم مصور بنجي وڃي. ان کان اڳ جو هو مون کي ڪو جواب ڏئي، هن پنھنجون آڱريون مون کي ڏيکارڻ شروع ڪيون، ان سان گڏ گفتگوءَ جا گلاب بہ وکيريندو ويو. “ساحل ڏس! هي منھنجون آڱريون ڪيتريون نہ زخمي ٿي چڪيون آهن. اڃا چئين ٿو آءٌ ان فيلڊ ۾ ڪم ڪريان. ڪو بہ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھو پابند ٿورئي هوندوآهي.آءٌ ڪا ٻي فيلڊ بہ تہ جوائن ڪري سگهان ٿو.”مون وري سندس حوصلو وڌائڻ لاءِ غلام حسين رنگريز جي غزل جو هڪ شعر کيس ٻڌايو ؛
لھو لھو آڱريون اهي جن
محبتن جا گلاب پوکيا.
“چريا! تون تہ محبتن جا گلاب پيو پوکين، جو تنھنجون آڱريون لھو لھو آهن. پوءِ توکي ٻي فيلڊ جوائن ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت؟!” تہ سندس چپن تي شرارت ڀري مسڪراهٽ تري آئي ۽ احساس ٿيڻ لڳس تہ واقعي بہ هوُ ڪو محبتن جا گلاب پوکي رهيو هو. مصورن جو ذڪر جڏهن بہ ڪٿي پڙهندوهو تہ انھن جي سٿ ۾ سندس ذڪر خير نہ پڙهي کيس رنج ٿيندو هو تہ سندس فن جو قدر مڙئي ڪجهہ گهٽ ٿي رهيو آهي. ان ڪري وري وري هُو ٻي ڪا فيلڊ جوائن ڪرڻ جو سوچڻ لڳندو هو. هُو شايد شھرت جو بکيو هو تڏهن ئي فن کي اهميت ڏيڻ بدران پنھنجي باري ۾ ٻين واتان واکاڻ جون صدائون ٻڌڻ جو متمني هو. مون کي هڪ ڏينھن چيائين ؛ “آءٌ، شاعري خوب ڪري ڄاڻان! چئين تہ ڪجهہ شعر توکي ٻڌايان” مون چيو مانس ؛ جي بسم ﷲ.” پوءِ تہ اچي ڇٽڪيو پنھنجي شاعري ٻڌائڻ ۾ .... آءٌ بہ واھہ واھہ ڪندو ويس. تان جو دفترن جا دفتر کلي ويا. مون ڏٺو تہ ائين سڄو سج لھي ويندو. ان ڪري چيومانس ؛ ”هاڻ بس ڪر نہ تہ آءٌ بيھوش ٿي ويندس جو تنھنجي شعرن جو سحر منھنجي وجود کي جڪڙيندو وڃي.” تڏهن مس وڃي ماٺ ڪيائين. هاڻ هُو هئو ۽ شعر جي دنيا هئي، جتي ڪيترائي لاٺڙيا شاعر اڳ ۾ بہ موجود هئا. هڪڙو وڏو هنگامون هو. ان ھنگاما آرائي واري ماحول ۾ هن شعر سرجڻ شروع ڪيا.غير معياري شاعري پڙهي / ٻڌي ماڻھن جون سماعتون اڳ ئي شل پئجي چڪيون هيون. باقي ماڻھو رهيل هئا هن جو شعرپڙهڻ، ٻڌڻ واري نعمت کان محروم! هن جا شعر مختلف رسالن، اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. پاڻ پڙهي ائين پيو خوش ٿئي ڄڻ ساري دنيا جھان جا خزانا کيس ميسر ٿي ويا هجن. ٻين شاعرن جي شاعري سان پنھنجي ڀيٽي لڳو مون کي ٻڌائڻ؛ “ساحل ڏس، منھنجي شاعري ۽ ٻين جي بہ .... ڪيترو نہ زمين آسمان جو فرق آهي. منھنجا احساس ۽ جذبا اوريجنل آهن. انھن۾ تخليقيت آهي، دائميت آهي. ٻيا تہ هوائي توائي شاعر آهن جن ۾ مصنوعي پڻو پري کان پڌرو آهي.” مون چيو مانس ؛ “توکي تہ آڳاٽو شاعري جي جھان ۾ اچڻ کپندو هو پر تو دير الائجي ڇو ڪئي؟! شايد توکي مصوري واري مامري منجهائي وڌو.” مون وارو ريمارڪ ٻڌي سندُس نرڙ تان پگهر چمڪڻ لڳو. “ها يار ....! ڪھڙي ٿو ڳالھہ ڪرين ....؟ مصوريءَ ۾ تہ مون کي ڪجهہ مشھوري ملي، پر اُن ۾ تہ آڱريون بہ زخمي ٿيون. مگر شاعري آسان ڌنڌو آهي ۽ ماڻھو ڪٿي نہ ڪٿي ڇپجي تہ ويندو آهي.” مون چيو مانس! “يار....!! اها ڳالھہ تو واھہ جي ڪئي آهي. اڄوڪي دور ۾ ڇپجڻ بہ وڏي غنيمت آهي.”
