”پئي جهانءِ جَهروڪَ ۾“ : بينش ماها قائم وريا ماڻي
شاهه سائين ۾ تخليقي سگهه بدرجه اُتم موجود هئي ۽ تخليق تڏهن اوسر حاصل ڪندي آهي، جڏهن اُن ۾ تحرڪ هجي. احساس، جذبو ۽ فڪر اهڙا ادراڪ آهن جن سائينءَ جي ڏات کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.
شاهه سائين پيڙهيل طبقي کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو. سماج جي اوسر لاءِ اتساهيندڙ نظريا ڏنا. هُن سنڌ کان علاوه، هند جي ڪيترن ئي شهرن جو سير ۽ سفر ڪيو ۽ مشاهدو ماڻيو. پاڻ سيلاني محقق هو. سندس رسالي ۾ جن قصن ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪيل آهي، انهن هنڌن ماڳن جو، شاهه سائين خود سير ڪيو هو ۽ سندس انداز بيان سائنسي ۽ تحقيقاتي هو.
سُر سورٺ جو سورمو راءِ ڏياچ سنڌ جي تاريخ جو هڪ وساريل ورق آهي، جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي. راءِ ڏياچ جي قصي کي، پنهنجي فڪري روين مطابق مختلف طريقي سان بيان ڪيو آهي.
سُر سورٺ، شاهه جي رسالي جي سڀني سُرن ۾ نهايت منفرد معنى خيز ۽ اهميت وارو سُر آهي هن تاريخي داستان جي ڪهاڻيءَ جا ٽاڻا ٽڪاڻا ۽ انهن سان منسوب روايتون ۽ ڳالهيون، هڪ اهڙو منظر پيش ڪن ٿيون، جيڪو جيءَ کي جهوريندڙ ۽ عبرت آموز هئڻ سان گڏ، “ڏياچ جي خود قرباني يعني سِرَ جي سخا جي عمل کي پيش ڪري ٿو. سنڌ جي سخين ڏاتارن ۾ راءِ ڏياچ جو نالو نهايت احترام ۽ عزت سان ورتو ويندو. ڪاٺياواڙ رياست ۾ سفر ڪندي جڏهن لاکيڻي لطيف “گِرنار” جي قلعي جو سير ڪيو تڏهن راءِ ڏياچ بابت مقامي معلومات حاصل ڪيائين ۽ چيائين ته:
“ٿيو غلغلو گَرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو”
هي قصو ڏهين صدي عيسوي جو آهي، جڏهن سنڌ ۾ عرب دؤر پنهنجي پڄاڻي کي پهچي رهيو هو، مقامي سومرا اُڀري رهيا هئا ۽ سنڌ جا سما، سنڌ مان وڌي ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجون جُدا جُدا رياستون قائم ڪري چڪا هئا. اُنهن ۾ “چاڏن سمن” (چؤڙن سمن) جي ڪاٺياواڙ ۾ راجائي قائم هئي.
سمن جي گهراڻي سنڌ تي 1350ع کان 1520ع تائين حڪومت ڪئي، جيتوڻيڪ سنڌ تي 170 سال حڪومت ڪيائون پر سندن مکيه قبيلا آڳاٽي وقت سنڌ جي وچولي ايراضي ۾ رهندڙ هئا. اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح وقت موجوده شهيد بينظير آباد (نواب شاهه) ضلعي جي مشهور بستي “سمن ساوڙي” سمن جو مکيه مرڪز هئي. پوئين دؤر ۾ خاص ڪري “لاکاٽ” وارو ڀاڱو سندن طاقت جو مرڪز هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي، سمن قبيلن جي ڪاٺياواڙ ۾ حڪومت ڪرڻ بابت لکيو آهي ته، “875ع ڌاري راءِ چوڙا سمي ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ گاديءَ جو هنڌ، “ونٿلي” کي مقرر ڪيائين، سندس پويان پاڻ کي “چوڙاسما” سڏائڻ لڳا. راءِ “گرهرپو” هن گهراڻي جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي.
