شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج ميمڻ هڪ ٻھڳڻي شخصيت : هيرو ٺڪر

سراج الحق ميمڻ صاحب جي وفات جي خبر بيحد ڌڌڪو ڏيندڙ خبر هئي.جنهن جيءُ کي جهوري ڇڏيو. ڪي گهڙيون ته ان ڳالهه تي اعتبار ئي ڪو نه پئي آيو ۽ سندس پياريون پياريون يادون من تي ڇانئجنديون رهيون. سندس تندرستيءَ جي علالت جي ڄاڻ هئم. صحت جو مسئلو کيس ڪافي وقت کان رهندو پئي آيو، پاڻ خود سنڀال وارو شخص هو ۽ سندس ڪٽنب پريوار وارا خاص طور منهنجي ڀاڀي سيما ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر امجد سراج، ڀيڻ فهميده حسين ۽ ٻيا گهر جا ننڍا وڏا ڀاتي پوري طرح سندس سار سنڀال لهي رهيا هئا. ان ڪري اهڙو انديشو مور نه هو ته هيئن ويٺي ويٺي هٿ کس ٿي ويندي.
سنڌ ۽ هند جي سنڌين جو اهو درڀاڳ آهي. جو تازو گذريل وقت ۾ اسان جا ڪيترائي پيارا مهان اديب اسان کان وڇڙندا رهيا آهن. بين الاقوامي حيثيت واري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نوجوان تخليقي اديبن حسن درس ۽ طارق عالم ابڙو، عظيم شاعر شمشير الحيدري ۽ پرڀو وفا ۽ ٻين ڪن اديبن جي وڇوڙي جا ڦٽ ۽ هاڻ وري سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي جو ڏهاڳ اسان کي مليو آهي.
سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.
سراج صاحب جي نالي سان منهنجي واقفيت سال 67_1965ع ڌاري ٿي انهن ڏينهن ۾ سندس نالو وڄندڙ هو. ڀارت جي به سنڌي ادبي کيتر ۾ به خاص طور لسانيت ۾ چاهه رکندڙن ۾ ڪافي چوٻول متل هو”سنڌي ٻولي“ جي اشاعت کان اڳ سنڌي ٻوليءَ بابت مکيه ٻه رايا مروج هئا. پهريون ۽ گهڻائيءَ ۾ اهو رايو هو ته سنڌي، سنسڪرت مان نڪتل آهي ۽ ٻيو اهو ته سنڌي ٻولي سامي سٿ واري ٻولي آهي. دراوڙي ٻولين سان سنڌيءَ ۾ وابستگيءَ وارو نظريو ان وقت تائين اڃا مروج نه بڻيو هو ۽ عام طرح اهو ئي مڃيو ويندو هو ته سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ٻولي آهي. پر سراج صاحب ان رواجي ڍنگ سان وهندڙ پاڻيءَ ۾ جيڪو سروٽو اڇليو ته الٽو سنسڪرت، سنڌيءَ مان نڪتل آهي تنهن سبب وڏو ڌماڪو ٿيو.
”سنڌي ٻولي“ ڪتاب جون ڀارت ۾ جي ٿورڙيون ئي ڪاپيون پهتل هيون ۽ هر ڪو اديب ان ڪتاب ۾ درج ٿيل ان انقلابي سوچ ۽ نظرئي کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ منتظر هو. مان تن ڏينهن الهاس نگر (ڪئمپ) ۾ رهندو هوس ۽ هڪ پراڻي اسي کن ورهين جي عمر واري اديب ۽ ٻولي ۾ گهرو چاهه رکندڙ چوهڙ مل هندوجا ۽ پنهنجي بزرگ متر نارائڻ ڀارتيءَ سان منهنجو نيازمنديءَ وارو رستو هو. انهن مڙيئي وڏي ڪوشش سان ڪٿان اهو ڪتاب هٿ ڪيو هو ۽ منهنجي عرض ڪرڻ تي مونکي به ڪتاب پڙهڻ جوموقعو ڏنائون. مون تازوئي هنديءَ جو وڏي ۾ وڏو امتحان ”ساهتيه رتن“ پاس ڪيو هو ۽ سنسڪرت سان به ڪجهه شناسائي هئم. تنهن ڪري انهن ٻولين ڏانهن منهنجي ڪافي رغبت هئي مون کي اهو به قبول ڪرڻ گهرجي ته ان وقت علم لسانيات جو مون کي گهڻو علم نه هو. اهڙين حالتن ۾ مون جڏهن اهو ڪتاب پڙهيو ته سراج صاحب وارو نئون نظريو ته سنسڪرت سنڌيءَ مان نڪتل آهي سو ته مون کي مطمئن ڪري نه سگهيو. جيڪو بهرحال ٻين پڙهندڙن جو به خيال هو. پر سراج صاحب ڪتاب لکڻ کان اڳ جيڪو حد درجي جو مطالعو ڪيو هو ۽ جنهن ڍنگائتي نموني هن پنهنجي نظرئي کي پيش ڪيو هو. تنهن جي مدنظر هن جي علميت اڳيان منهنجو سر جهڪي ويو ۽ مون سبق به حاصل ڪيو ته ريسرچ جي ڪم ۾ ڪيتري نه جاکوڙ ۽ اڀياس جي ضرورت ٿئي ٿي.
سراج صاحب سان منهنجي وڌيڪ واٽ تڏهن جڙي جڏهن هن ”مھراڻ“ 1979ع جي 3-4 شماري ۾ مون ڏانهن هڪ لکيل خط ”قاضي قادن جو ڪلام“ ڪتاب جي حوالي سان لکيو. خط ۾ هن منهنجي ڪم جي دل کولي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته خاص طور ادب جا ڳولائو اوهان جا ٿورائتا رهندا ۽ اڄ جي زماني ۾ جڏهن عربيءَ لپي ئي اسان لاءِ اهم بڻي آهي. تڏهن قاضي قاضن جي نالي کي واقعي ئي نهال ڪري اوهان پاڻ کي ”سنڌي ادب جو هيرو ثابت ڪيو آهي“ (مهراڻ 1979 شمارو 3_4)
بهرحال ايتريءَ ساراهه جي باوجود به هن کي ڪتاب ۾ ڄاڻايل جيڪي ڳالهيون قابل اختلاف لڳيون. تن ڏانهن پنهنجي ليک ۾ چٽيءَ طرح اختلاف ظاهر ڪيائين. سندس ان ليک مان سندس علميت چٽيءَ طرح پيئي بکي. ڇو جو ان ليک ۾ هن برٽش ميوزيم ۾ وڃي اتان حاصل ڪيل سنڌي شاعريءَ وارن حوالن جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي. سو ڏيکاري ٿو ته هو ڪيڏو نه وڏو عالم ۽ جاکوڙي هو.
سراج صاحب صرف لسانيات جو ماهر ۽ محقق ئي نه هو، پر دنيا جي تاريخ، خاص طور سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ معاشي حالتن تي پوري نظر ۽ پوري دسترس رکندڙ هو. هن پنهنجي ڄاڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ ڏانهن پنهنجي تخليقن ۽ افسانه نويسيءَ واري فن ۾ پنهنجي مهارت کان ڪم ورتو. ان ڏس ۾ هن جو ”پڙاڏو سوئي سڏ“، ”مرڻ مون سين آءُ“ ۽ ٽريالاجي_ ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ واريون تصنيفون هڪ يگاني حيثيت رکن ٿيون.
