شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول : عمر قاضي

سنڌي ساهت ۽ صحافت جي ڪارونجهر جهڙي انسان سراج ميمڻ جي موت جي خبر کي ٽي ويءَ جي ان ٽِڪر وڌيڪ افسوس جوڳو بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چاچو ۽ سنڌي دانشور سراج ميمڻ گذاري ويو“.
جي ها! هن وقت اسان اهڙي دور ۾ جيئڻ جي سزا مان گذري رهيا آهيون. جنهن ۾ ادب ۽ دانش کان وڌيڪ اهميت ان بازاري سياست جي آهي، جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ اقتداري سياست يعني Power Politics ڪوٺيو ويندو آهي. پر سراج ميمڻ پاور پاليٽڪس جي پُرڪشش ڄار جو قيدي شخص نه هو. هن جي دل ان سنڌ سان اڙجي وئي هئي. جيڪا صدين کان وٺي غلام رهي آهي. هو سنڌ سان ائين محبت ڪندو هو جيئن ڪوئي باغي پنهنجي قيدي محبوبا سان ڪندو هجي. ان تصوراتي محبت جي طلسماتي ڪيفيت ۾ رهندي هُن جيڪو به لکيو سو اُن دور جي پڙهندڙن جي دلين تي چِٽجي ويو. هن سنڌ سان پيار ڪرڻ جي سفر ۾ صرف هن ديس جي تاريخ جا طوفانن ۾ اڏامي ويل ورق تلاش ڪري نه پڙهيا. پر هن موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن سنڌ جو سياسي ماحول هُن جي تصور سان تال ميل کائڻ جھڙو نه هو ته هن پنهنجي لاءِ الڳ دل جي دنيا جوڙي اها دنيا جيڪا هن جي ناولن ۾ آهي. هي وقت نه آهي جو مان سندس ناولن جي فني ۽ فڪري پهلوئن تي بحث ڪريان. پر ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه ڪندو ته، سراج جيڪو ڪجهه به لکيو سو مڃتا جي لاءِ نه، پر سنڌ سان محبت جي لاءِ لکيو. هن جا اهي ناول جيڪي سنڌ جي تاريخ کي موجوده دور ۾ منفرد انداز سان پيش ڪري رهيا هئا. انھن تي جيڪڏهن ڊراما ٺاهيا وڃن ته ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جهڙو سنڌ جو ڪيس ڪافي حد تائين سِير تي اچي سگهي ٿو. پر سوال آهي ته اهو ڪم ڪير ڪري؟ اسان جي سنڌي چينلن جي مالڪن کي پنهنجي شهرت حاصل ڪرڻ مان فرصت ڪونهي. پر اهو ڪم ”هم ٽي وي“ جي مالڪ سلطانا صديقي به ته نه ڪري سگهي آهي جڏهن ته هوءَ اها سنڌي خاتون آهي. جنهن جي دل ۾ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ هڪ احساس محسوس ٿيندو آهي ۽ هن جو چينل آهي به ڊراما چينل! ان ڳالهه جو ذڪر مان ان ڪري ٿو ڪريان ته منهنجي خيال ۾ سراج ميمڻ کي ان کان وڌيڪ ڀرپور ڀيٽا ٻي ڪا به نه ٿي ڏئي سگهي جو هن جا ناول ڊراماٽائيز ڪيا وڃن.
پر سراج صرف اديب نه هو. هن جو سڀ کان وڏو ڪنٽريبيوشن بلڪ هڪ حدتائين هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو صحافت جي کيتر ۾ هڪ سرڪاري اخبار کي سڀ کان مٿي کڻي اچڻ هو. جنهن وقت سراج ميمڻ ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر ٿيو. تنهن وقت ۾ اها اخبار پيپلزپارٽيءَ جي ملڪيت هئي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي دور اقتدار ۾ هن پنهنجي صحافت کي ايترو ته متوازن رکيو جو اڄ ڏينهن تائين ان اخبار جو تذڪرو ٿيندو رهندو آهي. جنهن اخبار جو انتظار سنڌي ماڻهو پنهنجي شهرن جي اسٽيشن تي بيهي ڪندا هئا. ڇو ته ان دور ۾ ٽيڪنالاجيءَ ايتري ترقي نه ڪئي هئي ۽ هلال پاڪستان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي ۽ ان ريل رستي ايندي هئي. جيڪا سانجهيءَ جو سنڌ جي مٿانهن علائقن ۾ پهچندي هئي. پر اها اخبار ٻئي ڏينهن تائين پراڻي نه سمجهي ويندي هئي. ڇو ته ان اخبار ۾ اهڙا مضمون شايع ٿيندا هئا، جن کي پڙهي سنڌي ماڻهو عالمي معاملن کان آگاهه ٿيندا هئا. اها اخبار سنڌي ماڻهن جي ذهني تعليم ۽ تربيت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هئي. ان اخبار ۾ امرجليل جا اهي ڪالم به هوندا هئا جن کي سنڌ جا نوجوان اعجاز منگيءَ جي ڪالمن وانگر عشق سان ڀريل دل واري ديد سان پڙهندا هئا. هاڻي به سنڌ ۾ اهو نسل موجود آهي. جنهن کي ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ پنهنجي روح مان نڪتل رڙين وانگر محسوس ٿينديون هيون . اهي ڪالم اخبار مان ڪٽي سنڌي نوجوان پنهنجين ڊائرين ۾ سنڀالي رکندا هئا ۽ پنهنجين محبوبائن کي پيار سان پڙهائيندا هئا. ان اخبار ۾ سراج ميمڻ جيڪي ايڊيٽوريل لکندو هو انهن ۾ هن خاص طور تي سنڌ جي غريب ماڻهن جا درد بيان ڪيا ۽ اسان ان دور ۾ پهريون ڀيرو مظلوم قوم جي انساني حقن جو شعور حاصل ڪيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ هڪ ماڻهوءَ جا هٿ وڍيا ويا هئا. ان تي سراج ميمڻ جو لکيل ايڊيٽوريل ارتقاءَ جي سفر ۾ انساني هٿن جو ڪردار جهڙي انداز سان پيش ڪيل هو. تنهن جو مثال اڄ ڏينهن تائين حاصل ڪري نه ٿو سگهجي. ان دور ۾ ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سراج ميمڻ پنهنجا لفظ دل جي گهري سمنڊ مان موتين وانگر ڪڍي سٽن ۾ پوئيندو ويندو هو.