هاڻ هُن، ٻين جي واتان پنھنجي ساراھہ وارا قصيدہ ٻڌڻ لاءِ سھي وانگر ڪن کڙا ڪرڻ شروع ڪيا. پر جڏهن ڪٿان بہ ڪا سُس پُس ٻڌڻ ۾ نہ آيس تہ مون کي چيائين ؛ “يار ساحل ....! هي سماج بہ ڪھڙو سماج آهي جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو ڪارنامو سر انجام ڏئي تہ بہ اهڙو، جيڪڏهن نہ ڏئي تہ بہ اهڙو ....” مون پڇيو مانس “اهو وري ڪيئن؟” چيائين ؛ “هيترا سارا شعر رسالن ۾ ڇپيا اٿم. عام ماڻھو تہ ٺھيو پر اديبن جي مٿي ۾ بہ ڪا جُونءِ نہ سُري. منھنجي حوالي سان تہ ڪوبہ ذڪر اذڪار هيستائين نہ ٿيو آهي. هاڻ تون ئي ڪو وارو ڪر .... لک ڪو ليک منھنجي شاعريءَ تي نہ تہ اونداهين غفائن ۾ گم ٿيڻ منھنجو مقدر آهي.” مون دل ئي دل ۾ چيو آمين. ڇالاءِ تہ آءٌ سندس پَرڪار ڏسيو ويٺو هوس. مصوريءَ جنھن سندس آڱريون زخمي ڪيون تنھن کي ترڪ ڪيائين. شھرت جي شوق ۾ اچي شاعريءَ جو روح رنجايائين.
مون وري کيس سکڻو دلاسو ڏنو تہ ضرور لکندس. انھيءَ آسري بہ هن ويچاري کي سيارا اونھارا ڏيکاريا پر ڪو کڙ تيل نہ نڪتو. وري ڪنھن ڀيري واءُ مينھن هڪ ڪندو اچي مون مٿان ڪڙڪيو. آءٌ لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ رڌل هوس. پري کان ڏسي خوشيءَ مان ڀرجي اٿيو تہ اڄ ضرور مٿس ڪجهہ لکجي رهيو آهي. پر آءٌ تہ ڪنھن ٻئي موضوع تي لکي رهيو هوس .... پڙهي، سندس سڀ خوشيون ڪافور ٿي ويون. مايوسيءَ واري ڪيفيت ۾ هڪ لکيل ڪھاڻي ميز تي ڦھڪائيندي چيائين “هي منھنجي لکيل ڪھاڻي پڙھہ ۽ ريمارڪ ڏي ....آءٌ ڪھاڻيڪار بنجي ويو آهيان .” منھنجي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ سوچڻ لڳس هي بہ ماڻھو ڪو ماڻھو آهي يا فنڪار آهي يا شايد ڪو هر فن مولا جو وتي هر فن سان پنھنجو پيوند پختو ڪندو. مون ڪھاڻي پڙهڻ شروع ڪئي. اول کان آخر تائين ان ۾ سندس فن جي حوالي سان ڪردار عيان ٿيندو ويو. پاڻ پڏائڻ واري بنياد تي اڏيل سندس ڪھاڻيءَجي عمارت تي مغروريءَ جي چٽساليءَ کان سواءِ سکڻي شھرت جا شوخ پکي پَسار ڪندي نظر آيم، تڏهن مرڪ منھنجي چپن کي چمي ڏني. آءٌ پڙهندي،واھہ واھہ بہ ڪندو ويس ۽ هو بہ ويو ٿي خوش ٿيندو .... پر وري بہ من ۾ خواهش جاڳيس تہ آءٌ سندس ڪھاڻين تي لکان .... منھنجو ضمير وري مون کي ڏنگي رهيو هو تہ “ٻيلي ٺلھي قصيدا سرائي ڪو سٺو سئوڻ نہ اٿئي وڌيڪ تنھنجي مرضي” ان ڪري هن موڙ تي بہ آءٌ لھرائي ويس ۽ سندس شاهڪار ڪھاڻين تي لکي نہ سگهيس. تہ هن منھنجن پيچرن تي ويھڻ ڇڏي ڏنو. ياري دوستيءَ وارا سڀ ننگ وساري ويٺو. وڃي پيچ اڙايائين. هڪ صنف نسوان سان خط وڪتابت وسيلي، اها ڇاڪاڻ تہ هڪ اديبا هئي ۽ کيس اميد هئي تہ اهائي سندس فن (ڪھاڻين) تي لکندي هن پھرين ان ڪھاڻيڪارا جي ڪھاڻين تي لکيو. اهڙيو لکيائين جو ادبي دنيا ۾ هلچل مچي وئي. اها اديبا ايڏو تہ مشھور ٿي جو سندس نالو بہ هر ڪنھن جي زبان تي اچي ويو. ان ڪھاڻيڪارا بہ سندس ادبي قرض لاهڻ لاءِ قلم کنيو ۽ سندس فن (ڪھاڻي) کي فرش تان کڻي وڃي عرش تي پھچايو. سنجيدہ ادبي تنقيد پري کان ئي تماشو ڏسندي رهجي وئي. هڪ ڏينھن اخبار ۾ ٽي ڪالمي سرخي لڳي. “ان اديب ۽ اديبہ پاڻ ۾ پريم پرڻو ڪري ڇڏيو ٻہ صنف مخالف اديب ادبي ۽ سماجي حوالي سان شھرت جي آسمان تي پھچي ويا”. پڙهي آءٌ سوچن جي پاتال ۾ لھندو ويس گَھِرو .... گَھِرو تمام گَھِرو.