لطيفيات

ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

ڪتاب ”ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف“ جو سهيڙيندڙ محترم امان الله شيخ آهي. هي ڪتاب آگسٽ 2015ع ۾ مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن، نئين دهلي انڊيا پاران پيڪاڪ پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو آهي.
هي ڪتاب ڊسمبر 2014ع ۾ هند ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6646
  • 1515
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امان ﷲ شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

شاهه لطيف جي ڪيل تاريخي ماڳن جي سير ۽ سفر جي روشني ۾ سندس ڪلام ۾ آيل لوڪ ڪهاڻين جو جائزو : ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو

ڪڏهن تان ٻاجهه پَئي، ساجن سُنجُ سلاُم،
سڪ تنهنجي سپرين ڪيو، تن تمام،
هٿين هاجَ وهُ ٿي نِيڻين ننڊ حرام،
دوس نه سَهان دامُ، تون وندُر ٿو ويلا ڪَرين.

[b]تعارف
[/b]دنيا جي هر عظيم شخصيت کي ان دؤر جي تاريخ جون معروضي قوتون جوڙينديون آهن. شاهه جو بابرڪت جنم 1689ع ۾ انهيءَ دؤر ۾ ٿيو جڏهن سنڌ تي دهليءَ جي گورنر جو حڪمران هو. هندستان جي مغل حڪمران اورنگزيب پنهنجي والد شاهجهان کي قيد ڪري وڏي ڀاءُ دارا شڪوه کي ماري 1658ع ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو. هو صوفين، ويدانتن، فنڪارن ۽ راڳيندڙن جو مخالف هو جيڪي ماڻهن ۾ سچ ۽ حق جي جوت جاڳائيندڙ هئا. شاهه جي ڄمڻ وقت، مغل سلطنت زوال پذير هئي. شاهه جي وقت ۾ سنڌ تي دهلي تخت طرفان نواب خانزاد خان گورنر هو. شاهه کان پهرين سنڌ تي سمن جي حڪمراني هئي ۽ 1520ع ۾ هڪ وڏي رتوڇاڻ کانپوءِ سنڌ ارغونن جي ظالماڻي تسلط هيٺ آئي. اهو دؤر ساندهه 200 ورهيه هليو. شاهه لطيف جي جنم کانپوءِ رڳو ڏهن ورهين ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا خاندان جي هڪ سپاهي سنڌ جي مٿئين حصي (اتر سنڌ) تي 1700ع ۾ سبيءَ کان سيوهڻ تائين، ملتان جي مغل گورنر کي شڪست ڏيئي پنهنجي حڪمراني شروع ڪئي، جنهن سنڌ ۾ آبپاشي سرشتو قائم ڪري سنڌ جي معيشت کي سگهارو ڪرڻ شروع ڪيو.
سمن جي دؤر تائين سنڌ جو واپار وچ اوڀر ۽ آفريڪاکان يورپ تائين پکڙيل هئو، جيئن شاهه سُر سارنگ واري وڏي سرود ۾ بيان ڪيو آهي:
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آيون، چوڏس ۽ چوڌار.
