لطيفيات

ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

ڪتاب ”ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف“ جو سهيڙيندڙ محترم امان الله شيخ آهي. هي ڪتاب آگسٽ 2015ع ۾ مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن، نئين دهلي انڊيا پاران پيڪاڪ پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو آهي.
هي ڪتاب ڊسمبر 2014ع ۾ هند ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6646
  • 1515
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امان ﷲ شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

شاهه لطيف ۽ سندس همعصر صوفي شاعر : پروفيسر اعجاز احمد قريشي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع ۾ ڏکڻ ايشيا جي ان خطي (سنڌ) ۾ جنم ورتو جيڪو پنهنجي تاريخ جي هر دؤر ۾ تهذيب، ثقافت ۽ علمي ادبي پسمنظر سبب ٻين خطن کان منفرد ۽ نرالو پئي رهيو آهي. شاهه صاحب جو خاندان تصوف، عرفان؛ علم ۽ عمل جي حوالي سنڌ جو هڪ ناميارو خاندان هو. ان کان سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شخصيت، سيرت، ڪلام، فڪر ۽ فلسفي بابت هينئر تائين جيڪا به تحقيق ۽ کوجنا ٿي آهي ان جي روشنيءَ ۾پڻ هينئر اهو سوال بلڪل بي معنى بنجي چڪو آهي ته شاهه لطيف ڪنهن مڪتب ۾ تعليم حاصل ڪئي يا نه؟ شاهه صاحب پنهنجي والد سڳوري شاهه حبيب جي تعليم ۽ تربيت وسيلي علم ۽ معرفت جا ڏاڪا طئي ڪيا ۽ بعد ۾ سير سفر وسيلي فرد کان سماج ۽ تهذيب کان مذهب، دين، ڌرم ۽ مابعد الطبيعات تائين سڀ فلسفا ۽ فڪر پروڙيا ۽ پرکيا. شاهه صاحب پنهنجي ان طويل تپسيا ۽ ذهني ولوڙ کي شاعريءَ جي هڪ اهڙي من موهيندڙ اسلوب ۽ انداز ۾ پيش ڪيو، جيڪو بي اختيار ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي دل جي تاليف ۽ روح جي غذا بڻجي پوي ٿو.
شاهه لطيف جي شعري خزاني ۾ جيڪي علمي ۽ فڪري نڪتا سمايل آهن اهي انهيءَ انداز ۽ اسلوب ۾ ٻين شاعرن وٽ اڻلڀ آهن، جنهن ڪري ايڇ ٽي سورلي کيس دنيا جو عظيم شاعر ۽ شاعرن جو سرتاج قرار ڏنو.
شاهه لطيف جي عظمت جو هڪ وڏو سبب اهو به هو ته سندس شاعريءَ جو رچاءُ ۽ لاڳاپو ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن سان هو، جنهن ڪري هو سنڌ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي قوم کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو. ايتري قدر جو ڌرتي تان اٿندڙ ڌوڙ ۽ دز کي به عطر ۽ عنبير برابر سمجهيو آهي:
سندي جا ساڻيهه، کهه کٿوري ڀانيان
اهڙيءَ ريت شاهه لطيف پنهنجي ديس جي ماڻهن ۽ ماروئڙن سان محبت کي هر حال ۾ پنهنجي لاءِ مٿانهون سمجهيو:
جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.
شاهه لطيف جو دور ۽ سنڌ: شاهه لطيف تاريخ جي ان دور ۾ پيدا ٿيو ۽ زندگي گذاري (1752- 1689ع) جڏهن:
(1) سنڌ جا وڏا شهر ٺٽو، نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ وڏا علمي مرڪز هئا، جتي شاعرن، اديبن ۽ عالمن جون رس رهاڻيون ٿينديون هيون، خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. پرڏيهي عالمن جهڙوڪ رومي ۽ حافظ کان وٺي ڪبير، ميران ۽ تلسيداس تائين ۽ ڏيهي عالمن جهڙوڪ قاضي قادن کان وٺي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري تائين جي شاعريءَ جا قلمي ڪتاب نه رڳو پڙهيا ويندا هئا پر انهن ۾ موجود حڪمت ،ڏاهپ ۽ دانائي جي نڪتن تي بحث مباحثا پڻ ٿيندا هئا.
(2) سنڌ، حڪمرانن جي غلط داخلي پاليسين ۽ حڪمت عملين باوجود مغلن ۽ ٻين پرڏيهي حاڪمن جي دست اندازين کان محفوظ رهڻ ۽ خودمختيار حاڪميت جو خواب ساڀيان بنائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي هئي.
شاهه لطيف نه رڳو پنهنجي لافاني ڪلام ۾ ماضيءَ جي ان سموري علمي، ادبي ۽ فلسفيانه ورثي کي اوتيو پر ساڳئي وقت تڏهوڪي سنڌ جي سياسي، سماجي حالتن جي عڪاسيءَ سان گڏ حال ۽ مستقبل جي علمي توڙي عملي ماحول تي پنهنجا نقش ۽ اثر ڇڏيا.
شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جن بنيادي نقطن کي نروار ڪيو آهي اهي ٿلهي ليکي هيٺيئن ريت آهن:
1_ تصوف ۾ شاهه صاحب ويدانت ۽ وحدت الوجود جي پرچار ذريعي مذهبي تفريق ۽ ويڇي جو خاتمو آندو.
2_ سنڌي ٻولي، ثقافت، هنر ۽ پورهئي کي اجاگر ڪري سنڌ جي قومي تشخص کي سگهارو بڻايو.
3_ شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن جي اپٽار وسيلي انساني زندگيءَ جي گوناگون پاسن سان گڏ سماجي، سياسي ۽ فڪري نقطن کي نروار ڪري هڪ نرالو علمي مثال قائم ڪيو.
شاهه صاحب پنهنجن انهن خيالن جي ڏي وٺ تڏهوڪي سنڌ جي وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جهڙوڪ: ميون شاهه عنايت رضوي، مخدوم محمد زمان لنواري وارو، مخدوم محمدي کهڙن وارو، ميان صاحب ڏنو فاروقي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، سيد محمد بقا لڪياري ۽ ٻين سان ملاقاتن ذريعي ڪئي. اهي علمي ملاقاتون پڻ تاريخ جو حصو آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب جو دؤر پڻ شاعرن، عالمن ۽ مفڪرن سان ڀرپور هو. هيٺ ان دؤر جي ڪجهه اهم هم عصر صوفي شاعرن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽ تعارف ذڪر ڪجي ٿو.

