”ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا“ : پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ
لطيف سرڪار پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني فطرت جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪئي آهي. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري جو پيغام ڏنو اٿس. پنهنجو پاڻ سُڃاڻڻ سان گڏ فطرت جو مشاهدو ماڻڻ ۽ اُن تي غور و فڪر ڪرڻ جو چيو اٿس:
گُل گُل پسي گودڙيا! گهڻا مَ ڀانئيج،
سوئي سڃاڻج، هيء هُو آهي هيڪڙو.
انساني زندگيءَ جو بنياد عمل تي آهي پوءِ اهو عمل مذهبي نقطئه نظر کان هجي يا معاشرتي نقطئه نظر کان هُجي. عمل بنا انسان ڪنهن ڪم جو ناهي. معاشرتي نقطئه کان پڻ انسان کي اِها روش اختيار ڪرڻي آهي جنهن ۾ انساني لاڳاپن جا قدر (Values) برقرار هجن ڇو ته اهي لاڳاپا تڪبر، ڪيني ۽ پاڻ ڀانئڻ سان برقرار رهي نه ٿا سگهن. زندگي آرام ۽ آسائش جو نالو نه آهي. جياپي جو انساني مفهوم اهو آهي ته پنهنجي ذات سان گڏ ٻين لاءِ جيئڻ گهرجي. پنهنجي ذات لاءِ جيئڻ حيواني جيوت جو اهڃاڻ آهي. انسان زندگي گذارڻ ۾ هڪ جوڳيءَ مثال آهي، اڄ آهي سڀاڻي نه هوندو. جوڳي ڪيتريون تڪليفون سهن ٿا، نه هُنن کي بک جي پرواهه آهي ۽ نه ئي اُڃ جي.
“جوڳيئڙا جَهان ۾، هُئا منجهه حَمام،
آرا مان اَرڳُ ٿيا، اوڏا نه آرام،
ڪيائون قيام، آئون نه جيئندي اُن ري.”
اهوئي سبب آهي جو شاهه سائين گهڻو عرصو سير ۽ سفر ۾ گذاريو. جَر، ٿَر، جبل ۽ ڏنگر ڏوريائين. شاهه سائين جڏهن21 سالن جو نوجوان هو تڏهن سامين جي صحبت ۾ سڄا سارا ٽي سال سفر ڪيائين. پاڻ 12 ڏينهن ۽ 12 راتيون جوڳين سان گڏ حيدرآباد جي ويجهو گنجي ٽڪر جي هنج ۾ ڪالي ديوي جي مڙهي ۾ گذاريائين، پوءِ جوڳين سان گڏجي مڪلي ويو، جنهن ڪري هن شروع ۾ تصوف جي اصولن کي ويدانت جي عينڪ سان ڏٺو هو. جوڳين سان گڏ، جُوءِ به جُوءِ ڀٽڪندو رهيو.
جوڳي ويدانت جي اصولن مطابق تن کي تپسيا ۽ جسم کي فاقا ڪڍرائيندا آهن. شاهه سائين به ساڻن ويدانت جي واديءَ ۾ قدم رکيو. تپيسائون ڪري، جسم کي ڳاري پرڀوءَ کي پائڻ لاءِ جوڳي پاڻ جلائيندا رهيا ۽ شاهه سائين به ساڻن جوڳ پچائيندو آيو. انهن سان گڏ تير ٿن تي به ويو. هندو فقيرن سان سير ۽ سفر دوران انهن جي ريتن رسمن ۽ زندگي جي مقصد جو گهرو مطالعو ڪيائين، پراڻن ڪتابن ۽ سفر نامن کي پڙهڻ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، هندو جوڳي ۽ ٻيا فقير، قديم زماني کان، هند ۽ سنڌ جو سير سفر ڪندا رهيا ۽ جوڳ پچائيندا رهيا ۽ تيرٿ ڀيٽيندا رهيا.
جوڳي ۽ سنياسي آدرشن موجب، هُو پاڻ سان هرشيءَ مٽي مان ٺهيل کڻندا آهن، جيئن مٽيءَ جا باسڻ (ٿانو) جهڙوڪ ڪُني، دانگي، پاٽ، تَس، جمني، ڇَل، دَکي، لوٽو، مٽيءَ جو سَرهاڻو (ويهاڻو) وغيره
نَڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اَهڙا جن اُهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري
لطيف سرڪار، پنهنجي سفر هنگلاج ۽ لاهوت ياترا ۾ جوڳين جي تحريڪ کي اکين سان ڏٺو هو ۽ اُنهن سان گڏجي ساڳئي مقصد لاءِ ڪم به ڪيو هئائين. شاهه سائين جي مشاهداتي قوت تمام تيز هئي. هن نهايت گهرائيءَ سان، هندو فقيرن جي هلت چلت، رهڻي ڪهڻي ۽ زندگيءَ جي مقصد جو نهايت گهرو اڀياس ڪيو جيئن ته شاعريءَ جو واسطو، جذبن سان گڏ سوچ سان به آهي جيڪڏهن سوچ منطقي هوندي ته اهڙي حالت ۾ لفظ اهڃاڻ جو رُوپ وٺندا. سائين، جيڪو 3 سال جوڳين سان گڏ سير سفر ۾ گذاريو، اُن ۾ ڪيترين ئي تاريخي جاين کي ڏٺائين، پَرکيائين ۽ انهن تاريخي جاين ۽ جوڳين جي زندگي مان گهڻو تجربو حاصل ڪيائين. هر جاءِ تي لکين انساني ڀلائي، پيار ۽ خوبصورتي جا منظر ڏٺائين۽ اهي منظر پنهنجي جذبن ۾ سمائي ڇڏيائين. ڪٿي به ڪو حسد، نفرت ۽ ٻيائي نظر نه آيس. شاهه سائين پهريون وڏو شاعر آهي جنهن پنهنجي مشاهدي ۽ صلاحيت سان شاعريءَ ۾ حقيقي ۽ چٽو رنگ ڀريو آهي.
