لطيفيات

ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

ڪتاب ”ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف“ جو سهيڙيندڙ محترم امان الله شيخ آهي. هي ڪتاب آگسٽ 2015ع ۾ مارئي سوشل، ڪلچرل ۽ لٽرري عورتن جي آرگنائزيشن، نئين دهلي انڊيا پاران پيڪاڪ پرنٽرس وٽان ڇپايو ويو آهي.
هي ڪتاب ڊسمبر 2014ع ۾ هند ۾ ٿيندڙ شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6646
  • 1515
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امان ﷲ شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ايڪويهين صدي ۽ شاهه لطيف

شاهه عبدالطيف جي شاعري تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر : امين لاکو

شاعر يا اديب سماج کان الڳ ٿلڳ رهڻ وارا فرد نه هوندا آهن. ادب ۽ شاعري سماجن سان گڏ گڏ هلندا آهن. ان ڪري ڪنهن به خطي جي ادب ۽ شاعري کي ان سماج کان الڳ ڪري نه پر ان معاشري جي معروضي ۽ داخلي حالتن سان گڏي ڏسڻ سان ئي سماجن جي اندروني حالتن، تحريڪن ۽ اوسر جو پتو پوندو آهي. ان ڪري ئي برٽرينڊ رسل چيو هو ته “ڪنهن به دور جي حقيقي تاريخ ڏسڻ لاءِ ان دور جي شاعري کي ڏسڻ گهرجي.”
شاهه عبدالطيف ڀٽائي دنيا جو مؤرخ ۽ فيلسوف شاعر آهي، جنهن پنهنجي دور جي حالتن جو ڏاڍو گهرائيءَ سان مطالعو ۽ مشاهدو ماڻي انهن حالتن جا عڪس پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيا آهن. هن هوا ۾ تير اڇلائڻ بدران جن به واقعن تي قلم کنيو آهي، انهن جو گهرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو اٿس. پر اسان وٽ شاهه جي اڪثر پارکن سندس شاعري کي ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جي پس منظر ۾ ڏسڻ بدران روحاني نجات واري شاعر طور پيش پئي ڪيو آهي.
جيئن ته شاهه صاحب جو زمانو 1689ع کان 1752ع تائين انتهائي طاقتور تحريڪن ۽ سياسي اٿل پٿل جو زمانو هو.. شاهه سائين انهن تحريڪن جو نه صرف اثر قبوليو پر انهن مان ڪجهه تحريڪن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح لاڳاپيل پڻ رهيو.اهڙين تحريڪن ۾. سنڌ ۾ صدين کان جاري صوفي نظريو وحدة الوجود ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ويدانتي نظرئي تحت جاري ڀڳتي تحريڪ به شامل آهي. ان کان علاوه انهيءَ دور جي تازي سياسي ۽ سماجي حالتن پٽاندڙ ڪجهه نون نظرين ۽ تحريڪن به زور ورتو، جن ۾ شاه عنايت جي، “جو کيڙي سو کائي” واري فلسفي تحت اٿندڙ پورهيت تحريڪ، سياسي سماجي (سوشيو پوليٽيڪل) تحريڪ، ميانوال جنهن ۾ ڪجھه مذهبي عنصر به شامل هيو ۽ مذهبي تحريڪ وحدت الشهودي تحريڪ شامل آهن. شاهه صاحب مٿي ڳڻايل مڙني تحريڪن کان ڪنهن نه ڪنهن طور (مخالفت توڙي موافقت )متاثر ٿيل ڏسجي ٿو. ڇو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته شاهه سائينءَ جهڙو وطن پرست ۽ ڏاهو شاعر جنهن سماج ۾ ڄائو، پليو، نپيو ۽ وڏو ٿيو هو، اتان جي ماڻهن جي تحريڪن کان الڳ رهيو هجي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته شاعر جنهن به دور ۾ پيدا ٿيندو آهي ته ان جي چوڌاري ڪو خاص ادبي، سماجي يا فڪري ماحول موجود هوندو آهي ۽ ان ماحول ۾ کائنس کان اڳ آيل اديبن، ڏاهن ۽ شاعرن جو حصو هوندو آهي ۽ عظيم ۽ ڪلاسيڪي شاعر اها حد ٽپي پنهنجو انفرادي اسلوب پيدا ڪري پنهنجي ڇاپ هڻي ڇڏيندا آهن.
منهنجي هن مقالي جو موضوع آهي “شاهه عبدالطيف جي شاعري تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر” انهيءَ حوالي سان , ڀڳتي تحريڪ جا شاهه سائين جي شاعريءَ تي اثر جاچڻ کان اڳ موضوع کي چٽو ڪرڻ لاءِ شاهه سائين جي دور ۽ ان کان ڪجهه اڳ وارن واقعن، تحريڪن ۽ حادثن کي جاچڻ ضروري آهي ته جيئن اها ڄاڻ ملي سگهي ته هو ڪهڙي خاص ماحول ۾ رهيو.

