لطيفيات

ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

ڪتاب ”ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف“ جو سهيڙيندڙ محترم امان الله شيخ آهي. هي ڪتاب آگسٽ 2015ع ۾ مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن، نئين دهلي انڊيا پاران پيڪاڪ پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو آهي.
هي ڪتاب ڊسمبر 2014ع ۾ هند ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6646
  • 1515
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امان ﷲ شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر : امان الله شيخ

ڪوبه فلسفو، فڪر، آدرش ۽ اصول پاڻمرادو اوچتو نروار ٿي سامهو ن ڪونه ايندو آهي، پر انهن جي اوسر ۽ آبياري ۾ صدين جو سفر ۽ اڪيچار انسانن جو علمي ۽ عملي پورهيو شامل هجي ٿو. هونئن ڀڳتي تحريڪ ايتري ئي آڳاٽي/ قديم آهي، جيترو هي پنهنجو مهاڀارت. مطلب ته انساني سماج ۾ جيئن شعور ۽ ساڃاهه جا سَلا نسريا ته انهن جي سنگم جو هڪ اظهار ڀڳتي تحريڪ پڻ آهي.
ائين جڏهن ڪوبه فڪر يا فلسفو ڪنهن جاءِ تي پهچي اڳتي وڌڻ جي سگهه وڃائي ويهندو آهي ته بيٺل پاڻي جي تلاءَ وانگر سُڪوت (Stagnant) ۾ ٿي وڃي ٿو. ان جي نتيجي ۾ اهو فلسفو يا فڪر مورڳو رسمن ۽ ريتن جي نالي ۾ ڏيک ويک ۽ نماءَ جو نمونو بڻجي ته اهڙي صورتحال جي خاتمي لاءِ رد عمل به اڻٽر بڻجي پوي ٿو. ڀڳتي تحريڪ به مذهبي قدامت پرستيءَ جي خلاف ردعمل يا جواب بڻجي سامهون آئي ۽ ڀڳتي تحريڪ پنهنجي اُڀار ۽ نواڻ سان مذهبي ريتن، رسمن ۽ پوڄا پاٺ کي پاسائتو ڪندي ڄاڻايو ته ڪوبه مذهب بالادست ۽ قابض نه هجي ٿو. ان جي برعڪس پُر امن بقائي باهمي (Peaceful Co-Existence) جي اصولن تي ڪاربند رهڻ ۾ ئي آجپو ۽ ڇوٽڪارو هجي ٿو. مطلب ته ڀڳتي تحريڪ هندو ڌرم ۾ آيل قدامت پرستي/ راسخ العقيده (Orthodoxy) جي آڏو للڪار بڻجي آئي. ائين هي وشال اپکنڊ علمي ۽ فڪري لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
ڀڳتي تحريڪ جو مکيه علائقو تامل ناڊو کي ڄاڻايو وڃي ٿو. ان جي ابتڙ ڏکڻ هندوستان ۾ شوِ-وشنو ۽ سندس اوتار جي ٽه مورتي کي فڪر ۽ فلسفي جو مرڪز ڄاڻايو ويو.
ڀڳتي تحريڪ جي فلسفي ۽ فڪر جو بنياد هيڪڙائي يعني هڪ هستي کي ڄاڻايو ويو جنهن موجب سندس ڪوبه مَٽ ۽ ثاني ڪونهي، ان کي برهما (Barhama) جو نانءُ ڏنو ويو.
جڏهن هندوستاني فڪر ۽ فلسفو محض عقيدت پرستي ۽ قدامت پرستيءَ جي گرداب/ڪُن ۾ ڦاسي پيو هو، ان ۾ جنهن منش نواڻ آڻي کيس متحرڪ ڪيو، ان عظيم فيلسوف جو نالو مهارشي شنڪر آچاريه (820ع-788ع) آهي. سندس فڪر ۽ فلسفي کي ادوتا ويدانت (Advita Vedant) چيو وڃي ٿو ۽ سندس تحريڪ کي ڀڳتي تحريڪ چيو وڃي ٿو.

[b]ڀڳتي تحريڪ جو تواريخي پس منظر
[/b]هندستان جي فيلسوفيانه فڪر جي تواريخ ۾ جيڪا وٿ لکت جي شڪل ۾ پڌري ٿي سامهون آئي، ان ۾ ويدن (Vedas) کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ مهانتا حاصل آهي. ويدن کي قديم هندستان جي فڪري ادب جو اهم ۽ بنيادي سرمايو چئي سگهجي ٿو. هونئن جيتريقدر ويدن جي قديم/آڳاٽي هئڻ جو تعلق آهي ته عالمن ۽ محققن جي وچ ۾ اختلاف راءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هندوستان جي فلسفي کي سوڌڻ، سموهڻ ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ وارن مان ميڪس ملر (Max Muller) جو اهم پَد ليکجڻ ۾ اچي ٿو جنهن جي راءِ مطابق ويدن جي ڄمار 400 ق-م آهي. جڏهن ته بال گنگا ڌر تلڪ جي ڳڻ ڳوت مطابق 2400 ق-م ۽ ڊاڪٽر راڌا ڪرشن جي کوجنا مطابق 1200 ق-م ڄاڻايل آهي. انهن اختلافن جي باوجود به صاف ظاهر آهي ته ويد هِنَ ڌرتي جا سڀ کان آڳاٽا پُراڻ آهن. ان کان سواءِ ويدن بابت اها به چٽائي موجود آهي ته اُهي ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو پورهيو يا ثمر ڪونه آهن، پر مجموعي طور انهن رشين ۽ گيانن جي گيان ۽ ڌيان جو ثمر آهن، جن پنهنجي شعور ۽ ساڃاهه وسيلي علم ۽ عرفان حاصل ڪيو. هونئن به ويدن جي معنى ۽ مفهوم: علم، گيان، وديا (Knowledge) ڄاڻايو ويو آهي.
