ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

رشتن روڳ آڇيا

الائي ڪٿان ڪو اڻائو واءُ وريو، جو سڀئي رشتا ناتا پپر جي وڻ جي سڪل پتن جيان ڇاڻيو هليو ويو! ماڻس تہ سندءِ ڪچڙي وهي ۾ ئي پڻس جي مرڻ تي وڃي ٻيو ڪانڌ ڪيو. اڪيلي ٻار جي جيجل جو مُک اڃا تہ تازي اڀرندڙ سورج جي سونھري ڪرڻن سمان پئي جرڪيو .... انھن سونھري ڪرڻن تي بخشو جي ڪا ازلي اک هئي. جو تاڙ ۾ ويٺو هو تہ ڪنھن سمي ٿو مراد جو مرڻ ٿئي! سدوري جڏهن ڪنوارپڻي جي موسم مان گذري پئي تڏهن بہ بخشو تہ ڪيترائي واجهہ وڌا هئا ”سندءِ ڪنوار ٿئي تہ اها ٿئي“ هن ڪيترائي حيلا هلايا پر موسم سندس حق ۾ نہ مٽڻي هئي تہ نہ مٽي! تڏهن اکين جي آڪاس ۾ ساوڻ رُت جو سمولھي آيو هوس سدوري جي سدا ملوڪ پيرن ۾ جڏهن مراد سان شادي جي ڇم ڇم ڇير ٻڌائون تڏهن اها موسيقي سندءِ محبت لاءِ وڏي ٽرئجڊي کڻي آئي هئي. هن پنھنجي پر ۾ پاڻ سان واعدو ڪيو هو .... ” سدوريءَ جي محبت زندگيءَ ۾ ڪڏهن نہ ڪڏهن پائي پوءِ ئي دم کڻندس“ مراد جيڪو اڃا پنھنجي جوڀن جي پھرين ڏاڪن تي ئي رسيو هو تہ ڪينسر جھڙي موذي مرض ڪمھلو اچي سندءِ وجود سان ويڙهاند شروع ڪئي. مرض جڏهن ماڻھو جي وجود ۾ وسندا آهن تہ زندگيون اجڙنديون آهن. هڪڙي ماڻھو جي وڃڻ ڪري ڪيترائي جيوَ زندگي جي رڻ ۾ رلي ويندا آهن. پڻس مراد پويان ڪا پونجي بہ تہ ڪانہ ڇڏي هئي؟! ڀلا مرضن سان مھاڏو اٽڪائيندڙن بہ ڪڏهن پويان ويڙها وسندڙ ڇڏيا آهن ؟!! جميل جي زندگي پڻنس پڄاڻان ۽ ماڻس جي ٻئي ڪانڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪنھن شھر جي اهم چو سول تي ماڻھن جو ڌيان ڇڪائيندڙ ڪو اشتھار بنجي پئي؟ بخشو سندس ويڳو پيءُ سندءِ جيون جي ڦلواڙيءَ جو مالھي بڻجڻ بدران اُن جي ويراني جو ڪارڻ ٿيندو ويو ماڻس جي محبت سندءِ پيءُ مراد جي مقدر ۾ آئي جھڙي نہ آئي. پر بخشو جي برھہ تہ ضرور ڀنڀلائي وڌس جو پڻيٺي جي ڄاول پٽ کي بہ فراموش ڪري ڇڏيائين ۽ وڃي نئين ور سان ورونھن ڪيائين. هُو سندءِ نئين گهر ۾ ڇوري ڇني ٻار جيان آڏو ابتو ٽڪر ڀور کائي ڪي کٽيون مٺيون اوڳرايون ڏئي جيون جا پل ڪنھن قيدي جيان ڪاٽي رهيو هو. پڻس جون يادگيريون اينديون هوس تہ ٻٻر جي سڪل ٻُوريءَ جيان سارو وجود ئي ڄڻ ڇڻيل محسوس ٿيندو هوس. بخشو جنھن جو اصلوڪو نانءُ بخش علي هو پر لوڪ وارن بخشو .... بخشو ٿي پڪاريس تنھن جو تہ ساڻس ڪو ورهين جو وير هو جو هو سندس رقيب مراد جي پويان ڇڏيل پھرين ۽ آخري نشاني هو! تنھن ڪڏهن ٿڪ تہ ڪڏهن بُجو پئي جميل جي نصيب تي رکيو .... چي! ”اڀاڳا اهڙو ڪو چنڊو نڪتين جو پڻھين مراد جو سر وڃايئي ۽ هاڻ اچي منھنجي ڪڍ لڳو آهين.