ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

دونھين ۾ ڌنڌلائجي ويل دعا

هُن فورسيٽر مان اکيون مٿي کنيون تہ اڳيان ڏٺائين، حيدر چوڪ هٿ مٿي کڻي دُعا گهري رهيو هو. دعا جنھن ۾ ٽي اکر د، ع، ا ۽ اهي ٽي اکر گڏجي هڪ لفظ جنمي ويا ۽ اهو لفظ وري ٻن هٿن جي گڏجي مٿي کڻڻ سان ڪيڏو نہ با معنيٰ بڻجي ويو. ”پر هي دعا ڪنھن جي لاءِ....؟! يقينن اهو سوال اهم آهي ۽ سوال تہ ٻيا بہ ڪيترائي آهن جن جا جواب تہ اڃا تائين دريافت ئي نہ ڪيا ويا آهن.“ هُو اهو سوچيندي حيدر چوڪ تي ئي لھي ٿو پئي حيدر چوڪ تي وري سنديس نگاھہ انھن دعائيہ هٿن ڏي پاڻمرادو کڄي وڃي ٿي. سندس من ۾ انيڪ احساس سامونڊي ويرن جيان چڙهڻ لڳن ٿا. ”ها! هي هٿ جيڪي دعا لاءِ کڄيل آهن اھي ڄڻ تہ لطيف جي ان بيت جي ترجماني ڪن ٿا جيڪو ڪجهہ هن ريت آهي. سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار لطيف جنھن جو پيغام ٽن صدين پڄاڻان بہ تازو توانو آهي. اُن ٽي صديون اڳ سنڌ لاءِ سُڪار جي دعا ڪئي ان سان گڏ هن ساري عالم جي آباد رهڻ جي دعا بہ ڪئي“ هن کي اهي دعائيہ هٿ کليل ڪتاب جيان پڻ محسوس ٿيا. هڪ اهڙو کليل ڪتاب جنھن جو ورق ورق دانائيءَ وارن نڪتن سان ٽٻٽار هجي. اهو تصور اينديئي هُو حيدر چوڪ ويجهو فوٽ پاٿن تي لڳل ريڙهن تي رکيل ڪتاب ڏسڻ ڪاڻ اوڏانھن مڙي ٿو وڃي. ڪيترن ئي موضوعن تي مشتمل ڪتاب سندس ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ لڳن ٿا. ڪتابن جي ٽائٽلن تان اصلوڪو رنگ ڪجهہ غائب محسوس ڪري، کيس سوچ آئي ته! ”ڪتابن جو وڪرو ڪجهہ مڙئي سست آهي تڏهن ئي تہ ڳچ عرصو اُس ۾ پيل هئڻ ڪري سندن دلڪشي متاثر ٿي آهي. ٻيو تہ اسان جا نوجوان مطالعي کان ايترو تہ پري ٿي ويا آهن يا غافل ٿي ويا آهن. جو کين ٻي هر مشغوليءَ لاءِ فرصت هوندي آهي. پر ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ سندن لاءِ ائين آهي ڄڻ کين ڪو هماليہ جبل سر ڪرڻو آهي. مفت ۾ ڪو ڪتاب ملندن تہ وٺي ضرور رکندا، پر پڙهڻ ڪاڻ ڄڻ بخار پيو چڙهندو....“ هن اڄوڪن نوجوانن لاءِ اندر ئي اندر اهڙا پور پچائيندي، پاڻ ڪجهہ ڪتاب خريد ڪيا. پوءِ هو حيدر چوڪ کان ساڄي طرف مڙندڙ روڊ وٺي هلڻ ٿو لڳي. وک وک ۾ ڪيئي ويچار وچڙندا ٿا هلنس سج جا سونھري ڪرڻا. ڌرتي تي جيتوڻيڪ نڇاور ٿي رهيا آهن. پر ڊسمبر مھيني جي سرد هوا بہ پنھنجو وجود محسوسائي رهي آھہي هن جي لڱن تي لٽن کان سواءِ ٻيو اوڇڻ بہ خير ڪو آهي. هلندي هلندي هو جنرل اسٽورن ۽ ٻين دڪانن جيڪي شيشاون دروازن ۽ ٻين آرائشي شين سان سجايل آهن. تن کي وڏي غور سان ڏسندو وڃي ۽ پنھنجي سر ذهن ۾ انھن بابت ڪي خاڪا پڻ جوڙيندو وڃي. اڳيان هلي هو هڪ بوڪه شاپ جي نالي واري تختي ڏسي ان وٽ بيھي ٿو رهي دڪان اندر هڪ ڀرپور نگاھہ ٿو اڇلائي دڪان جون هڙئي ديوارون کيس ڪتابن جي هجومن ۾ گهيريل نظر ٿيون اچن دڪان ۾ هڪ جوانڙو نظر واري عينڪ پاتل کيس اندر اچڻ لاءِ ڪوٺ ڏئي ٿو تہ هو بنا ڪنھن وڌيڪ سوچ ويچار جي اندر هليو ٿو وڃي. هزارين ڪتابن جون ويڪريون ڇاتيون ڄڻ کيس آڌر ڀاءُ ڪنديون محسوس ٿين ٿيون. هو اُتان پنھنجي مالي حالت آهر هِڪڙو ڪتاب خريد ڪري پئسا ڏئي دڪان جي ڏاڪڻين تان ايئن لھي ٿو. ڄڻ سندس ٻئي پير فزيڪل ٽريننگ ۾ رُڌل هُجن.
