شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سون جهڙو ماڻھو، سراج : غلام نبي مغل

سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ ٻي مشعل اجهامي وئي. فيبروري جي 2 تاريخ تي جيڪو سج لٿو ۽ اُڀ ۽ ڌرتي تي جيڪا اوندهه ڦھلجي وئي سا اسان سنڌي وارن لاءِ ۽ سندن مجموعي ڏاهپ لاءِ اهڙو نقصان آهي جيڪو شايد صدين ۾ به پورو ٿئي ته وڏي ڳالهه آهي. سراج الحق ميمڻ اسان منجهان ويو هليو، هو سائين جو سائين ۽ هو، علم ادب جو مخدوم ، هو ڏاهپ جو ڏيئو هو- روشن ڏيئو!
سراج سائين ويهين صدي جو پوئين اڌ جو اهو اُسريل انسان هو، جنھن کي پنھنجي زماني ۽ مستقبل جي علمي ۽ ادبي گهرجن جي ڄاڻ هئي، سراج سائين نئين ۽ جديد سنڌي ڪھاڻي جي ابتدا ڪندڙن ۾ شامل هو. سندس ڪھاڻيون جديد سنڌ جي ادبي اڏاوت ۾ پيڙهه جو پٿر هيون. سندس ڪھاڻيون نه رڳو جديد پر بين الاقوامي ادب جي معيار مطابق هيون. ڪي مسخرا ۽ ٽوٽڪائي ڪردار نظر نه آيا ۽ سراج سائين جو تخليق ڪيل ادب، وقت جي گهرج هو ۽ سنجيده هو. سندس پھريون ناول پڙاڏو سو ئي سڏ، تي جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن طرفان تنقيد ٿي پر اِهو ناول نه رڳو Larger than life هو پر وقت جي هلندڙ قومي تحريڪن لاءِ هٿي هو. سندس ٻيا ناول پڻ سنڌي ادب جا شاهڪار ناول هئا.
سراج سائين جي سنڌي ٻولي جي بنياد ۽ ارتقا پڻ، علم جي شاگردن لاءِ هڪ نئون فڪر ۽ املهه کوجنا هئا ۽ عالمن لاءِ سنڌي ٻولي بابت وڌيڪ کوجنا ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي دعوت هئي. سراج سائين سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ هڪ نئون معيار مقرر ڪيو، جيڪو ٻين عالمن لاءِ پڻ هڪ سوچ جو گس آهي. هلال پاڪستان اخبار سنڌي زبان جي اڌ مئي صحافت جي نشان هئي. پر سال 1973-1972ع ۾ جڏهن سراج سائين انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر طور مقر ٿيو ته سنڌي صحافت ۾ جديد دنيا جو ساهه پيو ۽ سنڌي صحافت جو هڪ نئون دور شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين ترقي ڪندو اچي اخبار ۾ خبرون ۽ تجزيا نئين دور جي طور طريقي ۾ اچڻ لڳا. سراج سائين جڏهن سياسي تجزيا نگاري ڪئي ۽ سياسي منظرنامو لکڻ شروع ڪيو ته اسان جي اخباري طريقن ۾ نئين جدت ۽ زماني مطابق معاملا شروع ٿيا. 1973ع ۾ مون جي.اين مغل کي هلال پاڪستان جي آفيس ۾ سراج سائين سان ملايو ۽ ٻڌايم ته هن ۾ سٺي صحافي ٿيڻ جا اهڃاڻ موجود آهن. سراج سائين، جي اين مغل جي ٿــورڙي پــرک ڪئـي ۽ پوءِ پاڻ وٽ سب ايڊيٽر ڪري رکيائين. قابليت پاڻ ڳالهائيندي آهي ۽ اڄ مغل، پاڪستان جي سينئر اعلى صحافين منجهان آهي.
سراج صاحب ٿور ڳالهائو ۽ نھايت سنجيده شخص هو، جنھن پلازه ۾ آئون رهندو هئس اُت ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي ڪنھن دوست سان ملڻ ايندو هو، پر مون وٽ اچڻ لاءِ تيار نه هو. مون هڪ دفعي چيو مانس ته ڪڏهن مون وٽ به ايندا ڪريو، جواب مليو ته تو ڪڏهن سڏيو ئي ڪونه پوءِ هر هفتي ايندو هو، وڏيون ڪچھريون ٿينديون هيون. شيخ اياز، علي احمد بروهي، سليمان شيخ به انھيءَ پلازه ۾ رهندا هئا. اهي ڪچھريون مون کي ياد آهن، سندس شخصيت کي به مون کي ويجهو ٿي پرکڻ جو موقعو مليو. آءٌ سراج سائين جو ادب جي ميدان ۾ همعصر ته هئس پر گهڻو جونيئر هئس. سراج صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عالم هو،
سراج صاحب وچولي طبقي جو وڏو ۽ اعلى شخص هو. سراج صاحب پنھنجين عادتن ۽ رهڻي ڪھڻي ۾ پختو شخص هو، هن صدي ۾ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ ڪھڙي نه املهه ماڻڪ شخص وڃائي ويٺا آهيون. آخر ۾ مون کي سندس هڪ جملو هميشه ياد ايندو رهندو آهي ته ”غلام نبي تنھنجو ناول اوڙاهه پڙهي مونکي خواهش ٿي ته اهو ناول آئون لکان ها!“
اهو جملو ۽ اهو شخص مون کي هميشه ياد رهندو.