شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج جو جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار : جي اين مغل

سائين سراج الحق ميمڻ اديب هو. بيوروڪريٽ هو. زبان جو ماهر هو ۽ صحافي به هو. اڄوڪي مضمون ۾ اسين گهڻو ڪري سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار جو ذڪر ڪنداسين سراج صاحب صحافت پيپلز پارٽي طرفان ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ترجمان اخبار ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت سان شروع ڪئي. هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کان اڳ سراج صاحب جو شايد باقائدي صحافت جي پيشي سان ڪو تعلق نه رهيو هو. پر جنهن ڏينهن کان هن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري سنڀالي ڪڏهن به ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو ته هلال پاڪستان جي چارج ڪنهن اڌوگابري صحافي وٽ آهي. ان جي برعڪس جنهن به هلال پاڪستان پڙهي ته محسوس ڪيائين ته سندس هٿن ۾ سنڌي زبان جي هڪ اهڙي اخبار آهي جنهن ۾صحافت جي مڙئي معيارن جو خيال رکيو ويو آهي.
سراج صاحب جيترو وقت به هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو هلال پاڪستان نه فقط پاڪستان جي بهترين اخبارن ۾ شمار ٿيندي آهي پر سندس ايڊيٽرشپ ۾ هلال پاڪستان سنڌ جي زبردست خدمت ڪئي. سنڌ جو اهڙو ڪهڙو اشو هوندو جنهن تي هلال پاڪستان جامع حقيقت تي ٻڌل ۽ بي باڪ موقف نه پيش ڪيو هجي. حالانڪ هلال پاڪستان حڪمران پارٽي جي ترجمان اخبار هئي پر ان سموري عرصي ۾ نه هلال پاڪستان، سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ۽ نه حڪمران پارٽيءَ ڪڏهن ان قسم جي ادارين، خبرن، سرويز ۽ ٻئي مواد تي اعتراض ڪيو. جن به سراج صاحب سان هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيو آهي ان ڳالهه جي شاهي ڏيندا ته هو هڪ انتهائي سنجيده شخصيت هو نه هن جي لکڻين مان ۽ نه هن جي رويي مان ڪڏهن غير سنجيدگي لڳندي هئي. هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل سراج صاحب پاڻ لکندو هو. اهي ايڊيٽوريل جتي سنڌ جي اشوز تي هوندا هئا ته اتي ٻين قومي اشوز، بين الاقوامي اشوز ۽ اقتصادي اشوز تي به هوندا هئا. اها ڳالهه به پوري ذميداريءَ مان چئي سگهجي ٿي ته سراج صاحب جو لکيل ڪو به ايڊيٽوريل لڳل هوندو هو ته ان ۾ انداز ۾ موقف به رکيو هوندو هو ته ان ۾ واسطيدار انگ اکر به هوندا هئا. شايد تمام گهٽ ۾ ماڻهن کي خبر هجي ته سراج صاحب اقتصاديات جو به ماهر هو. اقتصاديات هن جو پسنديده مضمون هو سراج جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار هلال پاڪستان هر لحاظ کان مڪمل اخبار هئي. اخبار ۾ خبرون، ايڊيٽوريل ۾ قطعي، مزاحيه ڪالم، سياسي ۽ اقتصادي موضوعن وارن ڪالم کان سواءِ هفتي دوران ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو نه ڪو خاص صفحو به شايع ٿيندو هو.انهن ۾ خاص عورتن جو صفحو تمام مشهور هوندو هو جيڪو سندس مشير ادي فهميده حسين جي ادارت ۾ نڪرندو هو. ان کان سواءِ پورهيتن، هارين ۽ شاگردن جا صفحا به هر هفتي شايع ٿيندا هئا. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هر صفحو پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو.
اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي ته سراج صاحب زبان جو به ماهر هو. سراج صاحب جي ان صلاحيت جو هلال پاڪستان ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان تي تمام زبردست اثر پيو. سراج صاحب جون هدايتون هونديون ته هروڀرو اهڙا انگريزي، اردو ۽ ڌاريا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن، جن جا نعم البدل سنڌي لفظ موجود آهن. اهڙي طرح هلال پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻين سنڌي اخبارن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي. ان جو هڪ سٺو اثر پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سنڌي خبرن جي معيار تي به پيو ڪجهه هيئن ٿيو ته جيڪا ٽيم ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تي سنڌي خبرون لکڻ جي انچارج هئي اها هلال پاڪستان جي تيار ڪيل ٽيم هئي جنهن ۾ خاص طور محترم انور پيرزادي، محمد خان سيال ۽ ٻين اهڙن دوستن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن سراج صاحب، هلال پاڪستان کان ڌار ٿيو ته نه فقط ٻين سنڌي اخبارن پر خود هلال پاڪستان مان به سراج صاحب واري سنڌي گهڻي حد تائين ناپيد ٿي وئي. اهو سراج صاحب جو ڪريڊٽ آهي ته هن ڪجهه ممتاز بين الاقوامي سياسي ٽرمنالاجي ۽ معاشي ٽرمس جا اهڙا نعم البدل ٺيٺ سنڌي لفظ پيش ڪيا جن کي نه فقط سنڌي اخبارن ۽ سنڌي اخبارن جي قارئين پر سنڌي زبان جي ماهرن به قبول ڪيو. ان سلسلي ۾ مون کي هن وقت هڪ ٻه مثال ياد اچن ٿا. مثال طور. انوقت فرانس جو صدر ڊيگال هو، ڊيگال ڪيئي اهم بين الاقوامي ٽرم سامهون آندا. ان وقت بين الاقوامي ٽڪراءَ کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ هن جيڪي قدم کنيا تن کي ديتانت چيوويندو هو. لفظ فرينچ هو پر انگريزي زبان کي اهو فرينچ لفظ پنهنجو ڪرڻو پيو. اهڙي طرح اردو پريس به لفظ ديتانت استعمال ڪندي هئي پر سراج صاحب ديتانت لاءِ نج سنڌي لفظ ”سرچاءُ“ ڪيو ۽ ڪيتري عرصي تائين نه فقط هلال پاڪستان مگر اڪثر سنڌي اخبارون ديتانت لاءِ سرچاءُ استعمال ڪنديون هيون. اهڙي طرح اقتصاديات جو هڪ ٽرم آهي جنهن لاءِ پڻ سراج صاحب ٽرم ناڻي جي واڌ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري ڪنهن تائين اهو ٽرم سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندو رهيو.
سراج صاحب زبان جي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ ان راءِ جو هو ته سنڌي زبان موجوده رسم الفظ بدران رومن رسم الفظ ۾ لکي وڃي. ان سلسلي ۾ هن هلال پاڪستان ۾ ڪيترن حوالن سان ڪيئي جامع ڪالم لکيا. پر آخرڪار سراج صاحب کي اهو موقف ختم ڪرڻو پيو. شايد ان جو هڪ سبب اهو هو ته سندس ڪيترن همعصر سنڌي دانشورن ۽ زبان جي ماهرن به سراج صاحب سان اتفاق نه ڪيو.هنن جو موقف هو ته موجوده رسم الخط ۾ ايترو سنڌي لٽريچر جو خزانو ڦهليل آهي جيڪو سڄي جو سڄو رومن رسم الخط ۾ منتقل نه ٿي سگهندو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته رومن رسم الخط ۾ سنڌي لکڻ وارو سراج صاحب جو خاص طور اهو موقف هو ته جيڪڏهن سڀ سنڌي پوءِ ڀلي دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجن انھن پاران رومن رسم الخط استعمال ڪرڻ سان سنڌي زبان ختم نه ٿيندي ۽ پاڪستان هندستان توڙي دنيا جي هر حصي ۾رهندڙ سنڌي قوم متحد ٿي سگهي ٿي.