ڏاڪڻين تان لھنديئي هِن جي نگاھہ اوچتو وڃي سندءِ دوست تي پوي ٿي، جو پنھنجي پرنٽنگ ايجنسي اڳيان ڪنھن سان ڳالھائڻ ۾ رُڌل آهي، هو اها سوچ سوچي تہ ڪي پل هو ساڻس ڪچھري بہ ڪري ۽ سيءُ کان ڪجهہ پاڻ بچائڻ لاءِ هو ڪِٿي ٿانيڪو ٿي ويھي پنھنجي دوست جي پرنٽنگ ايجنسي ۾ وڃي ويھي ٿو. هو ڪاري گهري شيشي مان ٻاهر سندءِ دوست کي ڏِسندو رهي ٿو تہ ڪيڏي مھل ٿو گُفتگو مان واندو ٿي ساڻس مِلي، پرنٽنگ ايجنسي ۾ ماڻھو تہ ٻيا بہ ڪيترا ئي موجود هئا، پر هر ڪو پنھنجي هڻ هڻان ۾ هو. ڪي ڪمپيوٽرن تي مواد جي ڪمپوزنگ ۾ رُڌل هئا تہ ڪي پروف ريڊنگ ۾ مشغول هئا. هن پاڻ کي مصروف رکڻ ڪاڻ ٽيبل تي پيل تازي اخبار هٿ ۾ کنئي تہ ٻاهران سارو ڌيان هٽي اچي اخبار جي سُرخين تي بيٺس... اخبار جون سُرخيون ماڻھن جي خون سان رقم ٿيل، قبيلائي جهيڙا، ذات پات ۽ نسلي ٽيڳر ۾ ٻُڏل ذهنن جون ارڏايون، ڪارو ڪاري، ملڪيتن ۽ زمينن تان عورتن ۽ نياڻين جا بيگناھہ قتل، سندن مٿن جون گنديون ليڙون ليڙون.... سياست جيڪا ڪڏهن صاف سُٿري هوندي هئي. اهڙي جھڙي ڪنھن ڳوٺاڻي عورت جو ڏڌ ولوڙي ڪڍيل مکڻ! هاڻ تہ اها گند جو ڍير.... سوين سياستدانن مان ڪو هڪ عوام جو گهڻگهرو! باقي ٿيا ست خير.
سرخيون پڙهندي سندس نظرن سان گڏ احساس بہ جھڙو ڪر زخمجڻ لڳن ٿا. هڪ پَل لاءِ اخبار تان نظرون چورائي هو ٻاهر ڏِسي ٿو. سندءِ دوست ڪڏهوڪو ڪيڏانھن وڃي چُڪو هو، وري بہ اخبار جون سُرخيون سندس فوڪس ۾ اچن ٿيون. هڪ سُرخي پڙهندي، ڪنھن ڀالي جيان سندءِ هانوَ ۾ ٽنبجي وڃي ٿي! ”هڪ خودڪش بمبار مسجد ۾ اچي نمازين جي وِچ ۾ پنھنجو پاڻ ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، ڪيترائي نمازي شھيد ٿي ويا.“ خودڪش بمبار جھڙو لفظ پڙهڻ سان سندس وجود ئي لُڏي ويو ۽ سندءِ روح جي ململ چولي ۾ جهير پئجي ويا. حيدر چوڪ وارا دعائيہ هٿ تصور ۾ آڻيندي“ يا خدا.....! هي ڇا پيو ٿئي؟! هنن هٿن جو ڇا ٿيندو.!!
پنھنجي زخميل سوچن سان هِن وڌيڪ سُرخيون پڙهڻ بنا ئي اخبار ٽيبل تي رکي ڇڏي، هاڻ سندس سرير ۾ سيءُ بدران خوف جا ڪاريھر ڪر کڻڻ لڳا. اندر ۾ خوف، زلزلو، ٻُڏتر، اُڻ تُڻ... احساسن ۾ عجيب قسم جي ڪشمڪش... وري اچانڪ اُڀري آيل سوچ! تہ ”ڏِسان ڪِٿي ٻاهر طوفان تہ نہ آيل آهي“ طوفان جي تصور سان گڏ انڌيرو ڪاري رات، سج پنھنجي روشنيءَ کان، چنڊ پنھنجي چانڊوڪيءَ کان، تارا پنھنجي جهرمر کان هٿ ڌوئي ويٺل! هڪ ٻيو زوردار ڌماڪو... ڌرتي ساري ڌٻي وئي. ”ها! هيستائين شايد ٻيو بہ ڪِٿي نہ ڪِٿي ڌماڪو ٿي چُڪو هوندو“ پرنٽنگ ايجنسيءَ اندر ڪمپيوٽرن جا آواز ڄڻ موت جا آواز.... زندگيءَ اسان جو کاڄ! پرنٽنگ ايجنسي ۾ ماڻھو ڳالھائين پيا... پر هن لاءِ ڄڻ فضول پاڇا! زندگيءَ بنا ڪي لاش؟! هي هِڪڙو فرد سوچن، احساسن ۽ خوف جي صليب تي لٽڪيل... هر هر مرندڙ ۽ جيئندڙ.