ڪي اٿي ويون استنبول ڏي، ڪن مڙيون مغرب پار،
ڪي چمڪيون چين تي ڪي لهن سمرقند سار،
ڪي رمي ويون روم تي ڪي ڪابل ڪي قنڌار،
ڪي دهلي ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جَنبي جيسلمير، ڏنا بيڪانير بَڪار،
ڪنهين ڀُڄُ ڀڄايو ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
ڪن اچي عمر ڪوٽ تان وسايا ولهار،
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪري.*
(سُر سارنگ، ص 200)
سنڌ ۾ ارغونن کانپوءِ سنڌ مسلسل 200 سالن تائين ڌارين جي تسلط هيٺ رهي. سنڌ تي مغل دؤر جي گورنرن جي مقرريءَ سبب سنڌ ۽ هند جا لاڳاپا وڌيا ۽ هڪ ٻئي جي ڪلچر جو اثر پيو. هونئن به سنڌ جي رهواسين ۽ ننڍي کنڊ ۾ شاهه لطيف جي دؤر تائين شاعريءَ جي صنف اوچائي تائين پهچي چڪي هئي. سنسڪرت، اپڀرنش ۽ هندي جو ادب، پراڻن، ويدن، اپنشندن، مها ڀارت ۽ رامائڻ کانپوءِ ٿيندو، ڪرشن ڀڳتي ۽ رام ڀڳتيءَ کان اڳتي هلي “نرگن واد” تائين اچي پهتو هو. هندي ادب ۾ ٻڌمت جي “ناٿ پنٿي ” تحريڪ جو اثر پڻ سمائجي چڪو هو. ڪاليداس، تلسيداس، ميران ٻائي، هيم چندر، چندر بردائي، ملڪ محمد جائسي، عبدالرحيم خان خانان، ڪبير ڀڳت، دادو ديال ۽ ٻيا شاعر پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا.
جنهن ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ ڳاهن، گنانن ۽ ڏوهيڙن کان هلي بيت ۽ وائيءَ جو رواج اچي چڪو هو. خود شاهه لطيف جو خاندان بهترين ادبي روايتن جو مالڪ هو. شاهه ڪريم بُلڙيءَ وارو سندس ڏاڏو هو. مخدوم معين ٺٽوي، ميان صاحبڏنو فاروقي، خواجه محمد زمان لنواري، مدن ڀڳت جهڙو سنت سندس ساٿي هو.
تاريخي نقطه نگاهه کان ننڍي کنڊ جو علم ادب ۽ ان جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي. ويدن، مهاڀارت، رامائڻ وغيره هتان جي ماڻهن کي متاثر ڪيو. سنسڪرت ۽ ان کانپوءِ پالي، اپڀرنش ۽ هندي ٻوليون سنڌي فڪر ۽ علم و ادب تي پنهنجو اثر ڇڏينديون رهيون آهن. ڊاڪٽر جميل جالبي مطابق برصغير ۾ خالص مقامي روايتون هندي هيئتن، وزنن، راڳن ۽ راڳڻين تي ٻڌل آهن، جنهن ۾ شاهه لطيف به شامل آهي.
شاهه عبداللطيف جي رسالي کي پڙهندي اهو تاثر ضرور ملي ٿو ته هُو هن خطي جي تاريخ، جاگرافي، سماجي ۽ اقتصادي حالات کان واقف هو. هو انسانن سان محبت ڪندڙ هڪ اهڙو صوفي بزرگ هو، جنهن اڳيان خانداني متڀيد يا مذهبي ڪٽرپڻو ڪونه هو. هو هر هنر مند، هر ڪرِت ڪندڙ، هر محبت ڪندڙ جي انت تائين پهچي وجدان ۾ هليو ويندو هو. شاهه سائين اکين سان گهڻين جڳهين جو مشاهدو به ڪيو ۽ تصور به ڪيو. هو ان ۾ ايترو سمائجي ويندو هو جو هڪ لاثاني شاعريءَ کي جنم ڏيندو هو.
هڪ روايت موجب شاهه محبت جي فراق ۾ بيخود ٿي هڪ دفعي ماٺ ميٺ ۾ مهيسي جوڳين ڏانهن هليو ويو.
شاهه صاحب کي جبلن، ماٿرين ۽ کليل ميدانن ۾ گهمڻ جو گهڻو شوق هوندو هو، برسات جي موسم ۾ جڏهن وڻ ٽڻ ڌوپجي صاف ٿي ويندا هئا، تڏهن قدرت جو جمال ۽ جلال کيس ڪشش ڪري گهر مان ٻاهر ڪڍندا هئا، جو قدرت جي نرمل نظارن سندس قلب کي قوت ۽ روح کي راحت ٿي ڏني.