[b]خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو:
[/b]سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان جي ولادت 21 رمضان 1125هه/1713ع تي ٿي. ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ ٺٽي ويو، جتي مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، خواجه محمد ابوالمساڪين جو مريد ٿيو، جلد ئي طريقت جون منزلون طيءِ ڪيائين. ڪجھه وقت کان پوءِ سندس مرشد کيس خانقاهه تي ويهاري، حرمين شريفين راهي ٿيو. محمد زمان ڪجھ وقت ٺٽي ۾ رهي، لڏي وڃي لنواريءَ ۾ ويٺو. اتي وڃي رهڻ کان پوءِ سال 1149هه/1736ع ۾ سندس والد وفات ڪئي. جيئن ته پراڻي لنواري ڦٽي رهي هئي، تنهن ڪري 1150هه/1737ع ۾ نئون شهر ٻڌائي اتي وڃي رهيو ۽ ان جو نالو به لنواري رکيائين. خدا جي ڪيتري ئي مخلوق کي فيض ڏيئي، 1188هه/1774ع ۾ وفات ڪيائين.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس همعصر هو، پر عمر ۾ کانئس وڏو هو. ڀٽائي صاحب پاڻ ڪهي لنواريءَ ساڻس ملاقات لاءِ ويو هو ۽ مريد ٿيڻ جو ارادو به ڏيکاريو هئائين پر جيئن ته نقشبندي طريقي ۾ راڳ جي منع آهي، تنهنڪري سندس مريد ٿي نه سگهيو. باقي لنواري واري کان ايتري قدر متاثر هو، جو سندس لاءِ هي بيت چيو اٿس:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
خواجه صاحب جا 84 سنڌي بيت مليا آهن، جن جي عربيءَ ۾ شرح سندس مريد شيخ عبدالرحيم گرهوڙيءَ ڪئي آهي. گرهوڙي صاحب جي ان شرح جو علامه دائود پوٽي صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، “ابيات سنڌي” جي نالي سان ڇپايو.
بيتن جو مضمون تصوف تي ٻڌل آهي جن ۾ خواجه صاحب فرمائي ٿو:
جنين ڏٺو پاڻ، تنين ڏٺو سپرين،
غلط اِيءُ گمان، ته عارف پسي آرسي.

عارف ۽ ‘عشاق’، پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اوراهان ٿيا.