سراج صاحب جي حوالي کان منهنجون ڪجهه ذاتي ساروڻيون ڪنهن حد تائين دلچسپ آهن جن مان هن جي وڏائي لکي ٿي. هلال پاڪستان ۾ رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن جي ڀرتي لاءِ هلال پاڪستان ۾ اشتهار شايع ٿيا. مون به رپورٽر بڻجڻ لاءِ درخواست ڏني. سراج صاحب مڙئي درخواست ڏيندڙن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي جيڪا سي ايس پي واري معيار واري هئي. جيڪي ان ۾ پاس ٿيا انهن کان زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سراج صاحب مون کي سامهون صوفه سيٽ تي ويهڻ جي لاءِ چيو. مون ڏٺو ته سندس هٿن ۾ مون وارو ٽيسٽ جو لکيل پـيـپر هو. سراج صاحب چيو ته سٺو لکيو آهي پر مون کي يقين آهي ته تون گهڻو وقت صحافين ۾ نه رهندين. تو جهڙا ماڻهو جلد سٺي جاب ملڻ تي صحافت ڇڏي ويندا جڏهن ته صحافت کي توجهڙي سنڌي صحافي جي ضرورت آهي مون چيو ته نه سائين آئون صحافت نه ڇڏيندس. چيائين واعدو ته صحافت نه ڇڏيندين مون به چيو واعدو. مون هلال پاڪستان ۾سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هلال پاڪستان ۾ انٽرويو ڏيڻ کان چار مهينا اڳ زرعي ترقياتي بئنڪ جي آفيسر جي لاءِ انٽرويو ڏنو هو. مون کان اها ڳالهه وسري وئي، هڪ ڏينهن مون کي ليٽر مليو جنهن ۾ چيو ويو ته توکي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي، تون ٻن هفتن اندر فيصل آباد واري تربيتي اداري ۾ رپورٽ ڪر جتي توکي ڪجهه مهينن لاءِ ٽريننگ ڏني ويندي. آئون ڏاڍو خوش ٿيس مون کي اها ڳالهه وسري وئي ته هلال پاڪستان ۾ مقرري وقت مون سراج صاحب سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو. آئون سراج صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ مقرريءَ وارو ليٽر سندس ٽيبل تي رکندي چيم ته منهنجي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ بطور آفيسر مقرري ٿي وئي آهي. هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته توهان کان موڪلايان. سراج صاحب مون ڏانهن گهوريندي چيوته تون وڃڻ چاهين ٿو ته ڀلي وڃ پر پنهنجو واعدو ياد اٿئي. مون کي سچ پچ پهرين ڪا به ڳالهه ياد نه آئي پر پوءِ فوري طور سڄي ڳالهه ياد اچي وئي. آئون شرمسار ٿيندي اُٿيس ۽ سندس ٽيبل تي رکيل مون واري مقرري وارو ليٽر لفافي سوڌو کڻي سندس اڳيان ڦاڙي سندس ڀر ۾ پيل ڪچري واري دٻي ۾ وجهندي چيم ته سائين واعدو بالڪل ياد آهي صحافت نه ڇڏيندس. آئون اڄ ڏينهن تائين جهڙو تهڙو صـحـافـت سـان جـيـڪـو نڀائيندو اچان، ان جو ڪريڊٽ سراج صاحب کي ڏيان ٿو.
هڪڙي مرحلي تي اسان هلال پاڪستان جي ڪارڪنن يونين ٺاهي.ساڳئي وقت آئون ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري به هيس. هلال واري يونين جو جيتوڻيڪ آئون سينيئر وائيس پريزيڊنٽ هوس پر يونين جي پويان جيڪي وڌيڪ متحرڪ هئا انهن ۾ آئون پيش پيش هوس. اسان 100 مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ ٺاهيو جنهن تي انتظاميا سان مذاڪرات ٿيا. انتظاميا جي نمائندگي سراج صاحب ڪري رهيو هو. ٻئي طرف يونين جي مذاڪراتي ٽيم ۾ منهنجو ڪردار هو. ان دور ۾ شايد سراج صاحب ۽ ان ۾ ڪي نارضگيون به پيدا ٿي ٿيون. پر بعد ۾ جڏهن جنرل ضياءَ مارشلا لڳائي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي ته هلال پاڪستان کي به ڪراچي جي آرمي ڪور اوور ٽيڪ ڪيو. ان دوران هڪ مرحلي تي اسان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي پليٽ فارمن تان سڄي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڪراچي ۾ صحافين جون گرفتاريون شروع ٿي ويون. پريس ڪلب ۾ جيڪي بک هڙتال تي ويٺا انهن ۾ آئون به شامل هوس. رات جو اسين گرفتار ٿي وياسين. پر ڪجهه ڏينهن دوران اسان کي آزاد ڪيو ويو ۽ مساوات ۽ هلال پاڪستان جي اشاعت بحال ٿي وئي. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ مون کي ساٿين ٻڌايو ته توهان جي جيل ۾هئڻ دوران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ احتجاجي ميڙاڪن ۾ روزانو سراج صاحب خود شرڪت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مغل ۽ ٻيا ساٿي جيل هليا ويا آهن ته هنن جي ڪنهن حد تائين اخلاقي حمايت ڪرڻ لازمي آهي. سراج صاحب اصول پرست هو. هن سڄي زندگي پنهنجي اصولن جي مفاهمت ڪئي. سراج صاحب صحافت ۾ منهنجو استاد آهي ۽ جيسين جان ۾ جان آهي سندس احترام ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي. ڪاش سنڌ ۾ سئو ٻه سئو سراج پيدا ٿي پون ته سنڌ ڏکن کان آجي ٿي پوي ۽ سڪون واري زندگي گذرڻ لڳي.