شاهه عبداللطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس-دهلي (هڪ جائزو) : گورڌن شرما گهايل
افتتاحي مهورتي اجلاس ۾ مکيه مهمانن ۾ لوڪ سڀا ميمبر ڊاڪٽر ستيه پال سنگهه، جپان، ٿائلينڊ ۽ لبيا جي اڳواڻي سفير شري ارجن ايسراڻي، پدمشري شانتي هيرانند ۽ سرتين سنسٿا جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ڪملا گدواڻي ۽ ڪنوينر جنرل سيڪريٽري وينا شرنگيءَ سرسوتيءَ اڳيان جوت جڳائي ڦول مالا چاڙهي ڪانفرنس جي شروعات ڪئي. هن موقعي تي گائڪا شانتي هيرانند جي مڌرگيت کان پوءِ جناب ارجن ايسراڻيءَ ٻه اکر ڳالهائيندي پشاور پاڪستان ۾ ٿيل ٻارن جي هتيا تي دلي صدمي جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ لاءِ شڀ ڪامنائون ڏيندي هن صاحب چيو ته اَمن ۽ انسانيت جي صدقي ٻنهي ملڪن جي مُدبرن، عالمن ۽ اديبن کي گنڀيرتا سان سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر ستيه پال سنگهه عالماڻي تقرير ۾ ماروي سنسٿا جي ڪاريه ڪارن ڀيڻ وينا شرنگي ۽ ٻين واسطيدارن کي مبارڪون ڏنيون. هن صاحب ديش ۾ استري سُرڪشا تي وستار سان ويچار ظاهر ڪيا ۽ خاطري ڏني ته اِن ڪم لاءِ موجوده سرڪار کان جيڪي به ٿي سگهندو ضرور ڪيو ويندو.
ماروي سنسٿا جي بانيڪارن ۽ هند واسي هفتيوار جي سمڀادڪ شوڀا لالچنداڻيءَ شال، شريڦل ۽ موميٽو سان منچ تي ويٺل سڀني مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو.
هن موقعي تي سنڌ مان آيل سڄڻ صحافي ۽ اديب جناب اَمين لاکو خاص وينا لاءِ آندل سوکڙي يڪتارو کيس پيش ڪيو.
مهورتي اجلاس کانپوءِ شروع ٿي ويو گيت، سنگيت ۽ نرتيه جو سهڻو سنگم. گائڪا نيتو مٽائيءَ سدا حيات نارائڻ شيام ۽ سچل سرمست جا ڪلام ٻڌايا. دهليءَ جي ئي ٻي گائڪا لجا ڀاٽيا ساميءَ جا سلوڪ ٻڌايا ۽ شاهه لطيف جو ڪلام “منهنجي راڻل کي ڪا ٻاجهه پوي” ٻڌائي متاثر ڪيو. لکنئوءَ کان آيل گائڪا ڊاڪٽر سرو جني ڪمار ڀڳت ڪنور رام لاءِ “سنڌڙيءَ جا سنت سونهارا” پيش ڪيو. لکنئوءَ جي ٻي گائڪا پدما گدواڻيءَ نارائڻ شيام جو غزل، “جنهن کي سيني ۾ دل ملي هوندي” ۽ شاهه جو ڪلام “اکيان وڃي رانجهن لئه لڙيان....” ڳائي ماحول سنگيتميه بڻائي ڇڏيو، دهليءَ جي مقبول گائڪا آما لال، ضيا صاحب جو گيت “دل تنهنجي منهنجي هڪ آ، ڏاڍي اسان ٻنهي ۾ سِڪَ آ...” کان پوءِ جڳ پرسڌ گائڪ پنڪج جيسواڻيءَ سچل سر مست جا ڪلام “ننگڙا نماڻي دا....” ۽ “آءٌ جوئي آهيان سوئي آهيان”، کان پوءِ رانجهن جو ڪلام “الائي جي ڇا ۾ راضي آ...”پيش ڪري محفل ۾ چار چنڊ لڳايا.
هن محفل جي خاص سونهن هئي، سنڌ کان آيل ڪماري بنش قائم جا ٻه نرتيه. سنڌي لباس ۽ لفظن سان سينگاريل ٻئي اسم هال ۾ ويٺلن کي مارويءَ جي مُلڪ سنڌ مان ڄڻ ته گهمائي آيا. ممبئيءَ مان آيل سمپادڪا شوڀا ۽ سندس ڀيڻ سنڌو لالچنداڻيءَ خوش ٿي هڪ هزار روپيه ڪماري بنش کي انعام ڏنا ۽ سڄي ڪاروائي سهڻي نموني شاليني ساگر هلائي.