[b]روحل فقير:
[/b]ميان روح الله عرف روحل فقير زنگيجو 1730ع ۾ ڄائو هو. سندس وڏا اصل پنجاب جي ڳوٺ “لونگره” جا ويٺل هئا، جتان روحل فقير پنهنجي عزيزن سان لڏي اچي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهيو. جوانيءَ ۾ ميان روح الله ڪجهه وقت ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ملازمت ۾ به رهيو، جتي حاڪم طرفان ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ ڪري کيس ڪيترائي انعام ۽ اڪرام پڻ مليا.
روحل فقير جي دل جو لاڙو ننڍپڻ کان ئي فقيريءَ ڏانهن هو، جنهن ڪري اڳتي هلي جهوڪ ميرانپور جي مشهور صوفي درويش، شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اتي هن 25 سال ڏاڍي خدمت ڪئي. راتين جون راتيون بندگي ڪندو هو. مرشد، روحل فقير جي عقيدت ڏسي مٿس عنايت ڪئي ۽ کيس فرمان ڪيو ته، “تون هاڻ ڀل وڃ، جتي به توکي پنهنجو پاڻ روڪ ٿئي، اتي تنهنجو ٺڪاڻو آهي.” فقير، مرشد جي حڪم موجب اتان روانو ٿي ويو ۽ هلندو هليو. آخر هڪ هنڌ سندس پهراڻ جو پلاند، ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو ۽ فقير لڏو لاهي اتي ويهي رهيو. آخر انهيءَ هنڌ ڳوٺ ٻڌجي ويو، جيڪو ڪنڊڙيءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. هي شهر روهڙي تعلقي ۾ آهي. ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ۽ معتقد ٿيا. خيرپور جي واليءَ مير سهراب خان جي به ساڻس عقيدت ٿي وئي. جنهن ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان کيس زمينون نذراني طور ڏنيون، جيڪي ڪافي وقت سندس عزيزن جي قبضي ۾ رهيون.
روحل فقير پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ فاضل، عربيءَ، فارسيءَ ۽ هنديءَ جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. جوڌپور ۽ جيسلمير ۾، پنڊتن سان روح رهاڻيون به ڪيائين، جتي سندس ڪلام اڄ سوڌو ڏاڍي چاهه سان ڳايو ويندو آهي. هنديءَ ۾ ته سندس ڪافي منظوم تصنيفون آهن جن مان (1) من پوٻوڌ (2) پريم گيان ۽ (3) انڀؤ ڪافي مشهور آهن ۽ تصوف جي وضاحت ڪن ٿيون. هو هڪ سچو صوفي درويش هو. سنڌيءَ ۽ سرائيڪيءَ ۾ به سندس ڪافي ڪلام آهي؛ جيڪو بيتن، ڪافين ۽ سِھَ حرفين تي مشتمل آهي.
جن کي عشق اندر ۾، تن کي اڃ نه بک،
وحدت منجهه وصال جي، سدا ماڻين سک،
ڏور تنين کان ڏک، جي روحل رتا روح ۾.
 
[b]شاهه عنايت صوفي شهيد:
[/b]صوفي شاهه عنايت، شاهه لطيف جو همعصر هو. سنڌ جو هي ناميارو صوفي، انسان دوست، انقلابي درويش، تعلقي ميرپور بٺوري جي نصريه ڳوٺ ۾ 1656ع ۾ ڄائو. شاهه عنايت جو وڏو ڏاڏو ملا صدو لانگاهه هو، جيڪو هڪ توڪلي درويش هو.
شاهه عنايت جوانيءَ جي دور ۾ حق ۽ علم جي طلب ۾ پنهنجو وطن ڇڏي پرديس ويو. سير سفر ڪندو حيدرآباد دکن (ڀارت) ۾ هڪ درويش شاهه عبدالمالڪ سان مليو. ظاهري علم شاهه غلام محمد کان حاصل ڪيائين. اُهو شاهه عنايت سان گڏ شاهه جھان آباد/ دهلي کان سنڌ موٽيو. شاهه غلام محمد جي عقيدت ۽ شاهه عنايت ڏانهن خلق جي رجوعات ٺٽي جا ظاهر پرست برداشت ڪري نه سگهيا ۽ نه ئي مقامي مُلا موراڻا، وڏيرا، گادي نشين ۽ حاڪم سهي سگهيا.
همه اوست جي نعري سبب عالم به برخلاف ٿي پيا هئا. صوفين کان ڍل طلب ٿي، هنن چيو ته زمين بادشاهه جي طرفان مليل آهي، تنهنڪري ڍل نه ڏبي. اڳوڻي گورنر مير لطف عليءَ کان پوءِ نواب اعظم خان ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ڍل کان صوفين پوءِ به جواب ڏنو. هوڏانهن حاڪم جي ڇاڙتن اهو مشهور ڪيو ته شاهه عنايت ۽ صوفي فقير پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ گهرن ٿا. هڪ سازش سٽي ويئي ۽ اُن ۾ ٺٽي جي نواب، مقامي ماڻهن مان ڪريمي درگاهه جو سجاده نشين سيد عبدالواسع، وڏيرو نور محمد پليجو ۽ حمل جت شامل ٿيا. سازش گهري سٽيل هئي. اُنڪري شاهي درٻار مان “باغين” جو بنياد پٽڻ جو حڪم اچي ويو. سازشين جو مڪومتو ۽ شاهه عنايت ۽ سندس مريدن جانثارن تي خوني حملو شروع ٿيو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد سان مقامي ڇاڙتن صوفين تي لشڪر چاڙهي موڪليو. هن حملي ۾ شاهه عنايت جا ڪافي مريد شهيد ٿيا. شاهه عنايت جي مريد مير جان الله شاهه رضويءَ مقابلي جي اجازت گهري، پر صوفي شاهه عنايت کيس اجازت نه ڏني. گهيرو اٽڪل ڇهه مهينا هليو. ٺاهه جون ڪوششون ٿيون، شاهه عنايت کي قرآن وچ ۾ وجھي، گورنر نواب اعظم خان جي درٻار ۾ گهرايو ويو. اها به هڪ سازش هئي. ڳالهين مان جڏهن کڙتيل نه نڪتو ته گورنر نواب اعظم خان، شاهه عنايت کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. نواب ۽ شاهه عنايت جي وچ ۾ ٿيل گفتگو ۾ شاهه عنايت هر سوال جو جواب فارسي شعر ۾ ڏنو آهي. جڏهن هي ارڏو ۽ اڏول انسان پنهنجي اصول تان نه هٽيو ته جلاد کي اشارو ڪيو ويو.
شاهه عنايت شعر پڙهيو:
رها نيدي مرا از شر هستي،
جزاک الله في الدارين خيرا.
سر ڌڙ کان ڌار ٿيو. شاهه عنايت جي جانَ جان آفرين جي حوالي ٿي ويئي. صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو واقعو 1130هه/1718ع ۾ ٿيو. اُن وقت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عمر 28 سال هئي. چيو وڃي ٿو ته شاهه صاحب شاهه عنايت شهيد جي شهادت جو ٻڌي هيٺيان شعر چيا:

اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين جوڙ،
ساري سنياسين کي، کامي ٿيس کوڙ،
من جنهين سان موڙ، سي لاهوتي لڏي ويا.
جهڄان پسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جو،
جن ٿي پهي پياريا، منجهان مٽن موڪ،
لڏي وچان لوڪ، اٺي ويا اڪري.

گهڙي گهڙو هٿ ڪري، پهون پهاري ٻنگ،
سر در قدم يار شد چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ،
رات جنجو رنگ، الا سي اڪارئين.

[b]مير جان الله شاهه رضوي:
[/b]سيد مير جان الله شاهه رضوي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. مير علي شير قانع “تحفة الڪرام” ۾ لکي ٿو ته: “ مير جان الله شاهه رضوي مير حيدر شاهه جي اولاد مان هو.... تمام لائق ۽ حق جي واٽ جو طالب هو. شاهه عنايت الله صوفيءَ جي خدمت مان ارشاد جو رستو پرائي خاندان جو خليفو ٿي. معرفت جو جهنڊو کڻي پنهنجي اصلي شهر ڏانهن موٽي آيو. مير تخلص استعمال ڪندو هو. مير شعرن سان ڀريل هڪ ديوان جو مالڪ هو. پنهنجي طلب ۽ مرشد تائين پهچڻ ۾ سندس ڊڪ ڊوڙ متعلق هڪ مثنوي حقيقت سان ڀريل هڪ يادگار ڇڏي ويو آهي.”
مير جان الله شاهه رضوي بابت پروفيسر لطف الله بدوي “تذڪره لطفي” ۾ ڄاڻايو آهي ته “مير جان الله شاهه پنهنجي دؤر جو وڏي ۾ وڏو عارف، شاهه عنايت الله صوفي جي شهادت وقت ميرانپور ۾ موجود هو. هن پنهنجي سچي مرشد جي بچاءَ خاطر ڪلهوڙن جي فوج سان وڙهڻ چاهيو مگر شاهه عنايت کيس هٿيار کڻڻ کان منع فرمائي. هن هولناڪ واقعي کان پوءِ مير صاحب روهڙيءَ اچي رهيو هو، جتي سندس فيض کان هر خاص و عام مستفيض ٿيو.” مير جان الله شاهه 6 ربيع الاول 1167هه/1754ع ۾ وفات ڪئي. مير جان الله شاهه جي شاعريءَ جو مجموعو “ديوان مير” فارسي ۾ آهي. سندس شاعريءَ ۾ تصوف جي اپٽار ڪيل آهي.

