سراج الحق ميمڻ _ سنڌ جو حقيقي قومي هيرو : آفتاب ابڙو
مانوارو سائين سراج اڻ ڳڻين صلاحيتن جو مالڪ هو. بجاطور کيس Indigenous (اصلوڪو سنڌي) ليکڪ چئجي سگهجي ٿو. حالتن مطابق کيس جيڪو به ڪم سونپيو ويو. هن ان کي اوج تي رسايو. جنهن جو واضح مثال ”صحافت“ آهي. پاڻ جڏهن هلال پاڪستان جو ايڊيٽر بڻيو ته هن سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ سنڌي ماڻهن کي صحافت جي اهميت کان آگاهه ڪيو. پاڻ بين الاقوامي حالتن تي مضمون ۽ هفتيوار ”رتي جي رهاڻ“ لکندا هئا، جنھن جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا. سندس دور ۾ هلال پاڪستان ٽن هزارن جي اشاعت مان 80 هزار کان هڪ لک ويهه هزار سرڪيوليشن تائين وڃي پهتي، ان دور ۾ اها حد درجي واري ڪمال جي ڳالهه هئي.
سراج الحق ميمڻ بنيادي طور افسانوي ادب جو ماڻهو هو. سندس فهم ۽ فڪر ۾ رومانيت رچيل هئي. جنهن جو اظهار هن پنهنجي ناولن ۾ ”پڙاڏو سوئي سڏ“ (1970ع) ”مرڻ مون سين آءُ(1980ع)، پياسي ڌرتي رمندا بادل“، ”منهنجي دنيا هيڪل ويا ڪل“ (1988ع) ۽ تُنهجي دنيا سڀ رنگ سانول (1989ع) ۾ ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جي ڪردار سازيءَ تي کيس قدرت حاصل هئي. جنهن جو ذڪر سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن افسانا نگارن، جمال رند، نسيم کرل، غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ امر جليل به ڪيو آهي. سراج صاحب کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ثقافت سان ايمان جي حد تائين لڳاءُ هو.هن جيڪو لکيو، پڙهيو ۽ ڳالهايو. ان جو محور سنڌ ۽ صرف سنڌ هئي.
ڪراچي ۾ ”سنڌ صدين کان“ بين الاقومي سيمينار ڪوٺائڻ ۽ ان جو مانائتو بندوبست ڪرڻ ۾ سراج جو اهم ڪردار رهيو. ان دور ۾.جيڪو بروشر ڇپيو. ان جي ترتيب پڻ سراج صاحب ڏني هئي. جيڪو ڪيترن ئي حوالن کان سانڍڻ جوڳو رهيو آهي.
سراج صاحب اقتصاديات بابت درسي ڪتاب انگريزيءَ مان ترجمو ڪري. ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي ۾ ترجما هن ريت ڪيا آهن. سراج صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو ته هن سنڌي ٻوليءِ جي جوڙ جڪ ۽ بيهڪ جي نشانين جي قاعدن ضابطن بابت اهم ۽ مثالي ڪم ڪيو. جن تي اڄ به عالم عمل ڪري رهيا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ بابت سندس لکڻ هڪ عجيب حادثو هو. 1959ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ تفصيلي مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن جو مول متن اهو هو ته ”سنڌي ٻولي پنهنجي تاڃي پيٽي ۽ جوڙجڪ جي حوالي سان سامي ٻولين، عربي، عبراني ۽ توراني جي مرهون منت آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو عربي کان ورتل آهي.“ اهڙي مؤقف سنڌ سان اُتاهه پيار ڪندڙ ترقي پسند ليکڪن جون متيون منجهائي ڇڏيون. يارن ۾ هلچل پيدا ٿي. پر ان جو جواب لکڻ لاءِ ڪو تيار ڪونه هو. پوءِ سائين محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي حد کان وڌيڪ اصرار تي سراج کي سندرو ٻڌڻو پيو. هن لڳاتار پنج ورهيه گوڏو ڀڃي، ان موضوع تي مطالعو ڪري، ڇهه ست ڀيرا موهن جي دڙي جا ڀـيرا ڀڳا ۽ راتين جون راتيون رهي مختلف اهڃاڻن تي ڪم ڪندو رهيو. سندن عشق جي حد اها هئي، جو رات جو خواب ۾ موهن جي ديس جا مٽي هاڻا، چاپئين ڏاڙهي وارا ماڻهو ساڻس ڪچهريون ڪندا هئا. ائين جيئن سسئي کي وندر جي واٽ وڻن ٿي ڏسي!
