شاهه جي شاعري ۽ فلاسافي : وينا شرنگي
هئا اڳهم گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
شاهه لطيف
انسان پنهنجي او ائلي جيوت ڪهڙيءَ ريت جهنگن ۽ جبلن ۾ گذاري هوندي، پيٽ پالڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪشالا ڪڍيا هوندا، سندس جذبا ۽ اُمنگ اُن وقت ڪهڙا هوندا، سندس اندر جي سوچ ۽ لوچ ٻاهرين دنيا لاءِ نهار ڇا هوندي؟ ان جو موضوع سان واسطو نه آهي، اسين سڀ ڄاڻون ٿا انسان جي سوچ، سندس ٻاهرين دنيا جون سڀ تبديليون، سندس مسئلن ۽ مامرن جي شروعات اُتان ٿي آهي، جتان هن حياتيءَ جي سفر جو پهريون ڏينهن شروع ڪيو هو. سندس ڏک پيڙا جي پئدائش به ساڻس گڏوگڏ شروع ٿي. ان جو احساس بيشڪ اڳتي هلي ٿيو هجي. هونئن اُتان ئي سندس سماجي زندگيءَ جو مرحلو شروع ٿيو هوندو. جڏهن زندگيءَ جي ڀوڳنائن کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا هوندا. ڪيترن جُڳن کان پيغمبر اولياءَ ۽ فيلسوف ايندا رهيا آهن تن جي تعليم جو بنيادي مقصد اهو ئي رهيو آهي ته انسان جي ڏک ۽ پيڙا کي گهٽائجي. سندس من کي شانتي پهچائجي قاعدن قانونن منجهان جڙيل مَتَ، ۽ مذهب، انسان جي انهيءَ سوچ جي بنياد تي اُسريا ۽ نسريا آهن ۽ ڏاهن ان سچ کي پکيڙڻ جو ڪمُ ڪيو. مذهب کانپوءِ تصوف يا ويدانت بابت نيڪ انسانن ته دراصل مذهب کي ماڻڻ لاءِ سادو ۽ سولو بڻائڻ ۽ ان کي پرماريت وارن اثرن کان آجو ڪرڻ جو ڪمُ ڪيو. اسان جي صوفي بزرگن پيار ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي.
صوفي شاعرن جي شاعري، فڪر ۽ فلاسافي تي نظر ڪنداسين، جنهن ۾ انسانيت، امن حق ۽ سچ جي صدا بلند ڪيل آهي. جا هر دور سان لاڳاپيل نظر ايندي. پوءِ چاهي ڀٽائي گهوٽ شاهه عبداللطيف هجي، سچل سر مست ۽ يا وري ٻيا صوفي شاعر هجن، پيغام ساڳيو نظر ايندو. شاهه جي شاعريءَ ۾ اسان جي سماج جو عڪس ملندو، هر دور ۾ نئين ۽ دل کي ڇهندڙ، جنهن ۾ وقت ۽ حالتن سان مُڙس ماڻهو ٿي مُنهن ڏيڻ، ۽ وک وک تي رهنمائي ڪندڙ، عام انسانن جي ڏکن سورن، غمن خوشين، عشق محبت جي جذبن، عقيدن ۽ ڌڻي جي عبادت جا انيڪ رنگ پسڻ وٽان ملندا. ڪهڙي ڳالهه آهي جو انساني جذبن، خوابن جي ترجماني ڪندڙ اِهي احساس عام هوندي به خاص ۽ علحده نظر اچن ٿا اهو ئي ته لطيف سائين جي عظيم سوچ فلاسفافيءَ جو ڪمال آهي. شاه لطيف جي شاعري ۾ انهن ئي احساسن ۽ جذبن جو ذڪر ملندو. ڪائنات طرفان خلقيل حسين منظر- وڻ ٽڻ، گل ڦل، نديون نارا، ڍنڍون ڍورا ٽڪريون، پهاڙ، پکي پسون، يا ماڻهو، مرون، زرعي پيداوار هجي يا معدني، عام ۽ خاص پورهيت يا حڪمران ڌارين جون يلغارون، وطن واسين جي ريتن رسمن، پهراءُ تهذيب ۽ تمدن کي پيش ڪرڻ لاءِ بيتن ۾ پنهنجي ماروئڙن طرفان ڳالهيندڙ ٻوليءَ جو ته ئي سهارو ورتو آهي. تخليقي شعور ذريعي لفظن کي اهڙو ته لباس اوڙاهيو جو عام انسانن اڳيان اهي شيون هوندي به، اُهي انهن کي پسڻ جي باوجود پرکي ۽ ايترو ماڻي نه سگهيا.
