شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج ۽ سندس ڪم جي ڇنڊ ڇاڻ : اسحاق مڱريو

هونءَ ان ڳالهه ۾ ڪنهن قسم جو ڪو شڪ ناهي ته سراج ميمڻ سنڌ جو گهڻو پڙهيو ڳڙهيو، دانشور هو. هن صحافت، ادب، ٻولي، سول سروس ۽ وڪالت ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڄاڻايل شعبن ۾ وڏو نالو ڪمايو. پر هن جي وڏي بدنصيبي اها چئبي جو هن جي ڪيل ڪم کي سطحي انداز ۾ ورتو ويو ۽ تنقيدي انداز ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو، خوشامدڙين ۽ واه واه ڪندڙن هن جي ڪم کي تفصيلي انداز ۾ ڏسڻ جي بدران مٿاڇرو ڏٺو ۽ رڳو واه واه ڪئي وئي. اسان جي معاشري ۾ ڪنهن کي تباهه ڪرڻ جو اهو سولو طريقو آهي. جيڪو سراج ميمڻ سان اختيار ڪيو ويو. هن وقت سراج ميمڻ جي ڪٽنب پاران سراج ميمڻ جي ڪم کي سهيڙڻ ۽ وڌائڻ لاءِ سراج انسٽيٽيوٽ جوڙيو ويو آهي. ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سراج جي ڪم کي تنقيدي ۽ گهڻ رخي انداز ۾ ڏٺو وڃي.
جڏهن ته سراج مختلف شعبا جاتي انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. پهرين هو سول سرونٽ هو، جنهن کي صدر يحي ٰ واري زماني ۾ ڪرپٽ ملازمن واري لسٽ ۾ شامل ڪري نوڪري مان خارج ڪيو ويو هو. ان ڪري ڏسڻو اهو آهي ته، ان دور ۾ خارج ڪيل سول سرونٽ ملازمن کي سياسي بنيادن تي تعصبانه طور تي يا وري مخالفت جي بنياد تي نوڪري مان خارج ڪيو ويو هو. ايوب خان، يحي،ٰ ڀٽو، ضياءُ الحق، نواز شريف ۽ مشرف جي دور ۾ اهڙن الزامن ۾ سرڪاري ملازمن کي خارج ڪيو ويندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪو سراج ميمڻ پهريون ماڻهو نه هو. پر اسان کي ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين سراج ميمڻ جي نوڪري وارو پروفائيل سامهون آڻڻو پوندو. هو ڪهڙي انداز وارو سول سرونٽ هو، هن تي ڊپارٽمينٽ پاران لڳايل الزام ڪهڙي نوعيت وارا هئا. انهن الزامن جو جواب سراج ڇا ڏنو هو، ان سڄي معاملي ۾ اهو جواب ته ” مڙئي سنڌين کي نوڪري مان خارج ڪرڻو هون.“ هڪ سطحي قسم جو جواب آهي. سراج بابت سامهون ايندڙ جواب ته صدر يحيٰ سنڌين کي ساڙ ۾ نوڪريءَ مان خارج ڪيو. اهو جواب به ڪو گهڻو مطمئن ڪندڙ ناهي، ساڳي ريت ايم. ايڇ. پنهور تي پڻ ڪرپشن جو الزام هڻي، مڪينڪ چيف انجنيئر (ايگريڪلچر) جي عهدي تان هٽايو ويو هو، جڏهن ته اسان جي اديب قمر شهباز کي پڻ گيهه ڪارپوريشن ۾ ڪرپشن ڪرڻ واري ڏوهه ۾ نوڪري تان هٽائي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو.