صدين جي سفر کان پوءِ ويدن جي علم ۽ گيان جي ڀنڊارن جو ڪارج محض ريتون، رسمون شاستر وڌي (Rituals) وڃي رهيو. اڳتي هلي انهن ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ فيلسوفيانه ڪلپنائن/ خيالن کي سوڌڻ ۽ سموهڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان جي نئين شڪل اپنيشدس (Upanishads) جي نالي سان نروار ٿي. اپناشدس جي آمد جو مقصد هندوستاني فلسفي ۾ قدامت پرست سوچ ۽ فڪر کي رد ڪري آزادانه ۽ باعمل فيلسوفيانه نوعيت جو اپٽار ڪرڻ هو. اپناشدس جي اهميت جو ڪاٿو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُهي هندوستاني فلسفي جي ٻين ڌارائن/شاخن تي به اثر انداز ٿيا.

[b]اپنيشد (Upanishad) جي معنى ۽ مفهوم
[/b]ميڪس مولرمطابق ته ان جو ڌاتو: “سيڊ” (Sad) يعني مشروط، گڏڻ، اسپگرگُ ۽ “ني” (Ni) يعنى ته ويهڻ. ان جي ٿلهي ليکي معنى بيهي ٿي ته گرؤ يا مرشد جي آڏو مودبانه/ ادب ۽ احترام سان ويهي پرائڻ. انجي برعڪس پال ڊيوئسن (Paul Deussen) جي کوجنا مطابق آچاريه شنڪر کان وڌيڪ اپنيشدس کي ڪوبه وڌيڪ اجاگر ڪري ڪونه سگهيو آهي، جنهن مطابق اپنيشدس جي مختصر ۽ جامع معنى آهي اندر ۾ سانڀيل ڳُجهه يا راز (Secret) . ميڪس مولر کان وٺي داس گپتا ۽ راڌ ڪرشن تائين سڀئي سهمت آهن ته ڊيوئسن کان وڌيڪ اپنيشد جي تز ۽ ٺهڪندڙ معنى ٻي ڪونه آهي، ڇو ته اپنيشد ابتدائي ايامڪاري ۾ سيني به سيني منتقليءَ جي عمل مان لانگهائو ٿيندا رهيا ۽ لکت جي صورت ۾ ڪونه آيا هئا. ڇو ته جن به مفڪرن اپنيشدن جي واڌ ويجهه ۾ هٿ ونڊايو انهن اندر جي شڪتي کي اجاڳر ڪري آئينو بڻائڻ تي وڌيڪ زور ڏنو هو.
داس گپتا جو خيال آهي ته ادبي لحاظ کان اپنيشدس جي ترڪيب ۽ تفهيم ڪرڻ جي بدران ڏٺو وڃي ته اُهي پنهنجي سٽاء ۽ ڄاڻ ۾ ويدن کان جداگانه ۽ منفرد آهن، اپنيشدس اسان کي ڄاڻ جي راهه (Path of Knowledge/ Janan Morga ) ڏانهن رهنمائي ڪن ٿا، جڏهن ته ويد عمل جي راهه(Karma Morga/ Path of Action) ڏانهن سونهون ڪن ٿا.
راڌا ڪرشن جي راءِ موجب ته اپنيشدس پنهنجي جوهر ۽ خيال ۾ حتمي طور ويدن جي اپٽار/تشريح جو ذريعو آهن.
شنڪر آچاريه جي خيال مطابق 11۽ راڌا ڪرشن انهن کي 18 ڄاڻائي ٿو، جڏهن ته داس گپتا جي راءِ موجب اپنيشدس جو انگ 12 هو. هونئن اپنيشدس کي تواريخ ۾ وڏي پذيرائي دارا شڪوه (1615ع-1659ع) جي دور ۾ حاصل ٿي. هندوستان جي هِنَ روشن خيال، انسان دوست ۽ صوفي سڀاء رکندڙ اپنيشدس کي فارسي زبان ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏنو جن جو ڳاڻيٽو 50 بڻجي ٿو.
ريند (Rende) جي چوڻ مطابق ته ويدن کان اپنيشدن جو رستو مختصر لفظن ۾ هيئن جداگانه هجي ٿو ته اهو پوڄا پاٺ ۽ ظاهري ريتن رسمن کان اڳڀرو فلسفي ۽ ڏاهپ جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جو وسيلو آهي. اپنيشدس اڪيچار ديوتائن آڏو آزي نيزاري ڪرڻ جي برعڪس وحدانيت (Monotheism) ڏانهن گهڻي ڀاڱي مائل ڪن ٿا. ڊيوڊ هيوم (David Hume :1711-1776) جي راءِ ۾ ته اپنيشدس جو فلسفو “برهما ازم” کي پنهنجي اپٽار جو مرڪزي نُقطو سمجهي ٿو.
