شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو خدمتگار سراج : وزير فرهاد سولنگي

ٻين فيبروري ڇنڇر جي رات سوا اٺين وڳي اهو اڀاڳو وقت جنهن اسان کان ۽ سنڌ کان هڪ تمام ڏاهو ۽ وڏو ماڻهو کسيو، صبح جو سوير ٽي وي کولي تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ ڳاڙهي پٽيءَ تي نظر ڊوڙايم ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب سراج الحق ميمڻ 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو“ مون کي انهيءَ وقت محسوس ٿيو ته هي ڪهڙي قسم جي ادبي کيپ هئي جن سڄي سنڌ جي ادبي ٻولي، سياست، صحافت، تحقيق، شاعري، ثقافت وغيره تي ايترو ته وڏو ڪم ڪيو. هي هيڏا سارا ماڻهو ڪهڙن استادن تيار ڪيا. جن 1950ع کان هن وقت تائين واندڪائيءَ کان رسي مسلسل قلم کڻي ٻولي لاءِ سنڌ لاءِ، سنڌي ٻولي ۽ ماڻهن لاءِ لکيو ۽ ايترو لکيو جو پاڻ به تاريخ ٿي ويا. منهنجو انهن ماڻهن ڏانهن اشارو آهي جن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، الهداد ٻوهيو، ابراهيم منشي، تنوير عباسي، استاد بخاري، نجم عباسي، تاجل بيوس، شمشير الحيدري ۽ هاڻي وري سراج الحق ميمڻ. هيءَ اها لسٽ آهي جن تي مان سوچيندو آهيان ته ڇا سنڌ جي مستقبل ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو سنڌي کي ملي سگهندا؟ ڇو ته مذڪوره ماڻهو 19 ويهين صديءَ جي نظام جي پيدائش هئا. ۽ ويهين صدي جي نسل کي اهڙي قسم جي تربيت تعليم ۽ ماحول ملي سگهيو آهي يا نه. مذڪوره مٿي ڏنل انهن سنڌ جي گهڻ گهرن، اديبن، شاعرن ۽ قلم ڌڻين جي ڇڏيل خال کي ڪير ڀريندو ؟ ڇا موجوده حالتن ۾ اهڙا سگهارا نالا جڙي سگهن ٿا ؟ ۽ اهي سوال منهنجي اندر ۾ هلچل مچائي رهيا هئا. ۽ سنڌ جي هن ڏاهي سراج جي وڇوڙي تي کن پل لاءِ منهنجو ذهن اهو سوچيندو رهيو. ۽ وري آچر 3-فيبروري جي اخبارن ۾ وڏا وڏا آرٽيڪل سراج بابت ڇپيا. جن جو مرڪزي موضوع سراج هيو، ها! مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن مان پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ هفتيوار ٻارڙن جي پروگرام ”روشن تارا“ جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم سان ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ملڻ ويو هوس. ۽ مون ساڻس سان ڊگهي ڪچهري ڪئي هئي ۽ پوءِ روشن تارا پروگرام جي تاريخ لکي هڪ هفتيوار مئگزين ۾ ڇپرائي هيم. ۽ انهي ڊگهيءَ ڪچهري ۾ پهريون دفعو منهنجي ڪنن سراج الحق ميمڻ جو نالو ٻڌو ۽ جنهن جو تذڪرو عبدالحق عظيم پاڻ مون سان ڪيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ سراج الحق ميمڻ هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي ۽ ان کان پوءِ محترم سراج الحق ميمڻ جي شخصيت ۽ ادب کي ويجهڙائي کان جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته هي تمام وڏين ۽ گهڻين خوبين جو مالڪ هيو. ادب، تاريخ، تحقيق، ٻولي ۽ صحافت جهڙا شعبه سندس قلم هيٺ آيا. ادب م سندس ناولن ۽ ترجمي هيٺ آيل ڪتاب کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي چڪي هئي. ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق تي سندس آيل ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ قابل تعريف آهي. جنهن ۾ هن سنڌي ٻولي جي پنهنجي وجود جو مڪمل دليل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻاهرين يا ڌاري ٻولي جي نه پر خالص پنهنجي وجود جي پاڻ پيداوار آهي. تاريخ جي حوالي سان پاڻ سنڌ تي ڌارين جي چڙهاين، حملن ۽ ڪاهن بابت تفصيلي تاريخ ناولن جي روپ ۾ ڏئي جيڪا سندس لکڻين ۾ انفراديت جو اهڃاڻ آهي. صحافت ۾ سندس ڪيل خدمتن کي به نٿو وساري سگهجي. سندس ئي دور ۾ روزنامه اخبار هلال پاڪستان سنڌي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ٿي سندس ڪالم، اقتصاديات تي لکيل آرٽيڪل حالات حاضرا ۽ ان وقت جي سنڌ جي سياسي پس منظر ۾ لکيل ڪالم سنڌي صحافت ۾ پنهنجو منفرد مقام رکن ٿا.
مٿين سڀني خوبين ۽ صلاحيتن سان سرشار ذهن جي تربيت، تعليم ڪنهن ڪئي؟ يقيناََ هڪ ڪامل استاد جو ئي هٿ ٿي سگهي ٿو. ۽ ها اهو استاد محمد يعقوب ميمڻ ئي هيو. جنهن پنهنجي ٻچن جي اهڙي تربيت ڪئي جو کين سڄي سنڌ پيار ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو. استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ 24 آڪٽوبر 1933ع ۾ پيدا ٿيندڙ سراج الحق جيڪو اڳتي هلي استاد، انڪم ٽيڪس آفيسر، صحافي، ناولسٽ، تاريخدان،ايڊيٽر، محقق ۽ سنڌي ادب جو وڏو خدمتگار ثابت ٿيو. اڄ سندس يادگار ڪتابن ۾ پڙاڏو سوئي سڏ، پياسي ڌرتي، مندا بادل، علم معاشيات، سنڌي ٻولي، اٺون گهر، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل، تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول ۽ منهنجي دنيا مرگ ترشنا، ڏکڻ مان سج اڀري، چونڊ آمريڪي افسانه ۽ مرڻ موسين آءُ آهن جيڪي سندس سنڌ، سنڌين ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ناياب سوکڙيون آهن. هو ۽ پنهنجون يادگار لکڻيون ڇڏي پنهنجي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي اُٻاڻڪائي محسوس ڪرڻ لڳا. شال اسان جو ايندڙ نسل به اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اهڙي طرح خدمت ڪري جيئن سراج الحق ميمڻ پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي ٻوليءَ جي خدمت ڪري ويو.