[b]مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي:
[/b]مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، شاهه عبداللطيف جو همعصر هو. هو تفسير، حديث ۽ فقهه جو عالم ۽ نقشبندي طريقي جو صوفي هو. سندس مائٽ مڱريي قبيلي جا وڏا زميندار هئا. مخدوم صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي پاڻ کي عبد، عبدالرحيم، مڱريو ته ڪٿي وري گرهوڙي سڏيو آهي.
ڄاڻ وڃايو ٽاڻ، ڪيترن راهه گم ڪيو،
ان در مٿي، “مڱريا” پاڻ مَ کڻج ساڻ،
روڄاڻي راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو.
مخدوم صاحب کي گرهوڙي انڪري ٿا سڏين، جو گرهوڙ جو رهاڪو هو. گرهوڙ تعلقي ساماري (اڪڙي) ۾ پٿوري جي اسٽيشن کان ڇهه ميل پري آهي، جتي هينئر سندس عاليشان قبو آهي. چيو وڃي ٿو ته مخدوم گرهوڙي پنهنجي همعصر عالمن کي ليکي ۾ ئي ڪين آڻيندو هو ۽ وقت جي پيرن، فقيرن ۽ ساداتن جي پرواهه نه ڪندو هو. لنواريءَ وارن بزرگن تي ٺٺوليون ڪندو هو.
هڪڙي ڀيري ڪو درويش مخدوم گرهوڙيءَ سان مليو. جڏهن مخدوم صاحب کي معلوم ٿيو ته اهو درويش پنهنجي مرشد سلطان الاولياءَ محمد زمان لنواريءَ واري ڏانهن ٿو وڃي، تڏهن ٺٺولي ڪندي چيائين ته، “يار تون پنهنجي مُرشد کي منهنجي پاران سلام چئجان ۽ پڇجانس ته ‘معراج’ خاص طرح حضرت نبي ڪريمؐ جن لاءِ هو، يا ٻين لاءِ به آهي؟” درويش جڏهن لنواريءَ واري بزرگ جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن صحبت جي فيض ۽ محويت ۾ گرهوڙيءَ وارو پيغام وسري ويس. جڏهن اهو درويش موڪلائي پنهنجي وطن ڏانهن موٽيو، تڏهن لنواريءَ واري صاحب فرمايس ته “ابا، توکي هيڏانهن اچڻ وقت اسان ڏانهن ڪو نياپو مليو هو، سو ته تو اسان کي پهچايو ئي ڪونهي.” هاڻي انهيءَ نياپي ڏيندڙ گرهوڙيءَ کي چئجان ته بغداد جي خليفي لاءِ هڪ پل اڏائي وئي هئي، جيڪا اڄ ڏينهن سوڌو قائم آهي، جيئن ته اها خاص ان لاءِ جوڙائي وئي هئي، جڏهن به جيڪو چاهي، سو اڄ تائين ان مٿان لنگهي سگهي ٿو. ساڳيءَ ريت حضرت نبي ڪريمؐ جن پڻ معراج جي وسيلي هن جھان کان هُن جھان تائين هڪڙي پل ٺهرائي. اها پل ڊهڻ جي ئي ڪانه هئي، البته ان تان لنگهڻ جو حق ۽ شان حضرت پيغمبرؐ جن کي هو. پر سلطان پٺيان سندس لشڪر به لنگهي سگهي ٿو ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ته پاڻ سلطان جو فخر آهي.” اهو نياپو جڏهن مخدوم صاحب کي پهتو تڏهن اکين جا اولا لهي ويس ۽ گرهوڙ کان ڪهي لنواريءَ ۾ آيو ۽ محمد زمان لنواريءَ جو اچي مريد ٿيو ۽ پوءِ وڏي روحاني منزل تي وڃي پهتو. پوءِ سدائين چوندو هو ته، “مون کي فخر هوندو هو ته مون جھڙو عالم ملڪن ۾ ڪونه لڀندو، پر جڏهن حضرت جن جي روبرو ٿيس، تڏهن سڀ ڪجھ وسري ويو. سندن اڳيان پاڻ کي اهڙو هيچ سمجھندو هوس، جھڙو جاهل ڪنهن فاضل اڳيان.” گرهوڙي صاحب جي مزار گرهوڙ ۾ آهي. جتي سندس قبو، مير احمد خان شاهواڻيءَ ٺهرايو هو.
 
[b]مدن ڀڳت:
[/b]مدن ڀڳت، شاهه لطيف جو محبتي ۽ دوست هو. سندس تعلق ڪوٽڙي مغل سان هو ۽ سندس گهڻو وقت لطيف سائينءَ سان گڏ گذرندو هو. مدن ڀڳت ويدانت جو وڏو ودوان هو ۽ سندس خاص خوبي اها هوندي هئي ته هو وڏو حاضر جواب هوندو هو. هن کي احترام ۽ عزت مان “مدن” جي نالي سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي. مدن، هڪ سٺو شاعر به هو ۽ ڪيترائي دفعا شاهه لطيف جي پڇيل سوالن جا جواب شعرن ۾ ڏيندو هو. سندس شاعريءَ ۾، دنيا جي فاني هجڻ ۽ آخرت بابت خيال شامل آهن. هن جي شاعريءَ ۾ تصوف ۽ ويدانت جو به رنگ نظر اچي ٿو.
 
[b]ميون شاهه عنايت رضوي:
[/b]ميون شاهه عنات الله رضوي ڪلهوڙن جي دور (1718ع-1782ع) ۾ سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس وڏا اصل بکر يا روهڙيءَ جا ويٺل هئا. سندس وڏو ڏاڏو بکر مان لڏي، نصرپور ۾ آيو. شاهه عنات جي ولادت نصرپور ۾ سن 35-1030 هه / 26-1621ع جي وچ واري عرصي ۾ ٿي. وقت جي دستور موجب فارسي تعليم مدرسي مان حاصل ڪيائين. سندس روحاني استاد، “خير الدين شاهه ” سکر وارو هو، جيڪو سندس والد جو پڻ مرشد هو. شاهه عنات کي پيري مريدي ورثي ۾ ملي.
شاهه عنات سنڌي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر هو. هي سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن جو مڪمل رسالو ملي ٿو. سندس ڪلام جو مڪمل متن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ترتيب ڏنو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. سندس رسالي ۾ بيتن سان گڏ وايون پڻ شامل آهن. سندس شاعريءَ ۾ پرهيزگاري، موت، قبر ۽ نيڪ ڪمن جي تلقين ڪيل آهي. ان کان سواءِ تصوف، حسن ۽ عشق، هجر ۽ وصال جا مضمون پڻ سندس شاعريءَ ۾ شامل آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جڏهن اڃا جوانيءَ ۾ پير پاتو هو ته “ميون شاهه عنات” پير مرد ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ هو شاهه صاحب کان عمر ۾ گهڻو وڏو هو، پر ٻنهي جي وچ ۾ محبت جو رشتو هو ۽ شاهه صاحب ساڻس ملڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا نصرپور پڻ ويو. شاهه صاحب تي شاهه عنات جي ڪلام جو وڏو اثر ٿيو، جيڪو شاهه صاحب جي شاعريءَ مان واضح انداز ۾ پرکي سگهجي ٿو:
چنڊ تنهنجي بات، مون کي آهي من ۾،
الله لڳ، عنات چئي، تون اڇو ۾ رات،
تن جنهن جي تات، سي ڏسي تون ڏيکار مون.
(شاهه عنايت - سر کنڀات)
شاهه لطيف چوي ٿو:
چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرينءَ سين،
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.
(شاهه لطيف – سر کنڀات)