[b]تاريخي واقعا:
[/b]شاهه سائينءَ جي ڄمڻ کان گهڻو اڳ حسين بن منصور الحلاج کي قتل ڪرايو ويو، جنهن جي تعليم ۽ نظرئي جو به شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي تمام گهڻو اثر ٿو ڏسجي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته شاهه سائين منصور الحلاج کي خاص اهميت ڏني آهي. حسين بن منصور الحلاج جو قتل سياسي هو، مذهبي فتوائون محض بهانو هيون.
1600ع ۾ مغلن ۽ ميان وال تحريڪ جي باني ڪلهوڙن ۾ جنگ دوران ميان آدم، دين محمد ۽ شاهل محمد ڪلهوڙو مارجي چڪا هئا. جڏهن ته 1708ع ۾ ٻيهر سبي ۽ ڍاڍر ۾ مغلن ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ جنگ لڳي. شاهه سائين جي ولادت کان 11 سال اڳ ننڍي کنڊ ۾ هڪ ٻيو وڏو واقعو وحدت الوجودي فلسفي تي ايمان رکندڙ دارا شڪوهه جي شهادت جو آهي. دارا شڪوهه کي پنهنجي ڀاءُ اورنگزيب قتل ڪرايو۽ ان ئي وقت ۾ سرمد کي به شهيد ڪيو ويو.
شاهه لطيف اڃا 11 سالن جو مس هو ته ان وقت اورنگزيب جي پٽ معزالدين هٿان سنڌ جو ڪلهوڙو حڪمران ميان دين محمد ساٿين سميت شهيد ڪيو ويو.
جڏهن شاهه سائين ڦوهه جواني يعني 21-22 سالن جي عمر تي پهتو ته 1716ع ۾ شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت جو واقعو پيش آيو. اسلم آزاد پنهنجي ڪتاب “تصوف جو سياسي ڪردار” ۾ جرمن دانشور اين ميري شمل جي تحرير pearls from Indus مان حوالو ڏيندي لکيو آهي ته شاهه سائينءَ جون صوفي شاهه عنايت شهيد سان نه صرف ملاقاتون هيون پر هو انهن محفلن ۾ به شريڪ رهيو، جن ۾ هارين ۽ مزدورن کي روشن صبح جا پيغام ڏنا ويندا هئا ۽ شاهه سائين جهوڪ واري شاهه عنايت جي تحريڪ ۾ عملي طور حصو ورتو.

[b]تحريڪون
[/b]پاڻ ٿلهي ليکي مٿي اهڙن واقعن جو ذڪر ڪري آياسين، جن نه صرف ان دور تي تاريخي اثر ڇڏيا پر انهن جي گونج اڄ تائين ٻُري رهي آهي. هاڻ ان دور جي تحريڪن جو به مختصر جائزو وٺندا هلون.

[b]ميانوال تحريڪ:
[/b]مغل سلطنت خلاف سنڌ جي مقامي ڪلهوڙا قبيلي جي هيءَ تحريڪ شاهه سائين جي پيدائش کان اڳ شروع ٿي، جيڪا سندس موجودگيءَ ۾ ڪلهوڙن جي ٻيهر حڪمراني حاصل ڪرڻ تائين جاري رهي، سنڌ ۾ شاهه سائينءَ کي ڪلهوڙا دور جي شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. هن تحريڪ هلندي سنڌ ۾ ڪيترائي ڪونڌر ڪٺا ويا. مختلف هنڌن تي جنگيون هلنديون رهيون، جيڪي شاهه سائينءَ پنهنجي اکين سان ڏٺيون.

