سراج منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ: امر جليل
مون اچرج ٿيو هو. اچرج ان ڪري ٿيو هو جو دوستن هلائي ڇڏيو هو ته سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان مليو آهي ۽ نه ڳالهائيندو اهي ڪنهن سان به ڊيگهه نه ڪندو آهي. سندن دوستيءَ جي دائري ۾ شامل هوندا هئا، گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر رشيد ڀٽي جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام گرامي، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري ۽ نور الدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو اچرج اجايو نه هو ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو يارن دوستن مشهور ڪري ڇڏيو ته مان ملحد هوس منڪر هوس. نظريه پاڪستان جي بنيادي ۽ قومي ٿيوري جو مخالف هوس. سندن رائي ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو ان وقت تائين مون تصوف جي تڏي تي هميشه لاءِ سرجهڪائي ڇڏيو هو ....
مون پهرين ڪهاڻي 1956ع ۾ لکي هئي ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي بيچيني هئي زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت ويڙهه ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مون کي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هئا.
ورهين جا ورهيه اڪيلائپ ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا در منهنجي لاءِ کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مون کي نه مُنجهايو. هڪ راهه تي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندي آهي پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جي راهي ٿيڻ کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي امڪان بابت ڪڏهن ڪو نه سوچيو ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي مون کي موٽي اچڻو ناهي مان موٽي نه ايندس.
راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل لکندو رهيس جيڪو وڻيو. جيئن وڻيو تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم جو رويو مونکي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مليو آهي امن جي اسهڻ کان پوءِ لاڳيتو لکندو رهيس ڪنهن کي وڻيس- ڪنهن دعا ڏني، ڪنهن بددعا ڏني، ڪنهن گاريون ڏنيون، ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي ڪنهن مان ڏنو. ڪنهن ڀـر مان اٿاري ڇڏيو.
اهڙي نيم پاگل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو ته فلاڻي تاريخ شام جو صدر واري شيزان ۾ ملنداسين. لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.
تاريخ مون کي ياد ناهي مهينو اپريل جو هو ۽ سال هو 1972ع ان دور ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني ۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. انهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه هوندي هئي بس اوچتو ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو ۽ اڃا به اهو ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي کلندو ته اصل ڪونهي، مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه سپيرئر سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو. ٻڌائيندا آهن ته آفيسري دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو.سندس رعب تاب اهڙو جو ڪو به جهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو هو.
ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيو اهڙا ته لاها چاڙها آيا جو لکپتي ڀنواٽيون کائي ڪکپتي ٿي ويا ۽ ڪي ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو، پڪڙ ٿي، ڇنڊڇاڻ ٿي سراج واندو ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾ اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو، وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو.
الائي ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو ۽ هو پيپلز پارٽيءَ جو ٿي ويو. سن هو 1972ع مولانا ابوالڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان 1971ع ۾ اڌ ٿي چڪو هو. مشرقي پاڪستان ٿي پيو هو بنگلاديش ۽ رهيل حصي مغربي پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هي وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو سو پاڪستان 1971ع کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو وجود نه هيو. موجوده پاڪستان 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي 1947ع ۾پنجن صوبن ۾ فيڊريشن واري ملڪ کي پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري موجوده پاڪستان جي عمر 37 سال آهي. 61 سال ناهي پنجن صوبن وارو پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته ان جي عمر 61 ورهيه هجي ها.
1971ع ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان فيصلا ڪندو. انهن فيصلن جو وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ماڻهڻ ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيد ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي. جڏهن ماڻهن ۾ خود داريءَ جو احساس پيدا ٿي پوندو آهي.
