صوفي شاعرن جي تخليقي ٻولي شاهه جا تخليقي ٻول : وينا شرنگي
[/b]
سنڌ جي صوفي شاعرن جي تخليقي ٻولي تي نظر ڪنداسين ته انهن طرفان ڪتب آندل ٻولي ۾ عام انسانن جي ڏکن سورن، غمن خوشين، عشق محبت جي جذبن، عقيدن ۽ ڌڻي جي عبادت جا انيڪ رنگ پسڻ وٽان ملندا. ڪهڙي ڳالهه آهي جو انساني جذبن، خوابن جي ترجماني ڪندڙ اهي احساس عام هوندي به خاص ۽ علحده نظر اچن ٿا. شاهه لطيف به ته انهن ئي احساسن ۽ جذبن جو ئي ذڪر ڪيو آهي. ڪائنات طرفان خلقيل حسين منظر وڻ ٽڻ، گل ڦل، نديون نار، ڍنڍون، ٽڪريون، پهاڙ، پکي پسون، يا ماڻهو، مرون زرعي پيداوار هجي يا معدني، عام ۽ خاص پورهيت يا حڪمران، ڌارين جون يلغارون، وطن واسين جي ريتن رسمن، پهراءُ تهذيب ۽ تمدن کي پيش ڪرڻ لاءِ بيتن ۾ پنهنجي ماروئڙن طرفان ڳالهيندڙ ٻوليءَ جو ئي ته سهارو رتو آهي. تخليقي شعور ذريعي لفظن کي اهڙو ته لباس اوڙاهيو جو عام انسانن اڳيان اِهي شيون هوندي به، اُهي انهن کي پسڻ جي باوجود پرکي ۽ ايترو ماڻي نه سگهيا. سمنڊ ۾ جڏهن برسات جون بوندون ٽپ ٽپ ڪري پون ٿيون تڏهن انهن بيشمار بوندن مان وري ڪن ٿورين بوندن کي سپ جي صدقي انمول موتي جو درجو نصيب ٿئي ٿو. ائين لطيف سائين جي بيتن جي ٻوليءَ جا لفظ رواجي نه پر غير رواجي رتبو ماڻين ٿا، عام ۽ خاص ماڻهن جي لبن تي رقص ڪن ٿا. انهن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي تخليقي ٻوليءَ جي جلوي ۽ مال جو ديدار ٿيندو، جيئن سنگتراش رواجي پٿر کي پنهنجي فني قابليت ذريعي ڇيڻي ۽ هٿوڙيءَ سان تراشي شاهڪار روپ بخشي ٿو، جيڪي صدين بعد به ڪاريگريءَ جو نادر نمونو ڳاٽ اونچو ڪيو نظر اچن ٿا. اجنتا الورا هجي يا کجرائو جون مورتيون يا ڪونارڪ جي سوريه مندر جون مورتيون. صدين کان ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺيون آهن. ساڳيءَ طرح شاهه جا بيت پنهنجي شاندار تخليقي ٻوليءَ ڪري ٽن سئو سالن جي عرصي بعد به پاڻ طرف ڇڪين ٿا. اڄ جي دور ۾ به ڄڻُ اسان جي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا. لطيف سائين پنهنجي بيتن لاءِ پاڻ فرمائين ٿا:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن
(شاهه)
شاهه جو اهو اظهار خود ثنائي نه بلڪ سچ جو پڙاڏو آهي. اڄ به هندو چاهي مُسلمانن وٽ شاهه جي رسالي کي ڌارمڪ گرنٿن سان گڏ رکڻ جو شرف به رهيو آهي. جنهن وقت عربي فارسي جو اثر ۽ دٻدٻو هو تنهن وقت شاهه انهن ٻولين جي لفظن کي پنهنجي تخليقي عمل ۾ ڌوڪي ڪاهُڻ کان پري ڪري بهاريو. انهن ٻولين جاڪي لفظ گهڙي پيا پر شاهه اُنهن مٿان پنهنجي مٽيءَ مان پيدا ٿيل ٻوليءَ کي ترجيح ڏيندي، اُن جو اهڙو استعمال ڪيو، جو ٽن صدين بعد به وقت جي لتاڙ ۽ دَزَ ان کي نه ميرو ڪيو نه وري لٽيو. اهو ئي ڪمال آهي. جيستائين انسان ذات جو وجود آهي تيستائين ان عظيم شاعر جي تخليقي ٻوليءَ جو به جلوو ۽ جمال برقرار رهندو. سندس شاعري، دل کي ڇهندڙ، ۽ رنگن جي انڊلٺ عام ۽ خاص جو من موهيندي رهندي.
