ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

هئڻ، نہ هئڻ جي وچ ۾

ڏوهاري تہ ڪيترن ئي قسمن جا ٿي پيا سگهن؟ ڪي عادتي ڪي جبلتي تہ ڪي وري پيشه ور! مگر هو تہ محبت جو ڏوهاري هئو. ان گناھہ ڪارڻ کيس اڻ سڌيءَ طرح صفحئہ هستي تان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. هن کي جڏهن اها سڌ پئي تہ کيس حيراني ۽ پريشانيءَ وارا گڏيل احساس گهيري ويا. آهستي آهستي انھن احساسن ۾ سندس هئڻ ۽ نہ هئڻ واري ٽرئجڊي بہ شامل ٿي وئي: ”مان آهيان بہ ڪٿي؟! آئيني ۾ ڏٺم تہ منھنجو عڪس گم هو... آئينا ڪوڙ ڳالھائيندا آهن. اڳ جيڪو عڪس مون ڏٺو هو اهو عڪس منھنجو ٿوروئي هو. سچ پچ مان اهو ڪونہ هوس جيڪي آئيني ڏيکاريو پئي“ وري دل کي آٿت ڏنائين. ”چھرو تہ سندم ئي هو پر ان چھري ۾ ٻئي وجود جو احساس شامل هو ٻيو وجود جنھن کانسواءِ سندم وجود اڻپورو هو ان وجود جي احساس سان منھنجي وجود جو احساس گڏ گڏ ساھہ کڻندو هو ۽ هاڻ ان وجود جو احساس مري ويو ڄڻ مان مري ويس“ سوچن جي صليب تي سڏڪندي هن سگريٽ جي ڪش وانگر ڊگهو ساھہ کنيو. دوستن احبابن کان هُو ائين ڪٽجي ويو ڄڻ ڪا ٽاري ٽٽي اچي پٽ پئي هجي، من اندر عجيب ڪيفيتن جو مانڊاڻ کڻي هُو هئڻ نہ هئڻ وارين ڇولين ۾ ڇلندو ٿي رهيو. پنھنجي گهر وارن سان سنئين مُنھن ٻولڻ وارو جليل هاڻ ڪيڏو نہ بدليل هو. ماءُ جي سڏ تي ”جيءُ“ چوڻ وارو ”ڇا“ کان بہ محروم رهجي ويو جوڻس تي تہ اڳ ئي جک هوس جو وندر لاءِ ڪو رانديڪو سندءِ جهول ۾ نہ جُهلايائين. ڀلا جوڻس جو ڏوھہ بہ ڪھڙو هو؟ مڙس هوندي بہ هر ڪنھن وات تي تہ سندءِ مڙس تہ جيئري ئي مري ويو جوانيءَ جو جوش الائي تہ ڪھڙي نديءَ ۾ وهنجي وڃي ٺاريائين جو هن تَڙَ جي ڪڏهن تنوار ئي نہ ٻڌائين. ماڻس کي من ۾ سندس لاءِ پوءِ بہ محبت موجزن هئي، تنھن پنھنجي پُٽڙي کي پريشان حال ڏسي پڇيو ”ابا صدقي وڃان خير تہ آهي جو ايترو بدلجي ويو آهين. ﷲ نہ ڪري جو ڪا بدنظر لڳئي“ ماڻس جي مُنھن ۾ رڳو ڏٺائين جنھن جي چھري ۾ گذري ويل وقت پنھنجا اڻ مٽ نقش ڇڏي ويو هو. ڪو بہ جواب نہ ملڻ تي مامتا جا ڏڪندڙ هٿ سندس ڳچيءَ جو هار بنجي ويا. مگر هو خاموشيءَ مان پنھنجو پاند آجو نہ ڪرائي سگهيو.
