شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ کي غير معمولي ناول ڏيندڙ سراج : رکيل مورائي

سنڌ جي تاريخ کي، سنڌين جي ڌارين هٿان ٿيل قتلن کي. ۽ مسلسل سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندڙ سنڌي سورمن کي پنهنجي سنڌي تاريخ تي لکيل پهرئين ڪتاب پڙاڏو سوئي سڏ ۾ فڪشنائيز ڪندڙ سنڌ جي محب وطن. سنڌ جي حقن لاءِ الڳ محاذن تان پنهنجو آواز سنڌي توڻي انگريزي ۾ اٿاريندڙ. سراج الحق ميمڻ ۽ ادبي دنيا ۾ فقط ”سراج“ لکندڙ اديب، ڪهاڻيڪار، ناول نويس، سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو سنسڪرت کان به قديم ٻوليءَ سمجهندڙ ۽ “سنڌي ٻولي“ جهڙو جديد ڪتاب لکندڙ سراج ڪلهه اوڻاسي ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ جي حوالي ڪري پاڻ مٽيءَ جي هنج ۾ وڃي آرامي ٿيو. ۽ اهو آرام اهڙو آهي. جيڪو هر ان شيءِ لاءِ ضروري طئه ڪيل آهي. جيڪا ساهه کڻي ٿي. ائين سراج صاحب به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ پنهنجو آخري ساهه کنيو. جو سندس دل شايد ساڻس ان ڪري بيوفائي ڪري وئي جو هن اها دل ڪنهن آفاقي قوت بجاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان لڳائي هئي. دلين جون ادائون به عجيب آهن. شايد سراج جي دل اهو قبول نه ڪيو هوندو ۽ سندس ساٿ ڇڏي ڏنو. پر اهو پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهو توڻي سنڌي ادب، سندس نالي ۽ سندس تخليق سان پيار ابد تائين ڪندو رهندو. جيستائين آخري سنڌي به هن ڪائنات ۾ هوندو. سراج صاحب سنڌي ادب ۾ زندهه رهندو اهڙيون سندس تخليقون ضمانت ڏين ٿيون.
سراج صاحب پنهنجو غير معمولي تاريخي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ لکيو ۽ ان ۾ جيڪي ڪردار تخليق ڪيا. اڄ اهي ڪردار تخليق توڻي عمل جي روپ ۾ تاريخ جو حصو آهن. ستر واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سراج صاحب جو لکيل هيءُ ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ آهي. جنهن ۾ ان وقت تائين سنڌ جي ويڙهه جي سموري تاريخ اينٽي ون يونٽ جي تحريڪ تائين سندس آڏو هئي ۽ جڏهن هي ناول ڇپيو ته ان کي اهڙي دلچسپيءَ سان پڙهيو ويو جو گمان ٿيندو آهي ته شايد ئي ڪو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کان اڳ ڇپيو هجي، جنهن کي نوجوانن ايڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو هجي. خاص طور شاگردن جي حصي ۾ هيءُ ناول پڙهڻ لاءِ آيو. جنهن ۾ هنن ۾ هڪ بيحد ئي ويڙهاڪ وطن دوستيءَ وارو جذبو پيدا ڪيو ۽ حيرت جي حد تائين هيءُ ناول 1983ع جي تحريڪ وقت پنهنجو عملي روپ ظاهرڪري بيٺو. اڄ تائين ائين محسوس ٿئي ٿو ته ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ناول ڄڻ ٽياسيءَ جي تحريڪ جو مينيفيسٽو هيو. سنڌي ماڻهو جنهن حڪمت عمليءَ ۽ بهادريءَ سان وڙهيو ان جو مثال ويجهي سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن ناول سنڌي پڙهندڙن کي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي سموري تاريخ گڏ ڪري ڏني. ائين هي ناول سنڌ جي تحريڪ جو هڪ باب آهي جيڪو هن ناول جي روپ ۾ اسان کي سراج صاحب ڏنو. سراج صاحب ٻيو اهم ناول سنڌي ٻوليءَ کي ”مرڻ مون سين آءُ“ جي نالي سان ڏنو. جيڪو گهڻي حد تائين شاهه عنايت جي ويڙهه واري پسمنظر ۾ آهي. هيءُ ناول به تاريخ جي هڪ دور کي پاڻ ۾ سمائي بيٺو آهي. جنهن ۾ هيروازم گهٽ پر ويچار، اڳئين ناول کان وڌيڪ آهي. سنجيدگي وڌيڪ آهي. ٻوليءَ جي گهرائي وڌيڪ آهي. مان سمجهان ائين ٿو ته هيءُ ناول پڙاڏو سوئي سڏ کان ڪيتريون وکون اڳتي وڌي آيل آهي. تخليقي طور ۽ تاريخي طور به! ائين هي ٻئي ناول اسان کي پنهنجي تاريخ جي لڳ ڀڳ ٻن صدين کان واقف ته ڪري ويا پر هڪ حوصلو به ڏئي ويا. جنهن کان پوءِ سراج صاحب اسان کي هڪ خوبصورت ٽريالاجي ڏني. جيڪا به پنهنجو مثال پاڻ آهي. جيتوڻيڪ ٽريالاجيءَ کي مٿين ناولن کان وڌيڪ ادبي مرتبو ڏيڻ جي حق ۾ نه آهيان. پر هيءَ ٽريالاجي اهو طئه آهي ته سنڌي ادب ۾ پهرئين ناول ٽريالاجي آهي. جنهن تي تفصيل سان لکي