مھاڳ: فوڪس کان ٻاهر زندگي
دنيا ۾ سڀ ماڻھو جيڪي ڪجهہ بہ رکن ٿا، ان کي وڃائڻ جي پويان ڊوڙن ٿا ۽ جيڪو ڪجهہ هٿ ۾ ڪونھي تنھن کي حاصل ڪرڻ لاءِ واجهہ وجهن ٿا. لاحاصل کي حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسندا رهن ٿا. دنيا ۾ اها ڪشمڪش ئي دک جو زبردست انڀئو آهي، جيڪو انسان محسوس ڪري ٿو. شايد اهو ئي زندگيءَ جو حاصل آهي، جيڪو ٻي صورت ۾ لا حاصل بہ آهي.
دنيا جو هر ماڻھو جيڪو Posses ڪري ٿو ان کان گهڻو وڌيڪ جو هو گهرجائو آهي. اهو انسان جي فطرت ۾ رکيل ڪمزوريءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنھن فطرت کي سمورا مذهب ۽ سمورا فلسفا ۽ فڪر ۽ ’ازم‘ بہ بدلائي نہ سگهيا آهن ۽ ايندڙ وقتن ۾ بہ نہ بدلائي سگهندا!
جديد عھد جيڪو ويھين صديءَ جي شروعات کان ۽ اوڻويھين صديءَ جي آخر کان ڳڻڻ گهرجي، گذريل صدي انسان جي لکين سالن جي تجربي جو نچوڙ هئي، جنھن ۾ صنعتي دؤر جي اچڻ کان پوءِ انسان پنھنجي پاڻ کي ڪجهہ وڌيڪ اتاڳو ۽ اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ ان ئي صديءَ ۾ لڳل ٻہ مھاڀاري جنگيون ۽ ايٽم بم جو تجربو شايد ماڻھوءَ کي اڃان بہ گهڻو اڪيلو ۽ ويڳاڻو ڪري ويو. يورپ، آميرڪا، لئٽن آميريڪا ۽ ايشيا جي سررزمين جيڪو بارود چکيو ۽ جيڪو رت جذب ڪيو سو جي گڏجي وهي ها تہ درياءُ بڻجي وڃي ها! انسان پنھنجي تھذيبي ترقيءَ جي انتھا تي پھچڻ بعد بہ بگهڙ ۽ چيتي جھڙي فطرت جو مظاهرو ڪري رهيو هئو. انسان جي اهڙيءَ صورتحال بعد ’ڪيرڪگرد‘، ’سارتر‘ ۽ نتيشي جھڙا وجودي فلسفي پيدا ٿيا. وجوديت ۽ سريئلزم تحت ادب ۽ آرٽ تخليق ٿيو.
هتي هن ڪتاب جي ليکڪ مير بھادر ٽالپور حالانڪہ سندس فن ۽ ادب ۾ ڪو بہ نظريو، ڪو بہ فلسفو ۽ ڪوبہ منطق ڊسڪس نہ ڪيو آهي ۽ ضروري بہ ڪونھي تہ ادب کي ڪن فلسفن ۽ نظرين جو تابع بڻائجي. منھنجو ذاتي خيال آهي تہ زندگيءَ ڏاڍي سادي آهي، جڏهن تہ نظرين، مذهبن ۽ فلسفن ان کي پيچيدو بڻائي ماڻھو کي ڀلائي وڌو آهي.
بھادر ٽالپور بہ پنھنجين لکڻين ۾ نہ ڪي Universal Themes استعمال ڪيا آهن ۽ نہ وري انھن ۾ نظرين جو رنگ ڀريو آهي، هن سادي زندگيءَ کي سادگيءَ سان بيان ڪرڻ جي هڪ سادي ۽ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. سادن ڪردارن جون ساديون ڳالھيون ڊسڪس ڪيون آهن. انھن ڪھاڻين کي ’نسيم کرل‘ يا ’جمال ابڙو‘ لکي ها تہ شايد هر ڪھاڻي جو ڪلائيميڪس پڙهندڙ کي ضرور ڇرڪائي وجهي ها! پر مير بھادر جي ٽيڪنڪ تي گرفت ڍري هجڻ ڪري هن جي ڪھاڻين کي جيڪو تاثر ڏيڻ کپي ها سو نہ ڏئي سگهيون آهن. جيڪا ڳالھہ نشاندهي ڪري ٿي تہ هو پنھنجي مطالعي ۽ فڪر کي وسيع ڪرڻ سان ان صورتحال کي Cover ڪري سگهي ٿو.