[b]جو کيڙي سو کائي:
[/b]سن 1716ع ڌاري شاهه عنايت جهوڪ واري هن تحريڪ کي منظم ڪيو. هيءَ تحريڪ نج سياسي ۽ جاگيرداري نظام خلاف سنڌ ۾ سڀ کان وڏي تحريڪ هئي. سنڌ جي نامور مورخ پير حسام الدين راشدي شاهه عنايت کي سنڌ جو پهريون سوشلسٽ اڳواڻ چيو آهي. هيءَ تحريڪ شاهه سائينءَ جي ڦوهه جواني ۾ صوفي عنايت جي شهادت تي ختم ٿي۽ پاڻ اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري آيا آهيون ته شاهه سائين هن تحريڪ جو حصو به رهيو.

[b]وحدت الشهود:
[/b]مغل بادشاهه جهانگير جي وقت ۾ هڪ مذهبي عالم شيخ احمد سرهندي عرف مجدد الف ثاني عرف امام رباني هندستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وحدت الوجودي فلسفي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي وحدت الشهود جو فلسفو دنيا جي آڏو رکيو(ناڪام ان لاءِ لکيو اٿم جو اڄ به سڄي دنيا ۾ وحدت الوجودي فلسفو نه صرف جيئن جو تيئن موجود آهي پر ان جي پوئلڳن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي)
ڊاڪٽر تنوير عباسي وحدت الشهود فلسفي بابت لکي ٿو ته هندستان ۾ پرماري طبقن جي ضرورتن هيٺ همہ اوست جي فلسفي کي چيلينج ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو، ڇو ته صوفين جيڪا بي تعصبي ۽ مذهبي رواداري قائم ڪئي هئي. اها ان پرمار طبقي جي مفادن جي ابتڙ هئي.
جهانگير جي پوٽي اورنگزيب جنهن کي عالمگير به سڏين ٿا. ان پنهنجي اقتدار جو بنياد ئي مجدد الف ثاني جي نظرين مطابق رکيو ۽ اچڻ سان ئي محبت جي پرچارڪ ۽ مذهبي رواداريءَ جي (Symbol) دارا شڪوه کي شهيد ڪيو. داراشڪوه جو قتل به سياسي قتل هو. ڇو ته هو اهڙي نظرئي يا فلسفي کي مڃڻ کان انڪاري هو، جنهن تحت مذهبي منافرت پکڙجي. ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته داراشڪوه ميان مير سنڌي جو شاگرد هو، جنهن گيتا ۽ اپنشند جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ۽ هن لکيو هو ته وحدانيت ۾ ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي. شاهه لطيف جي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ 1703ع ۾ جنم وٺندڙ شاهه وليءَ الله عرف عام محدث دهلويءَ وري هڪ اهڙي تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ محيءَ الدين ابن العربيءَ جي فلسفي وحدت الوجود ۽ امام رباني جي وحدت الشهود هڪ ٿي سگهن، پر اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگهي ڇو ته بقول ڊاڪٽرتنوير جي ته انهن مان هڪ نظريو پرمار ڪندڙ ۽ ٻيو ان جي ابتڙ جو هو، سو اهي هڪ نه ٿي سگهيا.

