سراج الحق ميمڻ : اعليٰ اديب ۽ قدآور شخصيت : بيدل مسرور
اها خبر ته هر ڪنهن کي آهي ته سراج صاحب جو نالو سنڌ جي ڪن مڃيل ڪهاڻيڪارن/ناول نگارن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ناول ”مرڻ مون سين آءُ“، ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“، ”پڙاڏوئي سوئي سڏ“، ”پياسي ڌرتي“،” رمندا بادل“ يا سندس ماسٽريس ڪهاڻيون ”ٻهڻي“، ”انسان ۽ ديوتا“، ”هڪ مرد ٽي لاشا“ يا سندس ڪهاڻين جا مجموعا ”اي درد هلي آءُ“، ۽ ”اٺون ماڻهو“ پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيا آهن.
ترجمي جي حوالي سان به سراج صاحب جو ڪافي معياري ڪم ڪيل آهي. مون کي پوريءَ طرح ياد ناهي، بس ايترو ياد آهي ته نئين زندگيءَ جي ڪنهن آڳاٽي پرچي ۾ سندس هڪ ترجمو ٿيل ناٽڪ شايع ٿيو هو. جيڪو ٻن قيدين جي وچ ۾گفتگو تي ٻڌل هو. ان کان علاوه هڪ ناول ”ڏکڻ مان ٿو سج اڀري“ (1953ع) ، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ ۽ ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ (1958ع) ترجمي جي ڏس ۾ سندس يادگار ڪارناما آهن. مون ڪنهن ڪتاب ۾پڙهيو هو ته سراج جي ڪهاڻي ”اي درد هلي آءُ“ به جيمس جوائس جي ڪهاڻي “The Dead” جو ترجمو آهي ۽ سندس ڪهاڻي ”پاتال“ غالبن البرٽ ڪامئو جي ڪنهن ادب پاري تان ترجمو ٿيل آهي. جنهن جو نالو ڪهاڻيءَ جي شروع ۾ ورتل آهي. منھنجي خيال ۾ اهي اشارا شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي ٿيسز ۾ لکيا آهن. گڏوگڏ عرساڻي صاحب سندس ٻين ڪهاڻين ”فراڊ“ ۽ ”دل جا پاڇولا“ جي لاءِ به اها راءِ ڏني آهي ته شايد اهي به ترجمو ٿيل ڪهاڻيون آهن.
شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي پي ايڇ ڊي واري مقالي: ”آزادي کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۾ سراج صاحب لاءِ لکيو آهي ته:
“سراج الحق ۽ غلام رباني ٻنهي جي ذهني اوسر، تربيت ماحول ۾ ڪيترائي قدر مشترڪ شامل آهن، تعليم ۽ ملازمت جا کين ساڳيا ئي ابتدائي موقعا هٿ لڳا ۽ هنن ٻنهي گڏوگڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار بيٺڪن ۾ شرڪت ڪندي هنن ۾ ادب لاءِ قلمي رغبت پيدا ٿي ۽ جتان ٻئي ميدان ۾ لٿا، فڪري باليدگيءَ ۽ ادبي مطالعي جي وسعتن ۾ به گهڻي ئي زاوين جي لحاظ کان ٻنهي ۾ يڪسانيت محسوس ٿئي ٿي. سندن فڪري پرورش ۽ ادبي ذوق به شروعات ۾ محترم محمد ابراهيم جويي جھڙي ڪهنه مشق اديب ۽ يگاني عالم جي سنگ ۾ پروان چڙهيو. ان شخصي تعلق ۽ رفاقت جي سنگ ميل جو عڪس ڪي قدر ٻنهي فنڪارن جي ڪهاڻين ۾ به نظر اچي ٿو. غلام رباني توڙي سراج جي مختصر ڪهاڻين ۾ مغربي فن جو استفادو ۽ ان جا متفرق تجربا خلط ملط نظر اچن ٿا. استحصال کان پاڪ معاشري جي خواهش ۽ ضمير جي آزادگيءَ جي عالمگير سوچ جو احساس ٻنهي فنڪارن جي ڪهاڻين جو اڪثر خاصو بڻيل آهي. ٻنهي فنڪارن جي تخليقي ماپي تي هڪ انفرادي رنگ چڙهيل آهي. هو ٻئي هڪ ئي منزل جا پانڌيئڙا معلوم ٿين ٿا. ليڪن واٽون ٻنهي جون جدا جدا آهن.