ادب جي باري ۾ ڊبليو ايڇ آڊن جي ان فقري سان متفق آهيان تہ ‘Poetry Makes nothing happen’ آڊن اهو جملو ٻي عالمگير جنگ جي تباھہ ڪاريءَ تي لکيو هو. جنھن دنيا کي جرمن شاونزم جي ڪارگذارين جو تحفو ڏنو هو.
هڪڙو وقت هو جو ڪھاڻيون ’شھرزاد ‘ جي نالي سان شروع ٿينديون هيون. ظالم بادشاھہ، مڪريلي راڻي، جفاڪش شھزادي، پرانھين ملڪ جي خوبصورت شھزادي، ظالم جادوگرياڻي، ڪوھہ ڪاف جبل، گل گامش جي سفر تي مشتمل احوالن ۽ بھادر ۽ غريب پنٽو جي حال احوال سان سينگاريل هونديون هيون.
اڄ بہ جيڪڏهن ڏِسجي تہ دُنيا ۾ لکيون ويندڙ ڪھاڻيون فارمولا ڪھاڻيون ئي آهن. دُنيا ترقي ڪئي آهي؟ تہ ڪھاڻي بہ ترقي ڪئي هوندي! پر منھنجي خيال ۾ ماڻھوءَ جي ۽ دنيا جي ڪھاڻي ٻن لمحن ۽ ٻن لفظن جي ڪھاڻي آهي ۽ بس! ڪالھہ بہ دُنيا ۾ چار ڪِردار رهندا هئا ۽ اڄ بہ دُنيا ۾ ظالم بادشاھہ، خوبصورت شھزادي، ظالم جادوگرياڻي ۽ بھادر پنٽو ئي رهن ٿا؟ ۽ پنھنجي زندگي ڪن ٿا بيشڪ ڪير مڃي يا نہ مڃي، ماڻھو جي ۽ دنيا جي ڪھاڻي بس ٻن لمحن ۽ ٻن لفظن جي ئي ڪھاڻي آهي، جيڪا تخليقڪار بيان ڪري ٿو ۽ ان بيان ڪرڻ کي محسوس ڪري ٿو ۽ بقول هن ڪتاب جي ليکڪ جي ڀوڳي ٿو. سو بلڪل هڪڙو نرالو تجربو آهي، جنھن تجربي ۽ هورا کورا مان اُپنشد لکندڙن کان وٺي وڏا عالم فلسفي سائنس دان ۽ تخليقڪار گُذريا آهن. پنھنجي فن ۽ Commitment سان وابستگي ماڻھو جي اندر ۾ کپ کوڙي ويٺل ڊپ يا ماڻھو جي دماغ ۾ چنبڙيل ڪنھن آڪٽوپسي جيان خوف ماڻھو کي نھوڙيو وجهي. ڇا گوتم بہ ان هورا کورا مان گُذري رِڻ جو راهي نہ ٿيو هو؟ ۽ سمورن فنڪارن، ليکڪن، موسيقارن، چترڪارن ۽ گائڪن جي اندر ۾ غم جو بوڙينڊو وڄندو ٿو رهي.