سراج صاحب آڏو سنڌي ٻوليءَ جي پڻ بنياد وارو ڪيس انتهائي ڳنڀير بڻجي ويو نه صرف کيس هتي جي روايتي عالمن کي جواب ڏيڻو پيو پر انگريز محققن جيڪي غلطيون ڪيون هيون. انهن کي به درست ڪرڻو پيو اها سڄي وارتا سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ ڏسي سگهجي ٿي. سراج صاحب تاريخي حوالن سان ثابت ڪيو ته ”سنڌي ٻولي“ هن ڌرتيءَ جي پيداوار آهي، سنسڪرت ۽ ٻيون پراڪرتون هن مان ڦٽي نڪتيون آهن، سنڌو لکتIndus Script مان ”براهمي خط “وجود ۾ آيو ۽ جنهن مان پوءِ سنسڪرت لپي جڙي، جڳ مشهور قديم آثار ۽ لسانيات جا ماهر جي.آر. هنٽر. سي جي گئد ۽ مسٽر سڊني سمٿ به ان راءِ جا هئا.
سنڌي ٻوليءَ جي بـڻ بنياد بابت سراج صاحب پنهنجي راءِ بلڪ ايئن چئجي ته مڪمل ٿيسز Thesis تحقيق جي مڃيل اصولن مطابق ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي ٻولي“ جي نالي سان 1964ع ۾ شايع ڪرائي جنهن جا موضوع آهن، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي تمدن ۽ موهن جي دڙي جي سنڌي ٻولي سندس اسلوب ۽ پيشڪش جو انداز بنهه نرالو آهي. هڪ وڪيل وارو! سنڌ جي ادبي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي ته: ”سنڌ جي ثقافت اصل آهي يا ڌاري ! موهن جي دڙي وارو خط (لپي) هتان جو آهي يا ڪن ٻين لوڪن جو.“
سراج صاحب ڪيس جي سڀني پهلوئن تي تاريخي حوالن سان بحث ڪيو، سندس سامهون وڪيلن جو هڪ وڏو ۽ اثرائتو گروپ هو، جنهن کي سول سوسائٽي، ڪتابي دنيا جي اديبن ۽ مذهبي پيشوائن جي سپورٽ حاصل هئي ۽ هيڏانهن هي تن تنها ادبي عدالت ۾ڪيس وڙهي رهيو هو، سندس شاهديون اولهه اوڀر جي ملڪن ۽ مڪاني عدالتن ۽ ماحول مان ورتل آهن سندس ڪيس لڳاتار پنج ورهيه هليو، آخر جيت حق جي ٿي ۽ سڀني ساڃهه وندن اعتراف ڪيو ته سراج صاحب جا دليل وزنائتا ۽ ٺوس ثبوتن تي ٻڌل آهن ڪو به ذي فهم انسان انهن کان انڪار ڪري نه سگهندو.
سراج صاحب موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي تحقيق هڪ عاشق محقق جي حيثيت ۾ ڪئي آهي، ڏونگر ڏورڻ سڌائتن ماڻهن جو ڪم نه آهي، ان لاءِ اندر ۾ جهير هئڻ لازمي آهن! اهو ڪم پروفيشنل محققن کان گهڻو مٿي آهي. مصري، سميري، فينيشن وغيره قديم لپـين جي انگڙين کي هڪٻئي سان ڀيٽي، ڪي مفروضا يا هٿ ٺوڪيا لفظ ٺاهڻ سان. اصل نتيجا ڪو نه نڪرندا آهن، انڊن ڀرڻ سان آلجبرا جا ڏکيا حساب حل ڪري ڪو نه سگهبا آهن، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جو ڀورو اهو ڀڃندو. جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي اصولن، نحوي ترڪيبن، اڳياڙين (Prefixes) ۽ پڇاڙين (Suffixes) لڳائڻ جي بنيادي اصولن جي مڪمل ڄاڻ هوندي. ان کان سواءِ ان عالم لاءِ بنهه ضروري آهي ته کيس سنڌ جي تمدني اهڃاڻن ۽ لاڙن جي چڱي پر ڄاڻ هجي، ڇاڪاڻ ته تاريخي طور سنڌ پنهنجي تمدني روايتن کي هر حال ۾ برقرار رکيو آهي، اهڙو ڪو به سمو نه آيو آهي جو اسان جي تمدني ڌارا ۾ ڪا وڏي وٿي آئي هجي، اسانجي کائڻ پيئڻ، ڄمڻ مرڻ، ڪچهريون ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان ساٿ ڏيڻ جو سلسلو اڄ به تقريباََ اهو ئي آهي.
