آتمڪ هتيا
اوچتو سندس سماعتن جي ديوار سان هڪ آواز ٽڪر کائي پڙاڏو بڻجي وڃي ٿو. کيس لڳي ٿو تہ ”ان آواز جو پڙاڏو شايد صدين تائين منھنجي حواسن تي ڇانيل رهي. اهو ڪھڙو آواز هو؟!“ هو اچرج ۾ پئجي ٿو وڃي. نرم نرم بستري تان اٿي ٻيڪڙيل دروازو کولي ٿو. ٻاهر ڪجهہ بہ نظر ڪونہ ٿو اچيس. مايوس! واپس اندر موٽي اچي ٿو. ”رات جو منظر ڀوائتو ٿيندو آهي!“ هو ديوارن سان سر ٻاٽن ۾ همراز بڻجڻ ٿو چاهي. ديوارون کيس ٻيھر پڻ انھن فلمي اداڪارائن جا چھرا ڏيکارين ٿيون. پنھنجو مُنھن بڇڙو ڪري ٻئي طرف ڦيري ٿو ڇڏي ٻي ڏس واري ديوار سندس لاءِ ساڳيو منظر پيش ڪري ٿي، جنھن سان سندس روح اڳ ئي نہ ٿي لڳو.
”اهي چھرا مصنوعيت جا رومال، پنھنجن چھرن تي چاڙهي ڪيستائين اسان کي سيڪس ( (SEX جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائيندا رهندا. سيڪس (SEX) هڪ بڪواس موضوع آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ مون کي ڪونہ ٿو وڻي.“ هڪ لمحي کيس سوچ ٿي اچي تہ اهي پورٽريٽ لاهي ڦٽي ڪري ڇڏي، پر پوءِ سوچي ٿو.“ ڪنھن جي آتمڪ هتيا نہ ڪرڻ گهرجي اهي فلمي اداڪارائن جا پورٽريٽ منھنجي ڀاءُ عامر جي روح جي تسڪين آهن.“ عامر سندس ويڳو ڀاءُ جيڪو اڄ رات شھر ۾ ٿيندڙ ڪنھن جشن ۾ وڃي چڪو آهي عامر ۽ ناصر هن ڪواٽر ۾ جيڪو شھر جي رونقن کان بنھہ پري ڪچي آبادي واري علائقي ۾ آهي ٻن سالن کان مسلسل رهندا آيا آهن. ناصر ڊاڪٽريءَ جي ٻئي سال ۾ ۽ عامر شھر جي ڪنھن فرم ۾ معمولي ڪلارڪ جي حيثيت سان جاب ڪري ٿو. ناصر ڳوٺاڻي زندگيءَ کان شھر جي پٿريلن رستن ۽ ڪاليج جي لان تائين، ڌرتي ڌڻين جي بدحالي کي محسوس ڪيو هو، جن سان سياسي، ثقافتي ۽ معاشي ويل وهايا پئي ويا. تڏهن سندس ڳوٺاڻي زندگي واريون ڳالھيون کانئس بنھہ وسري ويون هيون جنھن دؤران هن ڳوٺ جي هڪ ڳڀرو ڇوڪريءَ سان لنئو لڳايو هو. هن جو پنھنجو اهو ماضي هٿن مان ڇڏائجي ويو. سندس نسواني نينھن ڦري، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن جي عشق جي شڪل ورتي هو جنھن شھر ۾ رهي رهيو هو ان ۾ غيرن جو ڪثير تعداد ڏسي، هن هڪ اهڙي هستيءَ جي فلسفي کي پڙهيو/پروڙيو، جنھن علحدہ قومي تشخص جي تعليم ٿي ڏني. تڏهن کان سندس تصور جي ديوار تي، ان هستيءَ جو چھرو، پورٽريٽ بڻجي بيھي رهيو. جنھن سندس اندر جي آتما کي بي چين ٿي ڪري ڇڏيو. ”منھنجو روح تڙپي رهيو آهي ان ماڻھو لاءِ جيڪو ٻين کان سيرت ۾، توڙي صورت ۾ عمل ۾ توڙي ڪردار ۾، گهڻو مختلف هو. هن جو ڪردار تاريخ جي پيشاني تي جرڪندو رهندو.“ هُو پنھنجي منھن ڀڻڪيو. هڪ لمحي لاءِ هن جون نظرون ڪمري جي اترئين ديوار طرف کڄي ٿيون وڃن جتي وال ڪلاڪ لڳل آهي. ”ٻارهن وڄي چڪا آهن، هاڻ مون کي سمھڻ گهرجي، پر ننڊ جي ديوي تہ مون کان رسي هلي وئي آهي.“ تون نہ ٿو سمھي سگهين!“ هن جي حواسن تي ٻيھر ڪنھن آواز جو پڙاڏو گونجي اٿيو. هو پنھنجي تصور وارري ديوار تي خيالي پورٽريٽ ڏانھن ٿو نھاري! جنھن ۾ هڪ هستي ساڻس مسڪرائي رهي هئي. ”هاڻ مون سمجهي ورتو، اهو آواز، جيڪو ٻيھر منھنجي حواسن سان ٽڪريو، سو تنھنجو ئي هو، مون جيئن سمجهيو هو، تون هن دنيا مان هليو ويو آهين تہ اها منھنجي غلط فھمي هئي. تون منھنجي ۽ قوم جي حواسن م زنده آهين.
تنھنجي طبعي وڇوڙي کي مون پنھنجي آتمڪ هتيا ٿي سمجهيو آءُ ڪيڏو نہ غلط هوس.“
ناصر تصوراتي پورٽريٽ سان ڳالھيون ڪندي پورب کان سندءِ روح جي خوشين جي پھرين سحر پسي ٿو ۽ کيس ان خوشيءَ ۾ ننڊ پنھنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ٿي وٺي.