راڌ ڪرشنن چواڻي ته برهما جي معنى سچائي آهي جنهن جي وصف ۽ واکاڻ نس نس ۾ سمايل هجي ٿي. ان جو مطلب ته برهما جي معنى اهو مرڪزي اهڃاڻ يا شڪتي آهي، جيڪا دنيا جي جوهر ۽ سَت بابت ڄاڻ جو ڪارڻ هجي ٿي.
جديد هندستان جو عمارت ساز ۽ پهريون وزير اعظم جواهر لال نهرو (وفات 1964ع) پڻ 1958ع ۾ گوهاٽي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو؛”اپنيشدس جو جوهر /روح/ ست ۽ مهاتما ٻڌ جي تعليم بنيادي طور سائنسي سوچ سان واسطو رکن ٿيون، جنهن ۾ کوجنا ۽ تحقيق جا عنصر اوهان جي ذهني سوچ کي ڪارائتو بڻائين ٿا ۽ اڃا به وڌيڪ ته اسين دليل ۽ تجربي جي آڌار تي اڳڀرائي ڪيئن ڪري سگهون ٿا.”
هونئن هندوستاني فلسفي جي تواريخ ۽ ان ۾ مختلف شخصيتن جي پورهئي ۽ جدوجهد تي مٿاڇري نظر اڇلائڻ جي ضرورت هجي ٿي جن جي مُهابي ڀڳتي تحريڪ ۾اڳڀرائي ٿي. انهن شخصيتن جي فڪر ۽ سوچ جو پنڌ ترتيبوار مختصر طور هيٺين ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿو .

[b]ورڌمان مهاوير(540-568 ق-م) Vardhamana (Mahavir) )
[/b]ورڌمان جنهن کي مهاوير به چيو وڃي ٿو، ان جي معنى آهي سورهيه يا سورمو جيڪو “جين مت”(Jain Doctrine) جو بانيڪار چيو وڃي ٿو. جين مت جو بنيادي اصول آهي ته بدي ۽ بڇڙائي جي قوتن کي زير ڪرڻ لاءِ تياڳ/ تارڪ الدنيا (Ascetism) بڻجڻ سان ئي مَن کي ڪامنا حاصل ٿئي ٿي. مهاوير 28 وَرهين جي ڄمار ۾ حق/روحانيت جي ڳولا ۾ گهر کي تياڳ ڏنو ۽ سڄا سارا ٻارنهن وَرهيه جهنگ جهاڳيندو رهيو. هو عملي طور تن تپسيا(Self-mortification) ۾ مستغرق/ محو رَهيو. انت ته کيس ابدي نجات (نرواڻ) حاصل ٿي.
مهاوير جي فلسفي ۽ فڪر جو بڻ بڻياد اهنسا (Ahisa) ۽ ڪرما (Karma) آهن:
اهنسا (Ahisa) : سڀئي ساهوارا هڪ جيترو ملهه ۽ قدر لَهن ٿا ۽ انهن ڏانهن پنهنجو رويو/لاڙو جارحانه يا اڳرائي وارو نه هئڻ گهرجي.
ڪرما(Karma) : ڪائناتي قانون ۽ شڪتي، جنهن مطابق جيڪو پوکبو سوئي لڻبو. جين متي جا پوئلڳ هندوستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا پر انهن جا اهم ٿاڪ يا ٺڪاڻا گجرات ۽ راجسٿان ۾ آهن.
(نوٽ: راجسٿان ۽ سنڌ جون سرحدون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون.)
جيئن ته مهاوير ئي سڀ کان پهريائين ويدن جي آخري ۽ سچ هجڻ کان نابري ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ان انڪار جي اصول کي به جين مت جو اهم جز ڄاتو وڃي ٿو.

[b]سڌارٿ گوتم ٻڌ (483-563 ق-م )
[/b](Sidhartha Gutama The Bhudha)
سڌارٿ گوتم به ڇوٽڪاري/نجات جي ڳولا ۾ گنگا جي ميدانن ۾ سير سفر ڪندو رهيو ته جيئن جوڳ حاصل ڪري سگهي. انت ته کيس هڪ ڏينهن نرواڻ حاصل ٿيو. امالڪ سندس وات سان نڪتو:
“مان پنهنجن سڀني اوگڻن مٿان سَرسي حاصل ڪري ورتي، مون ساڃاهه وسيلي ننگ ناموس کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، مان سڀني شين کي تياڳ ڏئي ڇڏيو ۽ مون کي مُڪتي حاصل ٿي وئي. جيئن ئي مون خواهشن کي لتاڙيو... مون ۾ ٿڌائي ۽ ٿهرم واسو ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ نرواڻ ۽ ڪرما حاصل ٿيا اَٿم. ڇو ته هي سڄو سنسار سُروم-دُکوم-دُکوم آهي. معنى سڀ ڪجهه ڏک- ڏک آهي.”

