زندگيءَ جو رستو
اکين ۾ جڏهن بہ آگم لھندو آهي تہ اهي وسڻ جا ويس ڪنديون آهن. جيتوڻيڪ هوءَ مون کي جهلي وئي هئي .... پر موسمون بہ ڪنھن جي اختيار ۾ رهيون آهن؟! پوءِ مون هن جا قدم ڳڻڻ بدران جيڪڏهن ڪا شيءَ ماپڻ گهري هئي تہ مينھن ۽ نينھن جو موھہ. ماپيو هئم .... اکين جي آبشار کي ڏسي اندر ئي اندر پنھنجو پاڻ پڇي ويٺو هوس : ”يار! ڪٿي آهين؟!“ جواب مليو هئم: ”اتي ئي آهين جتي اوهان ڇڏيون ....“
راھہ تمام ڊگهي هئي، پر مون کي بہ تہ ان ئي راھہ تي هلڻو هئو، جنھن راھہ تان هوءَ وڃي رهي هئي .... مون ڪوشش ڪئي ٿي تہ جيئن هوءَ منھنجي نظرن جي فوڪس مان نہ .... نڪري .... پر شھر جي ٽرئفڪ ڪنھن ڪنھن لمحي سندءِ وجود ئي لڪائي ٿي ڇڏيو. مون کي جيتوڻيڪ پڪ هئي تہ رستي تي هلندي هوءَ انتھائي هوشياريءَ کان ڪم وٺي ٿي، پر پوءِ بہ هڪ ڀيري هوشيار ڪندي کيس آکيو هئم : ”زندگي! ڇاڪاڻ تہ تون منھنجي زندگي آهين، شھرجي رستن تي ڪجهہ مڙئي ڌيان سان هلندي ڪر .... ڪٿي مٿان ....“ چوندي چوندي باقي لفظ ڄڻ برف جيان ڄمي ويا هئم! برف جيڪا ٿڌي هوندي آهي. جڏهن پھاڙن تي ڪرندي آهي، تڏهن گرميءَ جي ڪيتري نہ طلب ٿيندي آهي ....؟! منھنجي لفظن کي بہ ائين زندگي جي حرارت گهربل هئي. انھن کي جڏهن بہ حرارت ملندي هئي. تڏهن هوءَ ٻڌڻ واري هوندي هئي ۽ مان ڳالھائڻ وارو .... هڪ ڀيري کيس چيو هئم؛ ”زندگي جيڪڏهن تون مون کان وڇڙي وڃين تہ وسارجان نه! ڪڏهن ڪڏهن خط ئي لکي ڇڏجانءِ ....“ تڏهن هوءَ مون ڏي ائين ڏسڻ لڳي هئي، جيئن ڪو ٻار معصوميت مان پنھنجي ماءُ ڏي ڏسي! ڏسندي ڏسندي لفظن ۾ حرارت اچي ويس. ڄميل برف وگهرڻ شروع ٿي وئي .... زندگيءَ ۾ زندگي اچي وئي. چوڻ لڳي : ”آءٌ ننڍي لاڪون جنھن اسڪول ۾ پڙهڻ ڪاڻ ويس، اتي جو استاد رحم کائڻ بدران رڳو لفظ کائيندو هو .... هُو پاڻ بہ تہ الائي ڪھڙي مڪتب جو شاگرد هو؟ جو رڳو خاموش ئي رهندو هو ۽ اسان طالب علمن کي بہ ”خاموش“ رهڻ جي ئي تلقين ڪندو هو ۽ بس! هن اسان کي خاموشي سيکاري .... توکي اڄ بہ محسوس ٿيندو تہ تنھنجي زندگي ڪيڏو نہ خاموش ٿي رهي، جيتوڻيڪ تون هن کي سڏين بہ زندگي ٿو....؟! پر اڪثر ڪري سندءِ لفظن جي جابلو سلسي تي برف ئي برف ڪرندي رهي آهي. آءٌ ڇا ڄاڻان خط لکڻ؟! منھنجي مڪتب جا سڀ شاگرد ماٺ ۾ مارجي ويا .... بابا، جيڪو مسڪين هو، سندءِ هڙ ۾ ڪڏهن ڪي رپيا، غريب جي اکين ۾ اميريءَ جي خواب وانگيان اچي ويندا هئا تہ هوا جي اوچتي جهوٽي جيان اک ڇنڀ ۾ اڏامي ويندا هئا. منھنجي ٽيوشن وٺڻ جو خواب بہ خواب ئي رهجي ويو. تون سمجهہ تہ تنھنجي زندگي بہ ڪھڙي زندگي آهي .... تنھنجي شھر جا جوان ڪڏهن لائبريرين تي ڳاهٽ ٿيندا هئا. اهي اڄ ويران آهن. شھر جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سٽي بازي زورن تي آهي. الائجي اتي ڇا ٿو وڪامي؟ قوم جي قسمت يا .....؟! علامہ آءِ آءِ قاضي ڄامشورو جي پٿريلي زمين تي هڪ خواب لڌو هو .... ٻڌين پيو .... تنھنجي زندگي ڳالھائي پئي ٿورو ڌيان سان ٻڌ .... پر سينيما گهرن، وڊيو / سي ڊي سينٽرن تي مون جھڙيون ڪيتريون زندگيون پيون پنھنجون زندگيون وڃائين .... ڪجهہ ڏينھن اڳ ئي ڪنھن اخبار مان پڙهي ٻڌايم : ” علامہ قاضي جي ڏٺل خواب واري پٿريلي زمين تي ڪنھن جو لاش پيو هو .... مون واري تعليم واري معاملي ۾ تہ کڻي مڃون،اهو دوشي هو، جنھن لفظ ٿي کاڌا .... خاموش ٿي رهيو. ڪو هڪ لفظ بہ الي ها تہ اسان جون زندگيون بہ ڪي زندگيون هجن ها! پرهن معاملي ۾ دوشي ڪير؟ تون ئي ٻڌاءِ ....!“ ايترو چئي هوءَ خاموش ٿي وئي هئي.
آءٌ هن جي پويان پويان وڃي رهيو هوس. رستو بہ ڪشادو هو پر ٽرئفڪ جو هجوم بہ ڪو هجوم هو. تنھن ڪري آءٌ فٽ پاٿ وٺي وڃي رهيو هوس. ان سمي صبح جا ڏھہ وڄي رهيا هئا اهي اصلوڪا ڏھہ ڪونہ هئا.انوقت تي اڳي صبح جا نَوَ وڄندا هئا پر ڇاڪاڻ تہ حڪومت جو حڪم هئو تہ رياست جو هرفرد پنھنجي گهڙي پھرين جون کان هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪري ڇڏي .... ۽ مون ان پھرين جُون واري رات پنھنجي گهڙي هڪ ڪلاڪ پوئتي ڪري ڇڏي هئي! ان سمي مون کي منھنجي زندگيءَ جا لفظ ياد اچي رهيا هئا :” تون سمجهہ تہ تنھنجي زندگي بہ ڪھڙي زندگي آهي؟!“ آءٌ فٽ پاٿ وٺيو وڃي رهيو هوس. ويندي ويندي يادم آيم تہ قوم جي انرجي بہ ڪيڏي نہ اهم شيءَ آهي. ڏينھن جا ڏھہ وڄي چڪا هئا، پر ميونسپل وارن جون اسٽريت لائيٽون اڃا تائين ٻري رهيون هيون. اتي قوم جو سج جي روشني مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ واري ٿيوري بہ ڪجهہ سمجهہ ۾ اچڻ لڳي هئي .... انھن سوچن مان نڪرندي مون پنھنجي نگاھہ اڳيان پري پري تائين ڦھلائي .... زندگي تہ ڪڏهوڪو مون کان غائب ٿي چڪي هئي. اڳيان هڪ وڏو چوسول هو. جتان ڪيترائي رستا ڦٽي رهيا هئا....
چوسول جي ڪنھن بتي ٻرڻ سان سڀ ٽرئفڪ جام ٿي وئي هئي. آءٌ زندگي جي پويان هلندي مختلف رستن کي ڏسڻ سان ئي سواليہ نشان بنجي رهجي ويس تہ ڪھڙو رستو زندگي وٺي اڳتي نڪري وئي آهي؟ آءٌ بہ اهوئي رستو وٺي وڃان! وري جو گهڙيءَ تي وقت ڏٺم : سيڪنڊ ..... سيڪنڊ ..... منٽ ..... منٽ اڳتي وڃڻ بدران پوئتي! زبان مان بي اختيار نڪري ويم : تنھنجي زندگي بہ ڪھڙي زندگي آهي؟!