سراج الحق ميمڻ: جي زندگيءَ تي هڪ نظر : تاج جويو
سراج سنڌي ادب جي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪھاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ”اي درد هلي آءُ“ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ”اٺون ماڻهو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پھريون سنڌي ليکڪ آهي جنھن ٽن ناولن تي ٻڌل ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پھريون جڳ مشھور ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ 1979ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ”مرڻ مون سين آءُ“ 1988ع ۾ ڇپيو، ان کانسواءِ ”منھنجي دنيا هيڪل وياڪل“، ”تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ”چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي“، ”چونڊ آمريڪي افسانا“، ”ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري“، ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ”رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ“ ۽ جاڳو اخبار ۾ ”سياسي منظرنامو“ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ”ڪراچي“ نالي سان تاريخ ۽ اهم نظم لکيو.
لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ”سنڌي ٻولي“ 1964ع ۾ ڇپي جنھن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب م پھريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران انعام پڻ مليو ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي.
هن زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ انگريزيءَ ۾ به ڪتاب (1) History of Sindhi Language ۽ (2) Biology of an unknown Sindhi مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، 2-فيبروري 2013ع، رات جو ساڍي ٽين وڳي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچيءَ ۾ دل جي عارضي سبب وفات ڪئي .