ٻئين ڏينهن جي شروعات هال جي ٻئين ماڙي تي ڪانفرنس هال ۾ ٿي سڀ کان پهرين هال ۾ شرڪت ڪندڙ سنڌ ۽ هند جي عالمن اديبن پنهنجو پنهنجو پريچيه ڏنو. سنڌ کان آيل مکيه سڄڻ هئا- ڊاڪٽر سليمان شيخ، پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، جاويد احمد شيخ، جناب منظور ڀٽو، جناب غلام نبي مورائي، پروفيسر مهر النساء لاڙڪ، ڪماري بنش قائمک محترمه ڊاڪٽر نظير ناز، ڪماري مهڪ علي، ڪماري نسيم جلباڻي، ڪماري جنت جان، جناب اَمين لاکو، شري ڊاڪٽر سريش واڌواڻي، جناب اَمان الله شيخ ۽ جناب امان راشد ۽ ٻيا. هن ڪانفرنس ۾ ڀارت مان شرڪت ڪندڙ هئا ڊاڪٽر ونود آسوداڻي، شري لڇمڻ ڪيسواڻي، شري ٻلو چوئٿاڻي، شري کيمن مولاڻي، شري ناري لڇواڻي، شريمتي اومي ميراجا، ديوي ناگراڻي، اندرا شبنم، لڇمڻ درياناڻي ڌبي، گورڌن شرما ‘گهايل’، ڀڳوان اٽلاڻي، هري همٿاڻي، ارجن چاولا ماکيجاواڻي، ڀارتي ڪيو لراماڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر روي پيڪچنداڻي، ڊاڪٽر آشا سارسوت، موهن همٿاڻي، شريڪانت ڀاٽيا، شاليني ساگر، وينا شرنگي ۽ سندن ڀاءُ سنڌ مان آيل راجيندر شرنگي ۽ ٻيا ڪيترائي. هن انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي رونمائي ٿي جن ۾ مکيه هئا.
اديون عبداللطيف چئي- پروفيسر نظير ناز
ڏاها هِنَ ڏيهه جا- پروفيسر اعجاز قريشي
ڏور به اوڏا سپرين- پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
پونا ايڪسپريس- موهن مدهوش
سنڌ بچايو- براعظم بچايو- سنڌيڪار: امان الله شيخ
ٻه فڪري ڪتاب - امان الله شيخ
شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر- يوسف شاهين
حوصلو- شالني ساگر
شهيد هيمون ڪالاڻي- لڇمڻ ڪيسواڻي
هسٽري آف سنڌ- لڇمڻ ڪيسواڻي
نسيم کرل ۽ سندس فن- ڪشمير سومرو
وکريل خواب، اَڌوري ڪهاڻي- ڊاڪٽر سليمان شيخ
اُساٽ- هري همٿاڻي
سفرنامو سنڌ جو- وينا شرنگي
(هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو Silent path عنوان سان ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ ڪيو آهي)
ٺاڪر جون ڪهاڻيون- سنڌو ٺاڪر
پندرهن سنڌي ڪهاڻيون- ديوي ناگراڻي
وينا شرنگيءَ جي سنڌي ڪوتائن جو ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ ڪيل ترجمو،
هن محفل ۾ ماروي سنٿا جي بانيڪارن سنڌ مان آيل عالمن اديبن جو شال ۽ گلن جي هار سان آڌرڀاءُ هند جي عالم اديبن کان ڪرايو ويو ۽ ڀارتيه ساهتيڪارن جو آڌر ڀاء ساڳئي نموني سنڌ مان آيل عالمن اديبن ڪيو. مانجهاندي کان پهرين ڪانفرنس جو پهريون مقالو پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو پڙهيو. صدارت ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي. هن مقالي ۾ پروفيسر صاحبه شاهه صاحب جي شخصي حياتي، ان وقت جي ساماجڪ ريتين رسمن جو وچور وار احوال ڏنو مقالو داد جو مستحق هئو.