دِلن، مٽن، دکين، چاڏين، پارن، تونرن، ڪُونرن وغيره جي گهڙت تقريباََ ساڳي آهي،جيڪا موهن جي دڙي مان لڌل مٽيءَ جي ٿانون جي آهي، انهن تي اڄ سوڌو ساڳيا چٽ چٽيا وڃن ٿا. ڏاندن جي جُهلن، اُٺن جي مهارن وغيره جي گهاڙ پڻ اها ئي آهي شهري عالم توڙي ٻاهريان اسڪالر سنڌ جي انهن نرالين وٿن کي آساني سان نه سمجهي سگهندا. ان لاءِ تمام ضروري آهي ته سنڌ جي انهن ثقافتي اهڃاڻن کي انهن جي اصلي ماهيت مطابق سڃاڻجي.
ڪاش! سراج صاحب جي اها ٿيسز 1970-80ع واري ڏهاڪي ۾ انگريزيءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ها ته هوند سنڌو لکت بابت تحقيق ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪافي اڳ ڀرائي ٿي چڪي هجي ها. اوندهه ۾ لٺيون هڻڻ وارن کي سُهائي ملي وڃي ها! وري به چڱي خبر اها آهي ته گذريل سال ان جو انگريزي ترجمو “The Story of Sindhi Language” جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي.
سراج صاحب جي دلي خواهش هئي ته ”شاهه جي رسالي“ جي معياري ۽ جامع لغت جوڙجي، جنهن ۾ هر لفظ جو ڌاتو عام رواجي معنيٰ ۽ شاهه سائينءَ جي مخصوص معنيٰ ڏجي، ان ڪم لاءِ مون کي اسسٽنٽ طور مقرر ڪيائون مون ڪجهه وقت سندن نگراني ۾ ڪم ڪيو. پر پوءِ هڪ ته سندن مصروفيتون وڌي ويون، ٻيو ته ڪم جي نوعيت تمام مٿاهين هئي جنهن تائين مان پُڄي نه ٿي سگهيس! ان کان پوءِ ساڳي آڇ فقير محمد لاشاري کي به ڪيائون پر هيءُ به هام ڀري نه سگهيو.
سراج صاحب جو سنڌي ٻوليءَ سان انتهائي جذباتي لڳاءُ هو، کيس سنڌي لفظن جي تاريخي پسمنظر جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. انڪري پاڻ اڪثر سنڌيءَ ۾ تقرير ڪندي آبديده ٿي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سڏڪي سڏڪي اڌ ۾ تقرير ختم ڪري ڇڏيندو هو، منتظمين کي چوندو هو ته ”سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب بابت کانئس سنڌي ۾ نه ڳالهرايو وڃي. جو انهن لفظن جي ورجاءَ سان سندس هنيانءُ هُڄي ٿو وڃي.“ سچ پچ ته اڄ اسين سنڌي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي هڪ عاشق،يگاني ليکڪ، منفرد مترجم ۽ عظيم صحافيءَ کان محروم ٿي ويا آهيون، اهڙي گهڻ رخي شخصيت جي پيدا ٿيڻ ۾ واقعي وقت گهرجي تمام گهڻو وقت!!
ڏني جادم جکري جت نه پيا چڙهن،
نه ڪي کوهه کجن، جهه سـَرُ لڀي سپرو.
(شاهه)