شخصيتون ۽ خاڪا

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سنڌ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ سراج الحق ميمڻ جي شخصيت تي سنڌ جي ڏاهن جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جي ڪتاب ”سراج : سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ“ جو مرتب خالد چانڊيو صاحب آهي.
هيرو ٺڪر پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو:
”سراج الحق ميمڻ صاحب سنڌي ادبي کيتر جي هڪ ٻھڳڻي شخصيت، سنڌ جي تاريخ تي عبور رکندڙ، لسانيت جو ماهر، قابل ڪاروباري ۽ عامل نامور وڪيل ۽ آزاد خيال مفڪر هو. هو سنڌ جي عظمت تي بجاطور فخر وٺندڙ، سنڌ ۾ امن ۽ استقامت ۽ سنڌين جي آزادي ۽ اتحاد جو ڪانکي هو. هن جي وفات سان سنڌ امڙ پنهنجو هڪ سچو سپوت وڃايو آهي.“
Title Cover of book سراج:  سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج، منهنجو بهترين دوست : سوڀو گيانچنداڻي

سراج الحق ميمڻ وڏي پائي جو اديب هو. هن جيڪي به ناول لکيا. اهي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو آهن. هن ڪيترن ئي ڪارائتن ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي گهڻو مالا مال ڪيو. ڪهاڻي جي ميدان ۾ پڻ سراج جو مقام تمام گهڻو مٿانهون آهي. ائين جيئن جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ اسان جي ادب جي ڪلاسڪ ۾ شمار ڪئي ويندي آهي. ائين ئي سراج جي ڪهاڻي ”ٻـهڻي“ کي به ساڳيو ئي درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ کي ناولن ۾ سولو ڪري ۽ فڪشنائيز ڪري هن سنڌ جي اڌ پڙهيل ماڻهن کي تاريخي شعور سان روشناس ڪرايو. هن جون صحافتي دنيا ۾ پڻ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. 1970ع وارو ڏهاڪو ”هلال پاڪستان“ جي حوالي سان سنڌي صحافت ۾ مان، سراج جو ڏهاڪو شمار ڪندو آهيان ۽ ان سموري عرصي ۾ هن سنڌ ۾ جيڪا روشن خيالي جي لهر پکيڙي، اسان اڄ سوڌو ان جو ئي کٽيو کائي رهيا آهيون. هينئر پاڪستان جي سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صحافتي سجاڳي جون پاڙون جيڪي وڌيڪ مضبوط نظر اچن ٿيون. ان جو سڄو سارو ڪريڊٽ سراج ڏانهن ئي وڃي ٿو ۽ هن جي طفيل ئي اها جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ترقي ڪندي نظر اچي ٿي. سنڌي ٻوليءَ بابت سراج جيڪو ”سنڌي ٻولي“ نالي سان ڪتاب لکيو. ان کي مان مثالي انڪري چوندو آهيان. جو ان کان اڳ ۾ اهڙو حقيقت پسند ٿي ڪنهن به محقق، تحقيق نه ڪئي هئي. ان جو اعتراف اڄ باشعور ۽ روشن خيال ماڻهن سان گڏ محقق پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو به محقق قلم کڻي ٿو. اهو سراج جي تحقيق مان استفادو ضرور حاصل ڪري ٿو. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڀرپور نموني سان پنهنجو نالو ڪمايو. منهنجي هن سان سنگت اڌ صدي تائين رهي. جڏهن مان سال 1953ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ايم اي ۽ لا ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت سراج، محمد ابراهيم جويي جي سربراهي هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ طور پنھنجا فرائض نڀائي رهيو هو.سراج ڪجهه عرصو سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتو. مون کي ياد ٿو اچي ته هو سنڌي ادبي سنگت جي جلسن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو هو. منهنجون هن سان تمام گهڻيون ملاقاتون ٿيون جن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون آهن.جيڪي اڄ سراج کي ياد ڪندي منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيون آهن. جيڪي ڪڏهن تفصيل سان ڪنهن مضمون ۾ ساربيون. هڪ ڀيري سراج بيمار ٿي پيو هو ته مان ان جي گهر وڃي سندس عيادت ڪئي هئي. هڪ دفعو وري هندوستان کان جڏهن هتي سنڌي اديب آيا هئا ته مان انهن کي سراج سان ملائڻ لاءِ هن جي گهر وٺي ويو هيس. سراج جي ثقافتي ماڳن ۾پڻ گهري دلچسپي هوندي هئي ۽ مونسان جڏهن به ملندو هو ته اڪثر ڪري اڳ ۾ موهن جي دڙي جي سلامتيءَ بابت پڇندو هو. 1990ع جي ڏهاڪي جي اڌ ڌاران سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران منٺار سولنگي ۽ ادل سومري جي ڪوششن سان مونسان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا سنڌ سطح تي رهاڻ رچائي وئي هئي. ان موقعي لاءِ سراج جيڪو جاڳو اخبار ۾ مونکي وڏو مان ڏيندي ڪالم لکيو هو. اهو اڄ به منهنجي اکين اڳيان گذرندو آهي ته مان پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهندو آهيان. هن جو وڇوڙو مون لاءِ هن عمر ۾ وڏي صدمي جو باعث بڻيو آهي ۽ هن جي وڃڻ واري نقصان جي تلافي ناممڪن آهي.