جتي ٻين ڪهاڻيڪارن وٽ مقاميت جو زوردار رنگ جھلڪا ڏئي رهيو آهي. اتي سراج جي ڪهاڻين ۾ وري پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن جي شعور سان گڏ، هاڻوڪي دور جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوان جو شديد ردعمل جو اظهار به ملي ٿو . ته هو بين الاقوامي فڪري رجحانن کان متاثر ٿي ڇا سوچي رهيو آهي؟ غلام رباني ۽ جمال ابڙي سماجي زندگيءَ جا عڪس هوبھو پيش ڪيا آهن. ليڪن سراج جي اسٽائيل مان وري اهو گمان ٿئي ٿو ته هن سچي پچي زندگيءَ جي ڄڻ ته رومانيت جي فضا جي مصوري ڪئي آهي.
پنهنجي تجزيي سان گڏ عرساڻي صاحب ڪجهه ٻين ليکڪن جا تجزيا به ان ٿيسز ۾ شامل ڪيا آهن جهڙوڪ: شيخ اياز لکي ٿو ته: “ سراج جا ڪردار فقط انسان نه آهن، پر ادبي ڪردار به آهن، هنن جي نگارش ۾ نه فقط زندگيءَ جي معاشرتي ۽ نفسياتي پهلوءَ جي هم آهنگي آهي. پر انهن فن جو هڪ مخصوص رنگ روپ به ڏنو آهي. جو پنهنجي تخليق جي انفراديت جو ثبوت ڏئي ٿو، سندس ”چنڊ گرهڻ“، ”ٻھڻي“ ۽ ”اونده جو وڻ“ هن جا ادبي شھپارا آهن.“
ثميره زرين لکيو آهي ته ”محترم سراج جو ”ٻهڻي“ سندس شاهڪار افسانو آهي، هن افساني ۾ او هينريءَ جي ڪامياب ٽيڪنڪ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ناولن ۾جيئن سندس ناول ”پڙاڏوسوئي سڏ“ کي تمام گهڻي پذيرائي ملي، تيئن سندس ترجمو ڪيل ”چونڊ آمريڪي افسانن“ به پڙهندڙن کي تمام گهڻو اتساهيو، خاص طور ان ڪتاب مون کي ايترو ته فيسينيٽ ڪيو هو جو ٽي.وي تي ان ناول کي ڊرامائي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي وڏي ڪوشش به ورتيسين، پر حالتن ۽ پابندين جي ڪري اها خواهش پوري ٿي ڪانه سگهي.“
هاڻي جي خبر ناهي البت سراج صاحب جو 1964ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ بابت ڇپيل ڪتاب ايم اي سنڌيءَ جي ڪورس لاءِ رڪمنڊ ٿيل آهي يا نه پر اسان 1974 ڌاري پيپرن ۾ سراج صاحب جي ڪتاب جا ئي حوالا ڏئي آيا هئاسين، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ متعلق سراج صاحب اتساهيندڙ دليل اهو هو ته ”سنڌي آريائي ۽ ويدن جي دور کان اڳ جي زبان آهي“ ۽ جنهن اسان جي دل وڏي ڪري ڇڏي هئي، ساڳئي سال 1964ع ۾ سندس ”علم معاشيات“ متعلق به ڪتاب شايع ٿيو هو.
مون جيستائين کيس روبرو نه ڏٺو هو ته منهنجي ذهن ۾ سندس خاڪو هڪ برجستي ليکڪ ۽ سنجيده شخصيت جو ئي جڙيل هو، ۽ جڏهن 19 نومبر 1972ع ۾ ٿيندڙ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد تنظيم ”مهراڻ ميڊيڪوز“ پاران ملهايل ”سنڌي شام“ ۾ قومي گيت ڳائڻ لاءِ آيو هوس ته واقعي سراج الحق ميمڻ صاحب نهايت پروقار شخصيت جو مالڪ نظر آيو.