ذوالفقار علي ڀٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو سنڌيءَ ۾ انگريزي اخبار ڊان جهڙي ڪڍڻ. مقصد ساڳيو هو. سنڌ جي ماڻهن ۾ آگاهي آڻي چٽا ڀيٽي واري دور ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ لاءِ ٽرسٽ ٺاهيائين پاڻ سربراهه ٿيو، اخبار جو نالو هلال پاڪستان رکيائين، تجربيڪار ۽ پراڻا ايڊيٽر ڇڏي سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين سراج سنڌي ٻوليءَ جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن شرطن ۾ هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن، ميمبرن ڪارڪنن ۽ ڪامورن طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت سراج جا سمورا شرط مڃيا ويا.
سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن سان ملندو چونڊي چونڊي ماڻهو کڻندو. اسٽنٽ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر ۽ نمائندا کڻندو ويو. جڏهن مون کي ملڻ جو سڏ موڪليائين تڏهن ڳالهه مونکي بنهه سمجهه ۾ نه آئي هئي هڪ ته صحافي ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، نه اڄ تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس. بهرحال منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو جو سراج مونکي چانهن جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو هو.
صدر ۾ شيزان ريسٽورينٽ عبدالله هارون روڊ تي بي. وي. ايس. پارسي اسڪول جي سامهون هوندي هئي. هينئر اتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن. پيهه ايڏي ڄڻ مال مفت پيو ورهائجي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به اهو پاڪستان 1947 وارو هجي يا 1971ع وارو. سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان محروم ٿي ويئي آهي. ڪاڏي ويئي ٻولي ! ڪاڏي ويئي تهذيب ! ڪاڏي ويو تمدن ! آئيني ۾ ڏسون ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ جي بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽آگاهي جا ڀنڊار هوندا آهن ڪتاب، يارن ڪتابن جي جنس مٽائي ڪتابن کي مذڪر مان مؤنٽ ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب منهنجو هوندو هو. هينئر منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي. بدنيتي واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦيرگهير ۾ ايئن ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي ڇڏينديون آهن.
مان شيزان ريسٽورينٽ ۾داخل ٿيس ايڪڙ ٻيڪڙ هيڏانهن هوڏانهن ويٺا هئا. آخريءَ دري وٽ سراج ويٺو هميشه وانگر وهنتل سهتل ۽ هينڊسم. هڪ ته شخصيت ۾نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو ته هزارن ۾ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کي چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن. پر سراج سان پهرين ملاقات، پهرين تجربي ۽ پهرين آزمائش وانگر مونکي اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورينٽ جي سڀ کان پرئين دري وٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي ويٺو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾پائيپ هوس ڪتاب پڙهندي پڙهندي پائيپ مان سوٽو پئي ورتائين.
مان وڃي سامهون بيٺو،مانس ڪنڌ مٿي مون ڏانهن ڏٺائين منهن تي مرڪ تري آيس ڪتاب رکي اٿي مونکي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين. ٻئي هٿ ۾ پائيپ هوس. کِلي چيائين ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين“.
چيم ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪيان پيو.“
”ويهه“ مونکي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين.
اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف کلندڙ شيزان ريسٽورينٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل هوندا هئا. مان ويهي رهيس.
پڇيائين ”ڇا پيئندين ؟“
چيم ”چانهه“
منهنجي لاءِ چانهه ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين . ان وچ ۾ ويٽر پيٽيس، پيسٽريز ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي هليو ويو. پُڇيائين ”ڇا پيو پڙهين اڄڪلهه ؟“
ٻڌائيندي هٻڪ ٿي پر ٻڌائي ڇڏيومانس. ”پنج ڇهه ڪتاب پيو پڙهان.“
”پنج ڇهه ڪتاب!“ مُنهن تي مرڪ اچي ويس.
الاء ڪيئن ۽ ڪڏهن کان مونکي هڪ مهل چار پنج ڪتاب پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ هن عمر تائين هلندي پئي اچي ٻڌائيندي مونکي پشيماني محسوس ٿيندي آهي.
چانهه آئي، ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو. سپريئر سروسز جي آفيسر ۽ وڏي وڪيل وانگر ٽو دي پوائنٽ to the point سڌي سنئين ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي گهيرائي نه ڪندو آهي.