سمنڊ ۾ جڏهن برسات جون بوندون ٽپ ٽپ ڪري پون ٿيون تڏهن انهن بي شمار بوندن مان وري ڪن ٿورين بوندن کي سپ جي صدقي انمول موتي جو درجو نصيب ٿئي ٿو. ان طرح لطيف سائين جي بيتن جي ٻوليءَ جا لفظ عام رواجي نه پر اعلى ربتو ماڻين ٿا، عام ۽ خاص ماڻهن جي لبن تي رقص ڪن ٿا. انهن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه صرف لطيف جي فلاسافي ۽ تخليقي ٻوليءَ جي جلووي ۽ جمال جو ديدار ٿيندو. جيئن سنگتراش رواجي پٿر کي پنهنجي فني قابليت ذريعي ڇيڻي ۽ هٿوڙيءَ سان تراشي شاهڪار روپ بخشي ٿو، جيڪي صدين بعد به ڪاريگريءَ جو نادر نمونو ڳاٽ اونچو ڪيو نظر اچن ٿا. اجنتا الورا هجي يا کجرائو جون مورتيون يا ڪونارڪ جي سوريه مندر جون مورتيون. صدين کان ڳاٽ اونچو ڪيون بيٺيون آهن. ساڳيءَ طرح شاهه جا بيت پنهنجي شاندار تخليقي ٻوليءَ ڪري ٽن سئو سالن جي عرصي بعد به مقناطيس وانگر پاڻ طرف ڇڪين ٿا. اڄ جي دور ۾ به ڄڻُ اسان جي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا. لطيف سائين پنهنجي بيتن لاءِ پاڻ فرمائين ٿا:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن (شاهه)
شاهه جو اهو اظهار خود ثنائي نه بلڪ سچ جو پڙاڏو آهي. اڄ به هندو چاهي مُسلمانن وٽ شاهه جي رسالي کي ڌارمڪ گرنٿن سان گڏ رکڻ جو شرف به رهيو آهي. جنهن وقت عربي فارسي جو اثر ۽ دٻدٻو هو، تنهن وقت شاهه انهن ٻولين جي لفظن کي پنهنجي تخليقي عمل ۾ ڌوڪي ڪاهُڻ کان پري ڪري بيهاريو. انهن ٻولين جاڪي لفظ گهڙي پيا پر شاهه اُنهن مٿان پنهنجي مٽيءَ مان پيدا ٿيل ٻوليءَ کي ترجيح ڏيندي، اُن جو اهڙو استعمال ڪيو، جو ٽن صدين بعد به وقت جي لتاڙ ۽ ذَرَ ان کي نه ميرو ڪيو نه لٽيو. اهو ئي ڪمال آهي. جيستائين انسان ذات جو وجود آهي تيستائين ان عظيم شاعر جي تخليقي ٻوليءَ جو به جلوو ۽ جمال برقرار رهندو. سندس شاعري، دل کي ڇهندڙ، ۽ رنگن جي انڊلٺ عام ۽ خاص جو من موهيندي رهندي.
ڏات ڌڻي ڄيٺمل پرسرام شاهه لاءِ فرمايو آهي ته- شاهه سنڌي ٻوليءَ جو ڇٽُ آهي.
