ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف : ڊاڪٽر سليمان شيخ
آدجڳاد کان هلندڙ ڪشمڪش مان انسان سوڀارو ٿي اڀريو آهي، جيڪڏهن انسان سوڀ نه پائي ها ته اڄ هيءَ مانڊاڻ نظر نه اچي ها. اهو ايندڙ لمحو انسان کي ڪنهن نئين کوجنا سان متعارف ڪرائي پيو. دنيا ۾ رهندڙ اربين انسان هاڻي سماجي نظامن وسيلي ويجها ٿيندا پيا وڃن جيتوڻيڪ علم، و گيان ۽ پئسي جي ريل پيل ماڻهن ۾ خود پسندي، گروهي متڀيد ۽ وگياني برتريءَ جي ڇڪتاڻ وڌائي آهي. دنيا جو چرخو هڪ طرف جنهن کي سڀيتا (تهذيب) سڏي ٿو، ٻيو طرف ان کي سستي ۽ جهالت سان تعبير ٿو ڪري (پر سڄي تضادي تصور ۾ هيڪڙائي آهي) انسان جي اها خواهش ته انسانيت جي احساس کي عام ڪرڻ سان ماڻهوءَ کي امن ۽ آزادي وارو سرشتو ارپي سگهجي ٿو، سگهاري وٿ آهي. سنڌ جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ان فڪر جو وڏو مبلغ آهي جو هن سڄي ڪائنات ۾ هيڪڙائي جو قائل آهي.
ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
انسان ذات لکين عقيدن ۽ مذهبن ۾ يقين رکي ٿي پر هڪ ڳالهه جنهن تي سڀ متفق آهن اها آهي خلقڻهار جي موجودگي. ان جي هيڪڙائي ۽ ان جي قوت، جنهن جا نالا مختلف ٿي سگهن ٿا پر ان جي همه گير حڪمت ۽ هن جهان جي نظام کي هلائڻ جي اختيار کان انڪاري قوتون به انڪار ڪري نه سگهيون آهن.
شاهه سائين ان خلقڻهار، خالق مطلق جهانن جي مالڪ جي وصفن ۽ اختيار جو اپٽار تمام گهرائيءَ سان ڪيو آهي. انسانن جي وچ ۾ فرق ۽ تعصب، جهيڙو ۽ جنگ سڀ ڪجهه ان تصور وسيلي حل ڪري سگهجن ٿا. هيءُ جهان سڀني رونقن، مذهبن، ٻولين ۽ رنگن سان الله سائينءَ جوڙيو آهي ۽ سندس تخليق مسلسل آهي، ان ۾ ڪوبه تفاوت ڪونهي سندس هر تخليق سونهن ۽ سوڀيا جو پيڪر آهي، پوءِ انسانن وچ ۾ هي متڀيد ۽ جهيڙو بي مقصد آهي، جيڪڏهن الله جي تصور کي چڱيءَ ريت پروڙجي ۽ ان جي قوت تخليق تي ايمان رکجي ته پوءِ انسان کي ڪهڙو حق آهي ته هو ٻئي انسان تي تعزيرون ڪڍي، ڇو ته هي سڀ فرق هن جهان جي گلشن ۾ خوبصورتيءَ جو ڪارڻ آهي، (جيئن باغ ۾ يڪ رنگ گل پرڪشش نه لڳندا آهن تهڙي ريت هن جهان ۾ هيءَ وکريل ۽ جدا جدا قسمن جا انسان، ٻوليون، مذهب ۽ تهذيبون سڀ سائينءَ جا رنگ آهن، هن ڪائنات جي دلڪشيءَ جو سبب آهن. لطيف جي پيغام کي چڱي ريت پڙهڻ ۽ ان جي اپٽار ڪرڻ سان ايڪويهين صديءَ جي سماج ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ هڪ منطقي سهپ جو سماج جوڙي سگهجي ٿو، جنهن ۾ انسان امن ۽ محبت سان رهي سگهي ٿو.