جهوناڳڙهه جو مشهور قلعو به سندس ٺهرايل آهي، هي قلعو ونٿلي کان اٺ ميل پري گرنار جبل جي اولهه طرف آهي. جهوناڳڙهه جي ساري شهر کي عالم پناهه آيل آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. راءِ گرهرپو 982ع ۾ وفات ڪئي، کانئس پوءِ سندس پُٽ راءِ ڪوات گادي نشين ٿيو، جنهن 1003ع ۾ وفات ڪئي جنهن کانپوءِ سندس پُٽ راءِ دياس تخت تي ويٺو. “ڏياچ” دياس جي بگڙيل صورت آهي.
راجا راءِ ڏياچ سورٺ جو سهاڳ هو. جهوناڳڙهه کان ڏهه ميل اوڀر، ڪاٺياواڙ رياست ۾، گرنار جي پويتر ٽڪري آهي، جنهن تي جين ڌرم جا زبون حال مندر موجود آهن. سنگ مرمرجهڙي پٿر (سماق Granite) جي جُڙيل هي مقدس ٽڪري، سطح سمنڊ کان ساڍا ٽي هزار فٽ بُلند آهي، تقريبن ٽن هزار فوٽن جي بلنديءَ تي 16 جين مندر ٺهيل آهن. گرنار ٽڪريءَ جي تري وٽ تاريخ اُڪريل آهي: مهاراجا اشوڪ جا 14 فرمان (اٽڪل 251ق.م)
سترپ ردرادمن جا نقوش ( 151ع) ۽ گپتا مهاراجا سڪند گپتا جا احڪامات (455ع)، هن مقام جي مذهبي ۽ تاريخي اهميت جا شاهد آهن (چئمبرس،ج 6،ص 355) سنڌ ۾ سمن قبيلن آڳاٽو اسلام قبول ڪيو هو ۽ عربن سان گهڻو اُٿي ويٺي هُئن، جنهنڪري سخاوت سندن شعار بڻجي ويئي. سما خوشحال هوندا هئا. منگتا، مڱڻهار وٽانئن دل گهريادان وٺندا هئا. سوالي سندن در تان ڪڏهن به خالي نه موٽيو تنهن ڪري سندن سخا جي هنڌين ماڳين هاڪَ هُلي وئي. دل کولي سخا ڪيائون ۽ ڏان ڏنا. ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن کي ويتر ورسايائون. سمن مان ڏهه ڏاتار مشهور ٿيا:1 وڪيو ڏاتار 2 جاکرو جادماڻي 3 ڄام ڪرن 4 راءِ ڏياچ 5 راهو هوٿياڻي 6 ڄام اُنڙ 7 سپڙ چوٽاڻي 8 ڄام لاکو 9 ڄام اوٺو ککراڻي 10 هڻند ٿڌياڻي.
ڀٽن، ڀانن، انهن ڏاتارن جي قصن کي خوب ڳايو. شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر پڻ انهن ڏاتارن جي سخاکي خوب ڳايو. ڇو ته هن قصي ۾ سخاوت جو طريقو عجيب آهي جيئن شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
“چارڻ تنهنجي چنگ ۾، توحيد جي تار،
وحدهٗ لاشريڪ لھٗ، تندن ايءُ تنوار،
مون کي تنهن وار، فڪر هڻي فنا ڪيو.
شاهه سائين دراصل سنڌ جي ماڻهن کي انهن لافاني ڪردارن تمثيلن ۽ علامتن ذريعي تصوف جا طريقا سمجهايا آهن. لطيف سائين تصوف جون ڳالهيون، تصوف جا نقطا ۽ فلسفو تمثيلي انداز ۾ سمجهايا آهن.
سورٺ، ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ جي قصي ۽ ڪردارن وسيلي پنهنجي نيڪ ۽ صالح فڪر کي هڪ فرد کان پوري قوم ڏانهن ۽ پوءِ دنيا جي سمورين قومن ڏانهن کڻي وڃي ٿو. يعني اسان پنهنجو انفرادي ڪردار جڏهن اعلى نموني سان ادا ڪندا سين ته پوءِ عالم انسانيت لاءِ اعلى ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق بڻجي سگهنداسين مثال:
ساري رات صاحب کي، ڳڙهه ڀَرِ ڳايائين،
اُٺس ماڻِڪَ مينهن جئن، هٿ نه ڇُيائين،
تي لائق لڌائين، جيئن هو ميراثي مڱڻو.