ڏات ڌڻي ڄيٺمل پرسرام شاهه لاءِ فرمايو آهي ته- شاهه سنڌي ٻوليءَ جو ڇٽُ آهي.
شاهه جي اظهاريل ٻوليءَ ۾ سڀئي خوبيون نظر اينديون- (1) سلاست- (روزمرهه استعمال ٿيندڙ لفظ) (2) فصاحت- (زبان سولائي سان جهٽي) (3) بلاغت- (وقت ۽ حال سان ٺهڪي) (4) جدت- (علحدا مضمون، جي ساڳيا به هجن ته ان جو انداز انفرادي هجي.)
شاهه جي ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو جنهن جو ثبوت آهي ته عام ۽ خاص ۾ ڪلام مقبول رهيا. مڪمل شعر نه پڙهڻ چوڻ يا لکڻ جي باوجود ڀرپور اظهار ملندو ڪيترا پهاڪا چوڻيون محاورا ۽ استعارا ڏنا:
الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک سهن
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي،
اچو ته سورن واريون ڪريون سور پچار،
اي نه مارن ريت جي سيڻ مٽائين سون تي
سنهيءَ سُوئيءَ سبيو مون مارن سين ساههُ
پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.
ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو
وڳر ڪيو وطن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي
ستر ڪر ستار آئون اُگهاڙي آهيان
جنين لاءِ مياس، سي ڪانڌي ئي نه ٿيا
ادي آئون اڻ ڄاڻ، جو سڱ سڃانِ نه ڪيو
مارئي جي ڪردار لاءِ هڪ هنڌ شيخ اياز فرمايو آهي- اگر لطيف مارئي، جو رسالي ۾ ذڪر نه ڪيو هجي ها ته اُها ٻين ڀڄايل عورتن جيان عام ڪردار بڻجي پوي ها. اهو ئي ته تخليقار جو ڪمال آهي. هيءُ سُر منهنجي دل جي قريب آهي ان ڪردار مان ئي پريڻا حاصل ڪري تنظيم جو نالو مارئي رکيو- جيڪو ڪردار سادگي وفا ۽ حب الوطني جو مجسم آهي. پنهنجي لاثاني ٻوليءَ ۾ مٽيءَ ماءَ جي گود ۾ سمائڻ واري خواهش جو ان ڪردار ذريعي شاهه شاندار چٽ چٽيو آهي.
واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس
گور منهنجي سومرا! ڪج پهنوارن پاس
ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي منجها ولڙين واس
مُيائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏئي
(شاهه)
لطيف جي ٻوليءَ جو ڪمال اهو آهي جو چاهي بيت جي پهرين سٽ هجي يا اڌ پر اُها اڻپوري نه لڳندي، ڪيترن ڏات ڌڻين پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن جا عنوان شاهه جي ڪلامن مان ورتا آهن. انهن کان متاثر ٿي خود مقالي لکندڙ پنهنجي تخليقي پورهئي کي شاهه جي ڪلامن مان سٽون کڻي عنوانن کي سينگاريو آهي (1) پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (سنڌ جو سفر نامو) (2) وايون وڻجارن جون (ولائت جو سفر نامو) (3) تون ڇپر تو ڇانوءَ مضمون (4) ڪيچان آيو قافلو وغيره شيخ اياز جي ڪتابن جي نالن تي نظر وجهنداسين (1) ڪپر ٿو ڪنُ ڪري (2) رمندا بادل (3) وڄون وسڻ آيون (4) ڇپر منجهه ڇڙيون وغيره. عنايت بلوچ به پنهنجي ولائت جي سفر نامي جو نالو- (1) پرديسي ڪهڙا پرين ۽ (2) پرين جي پرديس ۾ انکان علاوه شاعري جا ڪتاب (3) تندڪٽار ڪنڌ وغيره ڏنا آهن. فتاح ملڪ به پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو عنوان “اسان آئونگ چاڙهيو” ڏنو آ ۽ ٻين به ڪيترن جا ڪتاب نظر ايندا ان طرح بي شمار مضمونن ۽ ڪالمن جا عنوان به ڏنا آهن اهي شاهه جي تخليقي ٻوليءَ کان ئي متاثر ٿي لفظ گهڙيا آهن. سڄڻ ۽ ساڻيهه، پلئه پايو سچ، عاشق زهر پياڪ، آڇيندي لڄ مران وغيره
شاهه لطيف جي تخليقي ٻوليءَ جو ئي ڪمال آهي جو سنهي سئي کان وٺي ڪک کي به مان بخشيو آهي. چاهي سنڌ جا هنر هجن، تاريخي ڪردار، ٿر بر هجي يا سنڌ جي جاگرافي، انهن جو ذڪر ڪري ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو. سندس چيل بيتن جون سٽون مُهاورا به بڻجي ويا آهن.شعوري ۽ لاشعوري طور هر ڪو پاڻ کي ان سان جڙيل محسوس ڪري ٿو جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت ورا عنصر ملندا. بيتن ۾ فصيح ڪلام انهن سٽن کي اُچاريندي ڪنهن کي به دقت نه ٿيندي، چاهي ڳوٺاڻي گهريلو عورت هجي يا جستجو ڪندڙ انسان يا وري پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ ماتر ڀوميءَ کي ياد ڪندڙ. اگر بلاغت جي لحاظ کان ڏسون ته شاهه جو ڪلام جهڙو ٽي سؤ سال اڳ وقت مطابق هو تهڙو اڄ به وقت ۽ حال جي ڪسوٽيءَ تي ثابت قدم نظر ايندو. عشق هجي يا درد جي دانهن، خوشي هجي يا غم، وري جي سلاست تي نظر ڪريون ته مٿين بيتن جو سٽون اُچارڻ ۾ پريشاني نه ايندي. ضروري نه آهي ته عالم فاضل تحقيق ڪندڙ يا پارکو هجي اُهوئي سمجهي سگهندو عام سنڌي ڳالهائيندڙ به ان کي پاڻ سان لاڳو ڪري سگهي ٿو. اهائي ته شاهه جي ٻوليءَ جي خوبي آهي. جيڪڏهن جدت جي ڳالهه ڪجي ته شاهه موضوع ته ڌرتي، انسان ذات، مُندن ۽ ڪائنات وغيرهه سان وابسته کنيا پر هر طبقي ۽ هر علائقي جي زبانن جي لفظن کي کڻي پنهنجي بيتن ۾ انهن جو سهڻو استعمال ڪيو ۽ اهڙي ڍنگ سان پيش ڪيو جو اُهي ٻين کان الڳ ٿي پنهنجي انفرادي حيثيت قائم ڪري بيٺا آهن، پوءِ چاهي ٿر هجي يا برُ، وچولو، سرو، لاڙ، ڪاڇو سنڌ جي عوام کي ٻولي ذريعي جوڙيو آهي، جنهن ڪري هر ڪنهن سندس ٻولن کي سر اکين تي رکيو آهي.