مانجهاندي کان پوءِ سدا حيات نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز کي ارپڻ ڪيل مشاعري ۾ هند سنڌ جي ڪيترن ئي صاحب- سخن شرڪت ڪئي. مشاعري جي صدارت لڇمڻ درياناڻي ڌبي ڪئي ۽ شري گورڌن “شرما” گهايل قابل داد شاعراڻي انداز ۾ ڪاروائي هلائي. غزل گيت، نظم، ترائيل، وائي ۽ نئين ڪوتا جي روپ ۾ دل جي گهراين مان پلٽ پلٽان ڪندڙ خاص سُخنور هئا.
پروفيسر مهر النساءِ لاڙڪ
شام ائين تنهنجي آڱر تي مرڪي ٿي!
ڄڻ ڪاناري، ڪارونجهر تي مرڪي ٿي.
بنش قائم
هئي هُن پار کان جيڪا اُها هِن پار پاتيسين،
کڻي جي ديد دل واري ته ساڳي سارپا تيسين.
پروفيسر ڊاڪٽر نظير ناز
سڄڻ سامهون هُجن، پو مان غزل ڇو نه چوان.
جناب اَمين لاکو
روز لاڙي ڇڏي ٿي چانڊوڪي،
تنهنجي پاڙي ڇڏي ٿي چانڊوڪي.
پرفيسر ممتاز ڀٽو – نظم آنسون
اردو شاعر جناب شميم عباس
بانٽ لين آ ڪائنات.
بڙي سرد رات ٿي.
صدر صاحب جي خواهش کي مان ڏيندي هن مشاعري جي شروعات سندس متفرق شعرن سان ڪئي ويئي.
لڇمڻ دُبي
جي هجي ميرو وڳو، بدليون کڻي،
پر اُداسيءَ کي ڪٿي لاهي اچون؟
ناري لڇواڻي
ڇرڪ ڀرائي ڇير سڄڻ جي.
وينا شرنگي- ‘وفا’ (نئين ڪوتا)
شالني ساگر- ‘رزرويشن’ ۽ ‘سرحد جي هُنَ پار ڀاءُ جي لئه پيغام’
اِندرا شبنم- ٻڌڻ چاهي هر ڪو بهارن جو ڳالهيون.
لڇمڻ ڪيسواڻي- هڪ غزل
کيمن مؤلاڻي- ڳالهه ۾ ڪجهه نه هو، پر وڳي ڪيتري.
بلو چوئٿاڻي- مذاحيه مِني ڪوتائون.
موهن همٿاڻي- نيون ڪوتائون.
ديوي ناگراڻي- ٻه غزل
ڊاڪٽر ونود آسوداڻي
تو کي منهنجو، مونکي تنهنجو ٿيڻ کپي،
تنها تنها جيون نه سڄوئي رُئڻ کپي.
هن صاحب سخن هڪ طويل غزل پيش ڪيو، جنهن لاءِ ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب کين چيو، “اوهان ميدان ماري ويا.”
پروفيسر ارجن چاولا
تو جي چاهين ها ته حالات بدلجي ٿي سگهيا.
گوورڌن شرما ’گهايل‘
ڏاڍ جو ڏر اَڃان ڏريو ناهي،
اک جو ڦڙڪڻ اڃان ڦريو ناهي.
ڪونهي محتاج مُند جو گهايل.
دِل خزان ۾ به ٿي ٽڙي، پو ڇا؟
آخر ۾ هڪ دفعو وري صدر صاحب ڪجهه شعر ٻڌائيندي، ٽي ڪلاڪ سانده هلندڙ هن مشاعري ۾ ويٺل حاضرين کي ڌنيواد ڏني ۽ محفل پوري ٿي.
ٽئين ڏينهن تاريخ ارڙهين ڊسمبر هن ڪانفرنس جي پهرئين اجلاس ۾ ٽي مقالا پيش ڪيا ويا. صدارت پروفيسر اعجاز قريشيءَ ڪئي.
پهريون مقالو پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ پيش ڪيو جنهن جو عنوان هئو. “ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا”. محترما پنهنجي مقالي ۾ شاهه لطيف جي حياتيءَ زمان مَڪان جون حدون لنگهي وڃڻ ۽ فطرت جو مشاهدو ماڻڻ جو سٺو ذڪر ڪيو. هن ٻڌايو ته شاهه صاحب 21 سالن جي عمر ۾ صوفين جي سنگت ڪئي. 30 سال ڀٽڪندو رهيو. تيرٿ آستانن تي ويو. شاهه صاحب سڀ باسڻ متيءَ جائي واپرايا. تاريخي جاين مان مُشاهدو حاصل ڪيائين. حسد، نفرت، ٻيائي نظر نه آيس هِنگلاج ديويءَ جا مُجاور مسلمان آهن. نفس کي پاسيرو رکي روح کي راحت پهچايائين، چيائين دَر نه مِٽجي دوست جو.
