ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

مرڪن ۽ ٽھڪن جي ڳولا

آءٌ هلندي هلندي اهڙي وسنديءَ ۾ پھتس جتي ٽھڪ ڏيڻ منع هئا؛ مُرڪ بہ مھانگي هئي! پر آءٌ تہ مرڪن ۽ ٽھڪن جي تلاش ۾ ئي نڪتو هوس جيڪي منھنجي شھر ۾ تہ اڳ ئي اڻ لڀ ٿي چڪا هئا. مون هڪ اهڙي عورت کي ڏٺو، جيڪا پنھنجي ننگ ۽ ناموس جي رکوالي ٿي لڳي. چھري جي خوبصورتيءَ ۾ بہ هوءَ پنھنجو مٽ پاڻ هئي هلڻ ۾ تہ هيڪاري ائين پئي محسوس ڪرايائين، ڄڻ ڪا وڏ گهراڻي عورت هجي. سندس ٻنھي ٻانھن ۾ سونيون چوڙيون، وڄ وراڪا ڏئي رهيون هيون نڪ ۾ ڪنھن جي نينھن جي ڦلڙي پاتل هوس. جنھن بہ جهرڪا پئي ڏنان سندس جوڀن جيئن، منھنجون نظرون سندس چھري تي ڄمي ويون. هلندڙ قدم اوچتو بيھجي ويا. پنھنجي احساسن ۾ عجيب قسم جو طوفان برپا ٿيندي محسوس ڪيم. کيس ڏسندي سندم دل جي ڪائنات ۾ سوين ڪھڪشائون روشن ٿي ويون مون تصور ئي تصور ۾ ڄڻ کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هوءَ مون کان ٻن وکن جي وٿيءَ تي بيٺل هئي سندس چھري ۾ چتائي، مُرڪ ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم، سندس گهرن ناسي نيڻن جي ڪنھن ڪنڊ مان موهيندڙ مرڪ جو ڪو پاڇو نظر نہ آيو. منھنجي ائين گهوري نھارڻ سان، سندس اندر ۾ اچي، اڻ تڻ جاڳي. “هيءَ ڪير شخص آهي جو ائين ٿو منھنجي مُنھن ۾ چتائي ڏسي!!” پنھنجي پاڻ سان ڳالھائيندي هن مون کان پڇي ورتو. ڇا اوهان مون کي سڃاتو آهي.؟!” هُن ڌيرج ۽ سنجيدگيءَ سان وراڻيو. منھنجو جواب ناڪار ۾ هو. “مون اڳ توهان کي هن وسنديءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ڏٺو آهي.” هن ٻيھر ٻوليو “بلڪل اوهان جو اندازو درست آهي. مان هت پھريون ڀيرو ئي آيو آهيان. مان آهيان مُرڪن ۽ ٽھڪن جو متلاشي، جيڪي منھنجي شھر ۾ اڻلڀ بنجي چڪا آهن. ڇا تون ڪجهہ مرڪون ۽ ٽھڪ پکيڙي سگهين ٿي؟! “مون گنڀيرتا مان کانئس سوال ڪيو.
هن روئڻھارڪي لهجي ۾ وراڻيو ؛ “منھنجا ٽھڪ توڙي مرڪون زندگيءَ جي اُن شاهراھہ تي گم ٿي ويا آهن. جتي دکن ۽ دردن جي ٽرئفڪ هر خوشيءَ جي حادثي جو سبب بنجي ويندي آهي. پوءِ محسوس ائين ٿيندو آهي ڄڻ خوشي جھڙي چيز رڳو هڪ سپنو هو.” ڳالھائيندي ڳالھائيندي هوءَ لڙڪ روڪي نہ سگهي. مون کي پنھنجي مقصد جي حاصلات تي پاڻي ڦرندو محسوس ٿيو. مرڪن ۽ ٽھڪن جي عيوض، سندس نيڻن مان لڙڪن جا قافلا اٿي هليا. کيس ڏسي آءٌ بہ غمزده ٿيڻ لڳس! هن اولھہ طرف اشارو ڪندي، پنھنجي گهر جو ڏس پتو ڏنو ۽ وراڻيائين، “ٿي سگهي تہ اتي ڪنھن مھل ضرور اچجانءِ” پوءِ هوءَ تڪڙا قدم کڻندي اڳتي وڌي وئي مون وري پنھنجي مقصد جي حاصلات لاءِ وسنديءَ جي ٻين لوڪن تائين رسائيءَ جو سوچيو ....! ڪجهہ وکون کنيم تہ هڪ جهور پوڙهو ماڻھو مليو، جيڪو لٺ جي سھاري پنھنجي ڪمزور جسم کي گهلي رهيو هو.
