شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

مرتب پاران

سراج الحق ميمڻ جنھن سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت پنھنجو تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لکي بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇليو ۽ هڪ نئين بحث جي شروعات ڪئي. کانئس اڳ گريئرسن رچرڊ برٽن، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڪاڪي ڀيرو مل، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين عالمن به سنڌي ٻولي بابت پنھنجا نڪته نظر پيش ڪيا هئا ۽ سنڌي ٻولي جي سنسڪرت يا عربي مان ڦٽي نڪرڻ جا نظريا ڏنا. پر سراج پنھنجي نھايت عالماڻي تحقيق سان سنڌي ٻولي بابت اڳ ۾ ڏنل نظريا رد ڪيا ۽ سنڌي ٻولي جي دراوڙي نسل وارين ٻولين مان هجڻ جو نظريو مربوط ۽ مضبوط نموني پيش ڪيو. ان کان سواءِ سراج پنھنجي ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ سنڌي قومپرست جدوجھد جي حوالي سان سنڌي فڪشن کي مالا مال ڪيو ۽ نئين ٽرينڊ جي شروعات ڪئي. سنڌي ناول نويسي ۾ پھرين ٽريالاجي به سراج ئي لکي.
ان کان سواءِ سندس ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽري وارو دور به سنڌي صحافت ۾ جديد ٽرينڊ سيٽ ڪرڻ جي حوالي سان نھايت اهم آهي. جنھن ۾ هن امرجليل جھڙي ڪالم نگار کي به ڊسڪور ڪيو ۽ سندس ڪالم ”تنھنجون منھنجون ڳالهيون“ تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ مون ’سراج‘ جي وفات تي لکيل مختلف اديبن، صحافين ۽ دانشورن جا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل آرٽيڪل سهيڙيا آهن جن ۾ غلام نبي مغل، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، تاج جويي، هيري ٺڪر، نصير اعجاز، امر جليل، مدد علي سنڌي، تاج جويو، اسحاق مڱريو، گل محمد عمراڻي، بيدل مسرور، جي اين مغل ۽ ٻين ڏاهن جا مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جن ۾ سراج جي خدمتن ۽ تخليقي ڪم تي روشني وڌي وئي آهي. جڏهن ته منھنجي گذارش تي سائين گل محمد عمراڻي، پنھنجو شاندار مضمون موڪليو جنھن لاءِ سندس ٿورائتو آهيان. ان کانسواءِ نامياري صحافي اسحاق مڱرئي جو تنقيدي ڪالم پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيو اٿم.
سراج ميمڻ جديد سنڌ جي انتھائي اهم ۽ قابل احترام دانشورن مان هيو. جنھن سواءِ ڪنھن لٻاڙ ۽ پاڻ پڏائڻ جي خاموشيءَ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. هيءُ ڪتاب کيس ڀيٽا طور سھيڙيو اٿم. اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو.

خالد چانڊيو
لاڙڪاڻو
2013-04-15