شاهه صاحب سچو پچو سير ٽي ورهيه ساندهه جوڳين جي سنگ ۾ ڪيو ۽ هندن جا ڪيترا تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽيائين. پنهنجي ٽولي جي جوڳين ۽ فقيرن سان وڏين تيرٿن جي جاين تي وڃڻ ۽ کانئن جوڳ وديا پرائڻ معنى الله کان ميلاپ حاصل ڪرڻ وارو علم حاصل ڪرڻ جيڪو ٽن رستن سان ٿئي ٿو:
ڌيان ۽ گيان
خلق جي خدمت
ڀڳتي يا محبت
ڀٽ ڌڻيءَ جي انهيءَ مٿاهين مقام ۽ عظمت جو هڪ سبب سندن اهو اونهو مشاهدو آهي، جيڪو کين سير و سفر جي ذريعي حاصل ٿيو، جنهن ۾ پاڻ نه رڳو قديم دؤر جي بزرگن جي آستانن تي چلا ڪڍي روحاني سڪون حاصل ڪيائون، ۽ وقت جي بزرگن، عالمن ۽ فقيرن سان ملاقاتون ڪري قيمتي سبق پرايائون، بلڪ ملڪ جي مکيه جاگرافي، سندن تاريخي ماڳن، ثقافتي نشانين جو ڳوڙهو اڀياس ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيلن، تشبيهن، استعارن، ڪناين ۽ صنفن طور ڪم آڻي ماڻهن کي ڄاتل حقيقتن جي ذريعي حقيقي پيغام کان واقف ڪري ڇڏيائون.
شاهه لطيف جيئن ته ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ سياست کان چڱي طرح واقف هو ۽ ناموافق حالات هن کي ڏُکائي ڇڏيندا هئا، پر سندس سفر دؤران ٿيل شاعريءَ ۾ شاهه جي ڏانءَ ۽ ڏات جي خبر پوي ٿي.
لنڪا لنڪا ڪن، لئي لنڪا جي اوهريا،
(ڪلياڻ، سامونڊي، بلوچ/ص 103)
بند بارو، هَل نه هلي، باربين
(بلوچ/120)
مُنه مديني سامهون، جت محمد شاهه موچار،
(سُر سريراڳ، بلوچ، 115)
ڪي اوبين عربَ ۾، ڪي ڪابل منجهه ڪٽن.
(سُر ڪاپائتي، بلوچ، 189)
جيتوڻيڪ شاهه لطيف انهن ملڪن ڏانهن نه ويو هو، پر پنهنجي دماغ ۾ انهن جو تصور رکي شاعري ڪئي اٿس.
تنوير عباسي ٽليارڊ جو ريفرنس ڏيئي لکي ٿو ته: “هر اهوفن جيڪو داستان گوئي ناهي، اهو اهڃاڻي آهي.” هن وٽ سورمن ۽ سورمين لاءِ تصور آهي. انهن تصورن کي سمجهائڻ لاءِ جيڪي آفاقي ۽ ازلي آهي، اهي ڄاڻ يا عرفان ڏين ٿا.
سنڌ جوهي عظيم شاعر ننڍي کنڊ جي ڪيترين جاين تي پنهجي جوڳين ۽ فقيرن سان پيرين پنڌ هليو آهي. هو ڪشمير کان قنوج، مڪران کان سوراشٽر جيسلمير کان ٻاڙمير. ان سياحت ۾ يقيناً شاهه صاحب جو ڪو مقصد هوندو، اسين ان ڳالهه تي متفق آهيون ۽ يقين ڪريون ٿا ته شاهه صاحب جي سفر سان بر صغير جي نقشي تي ڪيترين جڳهين تي موجود هجڻ، جنهن مان عظيم سنڌ جو پتوپوي ٿو، اتي هن سر ڳايا آهي.