[b]شنڪر آچاريه (820ع-788ع) (Sankar Acharya)
[/b]شنڪر آچاريه جو شمار هندوستان جي فلسفي ۽ فڪر جي تاريخ ۾ علم ۽ ڏاهپ جي مهندارن ۾ ڪيو وڃي ٿو. شنڪر، مهاتما ٻڌ (483-563 ق-م) کان پوءِ فڪري سلسلي جي هڪ اهم ڪَڙي ليکيو وڃي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هي ويدانتي باغ جو اهو سدا بهار ٻوٽو آهي جنهن جي خمير ۾ هندوستان جي اَساسي فلسفي جي آبياري ٿيل ۽ ان جي هُڳاء کي مختصر لفظن ۾ ادوتا (Adivita) چيو وڃي ٿو. ان مان مراد آهي ته دُوئي (Dualism)کي رد ڪري وحدانيت جو پرچار ڪرڻ. شنڪر ٿوري ڄمار ۾ ڏهن اپنيشدن، “برهم سوتر” ۽ “شريمڌ” ڀڳوت جون جيڪي به شرحون/تفسير لکيا، ان حوالي سان هلندي دنيا تائين کيس وحداني قدرن جي مفڪرطور ياد ڪيو وڃي ٿو. مطلب ته وحدانيت کي هندوستان ۾ نواڻ بخشڻ وارو شنڪر آچاريه ئي آهي. شنڪر جو فلسفو “ادوتا ويدانت” (Adivita Vedanat) چيو وڃي ٿو.
شنڪر جي تعليم ۾ برهما (خدا) ئي حقيقت آهي. اهو ئي واجب الوجود آهي. ان کان سواءِ ڪوبه حقيقي معنى ۾ موجود ناهي. سندس فڪر کان اولهه جا ڏاها ۽ مفڪر پڻ فيضياب ٿيا. جن ۾ اسپنوزا (1632-1677) ، لائبرز، فختي (1762-1814) ، هيگل (1770-1830) ، شوپنهار (1788-1860) شمار ڪري سگهجن ٿا. انهن مان فختي ۽ شنڪر ۾ ايڏي ويجهڙائپ آهي جو کيس اولهه جو شنڪر آچاريه چيو وڃي ٿو.
اسان کي ڄاڻ آهي ته ڀڳتي تحريڪ جي فڪر ۽ فلسفي جو بڻ بنياد ادوتا ويدانت آهي. پر ان جو شاهه جي شاعري تي ڪيئن اثر پيو ان لاءِ پاڻ کي مختصر نموني تصوف جو تواريخي پس منظر ۽ اپکنڊ تي پيل اثرن جو جائزو وٺڻ پڻ لازمي هجي ٿو.

[b]تصوف جو تواريخي پس منظر
[/b]
[b]تصوف جي معنى ۽ مفهوم
[/b]تصوف جي معنى عربي ٻوليءَ جي ٽن عنصرن جو ڌاتو ڄاڻايو وڃي ٿو. سَا (Sa) وا (Wa) ۽ فا (Fa) . ان جو عربي ۾ ڌاتو يا لفظ “صفوي” بيهي ٿو، جنهن جي لغوي معنى آهي ته اهي جيڪي چونڊيل هجن ٿا.ڪجهه عالمن جي راءِ آهي ته: “تصوف” جي اصليت “صف” سان واڳيل آهي جنهن جي معنى صف بندي يا قطار ۾ بيهڻ هجي ٿي. ان کان اڳڀرو ڪجهه عالم ان راءِ جا آهن ته ان جو بنيادي نُڪتو “صفا” مان نڪتل آهي جنهن جي معنى رهڻ جو ننڍو ورانڊو يا ڇاپرو. ڪجهه محقق ان خيال جا آهن ته “تصوف”جو مطلب يا معنى ته اهي ماڻهو جيڪي اندروني علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ هجن ٿا. البيرونيءَ جي اشتقاق مطابق تصوف لفظ جو ڳانڍاپو يوناني لفظ صوفوس (Sophos) سان يعني ڏاهپ سان هجي ٿو.
اڄ جي دور ۾ تصوف بابت ٻن عالمن سَر وليم جونس (وفات 1794ع) ۽ سر جان مالڪم (وفات 1833ع) جي راين کي وڌيڪ وزندار سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي مستشرقيت (Orientalism) جا پارکو ۽ ڄاڻو هئا. انهن ٻنهي جي راءِ آهي ته صوفي پنهنجي سوچ ۽ فڪر ۾ آزاد هئا. انهن جو مذهب سان نالي ماتر ڳانڍاپو هو. انهن ۾ آزادانه فڪر جي ايڏي ته اڏام هئي، جو اهي ڪرستانن، يوناني فلسفي ۽ ويدانت جي ڄاڻن سان بحث مباحثو ۽ ويجهڙائي ۾ رهڻ پسند ڪندا هئا. هُو اسلام ۾ مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڻ کي پاسيرو ۽ پرانهون رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
جديد دور جي اولهه جي فلاسافرن ۾ وحدة الوجود جو اصطلاح ڪتب آڻيندڙن ۾ اسپنوزا کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. اهڙيءَ ريت پهريون ماڻهو جنهن تصوف جو نالو علمي لحاظ کان ڪتب آندو، سو شام جو هڪ ڏاهو ابو هاشمي الصوفي (767ع) آهي.