ڄاڻايل اديب ۽ دانشور قوم جو وڏو سرمايو آهن. انهن بابت سطحي طور تي صدر ايوب خان، يحيٰ خان يا وري شيخ رشيد کي گهٽ وڌ ڳالهائي معاملي کي مٽي پايو نٿو چئي سگهي ”ان سلسلي ۾ ايم ايڇ پنهور سان پڻ مختلف وقتن تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران ان موضوع تي پڻ ڳالهيون ٿيون. پر ان جو ايم ايڇ پنهور ڪو معقول جواب نه ڏنو هو. هن پڻ اصل جواب ڏيڻ جي بدران پنهنجو ڪيل ڪم ٻڌايو ته هن 6 بلڊوزرن سان ايگريڪلچر انجينئرنگ جو ڪم شروع ڪيو هو ۽ نوڪري مان وڃڻ دوران 15 سئو بلڊوزر ڇڏي ويو هو. جنهن سان سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي زمين ليولنگ ڪرائي پوکي لاءِ تيار ڪرائي هئي. ساڳي ريت قمر شهباز سان پڻ هن جي قيد هئڻ دوران اسپتال ۾ ساڻس ملاقات ٿي هئي، جتي کائنس ساڳيو ڪرپشن جي الزام وارو سوال پڇيو ويو هو. هن پڻ جواب ۾ جيل جو واقعو ٻڌايو هو. جتي هن تي جيل ۾ گرفتار سنڌي شاگرد اڳواڻن مٿس ”سڻڀي ڌر“ نالو رکيو هو. هن ٻڌايو ته اهي شاگرد مون ڏانهن منهن ڪري چوندا هئا ته ”مال کائجي ته ائين ڪروڙن ۾ کائجي، باقي هرون ڀرون هٿ خراب ڇو ڪجن“. هن پڻ سوال جو جواب ڏيڻ بدران چيو هو ته مون کي شيخ رشيد پاران لڳايل الزامن تي ڪو به ڏک ناهي. پر پنهنجن پاران اهڙي ڳالهه چوڻ تي تڪليف ٿئي ٿي. ظاهر آهي. هومنهنجي سوال جو جواب ڏيڻ جي بدران معاملي کي جذباتي انداز ۾ وٺي ويو هو. تنهن ڪري ساڻس ٻئي موضوع تي ڳالهه شروع ڪرڻي پئي.“ اهڙي ريت سراج جي سنڌي ٻولي واري ڪتاب تي پڻ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان زماني ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سراج ميمڻ جي وچ ۾ ڪجهه اختلافي معاملو سامهون آيو هو. پر ان کان وڌيڪ معاملو اڳتي ڪونه وڌيو. جڏهن ته انڊس اِسڪرپٽ بابت بحث، جيڪو سائنسي انداز ۾ ٿيڻ گهرجي ها، اهو ته اڳتي وڌي ئي نه سگهيو. سائنسي خيال موجب جيئن جيئن وڌيڪ تحقيق ٿيڻ سان ظاهر آهي ته نئين تحقيق موجب اڳئين تحقيق کي رد ڪرڻو پوندو. ان ڪري انڊس اسڪرپٽ تي عالمي سطح تي هلندڙ بحث جي روشني ۾ سراج جي انڊس اسڪرپٽ واري نظرئي موجب فقط عطا محمد ڀنڀري ئي قلم کنيو آهي. عطا محمد ڀنڀري ته ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي انڊس اسڪرپٽ واري ٿيوري تي پڻ پنهنجي راءِ کي سامهون آندو آهي. پر ان جي راءِ جي جواب ۾ ڪنهن به محقق جو جواب سامهون نه آيو آهي. ان جو فقط هڪڙو نتيجو سامهون آيو آهي جو جن عالمي محققن کان متاثر ٿي سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽرن الانا انڊس اسڪرپٽ بابت ٿيوري سامهون آندي. انهن عالمن جا ترجمو ڪيل ڪتاب ٻولي اختياري واري اداري هڪ خاص مقصد سبب ڇاپي سامهون آڻڻ جي بدران گوڏي هيٺ ڏئي رکي ڇڏيا. (محض ان سبب جي ڪري ته اهڙي ڄاڻ عام نه ٿئي ته سراج، شنڪر آنند جي ڪتاب کان متاثر هو ۽ آسڪر پروڀولا جي ڪتاب کان متاثر ٿي، ڊاڪٽر الانا پنهنجي ٿيوري سامهون آندي آهي) انڪري نه رڳو سراج جي ٻولي بابت ٿيوري پر ڊاڪٽر الانا جي ٿيوري تي گهٽ ۾ گهٽ عطا محمد ڀنڀري جي انڊس اسڪرپٽ بابت ڪيل تحقيق جي روشني ۾ ٻيهر ڏسڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت سراج جي ناولز ۽ ڪهاڻين تي پڻ گهڻ رخي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڏسڻو اهو آهي ته آخر سراج کي ارغونن، ترخانن ۽ مغل دور جي سنڌ تي ٿيل قبضي وارو دور ڇو ٿو متاثر ڪري؟ بهرحال! ليکڪ کي ان ڳالهه جو صوابديدي حق حاصل آهي ته ڪنهن به موضوع تي لکي. پر ان جي باوجود اهو سوال ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته مزاحمتي ادب طور سورهيه بادشاهه جي شهادت، جولاسنگهه جو قتل، ليوڪس جون ڪاروايون، ليمبرڪ جوآپريشن، حرن جا لوڙها، حر تحريڪ، حر تحريڪ ۾ عورتن جو ڪردار، رحيم هڱورو، بچو بادشاهه، پيرو وزير، جهڙا ڪردار آخر مزاحمتي ادب طور نظر ۾ ڇو نه اچي سگهيا. ساڳي ريت سنڌ جي بمبئي کان آزادي، ايم آر ڊي تحريڪ، چوٿين مارچ، هاري تحريڪ جهڙيون عوامي نوعيت جون تحريڪون، مزاحمتي اديبن جي اک تي ڇو نه چڙهي سگهيون آهن. ان ڳالهه جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا. انهن تحريڪن بابت تعصبي سوچ جو هجڻ يا وري اهي تحريڪون ويجهي دور جون آهن ان ڪري حاڪم گهراڻا ناراض ٿي سگهن ٿا. نامياري صحافي ارد شير ڪائوسجي کان ڪنهن پڇيو هو ته ”تو ڀٽي جي دور تي ته ڀرپور لکيو پر ضياءَ جي دور تي ڇو نه؟ جواب ۾ هن چيو هو، سالا ماريگا“
ساڳي ريت سراج جي صحافتي ڪم جي پڻ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ جي ضرورت آهي. سراج هلال پاڪستان جو مالڪ نما ايڊيٽر هو. هن اخبار ۾ ٻولي جو خيال رکڻ، اردو ۽ فارسي اکرن جي متبادل طور تي سنڌي تز اکر آندا. سٺن اديبن امر جليل، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻين کي اخباري ڪالمن لاءِ آماده ڪرڻ.اهو سراج ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو. پر ان دور ۾ هلال پاڪستان پ پ جي حڪومتي اخبار هئي. ڪنهن به اخبار کي رڳو سٺي ٻولي، ايڊيشنز ۽ ميگزين جي روشني ۾ ڏسڻ سان گڏوگڏ اخبار بابت اهو پڻ ڏسڻو پوندو ته ان اخبار ۾ ان دور جي اپوزيشن جو آواز، انساني حق ۽ ٻيا معاملا ڪيئن رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. انڪري گهٽ ۾ گهٽ ان دور جي ماهوار سهڻي ڏسڻ سان به ان دور جي اپوزيشن واري صحافت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، ان دور ۾ سنڌي ڪتابن تي وڌل پابندي. سنڌي شاگردن جون گرفتاريون ۽ حرن جو سانگهڙ ۾ پوليس هٿان ٿيل قتل، ۽ حرن جون ڊي پي آر تحت گرفتاريون، روزاني مهراڻ اخبار، سهڻي رسالي تي پيل پابندي وارين خبرن جي روشنيءَ ۾ سراج ميمڻ جي صحافتي ڪم کي ڏسڻ جي ضرورت آهي. (ان دور ۾ ڊي سيز کي مليل ڊي پي آر واري اختيار تحت رڳو پ پ مخالفن کي ٻڌڻ جو رواج عام هو. پر سانگهڙ جي ان دور جي ڊي سي امداد الله انڙ، سانگهڙ جي سيشن جج کي پڻ ڊي پي آر ۾ ان ڪري گرفتار ڪيو هو ته هو ڊي پي آر جي گرفتارن جون ضمانتون ڇو کڻي رهيو آهي). ان ڪري سراج جنهن اخبار جو ان دور ۾ ايڊيٽر هو. ان اخبار ۾ اهي ڳالهيون رپورٽ نه ٿينديون هيون. ان کان علاوه سراج ميمڻ ايڊيٽر طور تي فقط هلال پاڪستان ۾ پ پ جي حڪومتي دور ۾ ڪم ڪيو ان کان پوءِ اپوزيشن واري دور ۾ سراج واري صحافتي ڪم ۾ فقط جاڳو اخبار ۾ رتيءَ جي رهاڻ ۽ سياسي منظر نامون وارا هن جا يادگار ڪالم ڳڻي سگهن ٿا. ان دور ۾ ڄام صادق علي جي وڏ وزارت ۾ پاڻي ٺاهه ٿيو. ان تي جاڳو پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان لاءِ جيترو فقير محمد لاشاري ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو اوترو سراج ڏانهن پڻ وڃي ٿو. پر سراج جاڳو اخبار ۾ وڏي اهميت رکندڙ هئڻ جي باوجود جاڳو اخبار کي بچائڻ ۾ خاص ڪردار ادا نه ڪيو، هلال پاڪستان ان دور ۾ پ پ جي پارٽي آرگن هئي. ان دور ۾ هلال پاڪستان جا 100 پيجن جا ايڊيشن ته نڪتا. پر اهي حڪومتي پروپيگنڊا جو حصو رهيا. ان ڪري سراج جي انهيءَ صحافتي ڪم تي تنقيد ٿيندي رهندي.
اسان جي دانشورن کي سراج جي ناول پڙاڏو سوئي سڏ تي رڳو واه واه ڪندي ڏٺو ويو آهي، ان سلسلي ۾ مونکي پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان جو انهيءَ ناول تي تبصرو وڌيڪ اهم لڳو، جڏهن کيس مون اهو ناول پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. هن اهو ناول پڙهڻ کان پوءِ ان جي ٽائيٽل کان اندرين خالي پيج تي نوٽ هڻي واپس ڪندي انهيءَ ناول کي سلطان راهي جي فلم سان ڀيٽيو هو.