[b]ميون عيسيٰ:
[/b]ميون عيسيٰ، شاهه لطيف جو وڏو همعصر هو ۽ يارهين صدي هجريءَ جي آخر ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جي شروع ۾ ٿي گذريو آهي. اتر کان درياءَ رستي مرشد سان گڏ هيٺ لاڙ ڏانهن ٿي آيو. جڏهن ٻيڙي کاڻوٽ وٽ بيٺي، ته مرشد چيس ته تنهنجي رهائش اتي آهي. ان کان پوءِ اتي رهي پيو، پوءِ سندس مريد، جيڪي ذات جا کوکر هئا، کيس لڏائي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويا، جيڪو ملا ڪاتيار ۽ سيد پور ٽڪر واريءَ جي وچ تي آهي. ان کان سواءِ ڪلهوڙا به سندس مريد هئا. طريقت جي لحاظ کان قادري طريقي سان لاڳاپيل هو. سندس شاعريءَ کي ممتاز مرزا “ميين عيسى جا سنڌي بيت” جي نالي سان مرتب ڪيو. سندس ڪلام ۾ تصوف ۽ معرفت جو ذڪر ٿيل آهي. ان کان سواءِ هجر ۽ وصال جو ذڪر به دلگداز انداز ۾ بيان ٿيل آهي. جنهن مان هيءُ نموني طور پيش ڪجي ٿو:

سڪ ساهيڙي جن جي، سي اڪثر اسهيون،
ڪونجون قطارون ڪري، راتين روهه رميون،
ان پر اڏاڻيون، جيئن ڪل نه پيئي پکڻين.

[b]تمر فقير:
[/b]تمر فقير، شاهه لطيف جو همعصر ۽ شاهه جي خاص پيارن فقيرن مان هو. پاڻ راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. سندس اصل نالو حاجي علي هو، پر شاهه صاحب کيس تمر جو نالو ڏنو.
هڪ سٺي راڳيءَ کان سواءِ، تمر فقير هڪ سٺو شاعر پڻ هو. سندس ڪلام ۾ بيت ۽ ڪجهه وايون پڻ مليون آهن جن ۾ وڏو فراق ۽ وڇوڙو آهي، جن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو چوڻ آهي ته اِهو جدائيءَ وارو عرصو سوز ۽ فراق وارو دور هو. سندس وائيءَ ۽ بيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

وائي:
مئي مَ مارجا! ٻاروچا! ڀنڀور ۾،
ڏکي ڏونگر وٽ سان، چُڪي چاڙهيجا،
سائينءَ ڪارڻ سپرين، محبن ميڙيجا.

بيت:
منهنجو من منجهايو، جتن جي جمال،
وڌو سور سرير ۾، ڪيچين جي ڪمال،
هوت نه ڀائي حال، مٽ نه موٽيا معذور جا.
تاريخي روايت موجب تمر فقير جي پيدائش جو سال 1120هه/1708ع ۽ وفات 1181هه/68-1767ع آهي.