تصوف به ايترو ئي آڳاٽو آهي جيترو انساني سماج جو شعور ۽ ساڃاهه، پر تصوف جو هڪ نئون دور صحراءِ عرب ۾ اسلام جي آمد سان ليکي ۾ آندو وڃي ٿو. تصوف به ان وقت متحرڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن اسلام ۾ انتها پسندي، ڇڙواڳي، ظاهري نمائش، ڏيک ويک، رسمن ريتن ۾ واڌارو ايندو رهيو. اسلام ۾ تصوف جي اوسر ستين صدي جي شروعات ۾ محسوس ٿئي ٿي جڏهن حڪمرانن پنهنجي حاڪميت کي جائز ۽ حقيقي ڄاڻائڻ لاءِ مذهب جي نالي کي ڪتب آڻڻ جو وهنوار شروع ڪيو . انهن سڀني اصولن ۽ آدرشن کي لتاڙڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي جيڪي سندن مفادن ۽ حڪمراني جي آڏو رنڊڪ بڻجي بيٺا. انهي عمل خلاف تواريخ ۾ ٻن لاڙن جنم ورتو:
(الف) احياء پرستي (Revivalism) : انهي قدامت پرست تصور جي حوالي سان مختلف گروهن جي ذهن ۾ ويهجي ويو ته اسلام ۾ آيل بدعتن ۽ بڇڙاين کي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت محمدﷺجي نج ۽ حقيقي پيغام کي عملي طور سخت گيري وسيلي قائم ڪرڻ جي ٻيهر ضرورت آهي.
(ب) تصوف (Tasuwaf) : هيءُ ان سوچ ۽ فڪر جو نالو آهي جنهن مطابق اسلام ۾ انتهاپسندي، ڇڙواڳي، ڪٽر پڻ ۽ احياء پرستي جي مخالفت ڪرڻ سان گڏوگڏ حڪمرانن پاران مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ خلاف به محاذ آرائي ڪرڻ هو. تصوف ڪنهن به مرڪزيت هئڻ کان سواءِ مقامي طور منظم تحريڪن جي شڪل ۾ اُڀريو. تصوف جا فڪري ڏاڪا روحانيت (Spiritualism) ، آزادي/ڇوٽڪارو (Emancipation) ، ڄاڻ (Knowledge) ۽ پيار (Love) ٻُڌايا وڃن ٿا. صوفي تحريڪن جو پڙاڏو ساڳي ريت ٻين مذهبن جهڙوڪ؛ يهوديت ۾ ڪبالاازم، عيسائيت ۾ رهبانيت ۽ ٻڌ مت ۾ چٽي نموني نظر اچن ٿا. مطلب ته تصوف جو فڪر روحاني سجاڳي، آزادي، پيار ۽ ڄاڻ وسيلي پيروي ڪرڻ سان سلهاڙيل هجي ٿو.
تصوف جي دنيا ۾ جنهن شخص پڌري پٽ سياسي، سماجي ڦرلٽ ۽ مذهبي آمريت خلاف عَلم بلند ڪيو، اهو حسين بن منصور (920ع) آهي. انهي بغاوت جي صلي ۾ حسين کي ٽياس تي ٽنگيو ويو ۽ سندس لاش کي ساڙي درياهه فرات جي حوالي ڪيو ويو. حسين بن منصور جي شهادت کان پوءِ تصوف جا طرفدار ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا: هڪ اهي جيڪي امام غزالي ۽ القشيري جي سربراهي ۾ وحدة الشهود ۽ قدامت پرستي جا طرفدار هئا، ٻيا اهي جيڪي حق ۽ هيڪڙائي جا طرفدار ٿيا ۽ وحدة الوجود جي فڪر جا پرچارڪ هئا. پوئين صوفي فڪر جي هڪ آرماڙ شخصيت شيخ بايزيد بسطامي (وفات 874ع) چيو وڃي ٿو. انهيءَ صوفيءَ تصوف ۾ وحدانيت پسندي جي نسبت سان ويدانت کي به جاءِ ڏني. مطلب ته تصوف ۽ ويدانت جي ٻن ٻوٽن جي هڪ ڪونڊي ۾ آبياري ڪئي. بايزيد، ويدانتي فڪر ۽ فلسفي جي ڄاڻ پنهنجي هڪ استاد بُوعلي سنڌي کان حاصل ڪئي. حسين منصور به بايزيد جو پيرو کڻندو سنڌ ۾ ملتان تائين آيو ۽ ويدانت جي ڏاهن ۽ عالمن کان ڄاڻ پرائي پوئتي موٽيو ۽ بصري ۾شوري جي کاڻين ۾ پورهيتن کي پڻ منظم ڪيو. منصور جي مجذوبي فڪر “اناالحق” ۾ ويدانت جا چٽا اثر پڻ نظر اچن ٿا.
پر جنهن شخص تصوف کي نئين نهج ۽ نقشن سان نواڻ بخشي ان جو نالو شيخ محي الدين ابن عربي (1240-1165) آهي. هونئن ته تصوف جي فڪر ۾ ابن عربي جي لکڻي “فصوص الحڪم” (The Wisdom of the Prophets) کي اڄ به عالمي حيثيت حاصل آهي. پر هتي سندس رسالي “ترجمان الا شواق” مان ڪجهه سٽون ڏيڻ مناسب لڳي ٿو. “سنسار جي هر هڪ وٿ ۾ انهي حقيقت جو دليل موجود آهي. اها وٿ پاڻ رب پاڪ آهي.” هونئن هن صوفي سالڪ جي ذهني فڪر ۽ سوچ جو عڪس سندس ڪتاب “فتوحات مڪه” مان هيٺين بيت سان روشن ٿي سامهون اچي ٿو؛
منهنجي دل ۾ هر هڪ صورت جو آشيانو آهي،
هي هرڻن لاءِ هڪ چراگاهه آهي،
عيسائي راهبن لاءِ خانقاهه،
بت پرستن لاءِ مندر،
۽ حاجين لاءِ ڪعبو،
۽ لوح محفوظ، توريت ۽ قرآن آهي.
