ڪھاڻيون

زندگيءَ جو رستو

ھن ڪتاب ۾ 47 ڪھاڻيون شامل آھن جيڪي معاشري جي مختلف رخن سان گڏ روزمرھ جي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون. ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھو آھن. سادي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪھاڻيون سوچن، خوابن، ڏکن، خوشين ۽ احساسن سان ڀرپور آھن.

Title Cover of book Zindagi'a Jo Rasto

هو موچي ۽ معصوم ٻار

هو مون وٽ جڏهن بہ آيو ٿي تہ ڪيترائي اُلڪا، انديشا، امڪان ۽ ارمان بہ ساڻ هوندا هوس. اهي الڪا، انديشا، امڪان ۽ ارمان شايد سندس حسا سپڻي جو تحفو هئا. ابتدا تہ بظاهر عام گفتگوءَ ساڻ ئي ڪندو هو. ”رستي تان ايندي اڄ مون ڪي پورهيت ڏٺا جيڪي نئين جڙندڙ روڊ تي پٿر وڇائي رهيا هئا. مون کي ائين محسوس ٿيو اهي پٿر ڄڻ انھن مزدرون جا هڏا هجن. پريان سورج ديوتا پنھنجا تازا توانا سونھري ڪرڻا ساڻ کڻي، ڪنھن ڪنوار جيان مرڪي رهيو هو.“ ڳالھہ جي ڳنڍ معمولي سري سان کولي پيو اڳتي وڌندو ويندو هو. ڳالھين ڪندي سندس چھري جا تاثرات ڪنھن فلم جي سين وانگر پاڻ مرادو پيا بدلبا هئا. چپن جي چرپر ۽ هٿن جي حرڪت ۾ ڪو عجيب اسٽائيل هوس جو منھنجون اکيون بہ حيرت ۾ هونديون هيون هو ۽ مان ساڳي ئي شھر جا واسي هئاسين ان ڪري ڪڏهن رستي ۾ ملي وٺندا هئاسين تہ ڪڏهن هو مون وٽ اچي نڪرندو هو. سندس وار وڏا هئڻ ڪري، مون کي مٿس صادقين خطاط جو گمان ٿيندو هو. صادقين خطاط بہ ڪو عجيب ماڻھو هو مصوريءَ سان ايڏو موھہ هوس جو جڏهن بہ ڪو فنپارو تخليق ڪندو هو تہ پنھنجا هڙئي احساس ۽ شڪتيون فنپاري ۾ اوتي ڇڏيندو هو. بھرحال مون کي هن تي صادقين هئڻ وارو گمان اجايو هو. هو ڳالھائيندي اوچتو چپ بہ ٿي ويندو هو. جنھن مان محسوس ٿيندو هئم تہ هو ڪنھن گهري سوچ ۾ گم آهي. هو هر شيءِ کي غور سان ڏسڻ جو عادي هو. شھر جي اهم چو سولن تي لڳل سائن بورڊ تہ هو پڙهندو ئي پڙهندو هو، پر ماڻھن جي چھرن جا تاثرات بہ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. روڊ تي ڊوڙندڙ گاڏيون بہ هن جي سوچ جو محو رهيون تہ فوٽ پاٿن تي ويٺل گداگر توڙي موچي سوچي بہ سندس نظر کان نہ ٿي ترڪيا. ماضيءَ جي پلاند ۾ اهي سڀ مشاهدا محفوظ ٿيندا ويندا هوس.
