شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج الحق ميمڻ: جديد سنڌي صحافت جو باني : محمد خان سيال

جديد سنڌي صحافت جي باني ٻوليءَ جي ماهر ۽ دانشور سراج الحق ميمڻ جي وڇوڙي سنڌي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي ڀرڻ ڪو سولو ڪم ناهي!
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، مئي 1972ع کان هلال پاڪستان جو ڪراچيءَ وارو ايڊيشن شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ايڊيٽر مقرر ڪرڻ جو ڪم، سينيٽر قمرالزمان شاهه جي حوالي ڪيو، جنهن وري سراج الحق ميمڻ کي اهو ڪم سونپيو، جنهن پڻ ايڊيٽر جي ڳولا ڪئي پر صحافت جو تجربو رکندڙ ڪو اهڙو ماڻهو راضي ڪو نه ٿيو. آخر قمرالزمان شاهه سراج الحق ميمڻ کي چيو ته توهان ايڊيٽر ٿيو، جنهن تي هن شروع ۾ هٻڪ کان ڪم ورتو ۽ چيائين ته کيس صحافت جو تجربو ڪونهي پر قمرالزمان شاهه جي زور ڀرڻ تي ايڊيٽر ٿيو ۽ اهڙو ذڪر سراج پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪيو هو. هلال پاڪستان ڪورٽ ويو بلڊنگ (پراڻي بئنڪ آف انڊيا بلڊنگ) بندر روڊ کان نڪتي جيڪا ان وقت جي هڪ معياري اخبار هئي ۽ ڏسندي ڏسندي ماڻهن ۾مقبول ٿيندي وئي. اخبار ڪراچيءَ کان ته نڪتي پر سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ دير سان پهچڻ جي باوجود ان اخبار جو ايڊيٽوريل پيج هو جنهن ۾ نهايت ئي معياري مضمون ڇپندا هئا. جنهن ۾ ايڊيٽوريل کانسواءِ مضمون، پراڻي صحافي عبدالڪريم سعديءَ جو ڪالم ”جهاتيون“، امرجليل جو ڪالم ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ به شامل هو. انهيءَ صفحي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تقريرن جا متن، بين الاقوامي مخزن نيوز ويڪ، ٽائيمس تان کنيل آرٽيڪل، ترجمي سان شايع ٿيندا هئا. انهيءَ کانسواءِ وڏن ليکڪن جا آرٽيڪل وقت به وقت ايندا رهندا هئا. سراج صاحب هر آچر ڏينهن پاڻ انگريزيءَ ۾ به ايڊيٽوريل لکندو هو ۽ سنڌي اخبارن ۾ باقائدگيءَ سان انگريزي ايڊيٽوريل لکڻ جو رواج هن وڌو.
سراج الحق رات جو دير تائين آفيس ۾ ويهي پاڻ ڪم ڪندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته هر مضمون هو خود پاس ڪري. جڏهن ته ڪنهن تڪراري خبر جي باري. اسان کانئس ڪليئرنس وٺندا هئاسين ۽ آخر ۾ ڇپجڻ کان اڳ ڪاپي پاڻ ڏسندو هو ۽ ڪا اختلافي خبر هوندي هئي ته ڪڍرائي ڇڏيندو هو. اخبار جڏهن شايع ٿيندي هئي ته ٻئي ڏينهن انهن جو تنقيدي جائزو وٺي، غلطيون ٻڌائيندو هو.