پنهنجي شاعريءَ۾ هن پاڙيسري ملڪن ۽ ڏورانهن ملڪن جيئن استنبول ۽ سمرقند جو ذڪر ڪندي سُر سامونڊي ۾ جهازن جو سفر، انهن جي ٽيڪنڪ، سامونڊي بندرن جهڙوڪ: ملبار، سريلنڪا ۽ سامونڊي ٻيٽ جاواجو ذڪر ڪيو آهي.
سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي ۾ سنڌ جي واپارين، وڻجارن ۽ بندرن ڀرسان رهندڙ هر طبقي جي ماڻهن جو ڪلچر، سماجي زندگي ۽ اقتصادي حالتن جو بيان ڪيو آهي، خاص ڪري ٺٽي ۽ ديبل بندر ۽ شاهه بندر جيڪو هڪ هاڪارو بندر هو جنهن کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پنهنجي نالي پٺيان “شاهه بندر” سڏڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو.

[b]شاهه صاحب جو سفر
[/b]شاهه عبداللطيف ڀٽائي سڀ کان پهرين ڀٽ شاهه کان حيدرآباد جنهن کي ان وقت ۾ نيرون ڪوٽ چوندا هئا، اُتي پهتو ۽ ان کان پوءِ گنجي ٽڪر آيو، اُتان جي رهندڙ جوڳين سان مليو، جن جي اَٺ ئي پهر هنگلاج ڏانهن نهار هئي. شاهه صاحب انهن جوڳين جي صحبت ۾ هنگلاج وڃڻ لاءِ تيار ٿيو.
هلڻ جو هنگلاج ڏي آديسن اتوم،
نيڻي پورب پال ڏي ويراڳين وڌام،
هو جو تيرٿ تڪيو سامين سونهايوم.
شاهه صاحب جي رسالي ۾ ڪينجهر ڍنڍ جو ذڪر قابل تعريف آهي. سمن جو گهراڻو، جنهن سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي، انهن جي هڪ حڪمران ڄام تماچي، نوريءَ نالي هڪ مُهاڻي، جيڪا سونهن ۽ سوڀيا ۾ مشهور هئي، تنهن سان هن شادي ڪئي، انهيءَ عاشقاڻي قصي بابت شاه سائين سُر ڪاموڏ ۽ سُر ڪارايل ۾ ڪيترائي بيت چيا آهن.
هنج مڙيئي هنجَ، ميرو منجهن ناه ڪو،
جتي رهن سنجههَ سو سرءُ ڪن سُرهو.
شاهه صاحب ٺٽي پهچي ٿو، جنهن جو سمن جي دؤر ۾ گاديءَ جو هنڌ ساموئي هو. هونئن ته سهڻي ميهار جي قصي بابت مشهور آهي ته اهو پنجاب جو قصو آهي، پر گهڻن جو چوڻ آهي ته سهڻي ۽ ميهار جا لاش ننگر طرف ٺٽي ڏانهن ٿي گذريا آهن. شاهه صاحب پنهنجي خيالي قوت ذريعي سهڻيءَ جي ٻڏڻ جي ڳالهه اهڙيءَ طرح ڪئي اٿس، ڄڻ اهو واقعو سندس اڳيان پيو ٿئي.
سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،
وَهَ وڃايو پاڻ هڻي ڪنڌ ڪپن سين.
ڀنڀور ڏانهن ويندي، جتي سسئي محمد کٽيءَ جي گهر نپي ۽ پنهونءَ سان عشق ۾ اڙجي شادي ڪيائين، پر پنهونءَ جا ڀائر پنهونءَ کي رات پيٽ ۾ کڻي ويا ۽ سسئي، پنهونءَ پٺيان پنڌ هلي آئي. شاهه صاحب جيترو سسئي لاءِ ڪلام چيو آهي، ايترو ٻئي ڪنهن لاءِ نه ڳايو آهي.
جوڳيئڙا جهان ۾ هُيا منجهه حمام،
آر امان آرَڳ ٿيا، اوڏا نه آرام،
ڪيائون قيام، آءٌ نه جيئندي اُن ري.