ايڪويهين صديء عيسوي سن جي حوالي سان مشهور تاريخي اهڃاڻ آهي هن صديءَ ۾ انسان پنهنجي علم ۽ گيان جي چوٽيءَ تي پهتو آهي ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ان علم ۾ اضافو اچي ڇاڪاڻ جو علم جي تحقيق جاجديد بنياد رکيا ويا آهن ۽ ڏاهپ جو سفر اڳتي وڌي پيو.
سڌريل دنيا جي سامهون جيڪي نئين سماج جوڙڻ جا ماپا موجود آهن اهي هن ريت آهن.
(1) ايماندار-سماج: پنهنجو پاڻ سان سچو ٿيڻ، سماج ۾ سچائيءَ جو نظام قائم ڪرڻ آهي. هيءُ عمل تمام ڏکيو ۽ بنيادي عمل آهي. هن وسيلي سماج جي نابرابري ۽ ناچاڪائيءَ جو علاج ٿي سگهي ٿو. ڀٽائي چواڻي:
پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ سسئي تان سُور هئا.
حقيقتن جو منطقي ڇيد انسان کي پاڻ ۾ اعتماد ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿو. اهوئي اڄ جي دور جو پيغام آهي ۽ انسان اعتماد ۽ سچائي سان اڳتي وڌي سگهي ٿو.
(2) باعمل زندگي: حياتيءَ ۾ هر هڪ چڱائيءَ جا درس ڏيندڙ آهي پر چڱي راهه يا رستي واري زندگي گذارڻ سان ئي هڪ مهذب سماج جوڙي سگهجي ٿو، محض ڳالهين ڪرڻ سان سڌارو ممڪن ڪونهي.
ٻيڙياتا ٻيئي، تو نه ڦٻنديون ڳالهيون،
سڄيون راتيون سمهي، ڀر سکاڻ ڏيئي،
صباح سڀيئي، پار پڇندءِ خبرون.
ان کانسواءِ اسان جا هي ڀرم به اسان کي ڪاميابي نٿا ڏيئي سگهن ته “اسان عظيم تهذيب جا وارث آهيون.” ڀٽائيءَ چواڻي:
ڏات نه آهي ذات، جو وهي سو لهي.
ان لاءِ مسلسل جدوجهد ۽ محبت ئي قومن کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي. لطيف جهدِ مسلسل جي تلقين ڪري ٿو. ڪئين مثال عام طور تي ورجايا وڃن ٿا.
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.
***
دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجهه وکر جا،
وير چڙهندي ويسرا ويهه مَ ويڳاڻا،
هي ننڊ مَ ڄاڻان ڪڏهين هڻندئي ڪُن ۾.
***
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو.
(3) اخلاق ۽ عزت نفس: هي ماپو به مهذب دنيا جي منطقي راڄ جي سڃاڻپ طور مڃيو وڃي ٿو، مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي چواڻي:
)To treat people decently and with fairness and guide them according to the content of their Character and not the color of their skin.(
(ماڻهن سان چڱائيءَ سان ورتاءُ ڪرڻ ۽ هنن کي سندن چمڙيءَ جي رنگ وسيلي نه پر سندن اخلاق وسيلي پرکڻ ئي هڪ عزت ڀرئي سماج جي نشاني آهي) لطيف هن سماج جوڙڻ لاءِ ڪئين اخلاقي سبق ڏنا آهن.
آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
ڪونه کائي ڪڏهين سندو ماڻهن ماس،
دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس،
ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هڪڙو
***
هو چون ئي تون مَ چؤ واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ڪيني وارو ڪينڪي.
(4) ڌيرج ۽ نمرتا: سماج ۾ سهپ، نمرتا ۽ ڌيرج اهي ماپا آهن، جن سان انسان سکي جيون گهاري سگهي ٿو، اڄ جي دؤر ۾ راڄن ۾ ڪٺورتا، ڪينو، دولاب ۽ هوڏ اهڙيون بيماريون آهن، جن انسان کي اوڙاهه ۾ اڇلي وڌو آهي.