ٻيو مقالو محترمه وينا شرنگيءَ جو هو، جنهن جو عنوان؛ “صوفي شاعري ۽ شاهه جي تخليقي ٻولي” هئي. مقالا نويس ٻڌايو ته شاهه صاحب ۾ احساس عام هوندي به خاص نظر اچن ٿا. سهڻي لباس سبب لفظ رواجي نه پر خاص درجو ماڻن ٿا. شاهه جو رسالو بطور ڌرمي گرنٿ مڃيو وڃي ٿو. سداحيات شيخ اياز صاحب پڻ شاهه جي بهترين بيتن جي سٽن کي ڪتابن جو عنوان بڻايو آهي. سڄو رسالو تخليقي تصويرن ۽ تصورن سان پُر آهي. ٺيٺ سنڌي اُچارن ٻه، ڏ ڳ ڄ جو به پريوگ ڪيل آهي، وينا ڪجهه مثال به ڏنا آهن جئين ته
واجهائي وطن کي آءٌ جي هِتِ مُياس.
پکا ۽ پنوهار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
تون ڇپر تون ڇانو....
ٻڏندڙ ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجهن.
پڙاڏو سو ئي سَڏَ...
شاهه لطيف عالم فاضل هئو. ٻوليءَ جو معمار ۽ محافظ پڻ هئو.
هن اجلاس جو ٽيون مقالو سائين امان الله شيخ صاحب جو هو. جنهن جو عنوان هو “شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر حال ۽ آئندو” اَول اوِل ته هن صاحب ٻڌايو ته جڏهن سياسي سرگرمين ۾ سرگرم هوس تڏهن مهراج گوپي ڪرشن ۽ ڀاءُ راجيو ڪمار شرنگيءَ شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي گهر ۾ پناه ڏني هئم. اڄ هت ڀينرن وينا ۽ شالنيءَ جي سڏ تي آيو آهيان، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ پيڪن ۾ آيو آهيان. مقالي ۾ هن صاحب ٻڌايو ته ماضيءَ مان آجو ٿيڻ گهرجي شاهه صاحب پير فقير ۽ اولياء ڪونه هو. هو هڪ صوفي دانشور هو. شاهه کي نئين حوالي سان سمجهڻ گهرجي هو وحدت ۽ وحدانيت جو پيروڪار هو. سدا حيات ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر سروپلي، راڌا ڪرشنن ساڌوتي، ايل واسواڻي، ڄيٺمل پرسرام شاهه جي فلسفي کي سمجهيو ۽ سمجهايو آهي. سو اهڙي ريت وويڪانند جا ويچار به اڄ جي دؤر ۾ شاهه جي فلسفي جو تسلسل آهن جنهن ويدن جي نئين تشريح ڪئي آهي. سائين محمد ابراهيم جويو به لطيفي مڪتبهء فڪر جو هڪ مڻيادار موتي آهي.
ٽئين ڏينهن جي ٻي اجلاس جي صدارت ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب ڪئي. هن اجلاس ۾ پنج پيپر پڙهيا ويا ۽ ٽِن ڄڻن مختصر ڳالهايو.
هن اجلاس جو پهريون مقالو جناب اَمين لاکو جو هو جنهن جو عنوان هو “شاهه عبدالطيف جي شاعري تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر” مقالي ۾ هن صاحب چيو ته شاعر ۽ اديب سماج کان الڳ نه ٿي سگهندا آهن. شاهه سائينءَ کي روحاني نجات جو شاعر ۽ رهبر طور عالمن پيش ڪيو آهي، پر شاهه سائين سياسي ۽ سماجي تحريڪن سان جُڙيل ۽ وطن پرست ۽ ڏاهو شاعر هو. هن جهوڪ واري شاهه عنايت جو پڻ بيان ڪيو آهي. ڀڳتي تحريڪ جي شروعات ڏکڻ ڀارت ۾ ٿي. اُتر ڀارت ۾ سنت نامديو هن تحريڪ کي لوڪ پريه بڻايو. شاهه صاحب جي دؤر ۾ ناٿ پنٿي تحريڪ جو اثر نمايان آهي. صدين کان هلندڙ پراڻين رسمن ۾ پورب جي روايتن کي پشچم جي روايتن کان وڌيڪ مڃيو ويو آهي. شاهه جي قلمي نسخن ۾ ڪيترائي ڀڄن پڻ مِلن ٿا.