هو دعوتن ۽ ڪچهرين جو به ڪو ڏيو هو. جڏهن به سنڌ اچبو هو ته سندس شاندار دعوتن جو لطف ماڻڻ جو موقعو ملندو هو. جتي يادگار ڪچهريون به ٿينديون هيون.هڪ ڀيري اهڙي ڪچهريءَ ۾ سر ڳواسي هري موٽواڻي ۽ پڻ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي صحبت ماڻڻ جو به موقعو مليو. تازو جڏهن جنوري 2012ع ۾ سنڌ جي مشهور شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي 268هين عرس جي موقعي تي مان، ومي سدارنگاڻي، اندرا شبنم وغيره اتي آياسين ته هڪ شاهي دعوت پنهنجي بنگلي تي رکيائون. جنهن ۾سندن سمورو راڄ پريوار به شامل هو. جن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. ان دعوت ۽ ڪچهريءَ کي اسين سڀ ڏاڍو ياد ڪندا آهيون. ان دعوت ۾ سراج صاحب سڀني مهمانن جو شخصي طرح اونو رکندو رهيو. هر ڪنهن کي چوي ڀلا هي کائي ڏسو، ڀلا هي ٽيسٽ ڪئي اٿو، ڪچهري به ڪيائين ۽ حال احوال به ڏنائين ۽ ورتائين. ان ئي دعوت جي پڇاڙي واري وقت سندس فرزند ڊاڪٽر امجد صاحب مون کي پاڻ سان پاسيرو ويهاري ٻڌايو ته بابا جن جي ڦڦڙن جو پرابلم مڙيئي ڪجهه وڌيل آهي ۽ اسان ٻڌو آهي ۽ NAT تي معلومات حاصل ڪئي آهي ته دهلي (انڊيا) ۾ ان جو سٺيرو علاج ميسر آهي. ان ڏس ۾ مون کان به راءِ پڇيائين ۽ مون کيس ٻڌايو ته برابر دهليءَ جي بلڪل ويجهو گڙگان ۽ ميدانتا اسپتال ۾ ان جي Specialization آهي ۽ دنيا ڀر مان ماڻهو علاج لاءِ اچن ٿا ۽ کين به ان جو ضرو فائدو وٺڻ گهرجي. مون کين چيو مان ته دهليءَ ۾ رهان ٿو ۽ مون کي ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ ۾ فقط خوشي ئي حاصل ٿيندي پر منهنجن هنن ڀائرن مون کي ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ موقعو نه ڏنو.ڪا به تڪليف ڏيڻ واجب نه سمجهائون ۽ اوچتو هڪ ڏينهن امجد صاحب جو فون آيو ته بابا جن ميدانتا ۾ علاج ڪرائي رهيا آهن ۽ ٺيڪ طرح سڀ ڪجهه هلي رهيو آهي. خير مان ٻئين ڏينهن صبح جو ئي ميدانتا اسپتال پهچي ويس ۽ حالي احوالي ٿياسين. اتي ٻن ٽن هفتن جي علاج بعد هو مطمئن ٿيا ۽ مون به کين پنهنجي غريب خاني ۾ پڌارجڻ جي دعوت ڏني هڪ ٻن ڏينهن بعد مون کي ٻڌايائون ته سڀاڻي صبح جو ڪجهه وقت لاءِ تو وٽ اچي رهيا آهيون.
مون لاءِ اها ڏاڍي خوشي ءَ جي ڳالهه هئي ته منهنجو وڏو ڀاءُ خوش چڱو ڀلو ٿي مون وٽ ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي. مون پڻ سراج صاحب جي بين ڪن دوستن ڊاڪٽر مرلي ڌرجيٽلي، لڇمڻ ڀاٽيه، ڪومل، موهن همٿاڻي، دل سنڌ جي ايڊيٽر مهيش ڇاٻڙيا، آنند کيماڻي وغيره کي مانيءَ جي دعوت ڏني. پنج ڇهه ڪلاڪ ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. سڀ دوست سراج صاحب ۽ امجد صاحب جي صحبت ماڻي دلي طرح خوش ٿيا. اهو اڳئين سال فيبروري جو آخر وارو سمو هو. ان دوران معلوم ٿيو ته ٻئي ڄڻا علاج مان مطمئن هئا۽ اسان کي به دلي سڪون رسيو ته ڀاءُ چاڪ چڱو ڀلو ٿي واپس گهر ويندو.