“ بخشو تہ سندءِ پيءُ مراد لاءِ ڪو نہ پئي کجيو .... پر مٿس جو باھہ ڇنڊڻي پئي پيس تڏهن پئي مراد کي بہ وچ ۾ آندائين. بخشو جا اهڙا اليل جملا ٻڌي سندءِ اندر ۾ اڌما جاڳي پوندا هئا! هي مرون ٿيو آهي مون کي ائين چوڻ آکڻ وارو .... مُڇن ۾ ڪجهہ انگور جان تہ رکانس خبرچار....“
پوءِ ڪي پل گذرڻ پڄاڻا سندءِ اهي اڌما چُلھہ جي رک ۾ رهيل ڪجهہ چڻنگن جيان پاڻ مرادو ٺري ويندا هئا. تڏهن آسمان ۾ نظر ڌري وري هيٺ زمين ڏانھن تڪڻ لڳندو هو .... آسمان ۾ هو ڪنھن هستي ڏي دعائيه نظرن سان تڪيندو هو ۽ زمين ڏي ڏسندي کيس سوچ ايندي هئي تہ ”بخشو ۾ بہ ڪيڏو نہ غرور ڀريل آهي؟ آخر تہ هن ڌرتيءَ ۾ ئي داخل ٿيندو نہ ....“ بخشو جي گهر ۾ هڪ خسيس نوڪر وانگر هن چاڪيءَ جو ڏاند بنجي پئي جوڳ ڏني لوڪ وارن تہ لکي وڌو تہ ويڳو پيءُ ويڳي پٽ جي جيجل سان الوليون ماڻي ڪيئن نہ پيو سندءِ پٽ جميل سان ڪلور ڪري ..... جميل پنھنجي جيڏن سرتن همعمر ڇورن ڇنڀرن سان بہ پيو سلي ساڻس ڪلورن جون ڪھاڻيون پر ڪير هو هن ڀينگئي سماج ۾ جو ساڻس همدردي ڪري ڪو حوصلو ارپي ها ۽ بجو رکي ها بخشو ڀڙوي جي نصيب تي .... هن سماج ۾ ڪيترن دکي انسانن ۽ بي واهن ڇورن اڳ ڪو گهٽ ڀوڳيو هو .... ۽ ساڻن ڪنھن ڪنھن همدردي ڪئي هئي؟! اردو ۾ جيئن چوندا آهن؟ ”سرڪي بازي سر اٽهائي“ ائين ئي جميل کي اڪيلي سر اهو جهنم ڀوڳڻو هو. پر آخر تہ هو هڪ انسان هو ۽ سندءِ ڪچڙي وهيءَ لاءِ ٽاڪ منجهند جو ڪاڙهو بہ خوب تتل هو. هو ڇورن ڇينڀرن سان دک درد ونڊي اکين جي آڪاس مان وڏ ڦڙو وسائي ويھندو هو .... ساوڻ رُت بہ دک درد ڀوڳيندڙ سڀرن سريرن جا در اچي ڀيٽيندي آهي. ائين ئي اها مند ڪڏهن سندءِ بہ اچي سلام ڀريندي هئي. پيءُ جي وڇوڙي جو ويراڳ ڪچڙي وهيءَ ۾ جيون جا آڇيل جو کم، ماڻس جو پنھنجي موھہ ۾ مرندڙ جواني کان شڪست کائي بخشو جي برھہ ڏانھن ڇڪجي نيٺ سندءِ نينھن واري نڪاح ۾ هليو وڃڻ .... هو اهي سڀ صدما سليندي ڪڏهن ميڻ بتي جيان ڳاڙهو لال شعلو ٿي ويندو هو تہ ڪڏهن اکين مان جرهاريندي پنھنجو پاڻ ئي اجهامي ويندو هو.