اخبار ۾ چار شعبا هئا، جن ۾ صبح جي شفٽ جو انچارج منظور قريشي شام واري شفٽ جو انچارج محمود يوسفاڻي، ڪمپوزنگ سيڪشن جو انچارج محمد يونس ۽ سرڪيوليشن جو انچارج اشوڪ گنگواڻي هو سراج الحق هڪ ڀيري لکيو هو ته “جڏهن ڪراچيءَ کان سنڌي اخبار ڪڍڻ جي باري ۾ هو يونس (فورمين) سان مليو هو ۽ کيس سنڌي اخبار ڪڍڻ جي باري ۾ ٻڌايائين ته هُن هيٺان کان مٿي تائين کيس ڏٺو ۽ پوءِ چيائين ته ”چريو ته نه ٿيو آهين“بهرحال سراج الحق اهو به لکيو هو ته يونس ڪڏهن ڪڏهن کيس دڙڪا به ڏيندو آهي.هلال پاڪستان مئي 1972ع کان نڪتي ته تن ڏينهن ۾ مان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ سنڌي نيوز ٽرانسليٽر طور ڪم ڪندو هوس۽ اسان جو ساٿي عبدالمنان عاقلاڻي ميمڻ مون کي به هلال پاڪستان ۾ وٺي ويو. جتي اسان ٻئي سب ايڊيٽر هئاسين. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته هلال پاڪستان ڪراچي جي نڪرڻ کان اڳ سنڌي اخبارون، اردو اخبارن جو مڪمل چرٻو نڪرنديون هيون. جنهن جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته تن ڏينهن ۾ رات واري شفٽ جي انچارج لکيو ته ”جهاز کي ماري ڪيرايو ويو“ اردو خبر جو هُوبهو ترجمو هو جيڪا هئي: ”جهاز ڪو مارگراديا“ مون انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪم ڪيو ۽ منهنجو ٻانهن ٻيلي عبدالمنان ميمڻ ٿيو. گهڻو وقت پوءِ انور پيرزادو، هلال پاڪستان ۾سب ايڊيٽر ٿي آيو ۽ سندس چواڻي صحافت ۾ اهو سندس پهريون ڏينهن هو. تنهن پڻ انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪئي.
ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان ٽيليويزن جي ڪراچي سينٽر ۾ اعجاز عليم عقيلي (جنرل مئنيجر پي ٽي وي نيشنل) جي آفيس ۾ مان عقيلي صاحب ۽ جي اين مغل (جيڪو تن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ هاڻ عوامي آواز جو ايگزيڪيٽو ايڊيٽر به آهي). تنهن اعجاز عقيليءَ کي چيو ته اڳ سنڌي اخبارون اردو اخبارن جو مڪمل چرٻو نڪرنديون هيون ۽ مون (ليکڪ) هلال پاڪستان ۾ اچي سنڌي صحافت کي ان کان ڇوٽڪارو ڏياريو، تنهنڪري منهنجي اها خدمت ڪئي ته ڪٿي رڪارڊ ٿيڻ گهرجي. حقيقت ڪٿي نه ڪٿي رڪارڊ ٿيڻ گهرجي. حقيقت ۾ هلال پاڪستان جو هڪ وڏو ڪارنامو، ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ جي راضپي کانسواءِ ممڪن نه هو.
روزاني هلال پاڪستان ۾ هرهڪ جذبي تحت ڪم ڪندو هو ته جيئن اخبار کي ڪامياب ڪجي جنهن جو هڪ مکيه سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪراچيءَ کان سنڌي اخبار گهڻي وقت کانپوءِ نڪتي هئي ۽ ڪيترا ماڻهو اضافي ڪم به رضاڪاراڻي طور ڪندا هئا. مثال: تن ڏينهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ريڊيو خبرن جي مانيٽرنگ ٿيندي هئي. سا مان ڪنهن به اضافي اجوري کانسواءِ ڪندو هوس جڏهن ته اردو اخبار ۾ مانيٽرنگ لاءِ الڳ ملازم رکيل هوندو آهي.
اسان اخبار جي آخر ڪاپي رات جو بي بي سي جون هڪ بجي انگريزي خبرون ٻڌي پوءِ ڇپائي لاءِ موڪليندا هئاسين. ڇپائي تن ڏينهن ۾ مشرق پريس ۾ ٿيندي هئي ۽ اخبار سان شامل مخزن به باقائدگيءَ سان نڪرندي هئي جن جي ڇپائي شاندار هوندي هئي.