”اخبار پيا ڪڍون“ پڇيائين ”خبر اٿئي ؟“
چيم ”ها“
هڪدم چيائين ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک“
”ڪالم“ مان هٻڪيس.
چيائين ”ڊيلي ڪالم روزانو هڪ هفتي ۾ ڇهه دفعا. هڪ ڏينهن جي موڪل.“
مونکي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ سو به روزانو ۽ هفتي ۾ ڇهه دفعا.
ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان. چيائين ”ته پوءِ فيصلو ٿيو ته هفتي ۾ ڇهه ڪالم لکندي. ائين؟“
هٻڪندي هٻڪندي ”پر“ مس چيم جو فيصلو ڪندڙ لهجي ۾ چيائين ”ڪهاڻيون لکجانءِ. ڪٿا لکجان، جيڪي وڻئي لکجان توتي ڪا پابندي ڪونهي.“
پهرئين مئي 1972ع تي اخبار جو افتـتاحي اجراءُ ٿيو ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزادي ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو. پر هي آزادي ان کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري هئي جو هلال پاڪستان پيپلزپارٽي جي اخبار هئي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي اسيمبلين جا ميمبر هئا، وزير هئا، صلاحڪار هئا، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا.
مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردارن کي سنڌ جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا دشمن آهن اڻ پڙهيل ۽ نادان، هاري ناري، ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بينڪ آهي. جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي کڻي اينديون هيون ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ ڪنديون هيون. سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو.
ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان چونڊ ايڊيٽرن جو جٿو کڻي نڪرندو هو. ان ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران هوائي جھاز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال وٺندو هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين دوران ڀٽو صاحب، سراج سان پيرن، ميرن ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو ذڪر ڪندي منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي تو ڇوٽ ڏنو آهي؟
سراج کيس سمجهائيندو هو. قبلا پهرين اکر کان آخري اکر تائين اخبار پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽ ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي ان ۾ جيڪڏهن هڪ شخص کي اختلاف راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي جواب ٻڌي ذوالفقار علي ڀٽو کلي چپ ٿي ويندو هو.
هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سنڌو سنئون رابطو سراج سان هوندو هو. پهرين شماري کان ضياءُ الحق جي مارشلاءِ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي گرفتاري تائين. سراج مون سان توڙ نڀايو اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو هئائين. جنهن جو فقط تصور ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ دروهي ۽ بلاسفيمي جون انڪوائريون هليون. تڏهن به سراج مونکي اخبار مان نه ڪڍيو، بلڪ اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان منهنجون ڪهاڻيون شايع ڪندو هو ۽ پارٽي جو ڏمر سهندو هو.
هلال پاڪستان ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون 1972ع کان 1977ع واري دور جون آهن، سمجهو کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر پروف پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن، سواءِ قيمتن جي واڌ جي، توهان کي هاڻي اهو سڀ ڪجهه پڙهندي اوپرائتي محسوس ٿيندي. جڏهن ڏهين رپئي واري سٺي قميص ۽ پنجويهين رپئي واري عاليشان بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ ويهه روپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپ ڏيئي ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري جي زوال پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ وانگر عام آهي راڄ ۽ ڪاڄ ۾ داداگيري جام آهي قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ وانگر چور ڀاڳيا، ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن نه کوٽي جي خبر، نه کري جي خبر! اڳ وانگر سڪي جا ٻيئي پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان لاءِ ڪونهي جو انڊر ورلڊ جا ڊان اپر ورلڊ ڊان تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي زور تي يتيم حڪمرانن جي سامهون روبرو هلائي رهيا آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار، هيروئن ۽ قيمتي گاڏين جا سمگلر ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي بيٺا آهن، هنن جي ڪاروبار ۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير ملڪي ناڻي جا واپاري. اهڙي ملڪ ۾ معاشري کان علم، آگاهي ۽ روحانيت رسي ويندي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۾ معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن. گذريل پنجاهه سالن کان.