هن جي چھري ۾ گهنج پيل هئا ۽ اکين ۾ اڌوري روشني هوس جيڪابہ شايد وسامڻ تي هئي. “مون کي مرڪن ۽ ٽھڪن جي تلاش آهي. انھن جي باري ۾ ڪجهہ ٻڌائيندا؟!“ مون کانئس پڇيو. هن حيرت مان وراڻيو “مرڪ ۽ ٽھڪ ٿيندا ڇا آهن بابل؟!! مون تہ اهي نڌڻڪا نالا ٻڌائي توکان آهن مون کي تہ تلاش آهي منھنجي پٽڙي جي! جيڪو ڪيترن سالن کان اکين کان اوجهل آهيم سندس ويراڳ منھنجو جيون ئي جاڙ بڻائي رکيو آهي .... ٻڌئي .... ابا؟! هاڻ تہ مون ۽ منھنجي گهر واريءَ وٽ صرف لڙڪ ئي باقي وڃي بچيا آهن .... ۽ بس ....!” هن گهرو ۽ اونھو ساھہ کنيو تہ ويتر تلخي اندر ۾ اوتجي ويس. هو لٺ تي ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندو وڃڻ لڳو .... ايتري ۾ پرتي نگاھہ جو وڌم تہ هڪ بانڪو جوان نظر آيم! جيڪو پنھنجي پراڻي موٽر سائيڪل صاف ڪري رهيو هو. مون کي آئڙيو اهو جوان ئي مون کي مرڪن ۽ ٽھڪن جو ڏس ڏئي سگهي ٿو.
مون وڌي وڃي کيس سلام ڪيو. هن سلام جو جواب ڏيڻ بدران پنھنجو مُنھن بڇڙو ڪندي وراڻيو ؛ “جتي ٽھڪ ۽ مرڪ منع هجن. اتي اسان جو ملڻ ڪھڙي معني! ٿو رکي؟!” هو اتا ولائي مان موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪري هليو ويو. منھنجيون ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ سوچڻ لڳس تہ شايد هن وسنديءَ ۾ بہ مرڪن ۽ ٽھڪن جو ڏس پتو نہ ملي سگهي؟!
منھنجون سوچون ڪنھن اوڙاھہ جيان ويون گهريون ٿينديون. تہ اچانڪ ان عورت جي تصور منھنجي ذهن جي اسڪرين تي خيالي نظارو پسايو تہ حيران ٿي ويس. ڪيڏي نہ پاٻوھہ مان ٻہ ٻول ٻوليا هئائين. سندس نيرين گهرين اکين ۾ ڪيترائي سوال هئا .... سوال. پويان سوال .... جن جا جواب تہ شايد هي سارو جھان بہ نہ ڏئي سگهي؟! منھنجا قدم پاڻمرادو وڌڻ لڳا سندس گهر ڏي .... اهو گهرجتي سندس آشيانو هو! جيئن اڳتي ٿي وڌيس تيئن محسوس پئي ٿيم تہ ڪنھن ويرانيءَ ۾ وڃي رهيو آهيان. اُجاڙ واٽون تلاشي، انھن تان هلي رهيو آهيان .... پير پٿون ٿي رهيا آهن .... جن مان رت پون سمي رهي آهي ڪو هجي جيڪو منھنجي پيرن تي پٽي ٻڌي؟1 ڪو هجي. پر شايد اتي ڪو بہ ڪو نہ هو؟! رڳو ويراني ئي ويراني هئي. ماڻھن تي ماڻھپي جا ماسڪ چڙهيل هئا. پر اندر ۾ آدم بوُءِ .... آدم بُوءِ .... ڪندا پئي گهميا. انھن آدم بوءَ ماڻھن، ڪنھن مسڪين کي جيئڻ جو حق نہ ڏنو .... ڪئين سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري اڇلايائون اوڙاھہ ۾ .... نارين جا سُرڳ نما سرير، جنسي هوس جي ڏاڍ ۾ ڏهڪايائون، ڪنھن حسين چھري کي برداشت نہ ڪندي، حسد جو تيزاب هاري، ان کي داغدار ڪيائون، هتي سڀ ماڻھپي مان نڪري ويل ماڻھو هئا. جن ٻئي جي جيون کي جوکي ۾ وجهي ٿي حسد جا هار پويا .... منھنجي دل تيز ڌڙڪي رهي هئي .... جيئن سندس آشياني کي ويجهو پوندو ٿي ويس. تيئن خوف جا ڪاريھر ڪَرَ کڻي اڳيان پويان نچندا ٽپندا ٿي رهيا. ايتري ۾ اچانڪ پويان کان مون کي ڪنھن ڀاڪر ۾ ڀري ورتو .... ان ڀاڪر مون کي اهڙي زور سان ڀڪوڙيو.... جو سڀ سَنڌ ئي ساڻا ڪري وڌس .... هڪ انسان نما وحشي منھنجي وجود سان ويڙهاند ڪندي، سهڪي رهيو هو. پوءِ سيٽيءَ جو تيز پڙاڏو ڪنن ۾ گونجيم، ان کان پوءِ اجنبي آواز رات جي خاموشيءَ کي چيريندو اڳتي وڌندو ويو ....“ ڏوهاري سوگهو ٿي چڪو آهي.” قانون جي رکوالن ڄنڊن مان جهلي، گاڏي ۾ وجهي، اچي وڌم لاڪ اپ۾ .... آءٌ جيل جي لوهي سلاخن مان، آجپي جي آس وارا خواب کڻي سوچيندو رهيس تہ آخر ڇو مرڪن ۽ ٽھڪن جي ڳولا ۾، مون تي هي سزا جا ڳرا پھاڙ ڪيرايا ويا آهن. شايد هن ديس ۾ خوشين مرڪن ۽ ٽھڪن جي ڳولائو لاءِ اهائي سزا مقرر آهي؟!