سگهجي ٿو. ۽ هنن سڀني ناولن جي وچ ۾ اهي ڪهاڻيون به آهن. جيڪي الڳ الڳ وقتن تي سراج صاحب جي قلم مان سرجي نڪتيون. انهن جو هڪ ڪتاب نيوفيلڊس پاران، ”اٺون ماڻهو“ جي نالي سان شايع ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپو هجڻ وقت سراج صاحب آمريڪي ناميارن ليکڪن جون ڪجهه ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون. جيڪي اڳتي هلي. هڪ ٻئي نامياري ڪهاڻيڪار غلام رباني آگري صاحب جي ترجمو ڪيل آمريڪي ڪهاڻين سان گڏ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿيون. هن ڪتاب جو نالو ”چونڊ آمريڪي افسانا“ آهي. پر اهو وڏو سچ آهي ته سراج صاحب ادب ۾ هڪ اعليٰ ناول نويس وارو مرتبو ئي رکي ٿو. تحقيق ۾ سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ پهريون ڪتاب هئو. جنهن ۾سراج صاحب اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌي ٻولي هتان جي آسپاس ڳالهائجندڙ ٻولين جي سلسلي جي ٻولي آهي جنهن جو سامي نسل جي ٻولين سان واسطو گهٽ آهي. ۽ ائين سراج صاحب جي ان ڳالهه سنڌي ٻوليءَ جي کوج جي لاءِ نه رڳو هڪ نئين بحث جي شروعات ڪئي پر تحقيق لاءِ نوان دروازا به کوليا. جنهن کان پوءِ ايندڙ محققن ڪي ٻيا طرف به ڏسڻ شروع ڪيا. جيڪي اڳ ۾ ڏسڻ لاءِ نه مليا هئا. سراج صاحب جو منهنجي آڏو اهو ادبي سلسلو به آهي جيڪو سندس روح جو اظهار هئو. جنهن کي هن گهڻي عرصي تائين ”جاڳو اخبار“، ”رتيءَ جي رهاڻ“ نالي سان هلايو. هونئن شاهه سائين جي ٻوليءَ سندس ناولن جي به سونهن بڻي آهي. پر هنن ڪالمن جي سلسلي ۾ جيڪا ٻولي هن استعمال ڪئي آهي ان جو مثال شايد ئي ملي. آغا سليم صاحب جي ناولن کانسواءِ !.
رتيءَ جي رهاڻ ۾ سراج صاحب جو جيءُ جڏهن کان سنڌ ۽ سنڌي ادب توڻي ماڻهن سان اڙيو ته اهو ناتو هن آخري ساهه کڻڻ تائين پنهنجي پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان نڀايو. هن ڪٿي به ان ۾ ڪمپرومائيز نه ڪيو. هو پنهنجي شخصيت ۾ جيڏو قداور ۽ باوقار هئو. ادب ۾ اوتروئي قداور ۽ باوقار رهيو. ادب کانسواءِ هن سنڌ کي ڇا ڏنو اهو به ڊگهو داستان آهي. جنهن لاءِ ڪو ڪتاب گهرجي.
عملي طور سراج صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي پهرين نوڪريءَ کان شروعات ڪئي ۽ هڪ اعليٰ قانوندان طور ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. ادب، صحافت ۽ وڪالت. هن جي زندگيءَ جا ٽي الڳ الڳ پهلو آهن. جن مان هر هڪ پهلوءَ تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکيا به ويندا. هلال پاڪستان اخبار سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پوري رهندي. ائين ڪيئي ادارا سندس ذڪر کان سواءِ اڻ پورا رهندا ۽ اڄ کان پوءِ شايدميڊم فهميده حسين، ڊاڪٽر امجد سراج، ارشد سراج ۽ نويد سراج به دلي طور اڻپورا آهن ڇو ته منجهن هاڻ سراج صاحب موجود نه رهيو آهي. ٻيءَ طرف سنڌي ادب پڻ سندس کوٽ محسوس ڪندو جيتوڻيڪ هو پوئين عمر ۾ سنڌيءَ ۾ ڪجهه لکي نه سگهيو هئو. پر سنڌ جي مسئلن بابت گهڻي عرصي کان هو انگريزي ۾ لکندو رهندو هئو. سرونٽ آف سنڌ پاران نڪرندڙ انگريزي ڪوارٽرلي مئگزين ۾ اهي لکڻيون پڙهي سگهجن ٿيون نه رڳو پڙهي سگهجن ٿيون پر انهن کي گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ به آڻڻ کپي. سراج صاحب انگريزيءَ توڻي سنڌيءَ ۾ ڪجهه به لکڻ کانسواءِ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندو هئو. ڇاڪاڻ ته سنڌ به اڃا اڻ پوري آهي. جنهن کي پورو ٿيڻو آهي. سراج صاحب 24 آڪٽوبر 1933ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ جنم ورتو ۽ 2فيبروري 2013ع تي سنڌ جي راڄڌاڻي واري شهر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. هن پڙاڏو سوئي سڏ سنڌ، ناول، مرڻ مون سين آءُ ، ناول، سنڌي ٻولي ، محقق سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ اٺون ماڻهو ، ڪهاڻيون، پياسي ڌرتي رمندا بادل، ناول ٽريالاجي، چونڊ آمريڪي افسانا ۽ اڻ ڳڻيا مضمون، مقالا ۽ ليک سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا آهن.