هن اجلاس جو ٻيو پيپر جناب غلام نبي مورائي صاحب پيش ڪيو. عنوان هو “ڀڳتي تحريڪ جا شاهه تي اثر.” هن مقالي ۾ ٻڌايو ويو ته رنگ، ذات فرقن کي ختم ڪرڻ ئي هن تحريڪ جو مقصد هو. ڀڳتي گيتن جي پيار جا پڙلاوَ سڀني کي متاثر ڪن ٿا. هن تحريڪ پنڊتن جي هڪ هٽيءَ کان مَڪت ڪرائي ڇڏيو. هن صاحب ڪبير داس، سامي ۽ شاهه صاحب جي شاعريءَ مان ڪيترائي مثال پڻ ڏنا. جيئن:
خلق خالق ۾ خالق ۾ خلق (ساري)
سهسين سجن اُڀرئي، چوراسي چنڊن،
با الله ري پرين سڀ اونداهي ڀائنيان.
(شاهه)
اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان.
پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مَرَنِ.
نائين نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو.
هن اجلاس جو ٽيون پيپر محترمه نظير ناز جو هو. عنوان هوس “شاهه جي شاعريءَ تي سنت ڪبير جو اثر.” مانواري ليکڪا ٻڌايو ته سڀ مذهب هڪ جهڙا نظر اچن ٿا. ڀڳتي تحريڪ ڀڳتي پريم ۽ هيڪڙائيءَ تي مدار رکي ٿي. سڀني ذاتين ۽ فرقن جو مقصد هڪ آهي. مُلان، پنڊت ۽ پادري ساڳي ڳالهه چون ٿا. هِنَ تحريڪ جا ٻه روپ آهن (1) ٻاهريون روپ، مطلب ته جيڪو ڏسجي ٿو ۽ (2) اندريون روپ، جيڪو اهم ۽ ضروري آهي.ڪبير داس پنهنجي دؤر جو ترقي پسند ويچار رکندڙ شخصيت هئو. مذهب جي رکوالن ۾ نفرت جو ڦهلاءُ ڏسي اهڙين روايتن جي خلاف هو. شاهه صاحب م تصوف جو رنگ ڀريل هو ته ڪبير ۾ انسان جو درد لڪيل هو. ڪبير جو وشواس هو ته لِذت ۽ موهه کان پاسيرو رهي عَمَل نيڪ رکڻ گهرجن.
ڪبير صاحب جا مثال ڏنائين.
مَين ٿا تب هري نهين، مئن هون تب هري نانهه.
جهيني ري جهيني ري جهيني چدريا.
شاهه صاحب جا به ٻه مثال پيش ڪيائين.
سُتا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري...
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وِهڻ جي.
چوٿون مقالو هو ذهين ليکڪا ڪماري بنش قائم جو هو، جنهن جو عنوان هو “جهونا ڳڙهه جُهِري، پئي جهانءِ جَهروڪَ ۾” هِنَ نياڻيءَ پنهنجي پيپر ۾ ٻڌايو ته شاهه صاحب سچو سيلاني هئو. فني ۽ فقري لحاظ کان شاهه سائينءَ جو رچنائون اهميت رکن ٿيون. شاهه صاحب تصوف جا روپ تمثيلي نموني ۾ ڏيکاريا آهن. شاهه جي سڄي شاعري روحاني عظمت سان ڀري پيئي آهي. تواريخي جڳهين جوشاهه جي رسالي ۾ سُٺو ذڪر ملي ٿو. شاهه سائينءَ جي خلقيل ڪردارن ۾ سورمن ۽ خاص ڪري سورمين جو علامتي نظريو قابل داد آهي.