مان محبت جي مذهب جو پوئلڳ آهيان،
۽ اوڏانهن وڃان پيو جيڏانهن اهو قافلو وٺي وڃي
ڇو ته اهو ئي منهنجو دين ۽ ايمان آهي.
اپکنڊ ۾ ابن عربي جو چوٻول تيرهين صديءَ جي اَوائل ۾ شروع ٿي چڪو هو. انهن ۾ اهم نانءُ شيخ صدر الدين عارف جو سامهون اچي ٿو. ان کان پوءِ ابن عربي جي فلسفي ۽ فڪر جو اهم شارح شيخ امان الله پاڻي پتي هو جنهن کي ابن عربي ثاني پڻ چيو وڃي ٿو. جڏهن ته وحدة الشهود يا قدامت پرستيءَ جو سگهارو نمائندو مجدد الف ثاني کي چئي سگهجي ٿو، جيڪو پنهنجي سوچ ۾ سخت گير ۽ فرقيوارانه ورتاءُ رکندڙ هُو. انهيءَ جا اڳتي هلي خوفناڪ نتيجا نڪتا جو مغل سلطنت ڊهي وڃي پٽ پئي. مولانا عبيدالله سنڌي (1944-1872) وحدة الوجود متعلق خيال آرائي ڪندي چوي ٿو: “وحدة الوجود عملي طور قومن ۽ مذهبن جي وچ ۾ پُرامن بقائي باهمي جو وايو منڊل پيدا ڪري ٿو. ان جي ئي نتيجن ۾ اهڙن لاڙن کي نقصان پهچي ٿو ته محض هڪ ئي مذهب سچو آهي ۽ ٻيا ڪوڙ آهن.”

[b]ڀڳتي تحريڪ جو سنڌو ماٿريءَ تي اثر
[/b]حاصل مطلب ته ويدانت ۽ وحدة الوجود هندوستان ۾ هندو مسلم ايڪتا کي وڌيڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. انهي دانشورانه ۽ عالمانه تحريڪ کي ڀڳتي تحريڪ جو وچولو دور (Medieval Period) چئي سگهجي ٿو. انهيءَ تحريڪ کي جنهن صوفي ۽ سنت اڳتي وڌائڻ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو سو ڀڳت ڪبير (1528-1425) آهي. ڇاڪاڻ ته ڀڳت ڪبير مروج سماجي ۽ روحاني جبر جي خلاف انساني ضمير جي بغاوت جي علامت بڻجي اُڀريو. انهي راهه جو هڪ ٻيو اهم اسم گرو نانڪ (1539-1459) جو اچي ٿو، جنهن جي معرفت ڀڳتي تحريڪ کي سنڌو ماٿري ۾ نئين سِر شناسائي حاصل ٿي. انهي سلسلي جو اهم نانء سيوهڻ ڄائو ميان مير سنڌي (1635-1550) به آهي. ڀڳتي تحريڪ جو سنڌ جي آسمان تي سهائي ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1752-1689) پڻ چئي سگهجي ٿو.

[b]ڀڳتي تحريڪ جو شاهه جي شاعري تي اثر
[/b]شاهه لطيف جو ڏکڻ ايشيا جي صوفي دانشورن ۾ هڪ جداگانه، منفرد ۽ اعلى پد ليکي سگهجي ٿو. شاهه جو رسالو گهڻ پاسائن موضوعن سان ٽمٽار آهي پر موضوع جي لحاظ کان پاڻ کي شاهه جي ڪلام ۾ ڀڳتي تحريڪ سان لاڳاپيل سُرن جو احاطو ڪرڻ تائين محدود رکون ٿا.
اهڙي ريت ويدانت ۽ وحدة الوجوديت جي سنگم سان سنڌ ۽ ان جي آسمان تي سهائي ڪري بيهندڙ شاهه لطيف ڏکڻ ايشيا ۾ صوفي دانشورن جي سَٿ ۾ هڪ جداگانه، منفرد ۽ روشن خيال فڪر جو سگهارو نمائندو آهي. “شاهه جو رسالو” شاعري جي پد ۾ ڀڳتي تحريڪ جي ٻئي دور جو هڪ شاهڪار ۽ اهم دستاويز ليکي سگهجي ٿو. شاهه جي رسالي ۾ مجموعي طور سُرن جو ڳاڻيٽو (30) آهي. انهن مڙني سُرن ۾ ڀڳتي تحريڪ جو پاڇولو ۽ عڪس ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پر ڀڳتي تحريڪ جي فڪر ۽ فلسفي جو واڌارو جڙاءُ سُر پورب ۽ رامڪلي ۾نظر اچي ٿو. انهن ٻنهي سُرن ۾ جوڳين، ويراڳين، لاهوتين، سامين، آديسين، کاهوڙين جو ذڪر ججهي انداز ۾ ملي ٿو. انهي ٻنهي سُرن مان اڃا به سَرس سُر رامڪلي ۾ ملي ٿو. انهيءَ سر ۾ حق جي ڳولا لاءِ کاهوڙين تارڪ الدنيا بڻجي تياڳ ورتو آهي، جنهن کي شنڪر آچاريه”برهما” ۽ تصوف جي جهان ۾ بايزيد بسطامي “سبحاني ما اعظم شاني”، جڏهن ته حسين بن منصور “اناالحق”، ابن عربي “الحق” ۽ شاهه لطيف جو هيٺيون بيت مڪمل احاطو ڪري ٿو:
سپت پچار پرينءَ، سپت هوت حضور،
ملڪ مڙيوئي منصور، ڪُهي ڪهندين ڪيترا؟
انهي حق ۽ هيڪڙائي جي ڳولا لاءِ شاهه چوي ٿو ته سامي ٿيڻ لاءِ جيڪي وصفون ۽ خصلتون گهربل آهن، انهن مان اهم وصف آهي مان ۽ پاڻ کي تياڳ ڏيڻ:
سامي چائين سُک طلبئين، هوندن جئن م هُو،
توکي ويس وڃايو، ويس وڃايو تو،
سامي آهي سو، جِهن پاڻ وڃائي پُوريو.
