شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان! : مدد علي سنڌي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، محقق صحافي ۽ ”سنڌي ٻولي“ جهڙي شاندار ڪتاب جو ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ اسان جي لاءِ سدائين سراج صاحب ئي رهيو. سندس طبيعت ۾ انتهائي ڳنڀيرتا شامل هئي. شايد اهو ئي ڪارڻ هو. جو هو گهڻن ماڻهن سان ويجهڙائپ نه رکي سگهيو. پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سراج صاحب کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هڪ عشق هو. اهو عشق هن ۾ شروع کان وٺي هو. ٿي سگهي ٿو ان عشق جي وڻ کي اڀارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي جنهن جي ڪري سندس سنڌ جو عشق وڌي وڻ ٿيو هجي. پر ادب جي خوشبو ته سراج صاحب کي پنهنجي والد مرحوم محمد يعقوب ”نياز ميمڻ“ کان حاصل ٿي. مرحوم محمد يعقوب پاڻ هڪ وڏو تعليم دان ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. حافظ شيرازيءَ جي ”ديوان جا خط“ جو سنڌي ۾ سندس ڪيل ترجمو ثابت ڪري ٿو ته کيس سنڌي ۽ فارسيءَ تي هڪ ئي وقت مڪمل عبور حاصل هو. اهڙي علم پرور ۽ علم دوست والد جو ساٿ کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڏانهن ڇڪي آيو. سال 1933 جي 24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ سراج صاحب جو اسٽار لبرا هو. يعني ميزان اهو اسٽار رکندڙ شخص انتهائي ماٺيڻو ۽ انصاف پسند پر شرميلو به هوندو آهي. حيدرآباد جي مشهور نور محمد هاءِ اسڪول مان جڏهن هن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان وقت ساڻس گڏ مظهر الحق صديقي ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير رٽائرد جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو سندس هم ڪلاسي هوندا هئا. ان وقت ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. جتان هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. 1953 ۾ هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي علمي اداري ۾ اچي ملازمت ڪئي. 1955 ۾ محمد ابراهيم جويي کيس بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي مقرر ڪيو. ان وقت سنڌي ادبي بورڊ سائين جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر شمس العلما عمر دائود پوٽي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي جهڙن عالمن جي سهڪار سان هلندڙ هو. 1957 ۾ هن سي ايس پي جو امتحان ڏنو ۽ بورڊ کي خيرآباد چئي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. پر ان نوڪري دوران به هن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي هن هڪ شاندار ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي 1964 ۾ شايع ڪرايو. هن جو موقف هو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءِ جي ڄائي ڪونهي. بلڪ سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي پراڻي ٻولي آهي. جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت آهي. اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو. ڇاڪاڻ ته ڪن ماهرن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي آهي ته ٻيا وري ان کي ڇڪي وڃي عربن سان ملائيندا هئا. هڪ ئي وقت ان ڪتاب جي حمايت ۽ مخالفت شروع ٿي ويئي. خصوصي طور ڀارت ۾ رهندڙ هڪ سنڌي اديب ۽ لسانيات جي ماهر گنگارام سمراٽ ان ڪتاب تي ڏاڍي ڇتي ۽ بيرحماڻي تنقيد ڪئي. اهو مضمون حيدرآباد جي مشهور مئگزين ”سھڻي“ ۾ محترم طارق اشرف شايع ڪيو. نتيجي ۾ سراج الحق ميمڻ مشهور قومي رسالي روح رهاڻ ۾ انجو مدلل جواب ڏنو. ٻئي طرف سنڌ جي ترقي پسند فڪر سان تعلق رکندڙ اديب به سراج صاحب جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا. گنگارام سمراٽ ڇاڪاڻ ته اصل سن جو رهواسي هو. ان ڪري سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳوٺائي کي خط لکي ميار ڏني ته سراج، سنڌي ٻولي جو نوجوان محقق آهي. اوهان کي ان تي ان قسم جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپندو هو. گنگارام سمراٽ جواب ۾ جيڪو خط لکيو آهي. اهو سيد صاحب جي خطن واري ڪتاب ۾ شامل آهي. ان مان اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو سراج سان ڪيڏي نه محبت ڪندا هئا.
ساڳئي وقت هن 1969 ڌاري هڪ ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ لکيو. اهو ناول سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو. ان وقت سنڌ ون يونٽ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئي. ان ناول کي جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن نعريبازي قرار ڏنو. پر سنڌ جي نوجوان نسل ۾ اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو.