نئين دور جي سماج اڏڻ لاءِ اسان کي سهپ، نمرتا ۽ ڌيرج جون وٿون آزمائڻيون آهن، نئين دنيا ۾ اهڙا سماج به آهن، جن وٽ فوج به ڪانهي، هنن جو ڪنهن سان به جهيڙو جهٽو ڪونهي، اهي سماج آدرشي سماج بنجيو پون، لطيف سائين ان سلسلي ۾ به انسان جي رهنمائي ڪري ٿو.
“ڇنن توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري ان سين”
***
هلو هلون ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.
(5) وطن پرستي: اڄ جي دنيا ۾ وطن پرستي ۽ قومي سڃاڻپ جي وري ڳالهه ٿيڻ لڳي آهي، جيتوڻيڪ ان بنياد تي هيڻن تي هٿيار هلائڻ ۽ ڏاڍ وسيلي قبضو ڄمائڻ کي منطقي طور ته دنيا رد ٿي ڪري پر ڏاڍ ۽ ڏمر جو نظام جاري آهي. ان بنياد تي هيڻن قومن کي حيلي بهاني هيسائڻ جو عمل پڻ رائج آهي. اها نيتي دنيا ۾ امن ۽ منطقي سهپ واري سماج جي اڏاوت جي نفي ٿي ڪري. لطيف سائين جي شاعري ۽ پيغام جو هڪ پهلو وطن سان محبت آهي. بلڪه لطيف کي اسان سنڌي ماڻهو وطنيت، وطن پرستي ۽ مٽيءَ سان محبت جي اهڃاڻ طور سيني سان سانڍيو ويٺا آهيون، لطيف جي شاعريءَ ۾ مارئي وطنيت جو اهڃاڻ آهي.
اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.
***
الا ائين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾،
جسو زنجيرن ۾ راتو ڏيهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.
(6) اميد ۽ اعتماد: نئين سماج کي جوڙڻ لاءِ اميد جي آس ناهي لاهڻي، پنهنجو پاڻ ۾ اعتماد انسان کي اَڳاهون ڪري سگهي ٿو. نااميدي انسان کي نابود ڪري ٿي ڇڏي، پر ساڳئي وقت لطيف سائين تڪبر کان روڪي ٿو. تڪبر ۽ غرور انسان مان ساڃاهه ڪڍيو ڇڏي اهي عادتون منفي عادتون جيڪي ماڻهوءَ ۾ لوڀ، لالچ ۽ نفرت جا جذبا جاڳائين ٿيون.
نابوديءَ نيئي عبد کي اعلى ڪيو.
(7) لطيف انهن انساني جبلتن جي مخالفت ٿو ڪري ۽ اسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ، اعتماد سان اڳتي وڌڻ، لالچ ۽ لوڀ کانسواءِ پنهنجي سماج جي اڳواڻي ڪرڻ جا ڪئين درس ڏئي ٿو جن کي اڄ جي دور ۾ رهمنا اصولن طور زندگيءَ ۾ رائج ڪرڻ جي ضرورت آهي. لطيف سائين چواڻي:
نااميدي نجهرو، عدم اوتارون،
رضا راڄ سندون مور نه مڱن ڪي ٻيو
***
کڻيو تڪبر تڪيا، جيڪي ٿا هلن،
موڙها سي نه لهن، ملي راهه لطيف چئي.
***
هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، اي مانجهيئين مرڪ،
وجهن ڪونه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾.
(8) ايڪويهين صديءَ ۾ علم ۽ وگيان جي ترقي سان گڏ انسان اڪيلائپ جو شڪار آهي. انسان پاڻ کي هڪ ويران ٻيٽ جو باسي بڻائي هرهڪ تي هلان ڪرڻ جو حامي بڻجي پيو آهي. جي اها ريت قائم رهي ته پوءِ هيءَ صدي هن دنيا جي آخري صدي هوندي. لطيف جي راهه انسان لاءِ هڪ نئين اميد جي لاٽ ٻاري ٿي. اچو ته لطيف کي پڙهون.
هتان کڻي هت، جن رکيو سي رسيون،
ساجن سونهن سرت، وکان ئي ويجهو ٿيو.