هلال پاڪستان جيڪي سنڌي صحافت ۾ لاڙا رائج ڪيا. تن ۾ انويسٽيگيٽنگ رپورٽنگ به شامل هئي. تن ڏينهن ۾ اسان جو فوٽوگرافر ظفر احمد هو. جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ننڍڙو قد ۽ ڦڙتيلي هئڻ سبب ويٽڪانگ سڏيندو هو. تن ڏينهن ۾ ويٽڪانگ گوريلا ويٽنام ۾ آمريڪي هاٿيءَ کي ڊاهڻ ۾ رُڌل هئا. جن آخرڪار سال 76_1975ع ۾ آمريڪي فوجن کي ويٽنام ۽ ڪمبوڊيا ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ظفر احمد ۾ اها خوبي هئي ته هو نه رڳو فوٽوبهتر ڪڍندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان سان خبر به پاڻ لکندو هو ته اها به جامع هوندي هئي. هڪ ڀيري ڪراچي پورٽ ۾ اناج جون هزارين ڳوڻيون کلي آسمان هيٺان سڙي رهيون هيون. سو ظفر احمد کي موڪليائين جيڪو مال گاڏيءَ جي دٻي ۾ لڪي ويو ۽ فوٽو ڪڍي آيو ۽ پوءِ تصويرن سان ساري خبر، اخبار جي پهرين صفحي تي شايع ٿي. حيدرآباد شهر جي ٻاهران ڪولهين لاءِ شهيد ڀٽي خاص طور فليٽ ٺهرايا هئا. جن جي ڀتين ۾ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڏار پئجي ويا. سا خبر هلال پاڪستان ۾ ڇپي. جنهن تي تن ڏينهن ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ڄام صادق علي مڇرجي پيو ۽ پرپُٺ کين گهٽ وڌ ڳالهائيندي رهندو هو جنهن جو مان پاڻ به ذاتي طرح گواهه آهيان.
هڪ ڀيري کاڌ خوراڪ واري صوبائي وزير سيد بشير احمد شاهه (ٺٽو) جي باري ۾ تفصيلي خبر شايع ڪيائين ته ٻوڏ جي ستايلن ۾ امدادي سامان ڪو نه ورهايو ويو ۽ الڳ فوٽو سيشن ڪيو ويو هو. تن ڏينهن ۾ وزيرن خلاف اهڙي خبر شايع ڪرڻ وڏي ڳالهه هئي!
ڪراچي شهر مان ورهاڱي کان اڳ ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون نڪرنديون هيون سي بعد ۾ بند ٿي ويون ۽ روزاني الوحيد اخبار جنهن پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو سا پڻ 1994ع ڌاري بند ٿي وئي.
ٻه سنڌي اخبارون نواءِ سنڌ جيڪا اڳوڻي وڏي وزير خان بهادر ايوب کهڙي جي هئي ۽ ٻي اخبار روزاني مهراڻ پير پاڳاري جي هئي. سي 1963ع ڌاري ڪراچيءَ کان شفٽ ٿي حيدرآباد هليون ويون ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪا به سنڌي روزاني اخبار نه رهي. البت مولانا دين محمد وفائيءَ جي فرزند علي نواز وفائي مرحوم جي هفتيوار اخبار پاڪستان چوڪ کان نڪرندي هئي. جڏهن ته ايڪڙ ٻيڪڙ مخزن ۽ ڪتابي سلسله ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ کان شايع ٿيندا رهيا. جيڪي نه هئڻ جي برابر هئا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زوردار مطالبي تي ڪراچيءَ کي سنڌ سان ٻيهر شامل ڪرڻ کان پوءِ ان کي سنڌ جي گاديءَ وارو شهر بڻايو ويو. جنهنڪري ڪراچي توڙي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ سنڌين ۾ جان پئجي وئي ۽ هنن ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو، نه ته امر جليل ڪنهن هنڌ لکيو هو ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن ٻه سنڌي پاڻ ۾ ملندا آهن ته ڪيتري دير تائين هڪ ٻئي کي ڏسندا رهندا آهن نئين صورتحال ۾ هلال پاڪستان جو ڪراچيءَ وارو ايڊيشن نڪرڻ وڏي ڳالهه هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ روزاني هلال پاڪستان معياري صحافت پيش ڪري پاڻ ملهايو ۽ سنڌين ۾ احساس پيدا ٿيو ته سنڌي صحافت اردو اخبارن جي چرٻي جو نالو ناهي پر انهن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي.