شاهه صاحب اُتان ڪراچي آيو، جيڪو هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ هو. شاهه اُتي صرف مورڙي مهاڻي بابت بيت چيا آهن. شاهه صاحب حب نديءَ جو به احوال ڏنو آهي، جنهن جو رستو ڏکيو آهي. هتان هنگلاج اٺ ڪوهه پري آهي. پنڌ اڻانگو آهي، جتي جوڳي منزلون جهاڳيندا ويندا هئا. لفظ “منزل” لاءِ شاهه صاحب “پاڻو” لفظ استعمال ڪيو آهي، جنهن کي ڪراچيءَ جا ماڻهو عام اُچاريندا هئا. شاهه صاحب سسئيءَ جي واتان سُر آبري ۾ سسئيءَ کي صلاح ڏئي ٿو:
پهرو ئي پاڻو، سڦرو ڪرين ساٿ کي.
سونمياڻي ۽ هنگلاج جي وچ ۾ چئن ڪوهن جي فاصلي تي گرو چيلي جو رڻ يا صحرا آهي، جتي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو نٿو ملي. شاهه صاحب سسئيءَ جي واتان چوايو آهي:
سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مونسين هلي،
پاڻي ناهي پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رڃ،
متان مري اڃ ڪا ڏيئي پاراتو پنهل کي.
هتان کان پوءِ شاهه ڀٽائي سامهون هاڙهو ۽ هنگول اچن ٿا. هاڙهو جبل آهي ۽ هنگول هاڙي جبل جي پڇڙيءَ وٽ ندي آهي. اها ندي آهي، جنهن جي اٿل سبب سسئي اڳڀري نه ٿي سگهي آهي ۽ ٻيو رستو ڏئي (پٻوڻي ناڪي) کان ويئي هئي.
هنگلاج جو ٿان هاڙهي جبل جي پاڙ وٽ هڪ غار آهي، جنهن ۾ 400 کان به وڌيڪ ماڻهو اچي وڃي سگهن ٿا. هنگلاج کي هندو ديوي، ماتا امبان (امان) جهڙن نالن سان سڏين ٿا، پر مسلمان هن کي عام طرح ناني سڏين ٿا. هتي شاهه صاحب ۽ جوڳين جي وچ ۾ اڻبڻت نظر اچي ٿي. جوڳين جدا رستو ورتو ۽ شاهه جدا. شاهه لسٻيلي کان ٿي ڪراچي موٽيو ۽ ڀٽ تي وڃي مائٽن سان مليو.

[b]شاهه صاحب جي لاهوت ڏانهن روانگي
[/b]سنڌ ۾ لاهوت لامڪان جي هڪ تاريخي حيثيت آهي. هڪ دفعي شاهه صاحب لاهوت وڃڻ جي تياري ڪئي. شاهه لطيف تڪليفن ۽ جاکوڙن تي هريل هو. هي گهر ڇڏي ڪراچي پهتو ۽ لاهوت وڃڻ لاءِ منگهي پير جو رستو ورتائين. لاهوت پهچڻ لاءِ منگهو پير کان حب ندي ۽ ٿاڻو ويراب کان ٿيندو لاهوت پهتو. شاهه لطيف لاهوت ڏانهن ويندي جيڪي خوف خطرا۽ تڪليفون ٻڌايون هيون، سي کيس حقيقتاً سامهون آيون.
چيٽا چور چنجن ۾، بر ۾ بلائون.
سُر سريراڳ ۾شاهه صاحب صرافن، موتين ۽ وينجهارن جو ذڪر ڪيو آهي، سي شايد ٺٽي جي شهر ۾ ڏٺا اٿس. سنڌ جو هي عظيم سيلاني شاعر اسان کي ٻڌائي ٿو ته سنڌ جا وڻجار پاڻ سان معلم يا رهبر کڻندا هئا.
سودي ڪارڻ سنبهي ويهون وڻجارن،
ويا چين بنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.