[b]ڀڳتي تحريڪ:
[/b]انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا موجب ڀڳتي تحريڪ ٻه کان نائين صدي جي وچ ڌاري ڏکڻ ڀارت ۾ اڀري جتي تامل صوبي جي اڊواڙ ڀڳتن جو گروهه پيدا ٿيو ۽ انهن ڀڳتي رچنائون ڪري ڀڄن ۽ ڪيرتن ڪرڻ کي ئي ايشور جي حاصلات جو صحيح طريقو سمجهيو. تيرهين صديءَ ۾ اها تحريڪ سنت نام ديو ذريعي اتر ڀارت ۾ پکڙي. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا مطابق سنڌ ۾ ساڌن، ڀڳت، قاضي قاضن، شاهه عبدالطيف، سچل سرمست ۽ سامي ڀڳتي ڀاونا جي پکيڙ ڪئي.
آغا سليم مهراڻ رسالي ۾ پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي ته شاهه سائين جي شاعري کي گهڻو ڪري اسلامي تصوف سان ڳنڍيو ويو آهي. پر جيڪڏهن گهرائيءَ سان غور ڪنداسين ته سندس شاعري ويدانتي فلسفي کي تمام گهڻو قبوليو آهي. سندس رسالي ۾ ٽي سُر کاهوڙي، رامڪلي ۽ پورب ويدانتي فلسفي مطابق آهن. جن ۾ هو جوڳين ۽ سنياسين جي سُنگ ۾ ان وقت جي حالتن جو ذڪر ڪري ٿو.
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
يا وري
هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي نه ٻڌ،
انڌو ٿي پسج، مشاهدو محبوب جو.
اهڙو ساڳيو فلسفو ويدن ۾ به آهي ته انسان ۽ خدا هڪ آهن، سو جڏهن خدا کي پسجي ته انڌو ٿي پسجي. موتي لعل جوتواڻي پنهنجي انگريزي ڪتاب (Shah Abdul Latif) ۾ لکيو آهي ته شاهه سائين ڀڳتي تحريڪ ۾ حصو ورتو. هو لکي ٿو ته ڀڳتي ازم وانگر صوفي ازم پڻ ڪٽرپڻي، ملائيت ۽ پاپائيت جي غلبي جي خلاف احتجاج ۽ مخالفت ڪئي. ڀڳتي تحريڪ هڪ اهڙو متبادل اصطلاح آهي. جيڪو ڪيترن ئي قسم جي ڌرمي تجربن لاءِ استعمال هيٺ اچي ٿو. جيڪي ڪنهن هڪ شاعر يا ساڳئي دور جي مختلف شاعرن جي ڪلام ۾ ملن ٿا. اهڙي شاعري کي سَڳُڻ (Saguna) چئجي ٿو. جڏهن ته سيوا ۽ ويسناؤ وارو رستو ۽ شاعري نِرڳُڻ (Nirguna) آهي. يعني صفاتي خدا يا غير ذاتي خدا جي ڳولا آهي. هو لکي ٿو ته ڀڳتي جو مطلب ئي آهي ارپڻ، نوڙت ۽ رب کان مان لهڻ.
موتي لعل جوتواڻي انسائيڪلو پيڊيا آف رليجن ۽ اٿڪس جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ڪجهه عالمن جي راءِ آهي ته صوفيت يا تصوف ۾ هندستاني فڪر ٻڌمت جي ذريعي سان پهتو. مٿين راءِ جي برعڪس هو لکي ٿو ته صوفي ۽ اپنشدي فڪر پنهنجي خاصيت ۾ ٻڌمت جي تعليم کان بلڪل مختلف آهن. ڇاڪاڻ ته هي ٻئي پنهنجي بنيادي صورت ۾ مابعدالطبعيات ۾ يقين رکن ٿا. جڏهن ته ٻڌمت حقيقت ۾ ذهني ڌيان جي اهڙي ٽيڪنڪ آهي، جنهن سان اخلاقيات جي قدرن کي وڌائي سگهجي ۽ اهائي ڳالهه مغالطي جو سبب بڻي. ان جي ابتڙ صوفي مت توڙي ويدڪ تعليم جو اساسي بنياد ئي آتما يا روح جي مستقل ڇوٽڪاري جي حاصلات لاءِ پتوڙ آهي.
نائين نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.
“پر منهنجو خيال آهي ته نه صرف سنڌ جو صوفي مت پر سنڌ اندر خود ڀڳتي تحريڪ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٻڌ مت جي تعليم کان به متاثر ضرور ٿي آهي. پر جيئن ته اهو اسانجي بحث جو موضوع نه آهي. ان ڪري پاڻ اڳتي وڌون ٿا.”