انھن مان ڪي مشاهدا اهڙا بہ هئا جيڪي بنھہ نہ وسارڻ جھڙا هئا. اهڙوئي هڪ مشاهدو سندس اکين اڳيان گذريو جنھن سندس حواس ئي خطا ڪري ڇڏيا. ”شھر جي فوٽ پاٿ تي ويھي ڪو موچي جتيون ڳنڍي رهيو هو ۽ ائين هو پنھنجو ۽ پنھنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ روزانو پنھنجي ڪرت ۾ لڳل هوندو هو. هو جتين کي ڇا ڳنڍيندو هو ڄڻ پنھنجي بکئي ڇنل پيٽ کي ٽوپا ڏيندو هو. موچيءَ جي بک وارا احساس سندس سين سان وچڙي پيا هر هر زخمي ٿيندا هئا، پر اهو عذاب سھندي بہ هو پنھنجي ڪرت سان پريت نباهيو پيو ايندو هو. فوٽ پاٿ سان لڳ لڳ وهندڙ روڊ تي گاڏين جو هجوم ۽ سيلينسرن مان نڪرندڙ دونھون ۽ گوڙ شور سندس لاءِ مٿي جو سور بڻبو رهيو ٿي. ليڪن هو ان سوچ ۾ وڃائجڻ بدران پنھنجي ڌنڌي ۾ ئي ڌت هوندو هو. هڪڙي شام هو گاڏين ڏانھن متوجھہ ٿي ويو هو. ان ڪري هو صرف ڪي ٿوريون جتيون ئي ڳنڍي سگهيو. هو ان شام معمول جي خلاف گاڏين جي شور ۾ پاڻ وڃائجي ويو. پريان کان هڪ بس اچي رهي هئي موچيءَ جو ڌيان ان بس جي ڦيٿن تي مرڪوز ٿي ويو. موچيءَ کي محسوس ٿيو تہ انھن مان هڪ ڦيٿو ٽاءِ راڊ مان نڪتو ڪي نڪتو هن اهو سوچيو ئي پئي تہ هڪ ڦيٿو گاڏي کان علحدہ ٿي روڊ تي ڊوڙڻ لڳو. موچيءَ کي لڳو تہ اهو ڦيٿو سندس سامھون اچي رهيو آهي، تہ موچي بہ خوف وچان وٺي ڀڳو! ڀڄندو ڀڄندو پويان جو نھاريائين تہ ڦيٿو واقعي بہ سندس پويان واڪا ڪندو پئي آيو. جيڪو هاڻ سندس تمام ويجهو اچي پيو هو تہ هو لوھہ پائي وڏي روڊ واري فوٽ پاٿ تان نڪري ننڍي گليءَ ۾ اچي ويو. موچي ويچارو سھڪي ساھہ بچائڻ ۾ پورو هو. ڪيترائي ماڻھو اهو منظر ڏسي کيل تماشي جيان ان مان انجواءِ ڪري رهيا هئا. ڦيٿي بہ اهائي گلي ورتي جنھن تان موچي ڊوڙندو جان بچائڻ ۾ پورو هو. هن کي ٻيھر خيال آيو تہ پويان لئوڻو ڦيريائين اهوئي ساڳوڻو ڦيٿو سندس ڪڍ لڳل هو. موچيءَ خوف وچان ڌڙام ڪري اچي پٽ تي ڪريو. تيستائين ڦيٿو بہ سندس مٿان اچي ڪڙڪيو. موچي پنھنجي جان وڃائي ويٺو“ اهو واقعو عجيب قسم جو هو گاڏيءَ مان ڦيٿي جو نڪرڻ ۽ وري ان جو موچيءَ جي ڪڍ لڳڻ ۽ ان ڦيٿي جي ڪري ئي موچيءَ جو مرڻ هڪ حساس ماڻھوءَ لاءِ ڪيڏي نہ مشڪل صورتحال هئي. هو اهڙي قسم جا مشاهدا مون سان اچي شيئر ڪري، مون کي بہ غمگين ڪري وجهندو هو. ائين سندس هانوَ تان ڪجهہ بار هلڪو تہ ٿيندو هو، پر اهڙا واقعا وسارئي نہ وسرندا هوس، حساس طبع هئڻ ڪري هو اهڙن واقعن جي تصورن ۾ پيو مرندو ۽ جيئندو هو، پر وري بہ سندس لاءِ منھنجو ساٿ سٺو هو. آءُ وري سندس شڪل شبيھہ ۾ صادقين جو پڙاڏو محسوس ڪري پيو وند رندو هوس سندس تصور ۾ هر هر موچيءَ وارو منظر پيو ڊوڙندو هو ڪنھن فلم جي سين جيان! منظر تہ ٻيا بہ الائجي تہ ڪيترائي اکين جي فوڪس