اوريائين آڻين ميڙيو مُعلم خبرون،
سا تان هڏ نه ڏين، جتي وَهُ ويڌ ڪري.
شاهه صاحب جي سفر ۾ ڪڇ، ڀُڄ، دوارڪا، پوربندر، جهونا ڳڙهه ۽ گرنار شامل آهن. شاهه صاحب جڏهن جهونا ڳڙهه پهتو ته راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي قصي متعلق ڪيترا بيت چيا اٿس:
جهونا ڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ.
جاجَڪ جهونا ڳڙهه ۾ ڪو عطائي آيو.
ڏيئي تنگن تاڻ ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.
شاهه صاحب کنڀات جي رياست جيڪا گجرات جي الهندي طرف سابرمتي ۽ ماهي ندين جي وچ ۾ آهي، هن رياست جي ڏکڻ ۾ کنڀات جو شهر آهي، جنهن تي مختلف قومون وقت بوقت حملا ڪنديون رهيون، تنهن جو سبب اهو هو ته هاڪارو ۽ وسيل بندر هو، جنهن جو واپار ڏيهان ڏيهه مشهور هو.
کڻي نيڻ خمار مان جان ڪيائون نار نظرُ،
سورج شاخون جهڪيون ڪوماڻو قمر،
تارا ڪَتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهرُ جانب جي جمال سين.
شاهه صاحب ڏورانهن ملڪن جي سئر ۽ مشاهدي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. واپسيءَ ۾ هو ننگر پارڪر، پائر جي ٿر ۽ ملير آيو. ملير جو ڳوٺ ننگر پارڪر تعلقي ۾ ٻارهن ڪوهه ۽ گڍڙي اسٽيشن کان اٺٽيهه ڪوهن تي ڀالوا نالي، جنهن کي مارئيءَ جو ڳوٺ سمجهيو وڃي ٿي، جتي عمر مارئي جو قصو ٿي چڪو هو، شاهه سائين اُتي پهتو. مارئي متعلق شاهه کان اڳ ۾ ئي سنڌ جي شاعرن سُر مارئي تي گهڻو ئي لکيو آهي، پر شاهه صاحب جنهن نموني هن سُر ۾ بيت چيا اٿس، ڏکن ڏولاون جو ذڪر ڪيو اٿس، تمثيلون ۽ تشبيهون ڏنيون آهن، ان جو مثال نه ٿو ملي.
سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون،
پَٽولا پنوهارن کي عمر آڇ مَ تون،
وَرُ لوئيءَ جي لون ڏاڏاڻ ڏنيام جا.
ان کانپوءِ هو گوري، ويڙهي جهپ، پراڻ جيڪو ڪڇ جو رڻ آهي، ان رڻ ۾ ڪنهن وقت سمنڊ ۽ درياءَ وهندا هئا، پر هاڻي صرف صحرا آهي، جنهن جو مشاهدو شاهه صاحب ڪيو. ڪڇ جي رڻ کان ٽن ڪوهن تي سومرن جو تختگاهه “وڳهه ڪوٽ” هو، جتي دودي سومري جي شهادت ٿي هئي. شاهه سائين ان جنگ متعلق سُر بلاول ۾ ڪجهه بيت ڏنا آهن:
علاؤالدين آيو، تنهنجي هاٿين هاڪ هنئي،
آرَڻ ٻڌي ابڙي ٿي رڻ رُڪَ رَئي.
شاهه جيسلمير ڏانهن ويندي، عمر ڪوٽ پهتو. ان وقت مسافر ۽ سياح جيسلمير وڃڻ لاءِ امر ڪوٽ کان گڍڙي ۽ پوءِ جيسلمير ۽ جوڌپور ويندا هئا.