[b]بلهي شاهه
[/b]پنجابي ٻولي جو عظيم شاعر بلهي شاهه ولد سخي شاهه محمد درويش ڳوٺ اچ گيلانيان لڳ بهاولپور ۾ سن 1680ع ۾ پيدا ٿيو. تاريخ جي ڪجهه ڪتابن مطابق بلهي شاهه جي جنم ڀومي وارو اهو پرڳڻو تنهن دور ۾ سنڌ جي حدن ۾ شامل هو. مائٽن سندس نالو عبدالله شاهه رکيو پر بعد ۾ سندس مرشد شاهه عنايت قصوريءَ سندس نالو بدلائي بلهي شاهه رکيو، جيڪو پوءِ سندس مستقل نالو ٿي ويو. بلهي شاهه کي ابتدا ۾ ان دور جي رواج موجب مذهبي تعليم ملي. هن اچ شريف مان نڪري قصور ۾ وڃي تعليم پرائي، جتي شاهه عنايت قصوريءَ جو نالو ۽ نيڪي ٻڌائين جيڪا دل ۾ گهر ڪري ويس، ان ڪري سندس ديدار لاءِ هُو لاهور ويو. ساڻس ملڻ بعد کانئس بيحد متاثر ٿيو. جيتوڻيڪ شاهه عنايت ذات جو آرائين هو ۽ سيد نه هو، ان باوجود به بلهي شاهه کيس پنهنجو مرشد بڻايو، جيڪا ڳالهه سندس مائٽن کي ڏکي لڳي. مائٽن کيس ڳوٺ واپس موٽڻ لاءِ زور ڀريو، پر هُو مرشد وٽ رهي پيو ۽ مائٽن جي ناراضگي قبوليائين.
بلهي جي ڪلام ۾ 156 ڪافين کانسواءِ ، اٺواره، باران، ماه، دوهيڙي، سي حرفي ۽ ڳنڍان جو صنفون شامل آهن. بلهي شاهه ۽ شاهه عبداللطيف جو زمانو ساڳيو هو جنهن ڪري سندن ڪلام ۾ گهڻن هنڌن تي فڪر ۽ خيال جي هڪجهڙائي ملي ٿي. ٻئي وحدة الوجود ۽ تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هئا ۽ عشق حقيقي ۽ عشق مجازي پڻ سندن شاعريءَ جو موضوع هو. سندن ڪلام ۾ انسان دوستيءَ ۽ رواداري جو درس ملي ٿو. مثال طور لطيف سائين الله جي هڪڙائيءَ ۾ فنا ٿيندي، فرمائي ٿو ته:
سوهيءَ، سو هُو، سو اجل، سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.
(ڪلياڻ)
ساڳيءَ ريت بلهي شاهه فرمائي ٿو ته:
کہوں بير پڑا، کہوں بيلی ہے
کہوں مجنوں ہے، کہوں ليلی ہے
کہوں آپ گرو، کہوں چيلا ہے
(ڪٿي ويري ٿيو آهي ته ڪٿي سڄڻ بڻيو آهي. ڪٿي مجنون آهي ته ڪٿي ليلا آهي، ڪٿي پاڻ مرشد آهي ته ڪٿي وري پاڻ مريد آهي.)
اهڙي طرح بلهي شاهه پڻ شاهه لطيف وانگر عظيم لوڪ داستانن جي ڪردارن سهڻي ميهار ۽ سسئي پنهون کي پنهنجو موضوع سخن بڻائي پنجابي ٻوليءَ ۾ هميشه لاءِ پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو. سندس شاعري پنجابي قوم جي دل جي ڌڙڪن آهي، هُو ساڻس بيحد محبت ڪن ٿا. بلهي شاهه 1785ع ۾ وفات ڪئي.

[b]رحمان بابا:
[/b]رحمان بابا جو پورو نالو عبدالرحمان ولد عبدالستار هو. هُو 1042ع هه مطابق 1653ع ۾ پشاور جي ويجهو هڪ ڳوٺ “بهادر ڪلي” ۾ پيدا ٿيو. هن قرآن، فقهه ۽ تصوف جي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي عالم ملا محمد يوسف زئي کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ڪوهاٽ وڃي جذب ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين ۽ جوانيءَ ۾ ئي الله ۽ ان جي رسول جي عشق ۾ دنيا ۽ دنيا جي لذتن کي ترڪ ڪري گوشه نشيءَ ۽ فقيريءَ جي زندگي اختيار ڪيائين ۽ شاعري ڪرڻ لڳو. کيس پشتو ٻوليءَ جي وڏن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هُو صوفي مسلڪ جي چشتي طريقي جو بزرگ هو، جنهن ڪري موسيقيءَ سان خاص دلچسپي رکندو هو. سندس ڪلام ۾ تصوف کانسواءِ اخلاقيات، خدمت خلق، عشق حقيقي ۽ مجازي عشق جا موضوع پڻ ملن ٿا. شاهه عبداللطيف ۽ رحمان بابا جي شاعريءَ ۾ هڪجهڙائيءَ جا هتي ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
خدمت خلق بابت شاهه لطيف چوي ٿو:
خدمت ڪر خلق سين، پاندڳچيءَ ۾ پائي،
هوءِ جي جهونا پسجن جهوپڙا،
اديون عبداللطيف چئي، اتاهين ڪي آهي،
هوءِ جي جهونا پسجن جهوپڙا

رحمان بابا چوي ٿو:
هفه زره چه عرش الله دي ڪرام کرم دي
خود تران دي دجمله زرو نوخدمت کره،
(جيترو ٿي سگهي ته الله سائين جي مخلوق جي خدمت ڪريو، ڪنهن جي دل نه ڏکايو، ڇاڪاڻ ته دل ئي خدا جو عرش آهي).
شاهه سائين عشق جي هڪ ڦڙي جي سڪ کي به شهادت جو درجو ڏئي ٿو:
ملهه مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت،
اسان عبادت، نظر ناز پرين جو.
رحمان بابا چوي ٿو ته:.
که اعلى مرتبه عزاري عاشقي ده،
نور همه واره، ادنى دي ادنى مه شي،
(جيڪڏهن توکي اعلى رتبي جي گهرج آهي ته اهو عاشقيءَ جو رتبو آهي، باقي سڀ هيٺيان رتبا آهن ۽ تون ڪو به هيٺانهون رتبو قبول نه ڪر)
ٻين صوفي شاعرن ۽ اڪابرن وانگر رحمان بابا جي جذب ۽ مستيءَ جي زندگي ۽ صوفياڻي ڪلام تي سندس دور جي تنگ نظر ملن مولوين کيس پڻ ڪفر جي فتوائن سان نوازيو ۽ سندس ويجهن مائٽن پڻ کيس طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون. سندس زندگي زهر ڪري ڇڏي، جنهن ڪري هُو پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان لڏي هزار خواني ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، جتي 1118 هه ۾ وفات ڪيائين.