ان پروگرام کانپوءِ ڪراچيءَ جي شاعرن اديبن پنهنجو منڊل مچايو ته ان لاءِ مون کي روڪي ورتائون. جنهن ڏينهن فش هاربر تي بلالي صاحب جي دعوت هئيته مون کي. جهانگير ڪوارٽر تان پنهنجي موٽرڪار تي کڻي وڃڻ جو ذمو به سراج صاحب تي هو. ۽ جڏهن سراج صاحب پنهنجي موٽرڪار تي مون کي وٺڻ آيو هو ته مشتاق احمد شوري حيرت وچان معصوم صورت ٺاهيندي چيو هو: ”يار سراج صاحب ته چڱي ڀلي کي لفٽ نه ئي نه ڪرائيندو آهي. سخت مغرور ماڻهو آهي. توکي پنهنجي ڪار تي ڪيئن وٺڻ آيو آهي !“
واقعي ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته سراج صاحب جيترو ذهين ماڻهو هو اوترو ته سنجيده به هوندو هو. هر معاملي ۾ حصو نه وٺندو هو. ۽ نه ئي اجايو بحث ڪندو هو. ڪنهن اهم معاملي تي به پنهنجي راءِ ڏئي خاموش ٿي ويھندو هو. مون کي اهو وقت به ياد آهي ته جڏهن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ پروڊيوسرن جون ويڪنسيون انائونس ٿيون هيون ته مون کي شيخ اياز مرحوم چيو ته ڪراچيءَ ۾ سراج سان ملجانءِ، ذوالفقار علي ڀٽي هن کي پنهنجي اخبار جو ايڊيٽر ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ”طلوع“ رسالي جي ايڊيٽر اشتياق اظهر سان هن جا ڪافي گھرا تعلقات آهن. اشتياق اظهرشايد اسلم اظهر جو ڀاءُ آهي.“
مان به هوا تي پئي اڏاميس، ته سراج صاحب جي سفارش سان ٽي ويءَ جي نوڪري بس پليٽ تي مٺائيءَ وانگر رکي آهي ۽ ڪراچي وڃي رڳو مون کي کائڻي آهي. ڀلا شيخ اياز جو نياپو سراج صاحب کي ملي ۽ سراج صاحب انڪار ڪري. ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تمام ويجهن ماڻهن مان هجي ته نوڪري نه ملڻ جو ته سوال ئي نه ٿي اٿيو!
سو شڪارپور کان راتورات ريل تي چڙهي اچي ڪراچيءَ پھتس، بسن۽ ٽرامن جا چڪر ڪاٽيندي وڃي بندر روڊ تي هلال پاڪستان اخبار جي آفيس م سراج صاحب تائين پھتس. اخبار ۾ ان وقت منظور قريشي، راز ناٿن شاهي، حسام سومري سان ملاقات ٿي. منظور قريشيءَ چانهن نه پياري پر سگريٽ مون کان گھري ڇڪڻ شروع ڪيائين ۽ پاڪيٽ وٺي پنهنجي ڊسٽ بن ۾ اڇلايائين تنهن تي چيومانس ته :بنده خدا جا پاڪيٽ سڄو سگريٽن سان ڀريل هو. تو اهو ڊسٽ بن ۾ ڇو اڇلائي ڇڏيو ؟“
منهنجي ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳو ۽ پنهنجي اڳيان رکيل پروفن جاچڻ وارو ليک کڻي اٿيو ۽ اهو تازو دکايل سگريٽ ايش ٽري ۾ وسائي. اتي ئي رکي چوڻ لڳو: ”تون ويهه مان سراج صاحب کي تنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪري اچان“ ائين چئي هو سراج صاحب جي آفيس ڏانهن هليو ويو. مون سوچيو اطلاع ڪرڻ کانسواءِ سراج صاحب جي ڪمري ۾ وڃبو ته ڏسي خوش ٿيندو. سو مان به اٿي سراج صاحب جي ڪمري هليو ويس، ڏٺم