ان وچ ۾ شاهه صاحب مومل راڻو، ليلان چنيسر جي قصي متعلق ڪيئي بيت چيا اٿس ۽ ڦٽل کنڊرات جو نظارو به پسيو آهي. نه صرف اهو، پر هت جيڪي به تاريخي قصا مشهور هئا، جن جا محل هينئر کنڊر هئا، اتي به شاهه صاحب پهتو آهي ۽ مختلف سُر چيا اٿس. شاهه صاحب امر ڪوٽ جي هر گهٽ گاهه جو سئر ڪري نظارا پسي جيسلمير جيڪو ٽن ٽڪرين جي وچ ۾ آهي، هن شهر جي رهواسين وڏيون تڪليفون ڏٺيون ۽ شاهه صاحب سنڌ مان جيلسمير پهچي ان جو حقيقي رنگ اکين سان پسيو. شاهه صاحب لڊاڻو ۽ ڪاڪ به ويو آهي، جيڪو جيسلمير کان پنجن ڪوهن جي فاصلي تي آهي. ڪاڪ جي ڪنڌي لڊاڻي واري ٽڪريءَ سان لڳي بيٺي آهي. شاهه صاحب ان سرزمين تي پهتو ۽ هن ڪاڪ جي ڪناري بدران “لڍوڻي ڪندئين” لفظ استعمال ڪيو آهي.
ڪاڪ ڪڙهي وڻ ويا، ٻريا رنگ رتول.
مومل جو ڏاگهه چڙهڻ ۽ راڻي جي سڙڻ جا نشان “راڻي جي ڀڙي” لڳ موجود آهن، جن کي مومل جو ڀڙو سڏيندا آهن. شاهه ساندهه ٽي سال جيڪو سفر هن پنهجن جوڳين سنياسين سان ڪيو، اهو امن جي تلاش ۽ امن جو پيغام ڏيندي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائيندو رهيو.
سڪين ڪهه سلام کي، ڪرين ڪهه نه سلام،
ٻيادر تن حرام، اي در جنين ديکيو.
شاهه جي رسالي جي تدوين ۾ ننڍي کنڊ جو حصو:
هونئن ته شاهه صاحب جي فقيرن ۽ جوڳين سندس رسالي جي مختلف طريقن سان تدوين ڪئي، پر ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي راڄ ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون شخص هو، جنهن 1866ع ۾ شاهه جي رسالي جو پهريون ايڊيشن شايع ڪيو. 1940ع ۾ ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي پهريون شخص هو، جنهن شاهه جي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو ۽ سندس ڪجهه سُرن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو.
مير عبدالحسين پڻ گهڻو مواد لکيو. انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ شاهه صاحب تي ۽ سندس رسالي تي تحقيق کانسواءِ سنڌ جي هندن جو به ان ۾ وڏو حصو آهي. ڏيارام گدومل جيڪو جج پڻ هو، ان شاهه جي نج شاعري مختلف ذريعن کان هٿ ڪري 1882ع ۾ ڪتابي صورت ۾ آندي. ليلارام سنگهه وطڻمل جج 1890ع ۾ شاهه صاحب جي شروعاتي زندگيءَ بابت هڪ وڏو مواد جمح ڪيو.
تعليمدان تارا چند ۽ شوقيرام 1900ع ۾ شاهه جي شاعري سرڪاري سطح تي آندي.