سنڌي ڪھاڻي جيڪو اوج 60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن ۾ ماڻيو سو اوج ان کي گُذريل پنجٽيھن چاليھن سالن کان نہ مِلي سگهيو آهي. ان جو سبب ڪھاڻيڪارن جو ٽيلي ڊرامن ڏانھن هليو وڃڻ هو يا وري چُپ ٿي وڃڻ هو؟
گُذريل 40 سالن کان سنڌ جي سيناريو ۾ جيڪو ڀونچال متل آهي، جيڪي سياسي اُٿلون، پُٿلون آيون آهن، سنڌي سماج سان جيڪي قھر ٿيا آهن تن جو رِي ايڪشن جيڪو اسان جي ادب ۽ آرٽ ۾ اچڻ کپي ها، سو بِلڪل نہ آيو آهي. منھنجي سينئر ليکڪ ۽ دوست غلام نبي مغل جي ڪجهہ ناولن ۽ امر جليل جي ڪجهہ لِکڻين کان سواءِ اسان جي ادب ۽ آرٽ جو ميدان ان سموري سياسي سماجي ۽ معاشرتي تبديلين کان وانجهيل رهيو آهي؟ ڇا ان جو سبب اسان جھڙن ڪِن اديبن جو شطر مرغ جيان واريءَ ۾ مُنھن لِڪائڻ هو؟
بلاشڪ ان سڄي دؤر ۾ اسان جي صحافت ان سڄي Situation کي بھتر طريقي سان چِٽيو آهي، پر ادب جو ميدان ان سڄي ڪار گذاريءَ کان پري رهيو آهي. علي بابا کان وٺي اڪبر سومري تائين سڀ ڏوهاري آهيون. عبدالقادر جوڻيجو ڏوهاري آهي، مُراد علي مرزا ڏوهاري آهي، قمر شھباز ڏوهاري آهي، شوڪت حسين شورو ۽ مشتاق شورو ڏوهاري آهي، طارق عالم ۽ اياز عالم ڏوهاري آهي، مدد علي سنڌي ڏوهاري آهي، ماهتاب محبوب بہ ڏوهاري آهي. ان سڄي پيڙهيءَ سنڌي ڪھاڻيءَ کي مايوس ڪيو آهي.
دُنيا جيڪا ڪالونائيزيشن جي عمل مان گُذري هاڻ نيو ڪالونائيزيشن جي دؤر کان بہ اڳتي اچي ’فري مارڪيٽ‘، پرائيويٽائيزيشن ۽ گلوبلائيزيشن جي عمل مان گُذري پئي، جيڪي سڀئي Terms ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊٽريڊ آرگنائيزيشن جا ايجاد ڪيل آهن. ڪمپيوٽر ايج انسان جي ذهن تي سوار آهي.
اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هن دؤر ۾ جڏهن جاپان، امريڪا ۽ يورپ جا ماڻھو پنھنجن اديبن جي ڪتابن جون لکين ڪاپيون خريد ڪن ٿا. ڪيرالاجي ڇوڪري آرنڌتي راءِ (Arundhati Roy) جو ڪتاب ’بوڪر پرائيز‘ کڻڻ بعد چاليھن ٻولين ۾ ترجمو ٿي 60 لک ڪاپيو وِڪرو ٿئي ٿو تہ پوءِ سنڌي ڪتاب هزارن جي ڇاپي منجهان هاڻ ڪجهہ سئو ڪاپين تي ڪيئن پھتو آهي؟
سنڌين جي آبادي چئن ڪروڙن تي پھچي ويئي آهي ۽ اُن قوم جو ڪتابن سان چاھہ گهٽجي ويو آهي. اُن جو سبب ڳولڻو آهي.
بھادر ٽالپر جي ڪھاڻين پڙهڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو تہ ليکڪ وٽ اڪثر سماجي ۽ معاشرتي موضوع آهن، جن تي هِن وس آهر پنھنجي ساءِ ڪافي محنت ڪئي آهي. هڪ نئين نڪور ڪھاڻيڪار جيان هِن جا Emotion ڪافي جاندار آهن ۽ هِن وٽ جيڪو Passion آهي، سو شايد ٻين نئين ٽھيءَ جي ڪھاڻيڪارن وٽ ورلي مِلي.
ڪافي ڪھاڻين جا موضوع نوان آهن، جن تي اڳ ڪڏهن نہ لِکيو ويو آهي، پر آرٽ ۽ڪرافٽ جي سخت ڪارب مان نہ گُذرڻ جي ڪري اُهي اڦوگيون ٿيون لڳن، جنھن مان ليکڪ جي فن جي واديءَ ۾ ڀٽڪڻ ۽ اوجاڳا ڪرڻ جوڳ پچائڻ واري صورتحال مان نہ گُذرڻ جو اوس انديشو ٿئي ٿو. دُعا آهي تہ بھادر ٽالپر مطالعي کي مسلسل پنھنجو رهبر بڻائيندو.