شاهه جي اظهاريل ٻوليءَ ۾ سڀئي خوبيون نظر اينديون- (1) سلاست- (روزمرهه استعمال ٿيندڙ لفظ) (2) فصاحت- (زبان سولائي سان جهٽي) (3) بلاغت-(علحدا مضمون، جي ساڳيا به هجن ته ان جو انداز انفرادي هجي.) (4) جدت- (وقت ۽ حال سان ٺهڪي)
شاهه سائينءَ سنهي سئي کان وٺي ڪک کي به مان بخشيو آهي. چاهي سنڌ جا هنر هجن، تاريخي ڪردار، ٿر بر هجي يا سنڌي جي جاگرافي. انهن جو ذڪر ڪري ٻوليءَ ۾ اضافو ڪيو. سندس چيل بيتن جون سٽون مُحاورا به بڻجي ويا آهن. شعوري ۽ لاشعوري طور هرڪو پاڻ کي ان سان جڙيل محسوس ڪري ٿو. بيتن جي سٽن کي اُچاريندي ڪنهن کي به ڏکيائي نه ٿيندي، پوءِ ڳوٺاڻي گهريلو عورت هجي يا جستجو ڪندڙ انسان ياوري پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ. شاهه جو ڪلام جهڙو ٽي سؤ سال اڳ وقت مطابق هو تهڙو اڄ به وقت ۽ حال جي ڪسوٽيءَ تي ثابت قدم نظر ايندو. عشق هجي يا درد جي دانهه، خوشي هجي يا غم.
ضروري نه آهي ته عام فاضل، تحقيق ڪندڙ يا پارکو هجي اُهو ئي شاهه جي فلاسافي، شاعري سمجهي ۽ ماڻي سگهندو. عام سنڌي ڳالهائيندڙ به ان کي پاڻ سان واڳيل ڪري سگهي ٿو. اهائي ته خوبي آهي. جيڪڏهن جدت جي ڳالهه ڪجي ته شاهه جا موضوع ته ڌرتي، انسان ذات، مُندن ۽ ڪائنات وغيرهه سان وابسته ڪيا. پر هر طبقي ۽ هر علائقي جي زبانن جي لفظن کي کڻي پنهنجي بيتن ۾ انهن جو سُهڻو استعمال ڪيو ۽ اهڙي ڍنگ سان پيش ڪيو جو اُهي ٻين کان الڳ ٿي پنهنجي انفرادي حيثيت قائم ڪري بيٺا آهن، پوءِ چاهي ٿر هجي يا برُ، وچولو يا وري سرو، لاڙ ۽ ڪاڇو سنڌ جي عوام کي ٻوليءَ ذريعي جوڙيو، جنهن ڪري هر ڪنهن سندس ٻولن کي اکين تي رکيو.
ڀٽائي گهوٽ جي فلاسافي، فڪر ۽ تخليقي ٻوليءَ جي چڱيءَ طرح پروڙ تڏهن پوندي جڏهن اسين سندس تخليق ڪيل ڪن چونڊ بيتن تي نظر اڇلايون. ائين ته سڄو رسالو تخليقي ٻوليءَ جي پيالي سان پُر آهي. جنهن ۾ وحدت الوجود، حقيقي عشق جا منظر پسي سگهون ٿا. عام ڪردارن کي کڻي جن جو مختلف سُرن ۾ ذڪر ڪيو آهي، تن مان چند بيت پيش ڪرڻ چاهينديس جن مان لطيف سائين جي فن فڪر ۽ فلاسافيءَ جي بخوبي ڄاڻ پوندي- سُر سهڻي:
ٻڏندڙ ٻُوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چي، ڪيڏي ڪي ڪکن،
توڻي ڪنڌيءَ ڪُن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
(شاهه- سُر سهڻي)
شاهه جي سورمي مارئيءَ جو ڪردار سادگي وفا ۽ حب الوطني جو مجسم آهي. پنهنجي لاثاني ٻوليءَ ۾ مٽي ماءَ جي گود ۾ سمائڻ واري خواهش جو ان ڪردار ذريعي شاهه شاندار چٽ چٽيو آهي.
و اجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا! ڪِج پهنوارن پاس
ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي، منجها ولڙين واس،
مُيائي جياس، جي وڃي مڙه ملير ڏئي.
(شاهه)
شاهه پنهنجي فن فڪر ۽ فلسفي سان ٻوليءَ کي به مالا مال ڪيو، شاهه جا ڪلام هجن يا وري لوڪ ڪهاڻيون هجن، عام ۽ خاص ۾ مقبول رهيا- هڪ هڪ سٽ ۾ مڪمل معنى نظر ايندي، ڪيترا پهاڪا، چوڻيون، محاورا ۽ استعارا ڏنا. اڳي اسان جون وڏڙيون مائر ڀينر چاهي علم جي روشنيءَ کان محروم هيون پر شاهه جي شاعري نه صرف سندن سوچ جو راهون روشن ڪيون بلڪ زندگيءَ جي هيٺ مٿاهين کي بُردبار ٿي مُنهن ڏيڻ جي سگهه به حاصل ڪيائون. شاهه جا بيت سندن دل تي هميشه هميشه لاءِ اُڪر جي ويا. موقعي ۽ مهل سان ٺهڪندڙ بيت سندن لبن تي اچي ويندا هئا، شاهه جي شاعري ۽ مقبوليت جو راز ڏسجي ته عام جي زبان جي ترجماني ڪندڙ آهي. عورت کي سماج ۾ برابري جو درجو عطا ڪيو. پڙهيل چاهي اڻپڙهيل عورت پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ ان جو سهارو ورتو. شاهه کي پڙهڻ کان پهرين پنهنجي گهر ۾ امڙ جي واتان ڪيترا بيت ٻُڌا. يا وري دل جي ڳالهه اظهارڻ لاءِ سندن زبان تي ازخود سٽون اچي وينديون، يا وري ڪيترين عورتن جي واتان شاهه جي بيتن جون سٽون ٻُڌيون.
الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏِسن،
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي،
اچو ته سورن واريون ڪريون سور پچار،
پنهنجي ماروئڙن ۽ اباڻن پکن سان محبت جو اظهار ڪندي.
سنهيءَ سوئيءَ سبيو مون مارن سين ساههُ،
پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان.
اي اي نه مارن ريت جي سيڻ مٽائين سون تي.
ادي آئون اڻ ڄاڻ، جو سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
ستر ڪر ستار آئون اُگهاڙي آهيان.
ان طرح سندن جيون جو سڄو سار ڀٽ ڌڻيءَ جي هڪ سٽ ۾ پاتو. شاهه جي شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو بيت چاهي پورو پڙهجي يا اُن جي هڪ سٽ- اُن مان مڪمل معنى اُجاگر ٿيندي-
جيئن ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو،
وڳرڪيو وطن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
ڪيترن ڏات ڌڻين پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن جا عنوان شاهه جي ڪلامن مان ورتا آهن. انهن کان متاثر ٿي خود مقالو لکندڙ پنهنجي تخليقي پورهئي کي شاهه جي ڪلامن مان سٽون کڻي عنوانن کي سينگاريو آهي (1) پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا (2) وايون وڻجارن جون (3) تون ڇپر تون ڇانوءَ (4) ڪيچان آيو قافلو وغيرهه شيخ اياز جي ڪتابن جي نالن تي نظر وجهنداسين (1) ڪپر ٿوڪنُ ڪري (2) رمندا بادل (3) وڄون وسڻ آيون. نارائڻ شيام- آڇيندي لڄ مران فتاح ملڪ به پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو عنوان- اسان آئونگ چاڙهيو- عنايت بلوچ ديسي سيڻ ڪجن پرديسي ڪهڙا پرين وغيرهه ۽ ٻين به ڪيترن جا ڪتاب نظر ايندا- ان طرح بي شمار مضمونن ۽ ڪالمن جا عنوان به ڏنا- اهي شاهه جي شاعري ۽ تخليقي ٻوليءَ کان ئي مُتاثر ٿي ڏنا آهن. سڄڻُ ۽ ساڻيهه پلئه پايو سچ، عاشق زهر پياڪ، وغيرهه
شاهه لطيف جي فن فڪر شاعري ۽ فلاسافيءَ تي ڊاڪٽر گربخشاڻي جيڪو ڪمُ ڪيو آهي سو پڻ ساراهه جوڳو آهي، اُن بعد ڪيترن تحقيق ڪندڙن ان عالم جي تحقيقي ڪم کي سوُنهن بڻائي وک اڳتي وڌائي آهي ڊاڪٽر گربخشاڻي فرمائين ٿا شاهه سائين شريعت جو پابند هئڻ جي باوجود پنهنجي سوچ کي ڪن حدن ۾ قيد نه ڪيو. ڪنهن شخص شاهه کان سوال ڪيو- “شاهه سائين توهين سُني آهيو يا شعيا؟” ته وراڻي ڏنائون- “ابا ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.” اُن شخص چيو “ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين آهي-” شاهه جو اب ڏنو- “آئون آهيان به اهو ڪي ڪين.” شاهه جي هر سُر ۾ سُندرتا ۽ سونهن نظر ايندي پر سُر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي جنگ تي ٻڌل امامن جي شهادت واري سُر ۾ جيڪو چتر چٽيو آهي سو لڱن ۾ سيسراٽ وجهي ٿو ڇڏي. هيءُ سرُ منهنجي دل جي قريب آهي. بيت جون ڪي سٽون پيش ڪنديس:
ڏاڙهيءَ رت رَتياس، ڏند ته ڏاڙهونءَ گُلَ جن
يا: ڏاڙهيءَ رت رتياس، ڏند ته موتن ڳُتيا
چوڏهي ماهه چنڊ جن، پڙَ پيشانياس
الله نورُ السماوت، جلوو زميناس
(داستان پنجون جي بيت 9 ۽ 10 ۾ شهادت جو ذڪر ڪندي فرمائين ٿا)
جڏهن امام حسين کي تير وات ۾ لڳو ته سندس ڏند ڏاڙهونءَ جي گلن وانگر ڳاڙها ٿي پيا. امام حسين جي دستار جنگ جي ميدان ۾ چو ڏينهن جي چنڊ مثل پئي لڳو. اتي ئي اگر ٻيو ڪو شاعر هجي ها ته ان جي دردناڪ منظر چٽي ها پر رت سان ڀريل ڏندن کي ڏاڙهون جي ڪڻن سان ڀيٽڻ شاهه جي تخليقي ٻوليءَ جو ئي ڪمال آهي.
شاهه جي شاعريءَ جي مڻيادار ٻوليءَ جي اها ئي خوبي آهي جو جيڪو لکي پڙهي نه ڄاڻندو هو سو به برزبان ڪلام پيو جهونگاريندو هو. ڪڏهن من ۾ اُمنگ ته ڪڏهن جوش ۽ غيرت پيدا ڪندڙ جذبا جهڙوڪ
سوُره! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
هُڻ ڀالا، وڙهُ ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار
مٿاءَ تيغ ترار، مار ته متارو ٿيين
يا
سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهون
يا
ڪڪر منجهه ڪَپارَ، جهُڙَ نيڻي نه لهي
شاهه عالم ۽ فاضل هو، قوم کي جاگرافي، تاريخ تمدن، ثقافت، سورمن، سورمين مذهبي رواداري جي تاريخ جو رڪارڊ پنهنجي ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو. شاهه ٻوليءَ جو معمار به آهي ته محافظ به.
ساٿ سلامت!