پنجون مقالو نئين دهليءَ جي دؤلترام ڪاليج ۾ اردوءَ جي پروفيسر محترمه سانيا جو انگريزيءَ ۾ لکيل هو. عنوان هوس. “Shah Lateef Bhitai a Sufi Saint” هِنَ ڀيڻ پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته سنڌي ٻوليءَ جي متاز شاعر شاهه جي شاعريءَ کي Golden form of Sindhi Poetry مڃيو ويو آهي. سداحيات شيخ اياز صاحب پڻ شاهه صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ۽ پويون اهڙو شاعر تسليم ڪيو آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي شاهوڪاري پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪئي آهي اياز صاحب شاهه جي رسالي جو اردو زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن محترما ٻڌايو ته سڀ کان پهرين سنه 1854ع ۾ دنيا اڳيان شاهه صاحب کي آندو ويو. خدا کي شاهه مَن جو محبوب مڃيو، جيڪو سندس نس نس ۾ سمايل هو. راڳين، يڪتاري معرفت اِهو راز عوام اڳيان آندو. هن صاحبه شاهه جي ڪلام مان ڪجهه مثال سنڌي اردو ۽ هندي زبان ۾ پيش ڪيا.
هن اجلاس ۾ سنڌ جي ٻن نياڻين ڪماري مهڪ علي ۽ ڪماري جنت جان جيڪي واگها بارڊر تان سفر ڪري ڪانفرنس ۾ آيون هيون، هنن زباني ٻڌايو ته شاهه سائين سڀني سورمين جو سهڻو چتر چٽيو آهي. ڪشت ڪشالا ڪٽجي ويندا هڪ هڪ ٿي. پرڀو وفا چيو آهي. نٿو لڳي ته اسين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آيل آهيون. هن قوم ۽ مُلڪ پنهنجين عظيم شخصيتن کي سڃاتو آهي. شاهه سچل ۽ سامي سماج جا عظيم اُستاد ۽ رهنما آهن. فنڪار ۽ مفڪر آهن جيئي لطيف جيئي سچل ۽ جيئي سامي. بڙودي مان آيل رٽائرڊ پرنسيپال ڀارتي ڪيولراماڻيءَ سنڌ جي ماروي وينا شرنگي کي هن شاندار ڪامياب ڪانفرنس لاءِ ڪيل اٿڪ محنت لاءِ دلي مبارڪون ڏنيون ۽ ننڍي ٽهيءَ جي ڳالهائيندڙن کي پڻ داد ڏنو.
ٽئين ڏينهن جي پوئين اِجلاس جي صدارت شري ڀڳوان اٽلاڻيءَ ڪئي. هن اجلاس جو پهرين پيپر ڊاڪٽر جاويد شيخ صاحب جو هو، جنهن جو عنوان هو “Shah Lateef poet of truth Sufism” پنهنجي مقالي ۾ هن صاحب ٻڌايو ته شاعري عالمي ڀاشا آهي، الڳ الڳ عالمن اِن بابت پنهنجا رايا ڏنا آهن. انگريزي شاعرن ورڊس ورٿ، ڪيٽس وغيره جا مثال ڏيندي شاهه جي حوالن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته شاهه جي رسالي ۾ 30 سُرن ۾ ڪيترائي سنديش ملن ٿا، جيڪي زندگيءَ ۾ ڪارگر ۽ ڪارائتا آهن.
سَچ جي وصف ٻڌائندي ڪيٽس چيو آهي. Truth is beauty and beauty is truth شاهه سائين کي لاکيڻي لطيف، ڀٽائي گهوٽ، ڀٽ جو شاهه وغيره نالن سان مَانُ ڪريون ٿا. سڄي دنيا لاءِ خوشي ۽ خوشحالي جو پيغام شاهه ڏنو آهي. ڪجهه مثال ڏنا اٿس.
اکيون اُهي ڌار جنهن سان پَسين پرين کي.
پڙاڏو سو ئي سَڏُ، ٻڌڻ ۾ ٻه هئا.
پريان سندي پارجي مڙيئي مٺائي
اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار.