جهان ۾ جوڳيئڙن/ماڻهن جا گهڻ پاساوان رخ آهن. پر انهن ۾ بنيادي طور ٻه قسم هجن ٿا، جيڪي وڌيڪ مانائتا ۽ معتبر آهن جن پاڻ کي ٻارڻ طور ڪتب آندو. انهن جي عاقلانه نموني شاهه ڇيد ڪندي چوي ٿو:
جوڳيئڙا جهان ۾، نوري ۽ ناري،
ٻَري جَن ٻاري، آئون نه جيئندي اُن ري.
جڏهن حق جي ڳولا ۾ ڪاپڙي لاهوت ۾ قدم پائين ٿا ته انهي ڪيفيت کي نروار ڪندي چوي ٿو ته انهن ڪاپڙين وٽ اهڙو اسرار ۽ يا قوتي آهي جنهن ۾ منهنجو ساهه سرير آهي:
قدم ڪاپڙِين جا لڳا ۾ لاهوت؛
جنين سين ياقوت، آئون نه جيئندي اُن ري.
جڏهن جُهد ڪندڙ نانگا ۽ سامي پڻ وارو وڄائي وڌي ويا ته پنهنجي حال تي ارمان ۽ افسوس جي ڪٿا بيان ڪندي چوي ٿو:
نانگا نانيءَ هليا، سامي سڀيئي،
وِهَڪَ مون ويئي، آئون نه جيئندي اُن ري.
شاهه ويدانت ۽ وحدانيت جي سنگم جي عڪس بندي ڪندي اظهار ڪري ٿو:
نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هَلي،
ديکي جَن دوارڪا، مهيسين مَلهي،
آڳهه جن علي، آئون نه جيئندي ان ري.
جتي ڀنيءَ ويل تائين باهه ڀڙڪي ٿي ۽ هن جِندُ ۾ سنياسين جي جڙ لڳي آهي:
ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن باهيون بيراڳين جون،
هلو ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مَچن،
مــلاسنياسين، جــڙ لڳــي مـــون جـــان ۾.
اهي جيڪي پنهنجي مَن ۾ خوديءَ کي کائِن ۽ ختم ڪن ٿا انهن جي ساراهه جون سرڪيون ڀريندي چوي ٿو؛
ڪن ڪَٽ، ڪاپَٽ، ڪاپڙي، ڪَنَ جي ڪٽائين،
لاهوتي لطيف چي، ماڳ نه مٽائين،
هُو جي خودي کي کائن، هلو تَڪيا پسون تن جا.
جوڳ پچائڻ لاءِ گرؤ جي پارَ ڏانهن هلڻ جي نصيحت ڪندي شاهه چوي ٿو:
جي ڀائيين جوڳي ٿيان ته پَرِ گرؤ جي پار،
هوائون هنگلاج ڏي ويندي سَڀ وِسار،
نانگا ناٿ نِهار، سامي وڏي سڪ سان.
پر ناٿ جي ڳولا بابت هن سَر ۾ شاهه ڪاپڙين کي ويساهه کان خالي روح ڄاڻائيندي تنبيھ واري نوع ۾ چوي ٿو ته ناٿ ته هِتي ئي آهي ۽ مَن ۾ وسرام ڪري ٿو:
ناٿ جنهين نِنڌ، تت نه نهاريو جوڳين،
ڪي ڪُو ساهيا ڪاپڙي پُريا پرانهين پنڌ،
هو هنين هنڌ، ٿي هُنهين ويا هنگلاج ڏي.
