ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

سونھن کي سيليوٽ

هوءَ گهڙي گهڙي آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏسي رهي هئي، سندس چھرو اها رونق وڃائي چڪو هو، جنھن رونق کي ڪاليج جا اسٽوڊنٽ سيليوٽ ڪندا هئا. جڏهن ڪاليج مان نڪرندي هئي تہ سندس هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ ڪاليج جا ڇوڪرا ڪنھن بھاني سان ڪاليج جي ڀر واري پان هائوس تي بيٺا هوندا هئا، ۽ جڏهن ٽانگي ۾ سوار ٿي گهر ڏانھن رمندي هئي تڏهن ڇوڪرن جون نظرون بہ پويان پويان هونديون هوس. مگر سندس نظرون ڪنھن کي بہ لفٽ ڪونہ ڪرائينديون هيون هن جو پيار تہ مسعود سان هو جيڪو سندس ڪلاس فيلو بہ هو، مسعود جي پيار کيس دنيا اڳيان وائکو ڪري ڇڏيو هو. هر ايندڙ ڏينھن مسعود ۽ روزينہ تي ڪيترن الزامن جي بارش پئي ٿيندي هئي پر هو سڀ ڪجهہ برداشت ڪري، پنھنجي پيار جي ڪشتيءَ کي ڪنن مان پار ڪرڻ ۾ ڄڻ ڪامياب ويا هئا. روزينہ مھڻن ۽ طعنن جي پرواھہ نہ ڪندي هئي. هن جي سونھن سراسر سچ هئي جنھنکي صرف مسعود ئي پاتو هو. اهڙي طرح وقت پاڻيءَ جي تيز وهڪري جيان وهي رهيو هو. روزينہ ۽ مسعود جي تعليم بہ اچي پايئه تڪميل کي پھتي هئي. تڏهن هنن هڪ ٻئي کان ائين روئي موڪليو هو، ڄڻ ساري ڄمار لاءِ هو هڪ ٻئي کان وڇڙي رهيا هئا. هنن ٻنھي کي يقين ٿي چڪو هو تہ وري اسان جو ملڻ محال آهي. هو زندگيءَ جي اهڙي ٻہ واٽي تي بيٺل هئا، جتان کين هاڻي ڌار ڌار زندگيءَ جو سفر طئہ ڪرڻو هو.
اڄ آئينو ڏسندي ئي ذهن ۾، ماضيءَ جي يادين جا عڪس اڀرڻ لڳا هئس. هوءَ سوچڻ لڳي “ هي اهوئي چھرو آهي جنھن جي سونھن کي ڪاليج جا اسٽوڊنٽ سيليوٽ ڪندا هئا ۽ جنھن جي هڪ جهلڪ جهٽڻ لاءِ ڪاليج جا ڇوڪرا پان هائوس تي انتظار ڪندا هئا... اُف ڪھڙو نہ حسين سمو هو“ اهي رڳو سندس ماضيءَ جون يادون هيون مگر اڄ سندس چھرو اهو نہ رهيو هو، جنھن چھري کي ڪاليج جا اسٽوڊنٽ سيليوٽ ڪندا هئا، سندس چھري ۾ گهنج پئجي ويا هئا، جيڪي هاڻ پيرسنيءَ جا پار هئا ۽ ڄڻ چئي رهيا هجنس“ تہ تون اها روزينہ ناهين،جا ڪاليج جي دور ۾ هئين جنھن روزينہ تي هڪ تہ ڇا هزارين جوانيون عاشق هيون مگر سندن تمنائون پوريون ڪين ٿي سگهيون هيون، سواءِ مسعود جي جيڪو پڻ ان ڪاليج جو اسٽوڊنٽ هو. ان کي ئي تنھنجي پيار جون گهڙيون ميسر ٿيون هيون.”
سندس سونھري زلفن ۾ هاڻ اڇن بہ پنھنجو مقام حاصل ڪري ورتو هو جيڪي هاڻي سندس گذري ويل جوڀن جواني تي ٽوڪ ڪري سندس اندر جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيا هئا ۽ اهو احساس ڏياري رهيا هئا تہ “وقت ڪيئن نہ واريءَ وانگر هٿن مان وهي ٿو وڃي ۽ پوءِ ماڻھو ڪٿي جو نہ ٿو رهي. کيس ماضي جي انڌيارن عڪسن مان مسعود جو ڌنڌلو چھرو نظر آيو، جو سندس پھريون پيار ۽ آخري محبوب هو. جنھن کي هن گهڻن چاهيندڙن جي تمنائن کي دفن ڪري حاصل ڪيو هو. سو بہ سندس نظرن کان گهڻو گهڻو اوجهل هو. مگر روزينہ وٽ سندس يادون باقي رهجي ويون هيون. هوءَ آئينو ڦٽو ڪري ۽ ماضيءَ جون يادون تازه ڪرڻ لاءِ مسعود جا لکيل خط کولي ٿي، جيڪي مسعود نوڪري دوران جدائي ۾ کيس لکيا هئا.
هوءَ هڪ خط پڙهي ٿي.

پياري روزينہ
اڄ اوچتو ئي اوچتو تنھنجين يادين جا ڪنول من منڇر ۾ ٽڙڻ لڳا. مايوسيون ۽ مونجهارا ختم ٿيڻ لڳا. تنھنجي حسين ياد، منھنجي جيئڻ ۽ جياپي جو پيغام کڻي آئي هئي. تڏهن ڪوري ڪاڳر تي تنھنجي ياد جا لفظ اوتڻ ويٺس ۽ ائين لکندي لکندي ڪوري ڪاڳر کي تنھنجي حسين ياد جي لفظن سان سجائي ڇڏيم.

فقط تنھنجو پنھنجو
مسعود ...

هوءَ خط پڙهي روئي پئي هئي ۽ پنھنجي رُٺل پيار تي ماتم ڪيو هئائين مسعود جيڪو سندس پھريون پيار هو، تعليم پرائي جڏهن نوڪري جي منزل تي پھتو هو تہ ترت ئي روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو هو پوءِ ان کان خط اچڻ بند ٿي ويا هئا. تڏهن روزينہ کي ايڏي ونڌ ونڌ ٿي هئي. جو ڏينھون ڏينھن مسعود جي ياد ۾ ڳرندي وئي هئي. هن کي اها خبر نہ هئي تہ سندس مسعود روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ان جو موت ڪنھن اخبار جي سرخي جي زينت بڻجي چڪو آهي. هن کي جڏهن بہ مسعود جي ياد ايندي هئي، تڏهن مسعود جي لکيل خطن کي پڙهي دل تان بار هلڪو ٿيندي محسوس ڪندي هئي ۽ يادون ئي هاڻ سندس سھارو وڃي بچيون هيون.