هن اجلاس جو اڳلو مقالو پروفيسر اعجاز قريشيءَ صاحب جو هو، جنهن جو عنوان هئو. “شاهه لطيف جا همعصر صوفي شاعر”. وقت جي تنگيءَ سبب هِنَ صاحب پنهنجو مقالو مختصر پيش ڪيو. هِنَ ٻڌايو ته شاهه صاحب جي همعصر صوفي شاعرن ۾ قابل ذڪر نالا آهن. روحل فقير، شاهه عنايت صوفي شهيد، مير جان الله شاهه رضوي، جنهنجو تذڪر لطفي ۾ ذڪر آهي، مخدوم عبدالرحيم، مدن ڀڳت، ميون شاهه عنايت رضوي ميون عيسى، تمر فقير، بُلي شاهه جنهن جو پنجابي ٻوليءَ ۾ ڪلام مقبول آهي. پشاور جو شاعر رحمان بابا، ڄام درڪ بلوچي شاعر وغيره وغيره.
هِن اجلاس جو آخرين مقالو “ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف” موضوع تي ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب جو هئو. وقت جي پابندي سببب مقالو پيش نه ٿي سگهيو.
هن اجلاس جي صدر شري ڀڳوان اپلاڻيءَ پڙهيل مقالن تي ٻه اکر ڳالهائيندي چيو شاهه انسانيت جو شاعر هو. شاهه به انهن پر مپرائن جي اثر سان اڀريو. اسين پنهنجا ويچار زباني سطح تي ورهايون ٿا، ونڊيون ٿا. شاهه کي ڪنهن به هڪ مَتَ سان جوڙي نٿو سگهجي.
جڳ مشهور ڀاشا وگياني، مفڪر عالم ۽ اديب ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ٻڌايو ته شاهه لطيف تي وڌ ۾ وڌ ڪم ٿيو آهي. هند سنڌ مان شاهه تي ويهارو کن عالمن پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ڪڇ گجرات جي ٻني علائقي ۾ جو ٿرپارڪرضلع جي پاسي ۾ آهي، اُتي لوڪ ساهيته ۾ شاهه جا بيت مقبول آهن. رام سنگهه راٺوڙ جي ميوزم ۾ شاهه جي رسالي جا به قلمي نسخا مليا آهن. ٻني جي ٻن مسجدن ۾ شاهه جي رسالي جا قلمي نسخا رکيل آهن. هن صاحب چيو ته شاهه صاحب تي اڃان به کوجنا جي گهڻي ضرورت آهي.
ڪانفرنس جي آخر ۾ ڪماري وينا شرنگيءَ پوني کان آيل شري گورڌن شرما گهايل کي دعوت ڏني ته سڄي ڪانفرنس جو جائزو پيش ڪري.
شري گورڌن گهايل ٻڌايو ته شاهه لطيف تي سنڌي اردو هندي انگريزي ايراني ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪُل 902 (نو سؤ ٻه) ڪتاب ڇپيل آهن، جا سچ پچ وڏي اهميت واري ڳالهه آهي. مُنڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ڪانفرنس ۾ ٿيل سڀني ڳالهين جو مختصر پر ڪارائتو جائزو هن پيش ڪيو، جو هِتِ شامل آهي.
هن ڪانفرنس لاءِ سنڌ کان آيل وفد جي صدر ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب، مارويءَ جي مُلڪ ملير مان خاص آندل شال ڪماري وينا شرنگيءَ کي پيش ڪئي. هن صاحب پاڻ سان سنڌ مان آندل سنڌي سوکڙي اَجرڪ سان ڪيترن ئي هندستاني عالمن اديبن جو ستڪار ڪيو، جن ۾ مکيه هئا شري گورڌن شرما گهايل، ڊاڪٽر مرليدر جيٽلي، شري لڇمڻداس ڪيسواڻي، ديوي ناگراڻي، شالني ساگر، کيمن مولاڻي ۽ ٻيا.
آخر ۾ سڀني عالمن اديبن ڪماري وينا شرنگي، شالني ساگر ۽ ماروي تنظيم جي ٻين بانيڪارن کي هن شاندار ۽ ڪامياب ڪانفرنس لاءِ لکين واڌايون ڏنيون. سمورن وفدن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو تمام سٺو بندوبست ڪرول باغ جي هوٽل سارٿڪ ۾ ٿيل هو. رهائشي جاءِ کان ڪانفرنس هال تائين اچڻ وڃڻ لاءِ گاڏين جو خاطر خواه بندوبست پڻ موجود هو. ائين سڀئي شرڪت ڪندڙ سُٺيون ۽ سهڻيون يادگيريون ساڻ کڻي پنهنجي پنهنجي ماڳ روانا ٿيا.
[b]گورڌن شرما ’گهايل‘
[/b]