هُو تھائين گهڻو ان سمي اجهاڻو جڏهن ماڻس کي بخشو پيٽان پھريون پٽڙو ڄائو تہ ماڻس جي دل مان سندس لاءِ ذرو پرزو پيار بہ ڪنھن کڙي ويل تاري جيان اجهامڻ لڳو. هاڻ بخشو بہ اڳ کان وڌ مٿس باهوڙ جي ٿي آيو. جو ڪل هوس تہ ”سدوريءَ جي جهولي چنڊ جهليو آهي. سا کيس هاڻ ايتري اهميت نہ ڏيندي. ڳوٺ جي لچ لوفرن جي اک بہ هاڻ جميل جي جوانيءَ تي هئي. کين سڌ هئي تہ ماءُ جي محبت کان وانجهيل ۽ بخشو جي ڌڪاريل ڇوري ڇني ٻار لاءِ ٻي جڳھہ ڀلا هوندي بہ ڪٿي؟! هن کي زندگي ۾ضرور ڪن آسائشن جي طلب هوندي؟ هو تہ ڪنھن جي پيار لاءِ بہ پياسو هوندو؟ سندس پيءُ مراد کيس ننڍي لاڪون ئي اڪيلو ڇڏيو هليو ويو .... ماڻس جيڪا محبت ڏئيس ها. سان بخشو جي برھہ ۾ ڦاسي هرڻيءَ جي ٻچي جيان کيس رڻ ۾ رولي وئي تن راز رمزون هلائي کڻي پنھنجي وڪڙ ۾ سوڙهو ڪيو. بخشو جي باھہ جو سيڪيل وجود هاڻ لچ لوفرن جي سرد آهن ۾ پنھنجو سرير ٺارڻ لڳو. پئسا پنجڙ توڙي ٻيون کيسي جون خرچيون جيڪي بخشو واري ڀينگئي گهر ۾ کيس نہ ٿي مليون سي کوڙ ملڻ لڳس. هن پورب پار کان پاڻ لاءِ نئون سج اڀرندو ڏٺو هڪ اهڙو سج جيڪو سندءِ جيون مان انڌيرا هڪالي ڪڍڻ لاءِ ئي اڀري آيو هو. هن خوش فهمي واري اها روشني ڏٺي تہ سارو روح ئي سامت ۾ اچي ويس. هن سگريٽ سوپاريون ۽ پان مصالحا بہ پنھنجي معمول طور واهپڻ شروع ڪري ڏنا هئا تہ لچ لوفرن جي سنگت ساٿ ۾ مين پڙيون ۽ گٽڪا بہ مھماني طور آڇجڻ لڳس. هاڻ بخشو جي در جو پاڻي بہ سندءِ لاءِ وھہ جو وٽو هو. ڏک، سکن جي سونھن هوندا آهن. ڏکن پڄاڻان سک ٿي ماڻيائين شايد سُڌ نہ هوس تہ اهي چئن ڏينھن جو چمڪو آهن ۽ پوءِ انڌيرن ۾ ڀٽڪڻ سندس مقدر هوندو؟!.
ڪيترائي ڏينھن جڏهن هو بخشو جي در تي نہ آيو تہ سدوريءَ جي من ۾ جميل جي اڻ هوند ڪجهہ اڻ تڻ جاڳائي وڌي .... پر کيس تہ جميل سان بخشوءَ جي رويي جي بہ خبر هئي ۽ پاڻ بہ ان ڏوھہ ۾ برابر جي شريڪ هئي جو هن مٿس هٿ رکڻ بدران ڪڪڙ جي چوزي جيان ٺنگوري ڇڏيو هو. سا ڪجهہ پلن لاءِ سوچون سوچيندي پاڻ مڃائي ويھي رهي....!
