شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج جون ڪجھه ڳالهيون ڪجھه يادون : شيخ عزيز

هي تن ڏينھن جي ڳالهه آهي جڏهن ون يونٽ جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت هئي. هر ماڻهو، ڀلي اهو ڪنھن وستيءَ واهڻ جو رهاڪو هجي يا وڏن شھرن ۾ وڏي تقدير جو مالڪ هجي. هن کي اها ڳالهه سھڻ ۾ ڪانه پئي آئي ته نابلد ليڊرن، اڳ پٺ سوچڻ بنا، انڌ جي گهوڙي تي سوال ٿي سنڌ جي قسمت سوين ڪوهه پري وڃي اڇلي.
سنڌ ۾ پڙهيل طبقو، خاص ڪري نوجوان انھيءَ مامري کان ڀليءَ ڀت واقف ئي نه هو، پر هن چاهيو ٿي ته اهو غلاميءَ جو طوق لاهي ڦٽي ڪري. اها ڳالهه هن ڪري وڌيڪ قيمتي هئي جو نوجوان ڏاڍو سجاڳ ٿي چڪو هئو. اهو ڏسي اڳوڻي نسل کي اطمينان ٿيندو هئو ته هڪ ڏينھن اها پاڃاري لاهي ڦٽي ڪندا.
اُنهيءَ ئي نسل جو هڪ نوجوان سراج هو، جنھن جي خاندان ٽنڊي ڄام مان لڏي اچي حيدرآباد وسايو هو ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪنھن سڦلي ڪم سان لڳڻ ٿي گهريو. محمد عثمان ڏيپلائي تن ڏينھن ۾ نه صرف پاڻ ڪامريڊن وانگيان ڪم ڪندو هو پر، پرعزم نوجوانن لاءِ همت جو ذريعو به هُئو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد ماحول مهيا ڪندي هئي ته ٻئي طرف ڏيپلائي، غلام محمد گرامي جھڙا ماڻهو هنن ۾ اتساهه پيندا ڪندا هئا. تنوير عباسي ڊاڪٽري جو شاگرد هو، نياز همايونيءَ اچي حيدرآباد ۾ خيما کوڙيا هئا. شاعريءَ سان گڏ حڪمت به هلائيندو هو، محمد ابراهيم جوئي، تعليم کان سنڌي ادبي بورڊ اچي وسايو هو، ادبي بورڊ ابتدائي مرحلن مان مس مس نڪري آيو هو ته ابراهيم جويي جھڙو ماڻهو اچي ڀرجهلو ٿيو. سراج جھڙي محنتي نوجوان کي ڏسي کڻي پاڻ سان کنيائينس، اچي سنڌي ادبي بورڊ ۾ وهاريائينس، جتي غلام رباني آگرو، اڳئي ڪر کنيو ويٺو هو. ٿورو بعد ۾ شمشير الحيدري به اچي گڏين.
سراج ۽ آگري گڏجي انگريزي ادب کي سنڌي ۾ آڻڻ جو طئي ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي چونڊ آمريڪي افسانا جھڙو ڪتاب تيار ٿي ويو. سراج بورڊ ۾ اچڻ کان اڳ ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ جھڙو ڪتاب لکي ورتو هو، سو بورڊ ۾ ساراهه ملڻ سان ويتر وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو. اتي ئي کيس سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سوگِهڙي پيو، لسانيات جھڙي ڳوڙهي مضمون ۾. ان وقت جرمن اسڪالر ٽرمپ جو نظريو گهڻو هلي رهيو هو. ڪاڪي ڀيرو مل به گهڻو ڪجهه لکيو. سراج به پنھنجي مٿاڪٽ کانپوءِ ”سنڌي ٻولي“ نالي ڪتاب لکيو، هن ڪتاب سنڌي ٻولي وارن ماهرن ۽ ڄاڻن ۾ گهڻي چو پچو پيدا ڪئي.
بورڊ ۾ ويٺي ئي سراج چٽا ڀيٽيءَ واري امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿيو سو انڪم ٽيڪس جھڙي کاتي ۾ هنيائونس، اتي به ڏاڍو نالو ڪمايائين پر لکڻ جي پچر ڪونه ڦِٽي ڪيائين. سو ويو ڪتاب لکندو سنڌ تي ارغونن وارو دور حڪومت ڏاڍو ظالماڻو دور هو، هن دور ۾ ٿيل هاڃن کي هن پنھنجو موضوع بڻائي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ لکي پنھنجي تاريخي معلومات کي افسانوي رنگ ۾ اهڙو رنگي ڇڏيو جو اهو ناول ڏاڍو مقبول ٿيو. سراج جي لکڻ واري شوق آڏو سرڪاري نوڪري به ڪا رڪاوٽ ڪانه بڻي ۽ هو لکندو ويو. سندس انهيءَ لکڻ جي پاداش ۾ هن ڀوڳيو به جڏهن فوجي حڪمران جنرل يحى ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته اچڻ شرط تطهير جي نالي ۾ هن 303 آفيسرن کي سرسري اعلان ذريعي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، سراج به انهيءَ انڌ واري چڪيءَ ۾ پيسجي ويو، پر سچ هيءُ آهي ته سراج، انهيءَ جي انجام کان بي نياز ٿي انڪم ٽيڪس جي وڪالت شرع ڪري ڏني، جنھن ۾ هن گهڻو ناماچار ڪمايو. انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي پارٽي سميت ميدان تي لٿو، ڀٽي جي شخصيت اهڙي هئي جوهن جي پارٽي ملڪ جي مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي. پارٽي کڻي حيدرآباد جي منشي برادران واري اخبار هلال پاڪستان خريد ڪري ان کي پارٽي جي اخبار بڻايو. سراج کي ايڊيٽر مقرر ڪيائين، ٿورن ئي ڏينھن ۾ اخبار ملڪ جي مشهور ۽ مقبول اخبار بڻجي وئي. هن اخبار ذريعي هن نون نون لکندڙن کي اڳتي آندو پر سندن صلاحيتن کي پوريءَ ريت ڪتب آندو، پنھنجي ڀيڻ انيس، مشهور ڪھاڻيڪار امر جليل، فقير محمد لاشاري ۽ ٻيا ڪيئي کڻي گڏ ڪيائين. نيون ڳالهيون، نوان موضوع ۽ نت نوان لاڙا، اخبار هلال پاڪستان جديد صحافت ۾ ڪيئي سٺيون ڳالهيون ميدان ۾ آنديون. خود سراج جو پنھنجو قلم ڪنھن کان ڊڄڻ وارو ڪونه هو. تنھن ادارتي تحريرن جو ڏاڍو مڻيادار لاڙو ڏنو.
سندس ڪتابن ۾ سنڌي ٻولي، ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ”اي درد هلي آءُ“، ”منھنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منھنجي دنيا مرگهه ترشنا“ جھڙا قابل تعريف ڪتاب ڏنا.
سراج تمام ٿورو ڳالهائڻ وارو ۽ ملنسار ماڻهو هو، هن ۾ نھٺائي گهڻي ۽ مسئلن کي سمجهڻ جي خصلت تمام گهڻي هئي، اها ئي سندس شخصيت جو خاصو هئي.