مون کي هاڻ هِتان اُٿڻ گُهرجي، ڪافي دير ٿي چُڪي آهي، نہ نہ چريا! نہ اُٿجان ٻاهر طوفان آيل آهي، هڪ وڏو طوفان جيڪو سڀني ننڍن واچوڙن کي ڳھي سگهي ٿو. انسانن جا وجود اُڏائي سگهي ٿو. هي نرم نرم گدو جنھن تي آءٌ ويٺو آهيان. ويٺو ئي رهان...؟!! پر ايئن تہ ماڻھو مون کي بي همت چوندا ۽ ٻيو بہ ڇا ڇا چوندا...؟! نہ نہ آءُ بزدل ناهيان دِل وڏي اٿم هانوَ بہ ڪُشادو اٿم ڪجهہ پلن لاءِ جيتوڻيڪ طوفان جي تصور لوڏيو اٿم، پر مون کي دِل وڏي ڪرڻ کپي. هِتان اُٿڻ کپي، دوست جي اچڻ جي آسري تي ايئن نہ ٿئي تہ ڪاري رات ڇانئجي وڃي. نہ نہ ايئن تہ ڪونہ ٿيندو؟! ڪاري رات ڪا نہ ڇانئبي... شھر جون رنگ برنگي بتيون جو ٻرنديون؟! روشنين جي شھر ۾ انڌيري جو تصور... ڪيڏو نہ چريو آهين؟! چريا! اها خبر نہ اٿئي تہ روشنيون انڌيرن کي ڳھي وينديون آهن. اهو تہ آءُ بہ مڃان ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن انڌيرا بہ روشنين کي ڳھي ويندا آهن ۽ پوءِ ساريون راهون ۽ رستا تاريڪ بنجي ويندا آهن ۽ پوءِ فيض جھڙا شاعر چوندي ٻُڌبا آهن ”هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي“ سندس اندر ۾ ٻہ مختلف تضادي محاذ ٺھيل... ٻنھي محاذن وِچ ۾ جنگ جُٽيل... هو ان ٻُڏتر ۾ سموريون همتون ۽ حوصلا هيڪاندا ڪري، ڀڙڪو ڏئي اُٿي ٿو. پرنٽنگ ايجنسيءَ ۾ ويٺل سمورن ماڻھن جو ڌيان ڏانھس ٿيو وڃِي هو ايجنسيءَ جو شيشائون گيٽ اُڪري ٻاهر روڊ تي هلڻ ٿو لڳي. سندس قدم پاڻ مُرادو کيس حيدرچوڪ ڏي وٺي وڃن پيا. اچانڪ ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ٿي، گاڏين جا شيشا ڀڄندا پري پري تائين وِکرندا وڃن ٿا. باھہ لڳل گاڏين مان آگ جا اُلا اُٿي خوفناڪ دونھين جي شِڪل وٺي پوءِ طوفاني هوائن ۾ بدلجڻ لڳن ٿا. شھر جي حسين چھري تي ڪاري دونھين جو راڄ ڏِسي کيس سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ هيءَ سڀ ڪجهہ ڇا ٿي رهيو آهي. ڇا سندس وهم واقعي ئي حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي. حيدرچوڪ جي ويجهو پھچي ٿو تہ کيس دونھين جي طوفان ۾ دُعا ياد ٿي اچي، جنھن کي هو گهران روئندي ڇڏي نِڪري آيو هو، پوءِ اوچتو سندس سماعتن ۾ ڪنھن جو آواز پڙاڏو ڪري ٿو، ”هم جو تاريڪ راهون مين ماري گئي“، ”ها.... ها... سچ پچ هسيتائين ڪا وڏي هستي روشنيءَ جي تلاش ۾ تاريڪ راهن ۾ مارجي وئي هوندي...؟! ڪنھن زور دار ڌماڪي سان... هي طوفان ۽ تيز هوا اُن جو ردِ عمل ٿي سگهي ٿي....؟!
هو دونھين ۾ گهيريل روڊ تان گهر ڏي ويندي ايئن پئي سوچيندو ويو. هو گهر جي ٻاهرئين دروازي جي چانئٺ اُڪريو تہ ”دُعا“ اڃا تائين روئي رهي هئي. هِن جي تصور ۾ يڪايڪ حيدر چوڪ واري دعا اچي وئي جيڪا دونھين ۾ ڌنڌلائجي اوجهل ٿي وئي هئي تہ هو وڏي اُڇنگار ڏئي پاڻ بہ روئڻ شروع ٿي ويو.... ۽ طوفاني دونھين واري رات تھائين وڌيڪ ڪاري ٿيندي وئي.