اڄ اسان وٽ سراج ميمڻ به آهي، پر صرف ۽ صرف هن جي لفظن جا پڙاڏا آهن. هو جنهن ”پڙاڏوئي سوئي سڏ“ جهڙو ناول لکي سنڌ جي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو سراج ميمڻ جنهن ڪيترن ئي سنڌي ليکڪن کي اتساهيو ۽ هن جي لفظن ڪيترن ئي قلمڪارن کي جنم ڏنو. هو پوري دور جو وڏو ليکڪ هو. هن کي يقين هو ته اها سنڌ ضرور اکيون کوليندي. جنهن کي ”غلامي جي ڪوما“ ۾ ڌڪيو ويو آهي. هن پنهنجي ديس کي دل سان پڪاريو ۽ سنڌ ۾ هن وقت جيتري به سجاڳي آهي. ان ۾ سراج ميمڻ جي حصي کي فراموش ڪرڻ هڪ تمام وڏو ڏوهه هوندو، ڇو ته سراج ميمڻ هڪ دور جو سڀ کان وڏ واتو سچ هو . هو جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ تي لکندو هو تڏهن اسان جي ذهنن ۾ پوري عالمي ادب جا ڪتب خانا کلي پوندا هئا. سنڌ سان اهو هڪ وڏو هاڃو رهيو آهي ته سنڌ ۾ تمام ٿورڙا اديب گهڻو پڙهيل رهيا آهن. سراج ميمڻ انهن مان هڪ هو. هن جو ذوق تمام بلند ۽ هن جو مطالعو تمام وسيع هوندو هو. هن جي خواهش هئي ته سنڌي ادب جو معيار عالمي معيار کي رسي ۽ ان سلسلي ۾ هن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. هو جنهن به نوجوان سان ملندو هو، تنهن کي انگريزي ادب پڙهڻ تي اتساهيندو هو ۽ مون کي ياد آهي ته اهڙا انسان سنڌ ۾ صرف ٻه هئا: هڪ اياز ۽ ٻيو سراج. انهن جي ڪري سنڌي نوجوانن عالمي ادب کي پڙهيو ۽ انهن جي ذهنن ۾ تمام گهڻي ڪشادگي آهي.
سراج ميمڻ کي زندگيءَ جي پوئين دور ۾ ان ڳالهه جو احساس ٿيو هو ته جيڪڏهن سنڌ کي جيئارڻو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ بهترين تعليم جو بنياد رکڻو پوندو. ان سلسلي ۾ هن بنگال جي عظيم شاعر ٽيگور وانگر هڪ مثالي نوعيت جو تعليمي ادارو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن محمد ابراهيم جوئي کي پنهنجي پاران حيدرآباد ۾ هڪ عمارت به ڏني ۽ ڏوڪڙ به ڏنا ته هو اهڙو تعليمي ادارو ٺاهي. پر ادارن جي پويان صرف انساني ڪاوشون هونديون آهن. جيڪڏهن ادار صرف پئسن ۽ جڳهن سان ٺهن ها ته پوري دنيا ۾ لکين مثالي تعليمي ادارا موجود هجن ها. ان ڪري سراج ميمڻ جي تمام گهڻي آرزوءَ جي باوجود به اهو تعليمي ادارو ٺهي نه سگهيو. مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته جيڪڏهن اهو ڪم سراج ميمڻ پنهنجن هٿن ۾ کڻي ها ۽ اهو تعليمي ادارو پاڻ ٺاهي ها ته اسان وٽ تعليم جي حوالي سان ”شانتي نڪيتن“ جهڙو ادارو هجي ها.
سراج ميمڻ جي دل جي دنيا ۾ شعور ۽ احساس جا سمورا رنگ ڀرپور انداز سان موجود هوندا هئا. اهي سمورا رنگ ڪالهه رسي ويا ۽ سنڌ کي روح جي رنگن سان رڱيندڙ آرٽسٽ اسان کي ان دنيا ۾ ڇڏي ويو، جيڪا دنيا اسان کي هن جي لاڏاڻي جو اطلاع به ائين ٿي ڏئي ته ”سُڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چاچو ۽ سنڌي دانشور سراج ميمڻ گذاري ويو ! “