وقت جي نديءَ ۾ پاڻي جا ريلن مٿان ريلا پئي وهندا ويا ۽ جميل جھڙا ڪيئي جواني جي نشي ۾ ڌت پئي لھوارا ٿيندا ويا .... نشو، جميل جي نس نس ۾ سمائجي چڪو هو. وقت جي ريلن ۾ وهندي مُنھن ۾ مڇون بہ ٺاهوڪيون اچي انگوريون هوس. ڏاڙهيءَ جو فصل بہ اچي ڏاٽي وجهڻ جھڙو ٿيس. پر گڏ گڏ نشي ڪري سرطان جھڙو ڪو مرض بہ اندر ۾ اسرڻ لڳس. لچ لوفر جن کيس پئسا پنجڙ ۽ کيسي جون خرچيون ٿي ڏنيون کنوڻ جي تجلي جيان سندءِ جيون ۾ اچانڪ چمڪي ڪيڏانھن گم ٿيندا ويا. جو هو سندن ڪم واري وهي وارا سڀ ڏاڪا مٿي چڙهي چڪو هو! مين پڙين، گٽڪن ۽ ٻين نشن جو ماريل جميل هاڻ پورب پار کان پنھنجي جيون ۾ اڀري آيل نئين سورج کي اجهامندو ڏسي رهيو هو. سڀني رشتن ناتن جي ڌوڙ ڇاڻي هو هاڻ اندر ئي اندر روز ”مري جي“ رهيو هو جڏهن خيال ٿي آيس پنھنجي کيسي ڏانھن ڏسڻ جو .... تڏهن مايوس ٿي درد جي سٽ اندر ۾ اڌمو بنجي ٿي اٿيس، مين پڙين،گٽڪن ۽ ٻين شين جي نشي بدن ۾ چهنڊڙيون پئي پاتس! ڏاڙهي ۽ مڇون ايتريون وڌي ويس جو هو بظاهر هڪڙو حقير فقير بنجي پيو. بدن تي پيل لٽا ڪيترا مھينا نہ ڌوپڻ سبب ميروٽڙا فقيراڻا بڻجي پيس هو ان ويس ۾ سماج ۾ گدا شفا لاءِ لھي پيو. ان مان جيڪي بہ پئسا ملنس ڪجهہ روزي روٽي تہ ڪجهہ نشي پتي ۾ هليا وڃنس .... آخر لوڪ بہ لکي وڌو تہ هي ڇالاءِ ٿو پني .... “ پوءِ اها واھہ بہ هٿان ويس. هاڻ هڪ تہ نشي اچي نماڻو ڪيس تہ ٻئي طرف سندس اندر ۾ سرجيل مرض بہ لڳو کيس سُري وانگر کائڻ! سندءِ جيون جا ڏهاڙا هاڻ بخشو واري قيد کان بہ خوفناڪ ۽ ٽريجڪ ڪٽجڻ لڳا. بي واهي مريض لاءِ سوسائٽي وٽ ڪوبہ مسيحا ڪونہ هو.
جيڪو هن جو علاج ڪري ها ۽ دوا درمل ڏئي سندءِ وجود ۾ ڪو شفا جو ٻج ڇٽي ها .... هن پنھنجي آسپاس ڏٺو سڀ رستا بند هئا صرف هڪڙو ئي رستو کليل ڏٺائين .... جيڪو موت جي وادي ڏانھن وڃي رهيو هو .... زندگيءَ جي فت پاٿ تان هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن موت جي وادي واري رستي ڏانھن وکون کڻي! تيستائين کيس زهر آلود رت واري الٽي اچي وئي. رشتن جا سڀ جراثيم الٽي ۾ ساھہ کڻندي محسوس ڪيائين. پوءِ هُو موت جي وادي واري رستي ڏي وکون کڻندو اڳتي نڪري ويو.