1972 ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سراج صاحب کي سيد قمر الزمان شاه جي صلاح سان روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جو ايڊيٽر مقرر ڪيو . پهرين مئي 1972 کان ڪراچيءَ مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان هڪ جديد سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو بنياد سراج صاحب جي هٿن سان پيو. يقينن ان ڳالهه کان ڪوئي شخص انڪار نه ڪري سگهندو ته سراج صاحب جي ايڊيٽرشپ ۾ نڪتل روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌي صحافت ۾ هڪ انداز، هڪ نئون موڙ هئي. ان اخبار سنڌي ٻوليءَ جا اصلوڪا لفظ ڪتب آندا، گرامر جو خصوصي طور خيال رکيو ويندو هو. تنهن کان سواءِ اعليٰ قسم جي پروف ريڊنگ جو رواج به سراج صاحب، هلال پاڪستان ۾ وڌو، ساڳئي وقت ان وقت جي مشهور اديبن جهڙوڪ امر جليل ۽ قمر شهباز کان ڪالم لکرائي کين معاوضو ڏيڻ جو رواج به سراج صاحب وڌو نه رڳو اهو بلڪ ان وقت کان وٺي اخبار جي وڪرو ٿيڻ تائين هلال پاڪستان واحد اخبار هئي جنهن ۾ ورڪرس کي ويج بورڊ پگهارون ملنديون هيون. 1977 جي مارشل لا کان پوءِ علي احمد بروهيءَ هلال پاڪستان ۽ ان جي پيپلز فائونڊيشن کي مارشل لا وارن جي حڪومت جي حوالي ڪرائي ڇڏيو ۽ پاڻ شيخ سلطان ٽرسٽ (پيپلز فائونڊيشن، جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر ٿي سراج صاحب کي مجبور ڪيوته هو مارشل لا جي فرمانبرداري ڪري. پر سراج صاحب استعيفيٰ ڏني ۽ اخبار کي الوداع ڪري ويو. شايد گهٽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي ته هلال پاڪستان کي ان وقت جيڪا جديد آفسيٽ پرنٽنگ مشين هئي اها جنگ اخبار وٽ بعد ۾ آئي. اهو ڪم سمورو ڪم سراج صاحب جي صلاح سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سر انجام ڏنو هو. ساڳئي وقت شهيد ڀٽو، پيپلز فائونڊيشن کي سول لائينس ۾، پي آءِ ڊي سي بلڊنگ ڪراچي وٽ ٻه شاهي پلاٽ به ڏنا. جن ۾ اها جديد پريس لڳل هئي. ٻن بلڊنگ جي ان وقت مسواڙ اداري کي لکين روپيا ملندي هئي. پر بروهي صاحب آخري 1992 جي آخر ڌاري اها جديد مشين اخباري ورڪرس کي وۡڪڻي ڇڏي. ان سموري ڳالهه تي سراج صاحب ڏاڍو ڏک ظاهر ڪندو هو.

سراج صاحب بنيادي طور تي هڪ اصول پرست اديب هو. شيخ اياز سان سندس دلي قرب هوندو هو. منهجي ذاتي ڏيٺ ويٺ سراج صاحب سان نومبر 1970ع ۾ ٿي شيخ اياز وٽ. اياز فاران هوٽل ۾ رهيل هجي. اتي اوچتو سراج صاحب اچي نڪتو، سندس بهترين پوشاڪ يعني ٿري پيس فل سوٽ ۾هو وڏي رعب ۽ تاب وارو شخص ٿي اچي اسان جي سامهون بيٺو وات ۾ خوشبودار تماڪ سان ڀريل پائيپ. اياز منهنجي واقفيت ساڻس ڪرائي يڪدم چوڻ لڳو. نوجوان اڳتي قدم بند ڪري ڇڏيئي ڇا؟ مان سمجهي ويس ته هن منهنجي رسالي اڳتي قدم جو پهريون پرچو پڙهيو آهي. وڌيڪ مون سان ڪو نه ڳالهايائين، اياز سان ڪچهري ڪيائين. بعد ۾ ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته عزت ۽ محبت سان ملندو هو. 1990 ۾ آئون جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر ٿيس ته پاڻ مون کي فون ڪري مبارڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته خبرداري سان اخبار کي هلائجان.

اسان اسلام آباد ۾ ملياسين جتي هو مون کي لائونج ۾ ٺهيل هالي ڊي ان اسلام آباد هوٽل جي جيسمين ڪافي شاپ ۾ وٺي ويو. اتي ڪافي جو آرڊر ڏيئي پاڻ پائيپ ڇڪڻ لڳو. مون کي ان وقت ڏاڍو اداس لڳو. شيشي جي دري مان شام جي مهل وسندڙ برسات کي ڏاڍي غور سان ڏسي رهيو هو، جڏهن ڪافي پي اٿياسين ته هن بل جي پيئمينٽ ڪري ڇڏي. اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان هوٽل ۾ حڪومت جا گيسٽ هئاسين. پر سندس خوددار طبيعت جي ڪري هن بل تي صحيح ڪرڻ بدران پنهنجي کيسي مان بل ڀري ڇڏيو ۽ مون کي خدا حافظ چئي واپس پنهنجي روم ۾ هليو ويو.

ساڻس آخري ملاقات پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل سال ٿي هئي. ڪراچي يونيورسٽي طرفان سڏايل شاهه لطيف ڪانفرنس جي هڪ سيشن ۾ پاڻ آيو هو. ملاقات ٿي ته مان پاڻ ساڻس جهڪي وڃي مليس چوڻ لڳو ”مدد ! تو رباني تي ڏاڍو سٺو مضمون لکيو آهي. دراصل لکڻ ته مون کي کپندو هو پر تو سٺو نڀايو آهي. تو منهنجي ادبي بورڊ مان ڇڏڻ واري تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيو. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته تو اهو مواد ڪٿان هٿ ڪيو؟“
مون سندس ٿورو مڃيندي محسوس ڪيو ته سراج صاحب سنڌي ادب کي باقائدگي سان پڙهي رهيو آهي هن ڌرتي هن ٻولي ۽ هن مظلوم قوم سان ڪيل پنهنجو وچن آخري دم تائين قائم رکيائين وفات کان اڳ ۾ سندس ٻه لکيل انگريزي ڪتاب

History of Sindhi Language
Biography of an unknown Sindhi

سندس انهي وچن ۽ ڪمٽمينٽ جو اظهار آهي. سنڌي ادب ۽ سنڌ جي آسمان تي هو ٻين ڪيترن ستارن وانگر چمڪندو رهندو، سندس ٻيا تارا مرڻ مون سين آءُ، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا، منهنجي دنيا هيکل وياڪل، سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون ۽ سنڌي ٻولي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن. اڄ شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون.

سدا اڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيئن انسان
وڙهندي مڙس مـَھان، مِٽيءَ منجهه سمايا.