ڇو ته:
ڪُوڙا سامي، ڪُوڙا سامين پنڌ
ڇا اهو ڀڳتي تحريڪ جو پنڌ پڄاڻيءَ تي پهتو. منهنجي خيال ۾ ته اهو پنڌ پڄاڻي تي ڪونه پهتو آهي شاهه جي چواڻي
قيام ملن سپرين، پڻ اوڏا ڀانئج

[b]ڀڳتي تحريڪ جو مستقبل
[/b]اسان کي سمجهڻ گهرجي ته شاهه جي دور کان اڄ ايڪويهين صدي تائين مفاصلو يا وٿي ٽن سؤ ورهين تي محيط آهي. شاهه جي دور جو سنڌي سماج قبائلي قدرن، انتشار ۽ ڇڙواڳي سان سلهاڙيل هو. شاهه جو ڪلام جنهن کي اسان عالمي سطح جي شاعري چوڻ ۾ حق بجانب آهيون، اهو سمورو ڪلام سنڌ ۾ ڇڙو اڳي ۽ گهرولڙائي جي مانڌاڻ جي پيداوار آهي. پر قومن جي تواريخي پنڌ ۾ اهڙا شاعر به هجن ٿا جيڪي صدين جو پنڌ اورانگهي به سماج تي اثر انداز هجن ٿا. انهن مان شاهه پڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي شاهه لطيف جي صوفيانه واٽ کي پنهنجي تحقيق ۽ کوجنا مطابق “لطيفي مڪتبه فڪر” سڏي ٿو، جنهن کي پاڻ ويدانتي/وحدة الوجود پڻ چئي سگهون ٿا. ان کان پوءِ شاهه جي سلسلي جو ويهين صديءَ جي دائري ۾ وڏو شاعر شيخ اياز (1997ع) آهي.
ڀڳتي تحريڪ ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ پنهنجي ٽئين دور/مرحلي ۾ پير پاتو، جڏهن سنڌ جي هڪ محسن ۽ مدبر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي شاهه لطيف جي ڪلام کي نئين سر مرتب ڪري ان جي هڪ جامع ۽ وزندار شرح لکي. هونئن ٿلهي ليکي ڀڳتي تحريڪ جي ٽئين دور جي سلسلي جي کيرڌارا (Milky way) سوامي وويڪانند (1920-1863)،آربندو گهوش (1950-1872)، سرو پالي راڌا ڪرشن (1975-1888) سان فاصلو طئي ڪندي اچي پئي. ان سان گڏوگڏ سنڌ مان تصوف ۽ ويدانت جا اهم سفير/ نمائندا ساڌو ٽي-ايل واسواڻي (1966-1879)، دادا ڄيٺ مل پرسرام (وفات:1948)، علامه آءِ آءِ قاضي (1969-1886) ۽ جي ايم سيد (1995-1904) انهي سَٿ ۾شامل آهن.
اسين اڄ جڏهن ايڪويهين صديءَ ۾ ڀڳتي تحريڪ جي ڪارج بابت سوچ ويچار ڪريون ٿا ته سنڌ ڄائو ساڌو ٽي-ايل- واسواڻي اسان جي رهنمائي ڪندي ڀڳتي تحريڪ ۽ تصوف جو پيغام هيئن بيان ڪري ٿو:
Be transformed! Be new men, by passing fire of devotion
(ڪايا پلٽ/ تبديلي جو ذريعو بڻجو، نوان نڪور بڻجو تپسيا وسيلي)
پر محمد ابراهيم جويو اڃا به اڳتي وڌي ڀڳتي تحريڪ جي اڄوڪي دؤر ۾ عمل جي راهه متعين ڪندي لکي ٿو: “هِن دور جي ڀڳتي اهائي آهي ته اسين هن برصغير جي جهان ۾ هڪ ٻئي جي سهڪار سان، آزاديءَ جي دائميت سان رهي سگهون ٿا، ۽ هن ئي اڄ جي جهان ۾، هند سنڌ ۾ پنهنجي گڏيل زندگيءَ جو مقصد ماڻي سگهون ٿا. “ (اڪٿ ڪهاڻي ڪبير، ريٽا شاهاڻي، ص-23)

[b]مددي ڪتابن ۽ مخزنن جو وچور:
[/b]Indian Philosophy (The Vedas, Upanishads Early Bhudhasim) by: Saif-u-Rehman Lahore.
Poetics and Politics of “Sufism & Bhakhati in South Asia, Edited by: Kavita Panjabi, Orient Black Swan Private Ltd. Himayat-nagar, Hyderabad Indai.2011
Fifty Great Eastern Thinkers, by: Diane Collinson, Kathryn Plant and Robert Wilkinson, Routledge, Chennai, India.2004.
Daily Dawn Karachi “In Search of Nehru’s Republic” by: Lata Jishnu, December, 2014.
The life, Religion and Poetry of Shah Latif, by: Lilram Watanmal Lalwani, Indus Publications, Karachi. 1985.
Sindh and it’s Sufis, by: J.P. Gulraj, Sang-e-meel Publications, Lahore. 1979
Sufi Saints of East and West Sadhu T.L. Vaswani P-113
“ميان مير سنڌي :سنڌو ماٿر جو منفرد دانشور”، امان الله شيخ، ٽماهي مهراڻ، 1-2/2007ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
اڪٿ ڪهاڻي ‘ڪبير’، ريٽا شاهاڻي، ص-23، ڪويتا پبليڪيشنس، حيدرآباد، سنڌ، سال2008ع.
لات جا لطيف جي، آغا سليم، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، سال 2008ع.
صوفي لا ڪوفي (علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جون تقريرون ۽ تحريرون) مترجم/ سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ، سال 2009ع.
شاهه جو رسالو، مرتب : ڪلياڻ آڏواڻي.
ہندی مسلم تہذیب، قاضی جاوید، وین گارڈ بُکس، لاہور، ص، 241-242، سال 1983۔