گهر اڱڻ ۾ سندءِ هٿن سان پوکيل گل رفتہ رفتہ سُڪڻ لڳا هئا. انھن سڀني ۾ اهم گلاب جو ٻوٽو هو، پر ٻيا ٻوٽا بہ تہ هن لاءِ اهم هئا. جن کي من ۾ ٽڙيل محبت وانگر هن پاليو تاتيو هو. پنھنجي ئي هٿن سان پاليل شيون جڏهن ويراڳ جي ور چڙهن تہ ڏک دل جي دريءَ مان ولر ڪري وجود ۾ ئي لھندا. هُو هڪ تہ اڳ ئي پريشان ۽ هئڻ نہ هئڻ جي صورتحال سان مُنھان مُنھن هو ويتر گلن سڪڻ وارو ڏک من ۾ لھي پيس گل سندس لاءِ ان ڪري بہ اهم هئا. جو انھن سان سندءِ روح جو رشتو هو. روح جا رشتا تہ جسماني تعلقن کان مٿاهان هوندا آهن. اهي لاشعور جي تھن ۾ جنم وٺندا آهن ۽ پاڻ مرادو وڌندا ويجهندا آهن. هُو هڪ اداس صبح جو پنھنجي ڊرائنگ روم ۾ اڪيلو ويٺو هو. ماڻس ۽ جوڻس سامھون ڪچن ۾ رڌ پچاءَ ۾ رڌل هيون کانئن ڌيان هٽائي هو ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ لوھہ پاتائين اڱڻ ۾ پوکيل گلن ڏي! اهي ئي گل جن ڪڏهن سندءِ سواگت مھڪ سان ٿي ڪيو سي اُجڙي چڪا هئا. هُو اول تہ ويو گلاب جي ٻوٽي وٽ! وري ٻئي پاسي جو نھاريائين تہ سامھون موتيو نماڻائيءَ مان ڪنڌ جهڪائي ساڻس ڪا شڪايت ڪري رهيو هو. هو ٻين ٻوٽن جو حال ڏسڻ بدران ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي ڪمري ۾ اچي ويو. ويرانيءَ وارا سڀ منظر سندس اکين جي ڇپرن ۾ اوتجي آيا هئا. هن ڊرائنگ روم جي ديوارن تي اڪريل تصويرن ڏانھن ڏٺو اهي بہ کيس گلن جيان اجڙيل ئي لڳيون ۽ اها تصوير بہ جنھن ڪري ٻيون کيس وڻنديون هيون هو ٻين ۾ ان تصوير کي ڳولڻ جي جستجو ڪندو هو، پر هاڻ گهڻو ڪجهہ بدلجي چڪو هو. هن پنھنجي بيڊ جي سامھون واري ديوار تي هڪ نگاھہ اڇلائي تہ سڀ ڇيھہ ئي ڇڄي ويس. پنھنجي سائي ڀڻڪاٽ، ڪيائين ”مصور جو حسين شاهڪار جنھن جو حقيقي هٿ مون کان ڇڏائجي ويو هاڻ تہ ٺلھي ديوار جيڪا ڪڏهو ڪو پنھنجو حسن وڃائي چڪي! تصوير جيڪا پنھنجي حقيقي وجود جي موجودگيءَ سان سڃاتي پئي وئي.. ان حقيقي وجود کي رتو رت ڪندڙ هٿ ڪنھن جا هئا؟! مان ڄاڻڻ ٿو گهران! اخلاق جي ٺيڪيدارن کان پڇڻ ٿو گهران... هن مون سان محبت ڪري سماجي حدبنديون ٽوڙيون هيون يا ٺھيل ٺڪيل سماجي اخلاقيات جي بدن تان ڪپڙا لاهي ڦٽي ڪيا هئا؟! هوءَ اوچين ديوارن جي اندر قيد هئي جڏهن تہ سندس احساس ٻاهر جي زندگي ۾ پکي بنجي پر هڻي رهيا هئا. سندءِ احساسن ۾ ايڏي ڪا شدت هئي جو اوچيون ديوارون ڪري ڍير ٿي ويون... هوءَ ٻاهر آئي تہ آسمان جو رنگ ٻيو هو. ڪيئي وساورنيون آسمان ۾ زندگيءَ جا رنگ کڻي اڀري آيون رنگ ئي رنگ هئا هر طرف! پر سندس اکين ۾ لڙڪ هئا اڻ ڏٺل خوشين جا ڪاش! اُهي موتي ڪيئن بہ محفوظ ٿي سگهن ها!! مون کي معاف ڪجانءَ بي جان تصوير جو منھنجي اکين ۾ بہ اهڙا موتي ڪونھن جن کي خوشين جا لڙڪ چئي سگهان. مون کان تہ خوشيون ايترو دور هليون ويون آهن. جيترو تون دور هلي وئي آهين“ اچانڪ ماڻس سندس اڳيان ناشتو آندو تہ سندس سڀ خيال هوا ۾ تحليل ٿي ويا. بي دليءَ مان ڊائننگ ٽيبل ڏي نھاريائين پر کاڌي لاءِ اڻکلو احساس بہ اُتپن نہ ٿيس سندءِ جيجل جو وقت هٿان چچرجي ويل آواز سماعت سان ٽڪرايس: ”ابا“ نيرن تہ ڪر کاڌي کي ٺلھو ڏسڻ سان تہ بک مُئي ڪانہ مرندي“ ماءُ جو آواز ڪنن ۾ گهڻڊڻي جي آواز جيان ڀاسيس جوڻس ڪچن مان کيس ائين گهوري رهي هئي ڄڻ چوندي هجي. ”هن لاءِ کاڌو ڪٿي ٻئي هنڌ تيار هوندو تہ هتي ڀلا ڪيئن کائيندو.....؟! هن ڪي سوچون سوچيندي چيو.