حاصل مطلب جهوناڳڙهه علائقي جو هي لازوال داستان سخاوت، همت، حوصلي ۽ سورهيائي جو اهڙو مثال آهي جو اڄ به هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ان ڪردار تي فخر محسوس ڪري ٿو.
هر عورت جي ڪهاڻي، انسانيت ۽ پيار سان ڀرپور ڪهاڻي آهي پر هتي سورٺ جو ڪردار هڪ اهڙي سنڌي عورت جو ڪردار آهي جيڪا راڄ ماتا (راءِ ڏياچ جي اصل ماءُ) کان هڪ قدم اڳتي وڌي ٻيجل جي ٻانهي بنجڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ڏياچ کي بچائي سگهي.
سورٺ جي محبت انتهائي منزل تي پهتل آهي. هوءَ جڏهن پنهنجي وَر کي بچائي نه ٿي سگهي ته پوءِ پاڻ راءِ ڏياچ سان گڏجي سَتي بڻجي وڃي ٿي. ٻئي ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جا لازوال ۽ حيرت انگيز ڪردار آهن. هڪ پاسي راءِ ڏياچ سخاوت جي انتها ڪري ڇڏي ۽ ٻئي پاسي سورٺ پنهنجي سهاڳ ۽ پيار خاطر جيئري ستي بڻجي پاڻ ملهايو.
راءِ ڏياچ جو سادگي ۽ سخاوت وارو ڪردار اهم آهي جنهن کي سخاوت ۽ واعدي نڀائڻ ۾ ڇوٽڪارو (Solution) نظر اچي ٿو. هن جي آڏو سِر، مُلڪ يا حڪومت ڪا حيثيت نه ٿا رکن. اهڙا انسان تاريخ جي هر دؤر ۾ ملن ٿا. راءِ ڏياچ بنا ڪنهن لالچ ۽ مفاد جي سِر ڏئي سَرهو ٿيو. سورٺ اهڙو اهڃاڻ آهي جيڪو جهڙن ڪردارن جي، حفاظت لاءِ ساڻن گڏ گڏ ڪم ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن هو ڪوشش جي باوجود چڱائي ۽ طاقت جي سرچشمي کي بچائي نه سگهندو آهي ته پوءِ پاڻ به اهڙي ماحول ۾ رهڻ بدران اُن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو آهي چاهي اُن لاءِ اُن کي ڪيتري قرباني ڏيڻي پوي. حالانڪ اهو چيو ويندو آهي ته عورت جي طبيعت ٻاجهاري ۽ نرم هوندي آهي. هُو رفيق القلب ٿئي ٿي. پر هِتي سورٺ پنهنجي وَر تي جان نڇاوَر ڪري محبت جو ڪنڌ مٿي ڪيو، اهڙي شان ۽ مان کي ڏسي، جهوناڳڙهه جون سڀ عورتون ڏکاريون ٿي پون ٿيون ۽ سورٺ جي محبت کي سلام پيش ڪن ٿيون ۽ بهادري تي داد ڏين ٿيون. سڄي جهوناڳڙهه جي ڏک واري ڪيفيت کي شاهه سائين، هِن بيت ۾ بيان ڪيو آهي.
“محلين آيو منگڻو، ساز کڻي سُري،
سِسي تنهن سلطان کان، اچي گهوٽ گُهري،
هنڌين ماڳين هاءِ ٿي، ٻيجل دانهن ٻُري،
جهونا ڳڙهه جُهري، پئي جَهانءَ جهروڪ ۾”
[b]نوٽ: جنهن زماني ۾ هي قصو وجود ۾ آيو اُن زماني ۾ جهوناڳڙهه سنڌ ۾ هو تنهن ڪري هي سنڌ جو داخلي داستان آهي.
[/b]