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب شاهه لطيف جي شاعري ۾ لکي ٿو ته شاهه لطيف جي دور تائين ننڍي کنڊ ۾ سنسڪرت ۽ ان کان پوءِ اپڀرنش ۽ هنديءَ جو ادب، ويدن، اپنشدن، مهاڀارت ۽ رامائڻ کان ٿيندو، ڪرشن ڀڳتي ۽ رام ڀڳتي کان اڳتي وڌي نرڳن واد تائين اچي پهتو. هندي ادب ۾ ٻڌمت جي ناٿ پنٿي تحريڪ جو اثر پڻ سمائجي ويو، ڪاليداس، تلسي داس، ميران ٻائي، هيم چندر، چندر بردائي، ڀڳت ڪبير، دادو ديال ۽ ٻيا شاعر پنهنجو وارو وڄائي چڪا هئا. ۽ شاهه سائين انهن سمورين ادبي تحريڪن توڙي مقبول شاعرن کان نه فقط ڀليءَ ڀت واقف هو پر ننڍي کنڊ جي عظيم ۽ مقبول شاعرن کان متاثر پڻ ٿيو جنهن ۾ هو ڀڳت ڪبير داس جي شاعريءَ ۾ موجود ڀڳتي تعليم، فلسفي يا تصور کان گھڻو متاٿر ٿيل ٿو ڀانئجي.هو سندس شاعريءَ کان ايترو ته متاثر آهي جو ڪٿي ڪٿي ته ڪبير جي بيتن جا سڌا سنوان ترجما ڪيا اٿس، جيئن ڪبير چوي ٿو،
“ نينن ۾ آ بيٺ موءِ، توهي وار ڪي ڍانپ لون .
توهي ديک نه ڪوءِ، نان مين ديکون اور”
شاهه صاحب وري فرمائي ٿو،
اکين ۾ ٿي ويههُ، ته واري ڇپر ڍڪيان.
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون م پسان ڪي ٻيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته شاهه سائين ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال، تلسي، رحمان ۽ ڪالو وغيره جي هندي دوهن جو قدر ڪندي پنهنجي شاعري ۾ دوهن کي دهرايو ۽ سندس رسالي ۾ سر “بيراڳ هندي” هيٺ دوهن جو اهم باب قلمبند ٿيل آهي.
ڊاڪٽر تنوير لکي ٿو ته ناٿ پنٿي تحريڪ جو باني گرو گورک ناٿ آهي ۽ شاهه لطيف سر رامڪلي ۾ سندس نالو پڻ ورتو آهي.
شاهه لطيف جي رسالي ۾ سُر پورب به آهي ۽ بيتن ۾ بار بار پورب جو ذڪر آيل آهي. جيتوڻيڪ اسلام پڇم (اولهه) کان آيو ۽ صديون ٿي ويون ته به شاهه لطيف ناٿ پنٿي جوڳين ۽ هندي شاعري جي تحريڪن جيڪي پورب ۾ شروع ٿيون جي روايتن جي خيال کان پورب جو ذڪر ڪيو.
ريٽا شاهاڻي جي ڪتاب جو مهاڳ لکندي سائين محمد ابراهيم جويي لکيو آهي ته ڀڳتي تحريڪ سورهين صديءَ ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به جوڳ جي شاعري جو اوج سورهين صديءَ تي پورو ڄاڻائي ٿو. پر منهنجي خيال ۾ اهو سلسلو شاهه سائينءَ کان پوءِ واري دور ۾ به هلندو رهيو آهي. موتي لعل جوتواڻي پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 143 ۽ 144 تي ڪي ايم سين جي ڪتاب هندو ازم جي صفحي نمبر 102 جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته
The Sufism which was tampered with the thought of Vedanta and the emotion of Bhakti Found on embedment.
يعني صوفي ازم/ تصوف ويدانتي فڪر ۽ ڀڳتي جي جذبي کان متاثر يا رليل مليل هو. تنهن هتي هڪ صورت حاصل ڪري ورتي هئي. جڏهن ته ڪي ايم سين ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:
Just as in the medieval mysticism of other areas the Bhakti tradition was influenced by sufi thought, so here (in Sindh) the sufi tradition did not remain un influenced by bhakti thought.