ته منظور قريشي هٿ ٻڌي سندس اڳيان بيٺو آهي. جنهن شايد اڃا منهنجي اچڻ جو اطلاع نه ڪيو هوس. سو مون تي جو نظر پيس واقعي ڏاڍو پاپوهه مان ويٺي ويٺي هٿ ڊگھو ڪري مليو. پروفن وارو ڪاغذ پڙهندي مون ڏانهن به پئي نھاريائين. پروف ڏسي واندو ٿيو ته حال احوال پڇڻ لڳو، تڏهن مون شيخ اياز جو حوالو ڏيندي ٻڌايو، ته سنجيده ٿي ويو، پوءِ ٿوري دير کانپوءِ پائيپ جو ڪش هڻي چپن ۾ مرڪي چوڻ لڳو: “اشتياق اظهر،برابر ”طلوع“ جو ايڊيٽر آهي، پر هو اسلم (تڏهوڪي ايم ڊي پي ٽي وي ) جو ڀاءُ نه آهي ۽ نه ئي هن جي ايتري هلندي پڄندي آهي جو توکي ٽي ويءَ تي نوڪري وٺي ڏئي، ڇو ته ٽي ويءَ جي نوڪري وٺڻ ايترو آسان نه آهي. پر بيدل ائين توکي ٽي ويءَ جو پروڊيوسر ڪيئن ڪري ڇڏيندا.“
مون چيو: ”مان ايم اي سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پوري سنڌ مان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.“
“اها ته فهميده به ڪئي آهي (ڊاڪٽر فهميده حسين سندس ڀيڻ)، هٿ ۾ جهليل پائيپ مان ڪش هڻندي وري چوڻ لڳو: ”پر يار بيدل ! آئون تنهنجي سفارش نه ڪندس.“ الائي ته ڇو انوقت مون کي مشتاق شوري جو جملو ياد اچي ويو.
پر بهرحال مون کي ٽي ويءَ جي نوڪري ملي وئي. درخواست مرحوم شمشير الحيدريءَ لکي ڏني. مانواري ڀيڻ مھتاب اڪبر راشدي، لوڪل مينيجمينٽ ۾ پروگرامز مئنيجر جي پوسٽ تي ويٺل مرحوم عبدالڪريم بلوچ کي پارت ڪئي، جيڪا هن هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن کان لنوائي ڇڏي هئي، پر پوءِ به نوڪريءَ دوران ڪڏهن ڪڏهن ڀيڻ مھتاب اڪبر راشديءَ جي سفارش جو طعنو ڏيندو رهندو هو، پوءِ حيدرآباد جي ڪجهه دوستن چيو ته بيدل کي اسان نوڪري وٺي ڏني آهي. ڪنهن چيو ته بيدل کي نوڪري سچل سائينءَ جي سجاده نشين سائين خواجه عبدالحق فاروقي وٺي ڏني آهي. بهرحال، نوڪري منهنجي مالڪ وٺي ڏني هئي.جنهن ۾ سفارشي خواجه عبدالحق به هو، سائين بيدل سرڪار به هو ته فقير مسرور به هو، پر مون ڪنهن جي به دل آزاري ڪا نه ڪئي ۽ سڀني سان ها ۾ ها ملائي ڇڏي ۽ پنهنجي قومي جذبي جي ڪري شيخ اياز جا گيت به دل سان ڳاتا ته ادبي ناتي سان سراج صاحب سان وٽس هلي وڃي ملندو هوس. حالانڪ هو ڪنهن ادبي جلسي ۾ پهرين قطار ۾ ويٺل هوندو هو. پر ائين حجت پائي ساڻس وڃي ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. پنهنجي قومي شعور سبب شيخ اياز جي قومي گيتن ڳائڻ جي حوالي سبب وڏي پاٻوه مان ڳرهاٽڙي پائي ملندو هو ۽ ڪراچيءَ جي روشن خيال اديبن جي نجي گڏجاڻين ۾منهنجي آرٽ سان وابستگيءَ سبب هن پنهنجي شفقت ۽ ٻين اڳيان تعريف جي عمل کي آخر تائين قائم رکيو ۽ جڏهن به مليو ته پنهنجي شبنمي هٿن چمڻ کان محروم نه رکيائين.