”امان کاڌو انھن کي ڪيئن وڻندو جن ويراڳ جو ويس ڍڪي پورن وارا پنڌ پُڇايا هجن! مون کي تہ اڃا راتوڪي ماني بہ پئي هانوَ ۾ اٽڪي. سندءِ ماءُ مٿي جو رئو ٺيڪ ڪندي وراڻيو ”ابا....! مانيون بہ ڪڏهن هانوَ ۾ اٽڪيون؟ ضرور ڪا ڳالھہ آهي جو وڃين پيو ان ڪري ڳرندو. پٽ....؟!! مون کي ئي کڻي ٻڌاءِ آءُ جا تنھنجي جيجل آهيان سا مٺ گهري تہ ڪانہ هونديس“ ماءُ سان وڌيڪ راز سلڻ بدران هن جھڙا تھڙا ٻہ ٽڪر مانيءَ مان کنيا پنھنجي دفتر ۾ ڊيوٽي دوران فائل اٿلائيندي، پٿلائيندي سندءِ ساٿي ڪلارڪن سان اڳ وانگر نہ کل نہ ڀوڳ نہ مرڪون نہ ماڻا! کل ڀوڳ تہ اهي ئي ڪندا جن جي جيون ۾ خوشين واريون کوڙ بھارون هونديون هو تہ خزان وارن خاردار رستن تي هلندي پنھنجو وجود زخمي ڪري چڪو هو. تصوير جيڪا سندس ڊرائنگ روم جي سامھين ديوار تي اڪريل هئي. اها سندس لاءِ آرسي هئي. ان تصوير کي ۽ ان جي پس منظر ۾ جيئري جاڳندي وجود کي هُو ڇا ڏسندو هو ڄڻ پنھنجو پاڻ پيو پسندو هو ۽ پوءِ حاسد سماج سنگباريءَ سان ڄڻ اهو آئينو ئي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. ان آئيني ۾ پنھان جماليات جا حسين پيڪر بہ ڪنھن سونھاني خواب جيان وکري ويا. جليل جي جيون جي مشعل ائين واچوڙن جي زد ۾ اچي وئي. هن پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو. ”هاڻ تو پڄاڻان من جي جاگرافي تي ڪوبہ گل نہ ٿو مھڪي تنھنجي جدائي جي خزان منھنجي من ۾ مھڪيل گلن کي تہ سُڪايو، پر گهر اڱڻ وارا گل بہ تہ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. تنھنجي وڇوڙي مون کان انھن کي پاڻي ڏيڻ وسارايو. سچ چيو اٿن تہ پاڻي زندگي آهي، پر آءُ چوان ٿو، محبت زندگين جي زندگي آهي. تون ئي منھنجي زندگي هئينءَ هاڻ تہ مان بہ ڀڄي ڀري چڪو آهيان. هاڻ تو پڄاڻا سڀ آئينا ڀڃي ڇڏيا اٿم ڊرائنگ روم ۾ لڳل آئينو توڙي باٿ روم جي ديوار هاڻ خالي آهيي. گهر اڱڻ تي پوکيل گل مون اتي ٿو روئي پوکيا هئا. اهي مون تنھنجي محبت ۾ پنھنجي من اندر پوکيا هئا.“ هن پنھنجا لکيل لفظ سواءِ ٻيھر پڙهڻ جي ڊائريءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيا. هو پوءِ سڪي ٺوٺ ٿي ويل گلن ڏانھن ڪو نہ ٿي ويو. نہ ئي ڊرائنگ روم جي سامھون ديوار ڏي تڪي ڪو ڀڻڪاٽ ٿي ڪيائين نہ ئي ماڻس جي اکين ۾ الڪو ۽ انتظار بڻجي ٿي چمڪيو جو سندءِ ماءُ جو حافظو ٻڍاپي ڪري ڪمزور ٿي چڪو هو. هُو هاڻ ماءُ جي آخري وهيءَ جو الھي ويل سورج هو. دفتر جا ڌڪا ٿيلھا بہ هاڻ هن جو مقدر نہ هئا جو دفتر مان سندس ڪيتري عرصي جي غير حاضري نوٽ ڪئي وئي. دوستن احبابن لاءِ تہ هُو اڳ ۾ ئي هڪ سپنو بنجي چڪو هو ۽ سپنا تہ صرف اکين جا وهم هوندا آهن هُو تہ آرسيءَ سان گڏئي ڀڄي ڀري ويو هو جنھن جي وجود جا شيشا سماج ڪنھن گند جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيا هئا.