The 17th century gave the movement shah karim and shah Inayat. Shah Latif born in 1689A.D and this tradition has continued to the present day.
)وچئين دور جي روحانيت جيئن ٻي دنيا ۾ هئي، بلڪل انهيءَ وانگر ڀڳتيءَ جون روايتون به صوفي فڪر کان متاثر ٿيون، سو هتي سنڌ ۾ به صوفي مت جون ريتون ۽ روايتون ڀڳتي تحريڪ کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيون.)
مٿيان حوالا ان لاءِ ڏنا اٿم ته جيئن اهو ثابت ڪري سگهجي ته نه صرف شاهه لطيف پر سنڌ جي سموري صوفي ازم تي ڀڳتي تحريڪ جو اثر رهيو آهي. موتي لعل جوتواڻي لکي ٿو ته شاهه سائين هندن ۽ مسلمانن ۽ انهن جي مختلف فرقن ۽ ذاتين وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هڪ جهڙي پوشاڪ لاءِ آواز اٿاريو. ڀڳتي تحريڪ بادشاهن جي غلط روش ۽ بودباش جي خلاف هئي، انهن جي ٻوليءَ جي خلاف هئي ۽ شاهه سائين پڻ درٻاري زبان فارسي هجڻ باوجود عام لوڪ واري ٻولي استعمال ڪري عوامي سورمن ۽ لوڪ ڪهاڻين کي ترجيح ڏني. هن عام ماڻهن جي عبادت گاهن مٿان مڙهيل ڏن ۽ محصول کي ننديو.
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا مطابق ڀڳتي تحريڪ جي پکڙجڻ جي پسمنظر ۾ مذهبي سياسي، سماجي ۽ معاشي ڪارڻ به هئا. ڇو ته راجائن ۽ اميرن ۾ عيش عشرت جو ماحول چوٽ چڙهي ويو هو. رعيت ڏانهن سندن لاپرواهي ۽ دٻدٻي واري رخ عوام جي دلين ۾ مايوسي پکيڙي.
تنوير عباسي پڻ لکي ٿو ته آرين پاڻ سان اوچ نيچ ۽ ذات جا ويڇا آندا، برهمڻ ۽ شودر ان مذهب جي پيداوار آهن، ٻڌمت ڪجهه عرصي تائين اهي ويڇا ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ اسلام آيو، جنهن ۾ اهي ويڇا نه هئا، پر مقامي روايتن جي اثر هيٺ سيد ۽ امتي پيدا ٿيا. شاهه لطيف ان اونداهي جاگيرداري سماج جي رائج قدرن کي قبول نه ڪيو ۽ هن چئي ڏنو ته
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،
آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،
جو راءَ وٽ رات رهي، ته جُکي تان نه ٿئي.
شاهه سائين جي گنج ۽ ٻين ڪيترن ئي قلمي نسخن ۾ ڪافي هندي ڪلام ۽ ڀڄن پڻ ملن ٿا.
خود شاهه سائينءَ جي شاعري کي اڄ به ڀڳتين طور ڳايو وڃي ٿو. جنهن مان ثابت آهي ته شاهه سائينءَ تي ڀڳتي تحريڪ جو خاصو اثر رهيو آهي. بنيادي طور تي ڀڳتي تحريڪ يا صوفي ازم اوچ نيچ، ذات پات، مذهبي منافرتن خلاف اهڙيون تحريڪون هيون، جن انسان ۽ انساني قدرن کي ويجهو رکي هڪٻئي سان جڙڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ اڄ به اسان جيڪڏهن ان پيغام تحت پنهنجي زندگيءَ جو رخ موڙيون ته اها نه صرف مٿين تحريڪن پر سڄي دنيا جي انسانن جي وڏي ڪاميابي هوندي.

[b]مددي ڪتاب
[/b]شاهه لطيف جي شاعري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، جنوري 1995ع
شاهه عنايت جو ڪلام، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
تصوف جو سياسي ڪردار، اسلم آزاد
سه ماهي مهراڻ، آغا سليم
ڀٽ جو شاهه، ايڇ ٽي سورلي
شاهه عبدالطيف، موتي لعل جوتواڻي
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
انسائيڪلوپيڊيا آف رليجن اينڊ اٿڪس