سراج الحق بنيادي طور اديب هو ۽ صحافي نه هو. تنهنڪري سندس ايڊيٽوريل ۾ ادبي رنگ وڌيڪ هوندو هو. جيتوڻيڪ اُهي صحافتي انداز ۾ نه هئا. پر انهن ۾ جاندار دليل ڏنل هوندا هئا. جن کي نظر انداز ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. سراج الحق ڪميشن ذريعي انڪم ٽيڪس آفيسر بڻيو ۽ جنرل يحيٰ خان جن 303بيوروڪريٽس کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ ملازمت کان ڪڍيو هو. تن ۾ سراج الحق ميمڻ جو به نالو هو. جنهن بعد ۾ انڪم ٽيڪس پريڪٽيشنر طور پرائيويٽ ڪم ڪيو. بهرحال ڪالهه دوستن کي اها شڪايت رهي ته اخبار ۾ سراج الحق جو بيوروڪريٽس وارو رويو رهيو ۽ ملازمن کي يونين ٺاهڻ ۽ پنهنجا حق وٺڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي.
مون فيبروري 1977ع ۾هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي پي آءِ اي جي پي آر او جي نوڪري ڪئي ته منهنجي استعيفيٰ قبول نه ڪيائين ۽ چيائين ته اوهان جهڙا ماڻهو به سنڌي صحافت کي ڇڏي ڏيندا ته باقي ڇا بچندو؟ بعد ۾ پي آءِ اي جي جنرل مئنيجر پبلڪ رليشن صلاح الدين صديقي مون کي ذاتي طور ٻڌايو هو ته سراج الحق جي ڪوشش هئي ته مان سنڌي صحافت ۾ رهان، ان کي نه ڇڏيان. بعد ۾ اسان جي ساٿي جي اين مغل مون کي ٻڌايو ته جڏهن کيس سرڪاري نوڪري ملي ته سراج الحق ميمڻ سندس استعيفيٰ به قبول نه ڪئي ۽ چيو هو ته اوهان جهڙن نوجوانن جي سنڌي صحافت کي وڌيڪ ضرورت آهي شايد هُن چاهيو ٿي ته نوجوان سنڌي صحافت ۾ رهن.
جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي تاريخي سنڌ ٿرو سينچريز (سنڌ صدين کان) ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي سيمينار ڪرايو ته انهيءَ لاءِ سوينئر ڪاميٽي ٺهي. تنهن ۾ سراج الحق ميمڻ جو به نالو هو. جڏهن ته انهيءَ موقعي تي روزاني هلال پاڪستان ڪراچي تاريخي ايڊيشن ڪڍيو هو.
سراج الحق ميمڻ جيڪو ”س م لاهوتي“ جي نالي سان اخبار ۾ ڪالم لکندو هو تنهن سنڌي ٻوليءَ کي رومن رسم الخط ۾ لکڻ جي به مهم هلائي هئي پر ان کي ڪا گهڻي موٽ ڪو نه ملي.
مختصر ته سراج الحق ميمڻ کي جديد سنڌي صحافت جو باني ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ سندس صحافتي خدمتن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته سندس ادبي، لساني ۽ٻين خدمتن تي ٻيا دوست روشني وجهندا. مون سندس صحافتي خدمتن جو ذڪر ڪيو آهي.