سراج صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ جا يادگار ڳالهه آهي. اها هيءَ آهي ته 1994ع ڌاري شيخ اياز دعائون لکڻ شروع ڪيون هيون ته مون به ان جي رد ۾ ڪجهه دعائون لکيون هيون. جنهن تي سراج صاحب “خاص طور ”رتيءَ جي رهاڻ“ جي عنوان سان هڪڙو ڪالم لکيو جيڪو روزانو جاڳو ڪراچيءَ جي 15 جون 1994ع تي شايع ٿيو هو، ان ۾ سراج صاحب تمام اهم ڳالهين سان گڏ منهنجي متعلق به ڪامينٽس ڏنا هئا. اهو ڪالم مون وٽ محفوظ آهي، انڪري ان جو ڪجهه مختصر جھلڪيون پڙهندڙن جي آڏو رکان ٿو، لکيو اٿس:
“ڪنهن زماني ۾ ڀٽائي، پنهنجي لاءِ سنڌ لاءِ ۽ اسان جي لاءِ دعائون گھرندو هو، سندس هڪڙي دعا کي ٻڌي، اسانجن ۽ هنن جي ”دانشور“ هن کي سندس آفاقي ۽ عالمي شاعر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ پئي ڏنو. اها دعا اوهان کي الائي ياد آهي يا نه: مون کي ته ياد ئي ڪانه رهندي آهي، ۽ هينئر به گربخشاڻيءَ واري رسالي منجهان ڳولهي ڪڍي اٿم:
سائين مَ سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
هن جي هڪڙي ٻي ذاتي دعا تي هڪڙي مولوي صاحب سڄو سارو ڪتاب لکي ڇپايو هو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته شاه لطيف اسان سنڌ وارن لاءِ اها دعالکي هئي:
”عدلَ ڇٽان آنءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو“
ڀٽائي کانپوءِ تازو وري دعائن جو هڪڙو باب کليو آهي، جنهن جي لاءِ ٻڌو اٿم ته اسان جي يار اياز شروعات ڪئي آهي. منهنجي بدقسمتي آهي جو رسول بخش پليجي جي صلاح باوجود، مون اڃا اهي ڪونه پڙهيون آهن. البت اياز جي ريس ۾ اسان جي ٻئي هڪڙي يار تاجل بيوس به دعائن جو هڪڙو سلسلو شروع ڪيو آهي. انهن منجهان ڪجهه دعائون پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿي اٿم. ڀٽائي کانپوءِ ٻن ”مهان“ شاعرن دعائن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي. اها لانڍ ته الائجي ڪٿي وڃي توڙ ڪندي. مون جهڙا ڪم عقل ماڻهو هنن جي ”مهانتا“ کان ايڏا ته مرغوب آهن، جو جيڪڏهن ڪڇنداسون ته ڀانت ڀانت جا ڏينڀو چنبڙي وڃن ته عيب ڪونهي.
هاڻ وري هڪڙي ٻئي شاعر جيڪو ايترو ”مهان“ ته ڪونھي، پر هن جي وڏائيءَ جو هڪڙو ثبوت ڪافي آهي ته هن جي نالي ۾ ٻه تخلص شامل آهن، هڪڙو ”بيدل“ ٻيو ”مسرور“ تنهن دعائون لکڻ ۽ گھرڻ شروع ڪيون آهن. البت هن جون دعائون اسان جي ٻنهي ”مهان“ شاعرن کان مختلف آهن. هي شايد اهڙيون پهريون دعائون آهن. جيڪي چڙ، ڪاوڙ، ڀوڳ ۽ ٽوڪ طور گهريون اٿس. ائين اسان جي ”ادب“ ۾ دعائن جي هڪڙي نئين صنف ۽ وصف شامل ٿي آهي. ۽ ڀانيان ٿو ته اها روايت به اڳتي هلي ٻين به ڪيترن شاعرن کي ڪنهن وچڙندڙ بيماريءَ وانگر لڳندي ضرور !