[b]ڄام درڪ
[/b]بلوچي ٻوليءَ جو عظيم شاعر ڄام درڪ 1714ع ۾ قلات (بلوچستان) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو سردار ڪرم خان هو، جيڪو پنهنجي قبيلي “ڊومڪي” جو سردار هو. سرداري روايتن مطابق ڄام درڪ گهوڙي سواري، تلوار بازي، شڪار ۽ ٻيون رانديون به خوب ڄاڻندو هو، پر ان سان گڏ هُو هڪ شاعر پڻ هو. پاڻ اڳتي هلي جيتوڻيڪ خان قلات مير نصير خان جو درٻاري بڻيو، پر هن ڪڏهن به درٻاري شاعري نه ڪئي. هڪ عام روايت آهي ته ڄام درڪ جو هڪ عورت سان عشق ٿيو، جيڪا مير نصير خان جي خاندان سان تعلق رکندڙ هئي. مير نصير کي خبر پوڻ تي ڄام کي مختلف اذيتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. آخرڪار 1784ع ۾ کيس ان ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو. ڄام درڪ پنهنجي شاعريءَ ۾ فطرت جي منظرن کي انساني ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن ڪري بلوچي عوام ۾ هو تمام گهڻو مقبول آهي. ڄام درڪ ۽ لطيف سائين جو زمانو لڳ ڀڳ ساڳيو آهي ۽ ممڪن آهي ته سندن ملاقات به ٿي هجي، ڇاڪاڻ ته شاهه سائين بلوچستان پڻ ويو هو. شاهه لطيف رح سُر سارنگ ۾ برسات جي منظرن کي هن ريت چٽيو آهي:
بر وٺا تر وٺا، وٺيون ترايون
پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون
مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون
ساري ڏُهن سامهيون، ٻولايون رانيون
ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سُنهن پنهنجي.
ڄام درڪ به سارنگ جو ذڪر ڪيو آهي، هو فرمائي ٿو ته:
دوشي گرو خان، په حشر
نوزو جڙان بسته متر
گوڙتهه خراسان ءَ نغور
شالڪوٽ و مستونگ ءِ گدر
مينته امل ءِ سيم بر
آن نازنين اين لب شکر
(گذريل رات کنوڻين ۽ گوڙين وڏو ويل ڪيو، گهاٽن ڪڪرن مان تيز مينهن وسڻ لڳو، ڪڪر خراسان، شالڪوٽ ۽ مستونگ تي وسيا، جن لچڪدار بدن ۽ مٺڙن چپڙن واريءَ محبوبا کي پسائي ڇڏيو)
سنڌ ۾ گهڻو ڪري مينهن اُتر کان ايندو آهي، جيڪو صفا ٻوڙ ٽوڙ لائي ڏيندو آهي. شاهه صاحب به ان جي تصديق ڪئي آهي، هو فرمائي ٿو ته :
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس،
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس،
پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا.
بلوچستان ۾ به گهڻو ڪري اتر کان مينهن ايندو آهي، جنهن بابت ڄام درڪ جا ويچار هن ريت آهن.
زور کپتگان بدر وشمال
مهنا وشار ءِ کهينتغال
ملگور و زلف ءِ مينتغان
جان ءِ گلابي پيرهن
زربفت سمينان جان وتن
شهيمت کهلي شعلوان
من ليل و تاريکين شفان
(اتر جي ڪڪرن پورو زور ڏيکاريو آهي، انهن هن ( محبوبه ) جي مٿي جو رئو کسڪائي ڇڏيو آهي. ڪاڪل زلفن کي پسائي ڇڏيو اٿن. هن جي زريءَ سان ڀريل وڳي ۽ تن بدن کي بارش پسائي ڇڏيو آهي. ڪارين ۽ اونداهين راتين ۾ هن جي جسم مان آڳ جا اُلا پيا نڪرن.)

[b]مددي ڪتاب
[/b]ڪمال ڄامڙو، طارق عزيز شيخ: “شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر”، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. سال 1998ع
شاهواڻي، غلام محمد: “شاهه جو رسالو”، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ. سال 2005ع
فارغ بخاري، رضا همداڻي: “رحمان بابا” (اردو)، لوڪ ورثه، اسلام آباد. سال 1987ع
ممتاز مرزا، “ميين عيسى جا سنڌي بيت”، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز. سال 1993ع
پروفيسر محمد علي مانجهي، “صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر”، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ. سال 2010ع