ڀٽائي گهوٽ شاهه عبدالطيف جي تخليقي ٻولي جي چڱي طرح پروڙ تڏهن پوندي جڏهن اسين سندس تخليق ڪيل ڪن چونڊ بيتن تي نظر ثاني ڪيون. ائين ته سڄو رسالو تخليقي ٻوليءَ جي پيالي سان پُر آهي. جنهن ۾ وحدت الوجود، حقيقي عشق جا منظر پسي سگهون ٿا. عام ڪردارن کي کڻي جن جو مختلف سُرن ۾ ذڪر ڪيو آهي، اگر انهن مان ڪي نه شامل ڪنديس ته لڳندو مقالو اڌورو آهي. حالانڪ هيءَ جهان ئي مڪمل نه آهي ته اهڙي حالت ۾ مڪمل جي دعوا ڪرڻ به ٺيڪ نه ٿيندي. وقت جي محدودگيءَ کي ڏسندي ڪن سرن مان ڪي بيت پيش ڪري رهي آهيان. جن ۾ مڻيادار ٻولي ڇوليون ماريندي نظر ايندي- سُر سهڻي:
ٻڏندڙ ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي ڪي ڪکن،
توڻي ڪنڌيءَ ڪن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
(شاهه- سُر سهڻي)
چوڻي آهي: ڊوبتي ڪو تنڪي ڪا سهارا- تخليقي ٻولي جي سُونهن ته نظر ايندي پر سُر ڪيڏارو ڪربلا جي جنگ تي ٻڌل امامن جي شهادت واري سُر ۾ جيڪو چتر چٽيو آهي سو لڱن ۾ سيسراٽ وجهي ٿو ڇڏي هيءُ سرُ منهنجي دل جي قريب آهي. بيت جون ڪي سٽون پيش ڪنديس:
ڪن دانشورن جو چوڻ آهي ته شاهه جي رسالي ۾ ٻارهان هزار لفظ استعمال ٿيل آهن ڊاڪٽر نواز علي شوق لکي ٿو صرف اُٺ لاءِ ويهه لفظ ڪتب آندا آهن اُٺ لاءِ بُختي لفظ جو به استعمال ڪيو آهي جيڪو عربي لفظ آهي جنهن جي معنى اُٺ آهي. ڳاڙهي رنگ جو هوندو آهي ان جي تصوير جمشيد جي تخت تي اڪريل آهي:
بُختي بلوچن، ڌاڙي خاطر ڌاريا
(شاهه)
علي احمد عرس ويهه هزارن جو ذڪر ڪندي شاهه طرفان ٺيٺ سنڌي لفظن جي ور ور اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي ٻ، ڄ، ڏ و وغيرهه. مرزا قليچ طرفان لغت تيار ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو حالانڪ ڪيترن ٻين طرفان به ڪم ڪيل آهن، الڳ الڳ دستخن جو ذڪر ملندو. ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي رسالي هرپهلوءَ کي اُجاگر ڪيو آهي هر ٻوليءَ جو پنهنجو مزاج ۽ لهجو ٿيندو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي فرمائين ٿا. ٻولي ئي شاعريءَ جي صحت جو ماپو آهي. ان جو بهترين مثال شاهه جو رسالو آهي.
مطلب ته مجموعي طور ڏٺو وڃي ته شاهه لطيف زمان ۽ مڪان جي حد بندين کان ٻاهر نه رڳو پنهنجي دور جو مفڪر ۽ شاعرآهي پر جڏهن اڄ دنيا ايڪويهين صدي ۾ سائنس ۽ ٽڪنالاجي جي مهابي آسمان جي بلندين کي به پار ڪري چڪي آهي تڏهن به ايڪويهين صديءَ ۾ شاهه جديد سنڌ جي اڏاوت ۾ مشعل جو ڪردار ادا ڪري ٿو.