لالچند ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ٽي رسالا “شاهه نمبر” جي نالي ڪڍيا. ڄيٺمل پرسرام ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ شاهه صاحب تي تمام گهڻو لکيو ۽ هن جي شاعري ۽ شخصيت کي واضح ڪندي کيس سنڌ جو صوفي قرار ڏنو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي شاهه لطيف جي سئرن متعلق “لطيفي سئر” 1928ع ۾ لکي دنيا تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه جيڪو ٿر جو سفر ڪيو آهي، انهن علائقن جي رهواسين، جاگرافي، تاريخ، ثقافت ۽ لوڪ ورثي جو هڪ وڏو مواد موجود آهي. ٿر ضلعو سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري سرحدي حصي ۾ آهي، جنهن جي تاريخي، ثقافتي توڙي جاگرافي لحاظ کان نهايت اهميت آهي. هتي قديم دؤر ۾ وڏا وهڪرا جنهن ۾ لوڻي، سرسوتي ۽ جمنا جون شاخون نار، جهول ۽ گلهو جون شاخون، واهن دامن، هاڪڙو، ريڻي، ٻوڏاري، پوراڻ، پينگهارو، ڳونيرو، ميڻي، ڍاڳي ۽ ڍور وغيره اچن ٿا. سنڌ جي مشهور لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ داستانن جون مکيائون گهڻو ڪري سڀ هن ضلعي سان وابسته آهن، جن ۾ رپ، سارنگا، مارل، مارئي،سونل، هوٿل، سکر، مهر، ملهي، همون، ليلان، ليلا، ڀوري، ڪپوري ۽ نوران گهڻو مشهور آهن. شاهه ڀٽائي هن کي ڳايو، جيڪي اڃا تائين ڳائجن ٿا.
نارائڻداس ڀمڀاڻي شاهه جي سورمين تي هڪ جامع ڪتاب لکيو آهي. پروفيسر ٽي ايل واسواڻي، ايم ايم گدواڻي شاهه صاحب جي شاعريءَ تي مختلف مقالا لکيا آهن.
ڊاڪٽر ايم گبياڻي (Gubuyani) 1923ع کان شاهه جي شاعريءَ تي ٽي جلد لکيا ۽ شاهه صاحب جو بهترين طريقي سان تعارف (Muqadmah Latif) لکي پنهنجي محبت، ڄاڻ ۽ خلوص جو اظهار ڪيو آهي. انگريز دؤر حڪومت ۾ محمد صديق ميمڻ “سنڌي ادب جي تاريخ” نالي ڪتاب لکي ان ۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ کي نمايان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي پڻ شاهه تي هڪ قابل ڪمال ڪم ڪيو آهي.
اهڙيءَ طرح علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري ۽ موجوده دؤر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نهايت ئي تفصيلي ڪم موجود آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کي مختلف سُرن ۾ ورهائي انهن جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويو آهي.
شاهه صاحب جيڪو سنڌ ۽ دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جي دلين جي ڌڙڪن برابر آهي، هو هن کي نه صرف شاعر سمجهن ٿا، پر هن کي هڪ صوفي، بزرگ ۽ روحاني رهبر پڻ سمجهن ٿا. اها هن جي روحاني اهميت هن جي شاعريءَ ۾ سمايل آهي، جنهن ۾ هن چڀندڙ لفظن کي استعمال ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ اهڙا راڳ سمايل آهن، جن جي موسيقيءَ ذريعي ماڻهن جون دليون جهومن ٿيون، جنهن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن سان گڏ عام پڻ شامل آهن. هن جي شاعري عام ماڻهن کي ملڪ سان محبت ۽ آزاديءَ جو درس ڏنو. ارغونن کان وٺي نادر شاهه جي حملي تائين سنڌ ۾ ڏار پوندا رهيا. عظيم شاعر ڀٽ ڏڻيءَ جي روحاني انقلاب بعد سنڌ هر زنجير ٽوڙي آزاد ٿي. شاهه صاحب اها آزادي اکين سان ڏٺي.
پڙاڏو سو ئي سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لَهين،
هئا اڳهين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

[b]مددي ڪتاب
[/b]معمور يوسفاڻي، “لطيف جا ٿر تان ڀيرا”، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2001ع.
پروفيسر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، “لطيفي سئر”، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، 1989ع.
محمد ابراهيم جويو، “شاهه سچل سامي”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1990ع.
تنوير عباسي، “شاهه لطيف جي شاعري”، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع.
ڪينجهر جرنل جا مختلف شمارا، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
ڪلياڻ آڏواڻي،”شاهه جو رسالو”، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع.
علامه غلام مصطفى قاسمي،”شاهه جو رسالو” (ڇاپو ٻيو)، مهراڻ اڪيڊمي، شڪاپور، 2004ع.