بيدل لاءِ منهنجي دل ۾ ڏاڍو پيار آهي. هن جي اصل سڃاڻپ هڪڙي سٺي موسيقار ۽ راڳيءَ جي آهي. جڏهن اڃا دعائن جھڙو ڪراڙو ڪو نه ٿيو هو، تڏهن کان خاص محفلن ۾ مون هن کي ٻڌو هو. ان فن ۾ هن ڏاڍي محنت ۽ رياض ڪيو آهي. جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي راڳين ۽ موسيقارن جي سٿ سان هن اياز جو گيت ”مان ڏوهي هان“ پيش ڪيو ته مون سميت ٻڌندڙن کي بدن ۾ سيسراٽ وجهي ڇڏيا هئائين. ۽ آءُ ته اوڇنگارون ڏئي رنو هوس!“
سراج صاحب جي ان محبت جو هڪڙو وڏو مثال آهي ته تازو انڊين سنڌي ڊيليگيٽس جي سنڌ اچڻ تي جڏهن سنڌ جي ثقافت کاتي، سندن مان ۾ چيف منسٽر هائوس ۾ آجياڻو منعقد ڪيو هو، مان پنهنجي وضع مطابق هر ڪنهن سان سندن جاين تي ملڻ ويس. جڏهن سراج صاحب وٽ پهتس ته هن اٿي ڀاڪر پاتو ۽ منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي چوڻ لڳو: ”بيدل يار مان هاڻي هڪڙي ڏينهن پنهنجي سڄي ڪهول سان، سڀني پوٽن ڏوهٽن سميت تنهنجي گهر ايندس ۽ اتي اچي تنهنجي آواز ۾ قومي گيت ٻڌندس.“
مون چيو: سائين اوهان هيترا ڄڻا گڏ ٿي. منهنجي گهر نه اچي سگهندا. ان ڪري اها تڪليف توهان نه ڪريو، مان هڪڙي هارمونيم ڪلھي تي رکي اچي اوهان جي در تي ويھندس.
کلڻ لڳو، کلندي ڪرسيءَ تي ويھي رهيو. کيسي مان پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڪڍي ڏنائين، چوڻ لڳو: ”پوءِ تون مون کي ٻڌائجانءِ ته ڪڏهن ٿو اچين؟“ سچ ته اهو آهي ته نه مون کي وقت مليو سراج صاحب کي فون ڪرڻ جو، نه ئي سراج صاحب کي مھلت ملي اسپتالن مان فارغ ٿيڻ جي ۽ بس ڄڻ هڪڙو افسوس رهجي ويو.
ٽي ويءَ جي حوالي سان مون کي ياد نه ٿو اچي ته سراج صاحب کي ڪنهن خاص پروگرام کانسواءِ مدعو ٿيندي نه ڏٺوسين. پر ايندو هو ته اسان کيس در تان ئي ڀليڪار ڪري، جنرل مئنيجر جي آفيس ۾ وٺي ايندا هئاسين. يا جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ متعلق ڪامينٽس وٺڻا هوندا هئا ته کانئس ٽائيم وٺي وٽس وڃي گفتگو رڪارڊ ڪري ايندا هئاسين، خاص طور مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي متعلق جيڪي ڪامينٽس ڏنا هئائين. سي هاڻي جيئن جو تيئن ته ياد ناهن پر سندس گفتگو مان معلوم ٿيو ته سراج صاحب جي ادب ۽ صحافت طرف رغبت ڏيپلائي صاحب جو به وڏو هٿ رهيو آهي. اهو پروگرام مون کي ان ڪري به ياد آهي جو هڪ ته اهو هلال پاڪستان اخبار واري آفيس ۾ رڪارڊ ٿيو هو، ٻيو ته رڪارڊنگ کان اڳ ۾ ۽ پوءِ به منهنجي ٽي وي پروڊيوسر ٿيڻ تي وڏي خوشيءِ جو اظهار ڪيو هئائين ۽ مبارڪ ڏني هئائين.
سراج صاحب کي مون مختلف وقتن تي جيئن ڏٺو انهن جو مختصر بيان هن ريت ڪري سگهھجي ٿو ته هو هڪ ذهين، بردبار ۽ محنتي شخص هو، ادب، صحافت يا ٻوليءَ متعلق جديد فڪري لاڙن تي سوچيندڙ مفڪر هو. قومي نظرياتي طور سائين جي ايم سيد، محترم رسول بخش پليجو ۽ سائين محمد ابراهيم جويو جيان آدرشي اديب هو، چون ٿا ته وڪيل به ڏاڍو سٺو هو پر اتفاق سان مون کيس وڪالت ڪندي نه ڏٺو، پر ڪنهن وڏي ايرسٽوڪريٽ جيان پائيپ ڇڪڻ، سندس وقار سان ملڻ، ڌيرج سان ڳالهائڻ، درويشن وانگر چپن ۾ مرڪڻ، عالمن وانگر تدبر سان هلڻ، کي ڏسي هميشه منهنجي خواهش اها ئي رهي آهي ته اسان جي سنڌي ماڻهن کي سراج صاحب جھڙو هئڻ گهرجي. ٻين کي عزت ڏيندڙ ۽ پنهنجي عزت ڪرائيندڙ.