سنڌي سماج ۽ لطيف سائين : ڊاڪٽر سليمان شيخ
ڇاکي وڃين ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو؟
وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو.
غلام نفسيات مان ڇوٽڪاري جو پهريون قدم، جڙتو ۽ هٿرادو حاڪمن جي دٻاءَ مان ٻاهر اچي صرف الله جي حاڪميت مڃڻ آهي. اهو احساس ۽ پڪو يقين انسان کي ڏاڍ خلاف وڏي همت ٿو بخشي:
ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
اسان جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.
سماج جي اوسر لاءِ ٻيو قدم پاڻ ۾ ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي آهي، ان لاءِ جيترو به اڳتي وڌي سگهجي وڌجي:
ڇنن، توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري ان سين.
ان کان پوءِ پنهنجي آدرش ۾ پڪو يقين رکڻ جو عمل آهي.
الست بربڪم، جڏهن جت پڇيوم،
قالو بلى قلب سين، تڏهن تت چيوم،
انهيءَ ويل ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
هنن ٽن بنيادي قدمن کان پوءِ، ڏکارن ماڻهن کي پنهنجي ڏکڻ ۽ پيڙا ونڊڻ کي مجتمع ڪري ان کي طاقت بنائي اڳتي وڌڻو آهي:
ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نا ٿئي.
ان کان پوءِ وقت اچي ٿو معاملن جي ڇيد جو:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ويا.
اسان کي پنهنجي مسئلن جو پاڻ جائزو وٺي حل ڳولڻ کپي:
سگهڻ سُڌ نه سور جي، ته گهايل ڪيئن گهارين.
هاڻي ان ڏک، سور ۽ مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ رڙيون ڪرڻ، ڪوڪون ڪرڻ ۽ منهن مٿو پٽڻ سان به ڀلا ڪي مسئلا حل ٿيا آهن؟
آيل آئون نه وسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي رؤن، نه چؤن ڪي
پر هن صورتحال کي بدلائڻ لاءِ لطيف جي راهه چٽي بيٺي آهي:
جي ڀانئين پرينءَ مڙان، ته سک چورا نڪي ڌات،
جاڳڻ جشن جن کي، سک نه ساري رات.
۽ ان کان پوءِ:
تَنَ ۾ ترازَ توهه جي، گهڻو لَهُه گهوري،
ادب ۽ اخلاص جا، سڙهه ٻڌج سوري.
ان منزل طرف وڌڻ ڏکيو ۽ صبر آزما آهي:
سکن واري سڌ، متان ڪا مون سان ڪرين
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
۽ پوءِ منزل آسان بنجي ٿي:
پاڻهي ملندو هوت، پر تون به ٿج ڪجهه اڳڀري،
متان چوي خان بلوچ، ته ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو.
لطيف سائينءَ سماج جي آدرشي نوجوان جو خاڪو بيحد خوبصورت انداز ۾ چٽيو آهي:
وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا،
لوٺيون سهن لوڪ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻ،
اصل آسارين جا، ستي ويڙا سيڻ،
جيڏيون جي مان وِسهو ننڊِ مَ هيريون نيڻ،
راتڙيون جاڳن جي، سي آئون ڪندڙ سيڻ،
آڌيءَ رات اٿي ڪري، جَهل تون ننڊان نيڻ.
اڄ لطيف جي سنڌ ڏاڍي ڏکاري، زخميل، اجهاميل ۽ اٻاڻڪي آهي. سنڌ جو نوجوان بي يقينيءَ ۽ بي اطمينانيءَ جو شڪار آهي. هر ڪو شريف ماڻهو پنهنجا ڪن لڪائڻ ۾ لڳو پيو آهي. هرڪو ٻاهران ويهي زخمن تي لوڻ پيو ٻرڪي. سنڌ جي مٽيءَ جو ذرو ذرو پڪاري پيو:
ڪُٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
هنن حالتن ۾ سنڌ جي مٽيءَ سان محبت رکندڙ ماڻهن کي، سنڌي سماج جي گهڻگهرن کي، هن صورتحال تي غور ڪرڻ کپي:
جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾
ڪو آڳانجهو نينهن، ٻانڀڻ ٻاروچن سين.
نينهن نڀائڻ جو وقت هيءُ آهي، اڄ جڏهن سڄي سنڌ تپي ٽامو ٿي ويئي آهي، تڏهن هر طبقي جي ماڻهوءَ کي ۽ هر مرتبي جي ماڻهوءَ کي پنهنجي مسند ڇڏي هيٺ اچي سوچڻو پوندو.