مان گذريا هوس، پر انھن جي نوعيت هن کان قدر مختلف هئي، هونئن سندس لاءِ سڀ مشاهدا جيون جو سرمايو ئي تہ هئا. جن کي ڀلائيندي بہ نہ پئي ڀلائي سگهيو. انھن نہ وسرندڙ واقعن مان هڪ ٻيو بہ هن منھنجي سماعتن تي آندو ”هڪ ڏهاڙي هو شھر جي ڪنھن گليءَ مان گذري رهيو هو. ماڻھو ڪي پيادا تہ ڪي گاڏين موٽرن ۾ اچي وڃي رهيا هئا. هن کي پل لاءِ خيال جاڳيو تہ ڪٿي هو ڪنھن گاڏيءَ جي هيٺان نہ اچي وڃي. ڇاڪاڻ تہ هو پيادو وڃي رهيو هو ۽ رومانٽڪ طبيعت ڪري هو نسواني حسن جا نظارا بہ ڪندو ٿي ويو. اوچتو سندس نگاھہ ماڻھن جي ڪنھن ميڙ تي وڃي پئي. وکون واريندو وڃي ويجهو پيو. ماڻھن جي ميڙ وچ ۾ هڪ معصوم ٻالڪ جو چچريل ۽ رتو رت ٿيل لاش پٽ تي پيو هو ان ٻالڪ جي قميص اٽي پيھڻ واري انجڻ جي پٽن ۾ وڃي اٽڪي هئي ۽ ٻارڙو مشين ۾ چچرجي چيڀاٽجي ويو! سندس معصوم سوچون ۽ خواهشون موت جي واچوڙي جي زد ۾ اچي ويون ويچارو ٻالڪ پنھنجي پيءُ (انجڻ جي مالڪ) لاءِ گهران ماني کڻي کيس ڏيڻ آيو هو. سندس پيءُ هن جي چچريل چيڀاٽيل لاش مٿان ماتم ڪري رهيو. سندس لڙڪ اکين جي سرحد ٽپي، گهنجيل چھري تان ٿيندا هيٺ ڪرندا ٿي ويا. ماڻھن وري کيس آٿت ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ماني جيڪا ٻارڙي پنھنجي پيءُ لاءِ آندي هئي سا اتي جو اتي ٽفن باڪس ۾ پئي هئي هو ٻارڙي جو رت ۾ لت پت بوتو ڏسي ٻہ وکون پوئتي هٽي ويو. ڄڻ سندس ٻئي پير اوچتو ئي اوچتو باھہ مٿان اچي ويا هئا. ٻارڙو ڇا هو؟! ڄڻ هڪ فرشتو هو جنھن جي منھن مان معصوميت ڪنھن نوراني پردي جيان لھرائي رهي هئي. ننڍڙا، پر حسين هٿ ڪنھن مصور جو عظيم شاهڪار ڀاسي رهيا هئا. سندس مٿي جا ڀورا وار، ڪنھن وينگس جي نازڪ هٿن تي لڳل حنا جي رنگ کان بہ دلڪش! چپن تي موت جو سايو هوندي بہ زندگيءَ جي ازلي مرڪ............!“
هن منھنجي سماعتن تي اها وارتا ڇا آندي هئي ڄڻ ڪو عجيب و غريب لئنڊاسڪيپ ڪئنواس تي چٽي اچي منھنجي اڳيان رکيو هئائين. هو اها وارتا ٻڌائيندي، سچ پچ ڪجهہ لمحن لاءِ منھنجي آڏو صادقين جو پڙاڏو بڻجي بيھي رهيو هو. مون بہ زندگيءَ ۾ ڪيترائي حادثا ڏٺا، ڪيتريون ئي ٽرئجڊيون سامھون آيون پر شايد مون واري حس ايتري ڪا مُڏي هئي جو جلدئي اهي ٽريجديون وساري ڇڏيندو هوس، پر هن شخص کي ماڪوڙي جو موت بہ نہ وسرندو هو. ڇا لاءِ تہ حسا سپڻو کيس قدرت طرفان ڄمندي ئي تحفي طور ڏنو ويو هو پوءِ هو رفتہ رفتہ ادب جي دنيا جو اهم نانءُ شمارجڻ لڳو ۽ فنون لطيفہ سندس اهم سڃاڻپ جو ذريعو هو.