“جاگُر ڏني گودڙي، سامُون کي ٿي مَرڪ،
چيلا! ماري چَرخ اوڍي ويهه ادب سين”
شاهه سائين، جوڳين سان صحبت واري دؤر ۽ هنگلاج ۽ ديوي آستان جو ذڪر سُر رامڪليءَ، کاهوڙي ۽ سُر پرڀاتي ۾ خوب ڪَيو آهي.
سُر رامڪليءَ ۾ جِن تاريخي ماڳن، مَڪانن يا اوتارن تير ٿن جو ذڪر ڪيو آهي انهن ۾ اسين ماتا هنگلاج ديوي آستان جي جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت کي ڏسنداسين.
[b]هنگلاج:
[/b]لس ٻيلي ۾ 30،35 اُتر ۽ 31،65 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ، هنگلاج جبل تي سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار کن فوٽ مٿي ۽ هنگلور نديءَ جي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري هنڌ کان 15 کان 16 ڪلو ميٽر اڳتي هڪ سوڙهي ماٿري ۾ آهي. هنگلاج جي ڏکڻ ۾ مالڻ (Malan) جبل آهي هتان هالار جبل جي پڇڙيءَ ۾ مڪران جي سامونڊي ڪناري واري جابلو سلسلي جي شروعات ٿئي ٿي.*
هنگلاج واري ماڳ کي، “اڪل پنٿ” به چون ٿا. هِتي هڪ ديوي جو مندر آهي، جنهن کي مسلمان ناني ۽ هندو ڪالي امبا، پار بتي ۽ درگا ماتا وغيره چون ٿا.
“نانگا نانيءَ هَليا، هِنگلاجان هَلي،
ديکي تَن دُوارڪا، مَهيسِين مَلهي ،
آڳھ جن عَلي، آئون نه جِئندِي اُن ري”
هندو ديو مالا واري ڊڪشنري مطابق هن کي مهاديوي (شِوِ جي زال) پاربتي (پربت جي ڌيءَ) مهاوت (هماليه جي ڌيءَ) ديوي چون ٿا. هيءَ شِوِ جي مؤنث سگهه آهي. هِن جا ٻه رُخ آهن هڪ جلالي ۽ ٻيو جمالي. سندس پهريون رُخ پوڄيو ويندو آهي، سندس جمالي رُخ اما آهي. ٻيا نالا اٿس گوري، هيماوَتي، جگن ماتا ۽ ڀواني ماتا، سندس هڪ شديد رُخ “درگا” به آهي.
سنڌ جو ڏاهو ۽ محقق دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته سنڌي صوفي درويشن جوڳ جي عقيدي وارن انهن جوڳين، فقيرن ۽ ڀڳتيءَ جي انهن ڀڳتن جو قدر ڪيو، جيڪي ڌڻيءَ جي هيڪڙائي جي پرچار ۾ پورا هئا توحيد جي پرچار لاءِ مسلمان درويشن جوڳ ۽ ڀڳتيءَ جي عنوان کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو ۽ رسمي ناٿ ۽ رسمي رام جي بجاءِ حقيقي ناٿ ۽ حقيقي رام يعني الله سان عقيدت ۽ محبت جو سبق ڏنو. انهي سبق کي مؤثر بنائڻ لاءِ شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ جوڳين جي جوڳ ۽ جاٽائن کي وڌيڪ روشني بخشي ته جيئن برهمڻ نظرئي يا ڪنهن دشمن منصوبي جي خلاف سنڌ جو سادو ماڻهو پنهنجي جدوجهد جوڳين وانگر اڪيلي سرانجام ڏئي سگهي.
شاهه سائين جي فڪر جو ڪمال آهي جو، جوڳي فقيرن جي عادتن، بندگي، تپسيا، گڻن ۽ گيان کي، پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ته پُر اثر انداز ۾ بيان ڪيو اٿس جو، پڙهندڙن جي دل تي گهرو اثر ڪري ٿو. ڇو ته جوڳي اَڻ هوند وارا ٿيا ۽ خوديءَ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون. جوڳين وٽ سچي عشق جو سمورو خزانو آهي. هُو پنهنجي گُرو سان خالص محبت ڪن ٿا. لطيف سرڪار هنگلاج ۽ ماتاديويءَ جو سير ڪري اهوئي درس ڏنو ته انسان کي مالڪ حقيقي سان محبت ڪرڻ گهرجي ۽ دنياوي لوڀ لالچ کان پاسو ڪرڻ گُهرجي.
“جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته وٺي وحدت ويهه
اُونهو مُلڪ الله جو، ڪُنهن ڇُلي ڏٺو نه ڇيهه
ماٺ مڙهيءَ جي پيهه، ته ويٺي ئي ويرناٿ ٿئين.
___
* بدر ابڙو- “هنگلاج لاهوت” سنگم پبليڪشن ڪراچي 1991ع ص 26