بھادر ٽالپر جي ڪھاڻين ۾ گونا گون موضوعن ۽ منظرن جي گهڻائي تہ بلڪل آهي، پربھادر اُنھن کي فن جو رندو نہ هڻي سگهيو آهي. جنھن ڪري ڪھاڻين ۾ تشبيھون ۽ منظر ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ زمان ۽ مڪان جي بہ اڻ هوند محسوس ٿئي ٿي، پر اُن جو مطلب هيءُ هرگز ناهي تہ هِن کي ڪھاڻي جي تاڃي پيٽي جي الف ب جي بہ ڪا خبر ڪانھي، هو ڪھاڻي لِکي سگهي ٿو.
ڪھاڻي ’خواب رستا‘ جو موضوع ۽ مضمون ڪافي بھتر آهي، اُن ۾ ٿورڙو آرٽ ۽ ڪرافٽ ڏيڻ سان اها بھترين ڪھاڻي ٿي پئي سگهي. بھرحال بھادر ٽالپر پاڻ مڃي ٿو تہ هو ڪھاڻين ذريعي پاڻ کي دريافت (Invent) پيو ڪري. وقت ئي وڏو منصف آهي، جيڪو هر فنڪار جي فن جي زندگيءَ جو تعين ڪندو آهي.
بھادر چواڻي تہ ليکڪ جڏهن تخليقي عمل مان گُذرندو آهي تہ کيس پنھنجون اوڻايون آرسيءَ ۾ مُنھن مھانڊي جيان پيو ڏِسبيون آهن.
بھادر جي هنن ڪھاڻين ۾ ڪرافٽ، آرٽ ۽ ڪھاڻيءَ جي اُڻت منھنجو مطلب هروڀرو ’اوهنري‘، ’موپاسان‘ جي تعين ڪيل اصولن ڏانھن ڪونھي ڇو تہ هر ليکڪ وٽ پنھنجو الڳ Vision ۽ الڳ آرٽ ۽ ڪرافٽ هوندو آهي، پر ٽيڪنڪ بہ الڳ هوندي آهي.
ڪھاڻين ۾ پيار ڪندڙ وجودن جو ذڪر آهي، پر اُنھن جي جذبن جي گھرائيءَ کي Proper پينٽ نہ ڪرڻ ڪري ڪِردار واضع نٿا ٿين. ڄڻ اولڙا ۽ عڪس آهن، جيڪي چرن پرن ٿا. اتاولن، غريبن، يتيمن، ڏُتڙيل ماڻھن جو ذڪر ۽ ليکڪ جي اندر جا اهاءَ ضرور مِلن ٿا، پر Metaphors ۽ منظرنگاريءَ کان سواءِ ڪھاڻيون پنھنجو Impact اوترو نٿيون ڇڏين جيترو ڇڏڻ کپين.
بھرحال ان هوندي بہ هيءُ ڪتاب ’زندگيءَ جو رستو‘ جيئن تہ بھادر جي پھرين ڪوشش آهي، اُن ڪري اُميد آهي تہ هو پنھنجي ٻئين مجموعي ۾ سنڌي ادب کي ان کان بھترين ڪھاڻيون ڏيندو ۽ پنھنجين ڪچاين/ڦڪاين تي پاڻ ئي نظرداري ڪندو.
بھادر ٽالپر وٽ نوان نويلا مُکڙين جھڙا جذبا موجود آهن. هِن جي اندر ۾ ڪنواريءَ جي جوڀن جھڙي جُوالا مُکي اُڀامي ٿي، جنھن ڪري اسان کي آسرو آهي تہ بھادر جون ايندڙ ڪھاڻيون هنن کان وڌيڪ بھتر هونديون.
اڪبر سومرو
20 آگسٽ 2008ع
ڪوئيٽا